ملڪي انتظامن جي درستي.
عبدالنبيءَ جي مسندنشينيءَ تي ميربجار ملڪي انتظام
جو ڪاروبار پاڻ سنڀالي ورتو، ۽ ملڪ جي بگڙيل
ڪارخاني کي نئين سر درست ڪيائين. رعيت سالن کان
پريشانيءَ ۾ مبتلا هئي، ۽ باهمي لڙائين ۾ ڪيترائي
ملڪي علائقا تباهه ٿي چڪا هئا، جن کي هن نئين سر
آباد ڪيو.
الهه بخش جنجھڻ سلاميءَ لاءِ عام درٻار ۾ حاضر
ٿيو، ته عبدالنبيءَ جي دل ۾ ڀاءُ جي قتل جي
يادگيري تازي ٿي ويئي. هو سخت غصي ۾ اچي ويو، ۽
چوڻ لڳو ته ’اي ڪميڻا، تون ميدان ڇڏي ڀڄي وئين،
پنهنجