سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:28

هن دور جي شاعرن مان محسن ٺٽويءَ جو ذڪر سڀ کان اول اچڻ گھرجي؛ ڇاڪاڻ ته هو نه فقط ڪلهوڙن جي دور جو، بلڪ سڄيءَ سنڌ جو بهترين شاعر آهي. منهنجي خيال موجب، نثر ۾ منشي عبدالرؤف، ۽ نظم ۾ محسن، يقيناً بيمثال آهن. پر تعجب جي ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي جو نثر ۽ نظم اڃا تائين اشاعت کان محروم آهي! افسوس جو هندستاني تذڪري نگارن کي هنن ٻنهي جي باري ۾ ڪجھه به معلوم ٿي نه سگھيو، ۽ سمورا تذڪرا سندن ذڪر کان خالي آهن. مير علي شير ’قانع‘ جيڪو تذڪرو لکيو، سو به ڇپجي نه سگھيو؛ ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو سنڌي علم ۽ فضل جا هي ٻئي يگانا گوهر اڃا تائين گمناميءَ ۾ آهن.

’قانع‘ محسن بابت لکيو آهي:

در تتہ بہ اين ڪماليتءِ شاعري و لطافتِ سخن و ملاحتِ ڪلام ڪسي برنيامده.

(شاعريءَ جي ڪماليت، سخن جي لطافت، ۽ ڪلام جي ميٺاج ۾ ٺٽي، محسن جهڙو ٻيو پيدا نه ڪيو).

رڳو ٺٽي ۾ ئي نه، بلڪ ساريءَ سنڌ ۾ هن جي ٽَڪر جو ماڻهو ڪنهن به دور ۾ نظر نٿو اچي.

حالات. محسن جو خانداني سلسلو هن ريت آهي: محمد محسن بن نور محمد بي ابراهيم بن محمد يعقوب. محسن جي خاندان جو پيشو هو ريشم جو واپار ڪرڻ؛ ۽ سندس بزرگن مان ڪنهن کي به شعر ۽ ادب سان ڪو لڳاءُ ڪونه هو. انهيءَ خاندان ۾ هيءُ املهه ماڻڪ پيدا ٿيو. هن نواب لطف علي خان رضوي بکريءَ جي صحبت ۾ تربيت حاصل ڪئي، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سندس طبعي جوهر چمڪي پيا. جنهن به صاحبِ ذوق ٺٽي ۾ اچي ’محسن‘ جو شعر ٿي ٻڌو، سو سندس ديوان جي نقل ڪرڻ جي پٺيان هوندو هو، ۽ ان کي هو ٺٽي جو سڀ کان وڏو تحفو سمجھندو هو. مغلن جي دور ۾ هندستان کان ٺٽي ۾ جيڪو نواب مقرر ٿي ايندو هو، اهو ’محسن‘ سا سٺي سلوڪ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪندو هو. ميان نور محمد خان به هن لاءِ مستقل وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو هو، جو ”مقالات الشعراء“ ۾ فقط پندرهن رپيا ماهيانو ٻڌايو ويو آهي، ۽ منهنجي خيال ۾ تمام گھٽ آهي. شايد وقت بوقت کيس انعام پڻ ملندا هجن. هيءَ حقيقت به معلوم ٿئي ٿي ته ’محسن‘ جو قدر سندس اعليٰ حيثيت مطابق نه ٿيو، ڇو ته سندس سڀني مقصدن ۾ بيقدريءَ جي شڪايت موجود آهي. ڪلهوڙا درٻار سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ هو خداآباد به ويو؛ ممڪن آهي ته هو اوڏانهن گھڻو ايندو ويندو هجي. 20- شوال 1163هه (11 سيپٽمبر 1750ع) جو وفات ڪيائين. ’قانع‘ لکيو آهي ته فقط ٻائيتاليهه سال عمر هيس(1). انهيءَ بنياد تي سمجھڻ گھرجي ته ’محسن‘ 1120هه يا 1121هه ۾ پيدا ٿيو.

تصنيفون. ”مقالات الشعراء“ ۾ ’محسن‘ جي هيٺين تصنيفن جو ذڪر آهي:

1.      عقد دوازده گوهر–         ٻارهن امامن جا منقبت.

2.     طرازِ دانش–       حضرت صاحب الزمان جي ولادت جي باري ۾.

3.     حملہء حسيني–   هن ڪتاب ۾ حضرت امام حسين جو احوال، ”حملئه حيدري“ جي تتبعي تي ”شاهنامي“ ۽ ”سڪندرنامي“ جي بحر ۾ لکيو هئائين، جنهن ۾ ڏهه هزار شعر هئا.

4.     ديوان–             غزل، قصيدا، قطعا ۽ رباعيون وغيره.

5.     محڪ ڪمال–م    قديم ۽ جديد فارسي شاعرن جو چونڊ ڪلام. هيءُ ڪتاب آغا محمد ڪريم اصفهانيءَ جي فرمائش تي مرتب ڪيو هئائين(2).

”محڪ ڪمال“ جو قلمي نسخو منهنجي نظر مان گذريو، جو اٽڪل ٽي سو سٺ صفحن تي مشتمل هو. منجھس استاد شاعرن جا شعر رديف وار مرتب ڪيل آهن. غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته انتخاب ڪو ايترو بهتر نه آهي، جيترو ’محسن‘ جهڙي خوش ذوق شاعر جو هجڻ گھرجي.

قصيدن جو انتخاب. قصيدا گھڻو ڪري نعت ۽ معقبت ۾ آهن، ۽ فقط چند قصيدا حاڪمن ۽ اميرن جي مدح ۾ لکيا ويا آهن- مثلاً: نادرشاهه، ميان نور محمد عباسي، ميان مرادياب خان، تقي محمد خان، نواب صادق علي خان، وغيره. ميان نور محمد خان ۽ مرادياب خان بابت چيل قصيدن مان ڪجھ شعر هيٺ ڏجن ٿا: پهرين ميان نور محمد لاءِ چيل قصيدا ملاحظه ڪريو:

بلند قدر فلڪ مرتبت زمين تمڪين،

بہ بزم جم، بہ سخا حاتم و بہ رزم پلنگ.

نهالِ دوحہء هاشم بهار عبّاسي،

نصير بخت خدايارخان ثابت جنگ.

زخود بر آ و برو سير ڪن سطا بادش،

مباش سست ڪہ اين جا شتاب بہ زد رنگ.

ڪمر ز رشتہء جان بستم و روان گشتم،

متاعِ نظم بدوشِ اشتياق پيش آهنگ.

ڪنون ڪہ از ڪرمِ حق بہ خاڪ درگاهش،

ز لوح آئينہء بختِ خود زدودم زنگ.

قلعہء ڪفري بہ ڪچ ڪرد چو مفتوح باز،

هر ڪہ نظر ڪرد گفت فاتحِ خيبر رسيد.

رفت عمرڪوٽ را از بت و بت خانہ ها،

طرفہ شڪستي ازو بربت و پيڪر رسيد.

محسنِ گمنام را نام تو نامي بود،

زانڪہ سهارا ضيا از مہِ انور رسيد.

اين ڪہ به او از ازل از رهِ امدادِ حق،

دل بہ محبت گرو طبع سنحُر رسيد.

نور محمّدي ز جبينِ تو روشن است،

چون نورِ مهر زآئنہء مہ بہ آن عڪاس.

سرو تو قد دوحہء هاشم ڪشيده است،

شمعِ تو نور ڪرده ز عباس اقتباس.

طوفان آب تيغ جهادت بہ ملڪ ڪچ،

بنياد ڪفر داد بہ سيلاب اندراس.

اقبال چاڪرا فلڪ از راه ڪينہ ام،

سر گشتہ بهر دانہ نمود است همچو آس.

از بسڪہ گشتہ است معجزا ڪتاب دل،

از خاطرم گسيختہ شيرازهء حواس.

ڪم نيستم ز طالب و عرفي درين زمان،

دارم سخن بسي و ندارم سخن شناس.

چون درگہ تو مرجع ارباب حاجت است،

دارد بہ حضرت تو مراين بنده التماس!

ڪان وجِہ قوت جمع پريشان بہ رحم چرخ،

گردد مضاعف از ڪرم و لطف بي قياس.

تابا حضور قلب پئي چاڪران تو،

گيرم ره دعا و بجا آورم سپاس.

هڪڙو قصيدو مرادياب خان جي مدح ۾ چيل آهي، هيءُ يا ته ان وقت چيو ويو آهي، جڏهن ميان نور محمد خان جي زماني ۾ مرادياب خان ٺٽي آيو هو، ۽ يا وري مرادياب خان جي مستقل حڪمران بنجڻ تي چيو ويو. ان جا چند شعر ملاحظه ڪريو:

گلِ مراد اگر يافت تتّہ درڪار است

مراد ياب بود هر ڪرا خدا يار است

بهارِ مقدم فيضي ڪہ يافت اين صوبہ

ڪہ خاڪ تا بہ لبِ بام رشڪ گلزار است

درين ديار ڪہ آراست محفلِ عشرت

ڪہ نغمہء طربي بر زبانِ هر تار است

نسيم روح فزائي ڪہ يافت اين گلشن

ڪہ دستہ دستہء گل هابہ نوڪِ هر خار است

ز حال محسن مداح سرسري مگزر

ڪہ بس نزارو پريشان چو زلف دلدار است

سخن ڪہ زادهء فهم است و آفريدهء حق

يڪي ز معجزه هاي رسولِ مختار است

اگر ز بي بصري قدر او نداند ڪس

چہ غم ڪہ ليل سخن را بدو سروڪار است

ولي ڪجاست سخن تا ازان ڪسي گويد

نہ اين سخن ڪہ زبانها ازو بہ گفتار است

سخن ڪہ فضلِ بهار ڪمالِ انسانيت

بہ دل نشينيء جانها چو پيڪرِ يار است

ميرڪ محمد حسن ’احسن‘، ميان نور محمد خان جي طرفان ٺٽي ۾ شيخ الاسلام هو. هو ۽ شيخ شڪرالله، ٺٽي جو ناظم، محسن جي گھڻي عزت ڪندا هئا. شيخ الاسلام جي مدح جي هڪ قصيدي جو مطلعو هيءُ آهي:

گر برد بادِ صبا خلق تو در صحن چمن،

گل ڪند از لب هر غنچه ڪہ احسن احسن.

هن قسم جا شعر هڪ قادر الڪلام، فن جو استاد ئي چئي سگھي ٿو.

حضرت صاحب الزمان کي خطاب ڪندي جيڪي شعر چيائين، انهن مان ٻه شعر هيٺ درج ڪجن ٿا:

جهان از رنگِ ظلمت تيره ترشد از دل مشرڪ

بہ تيغ ڪفر پردازد سر صيقل گري دارم

زبس پوشيده حق را باطل از مسلم نما ڪافر

مسلماني ڪہ دارم در لباسِ ڪافري دارم

غزل. غزلن جا متفرق شعر ملاحظه ڪريو:

جز مرتضيٰ علي در خيبر ڪہ مي ڪند،

محسن ڪشاد ڪار ز اهل همم طلب.

باعث جوش و خروش عارفِ روشن ضمير،

از دل دريا بپرس و از لب دريا مپرس.

چشم جادوئي تو از مستي بر اعجاز نگہ،

خوشہء انگور سازد سجہء صد دانہ را.

قسمتِ هر ڪس بقدر همتِ والاي اوست،

مير سد از سنگ طفلان روزي ديوانہ را.

برق جولانيم در راهِ محبت دور نيست،

جاده پيچد هم چو مو از گرمِي رفتار ما.

ز يڪ اشڪ ندامت جرم عالم مي توان شستن،

بچشم خويش ديدم وسعت دريالآ رحمت را.

همت پير مغان بين ڪہ دو صد ڪون غمم،

سبڪ از جالآ بيڪ گردش مينا برداشت.

زمين قابل ميخانہ دارد طرفہ تاثيرلآ،

اگر زاهد درو مسواڪ ڪارد تاڪ برخيزد.

ڪو مصرع درست بہ ديوان روزگار،

يڪ بيت ’عزلت‘ ازدو جهان انتخاب گير.

گر ساڪن ميخانہ و تڪيہ نشينيم،

زاهد تو و دين تو و ما شاد ب دينيم.

رسيد اين سخن از برهمن مرا ’محسن‘،

ڪہ بت پرست توان باش و خود پرست مباش.

خانہ بلآ سقفلآ برالآ نام دارم چون نگين،

ورنہ من آسوده ام درسايہء ديوار خويش.

از بسڪہ گرد ڪينہ جهان را گرفتہ است،

يڪ سينہ بلآ غبار بعالم نيا فتيم.

ياران رقم ڪنيد بلوح مزار ما،

رفتيم زين خرابہ و همدم نيافتيم.

ذرات ڪائنات ز مهر تو روشن است،

اين نڪتہ خوالده ام ز ڪتاب مبين صبح.

بشگفتہ در دل از تو گل ياد يار ما،

الآ درد يار باش دملآ از ديار ما.

رباعيون. نموني طور چند رباعيون ملاحظه ڪريو:

در ماتم شاه مو بمو غمناڪم،

چون گل همہ خونم و گريبان چاڪم.

ڪو طاقت ضبط نالہ و آه مرا،

مغذورم اگر چو اشڪ برس خاڪم.

هر چند شعار پوشيده بسلآ،

کلآ مي رود از دلق فقيري بہ ڪسلآ.

ليڪن ز ڪجا بهم رسانم زين قوم،

صاحب سخنلآ ’داد دهلآ‘ نڪتہ رسلآ.

چون موج تمام اضطرايم چہ ڪنم،

گرداب صفت بہ پيچ و تابم چہ ڪنم.

از وعدهء خشڪ آن فريبندهء دل،

مستغرق قلزم سرابم چہ ڪنم.

الآ يازده در ز يڪ صدف ڪرده ظهور،

ولآ فيض شما نمود عالم معمور.

بر ”محسن“ پر گناه چشملآ ڪر ملآ،

الآ عفو شما نمونہء عفو غفور.

اهڙا شعر مشهور استادن جي ديوانن ۾ گھٽ نظر ايندا.

”محسن“ از عشق تو در پيري نخواهد توبہ ڪرد،

ملآڪشي هر چند در ماهتاب باشد بهتر است.

        هن مضمون کي غالب به اردوءَ ۾ ادا ڪيو آهي:

پي، جس قدر مللآ شب مهتاب مين شراب،

اس بلغمي مزاج کو گرمي هي راس هلآ.

’غالب‘ جو شعر ’محسن‘ جي آخري مصرع جو خوبصورت نمونو آهي؛ پر ’محسن‘ ان مضمون مان هڪ عمدي ڳالهه پيدا ڪري ڇڏي آهي.

جدت. ’محسن‘ جي هڪ خوبي هيءَ آهي ته هو نيون نيون تشبيهون ۽ استعارا بي تڪلفيءَ سان پيدا ڪريو وٺي. سندس جدت جا چند نمونا ملاحظه ڪريو:

اي شوخ چشم! زلفت از ملڪِ دل ستاني

شاه جهان اول، صاحب قرآن ثاني

دارا شڪوه خطت اورنگ زيب عارض

ابرو بسان افسر سرگرم سائباني

در لشڪر ڪرشمہ خال تو فيل باشد

مزگان راجپوتان صف صف بہ پاسباني

روزلآ ڪہ سڪہء داغ بر قلب ما نشاندي

حڪمت چو اشڪ ما يافت در شش جهت رواني

دارالخلافهء دل چون شد مسخرِ تو

بنشين بہ درد محسن، بر تخت حڪمراني

تا دلم در ڪف نياري، عقل و دينم ڪلآ بري

با مقدم اولاً در ساز و پس ده را بتاز

گر جنون ڪامل نہ باشد باخرد شو آشنا

چوگواه دعويت سست است با قاضي بساز

چون بحڪم شرع بخشد آب را تطهير آب

جرم ملآ خواران بشويد قطرهء اشڪِ نياز

خال مشڪين برلب شيرين يار افتاده است،

از غريبي هندولآ در قندهار افتاده است.

”خان“، ”هندو“، لبشيرين“ ۽ ”قنڌار“ جون مناسبتون تصريح جون محتاج نه آهن.

مير علي شير ”قانع“. مير علي شير ”قانع“، بن عزت الله، بن مير ڪاظم، بن مير مقيم. ’قانع‘ جا وڏا شيراز کان آيا هئا. پاڻ سال 1140هه ۾ پيدا ٿيو، ۽ ٺٽي ۾ ئي تربيت حاصل ڪيائين. اوائل ۾ ئي اٺن هزارن شعرن جو ديوان مرتب ڪيو هئائين، جو پوءِ ڪنهن سبب ڪري ديوان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين. ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ، مير حيدرالدين ابوتراب ’ڪامل‘ جي شاگردي اختيار ڪيائين، ۽ نئين سر شعر چوڻ شروع ڪيائين. ’ڪامل‘ ئي هن لاءِ ’قانع‘ تخلص تجويز ڪيو. ان کان اڳ هو ’مظهري‘ جو تخلص رکندو هو.

ميان غلام شاهه ’قانع‘ کي نظم ۽ نثر ۾ تاريخ لکڻ جو ڪم حوالي ڪيو هو؛ پر اهو پتو نه آهي ته هن ڇا لکيو. تاريخ جي سلسلي ۾ نظم ۽ نثر جو ڪوبه ڪتاب، يا ان جو ڪوبه حصو ذڪر ڪيو آهي – مثلاً:

1. قصو ڪامروپ  ٽن هزار بيتن جي مثنوي هي قصو ’قانع‘، ابوالفتح ’قابل خان‘ جي نالي منسوب ڪيو هو.

2. شمہء از قدر حق                مثنوي.

3. واقعات حضرت شاهه           مثنوي، ڏيڍ هزار بيت.

4. قضا و قدر                     مثنوي.

5. چار منزلہ                       مثنوي، هڪ هزار بيت.

6. صنعتن ۽ تاريخن بابت متفرقا شعر      هڪ هزار بيت.

7. بوستان بهار                    مڪليءَ جي تعريف ۾ (نثر).

8. ترويح نامہ حسن و عشق

9. ديوان                           عزل، قصيدا، مخمس، ترجيح، بند، وغيره.

10. نثر نو آئين.

11. تحفته الڪرام

12. مقالات الشعرا

13. ساقي نامو

’قانع‘ جي اهميت ۽ عظمت جو بنياد هي آهي ته هن سنڌ جي عالمن فاضلن ۽ مشهور شاعرن ۽ اديبن جا تذڪرا لکي، انهن جا نالا ۽ شعر هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا. جيڪڏهن اهي ڪارناما ’قانع‘ جي هٿان سرانجام نه ٿين ها، ته سنڌ جي انهن هستين جي ڪابه چيز اڄ اسان کي سلامت ڪانه ملي ها.

’قانع‘ جون چيل ڪيتريون ئي تاريخون هن ڪتاب ۾ جابجا درج ٿي چڪيون آهن. سندس ڪلام معمولي آهي، فقط نموني طور چند شعر هيٺ ڏنا وڃن ٿا.

در ڪلام هر ڪہ از سوز درونش شور نيست،

گر همہ از آسمان نازل شود مشهور نيست.

هر ڪس ز رهلآ رود بہ سويش،

از بهر خدا چہ اختلاف است.

قطره شود ز بحر بدر چون گهر شود،

يا رب مباد هيچ ڪسلآ با هنر شود.

آفت اندر دهر بر مردم همين نام است وبس،

گرد خود گرديد نيها حلقہء دام است وبس.

درين زمانہ چو قانع بہ حرف مي گيرند،

حصار آلرو است آن لبلآ ڪہ خاموش است.


(1) ”مقالات الشعرا“، ص 313

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 300

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org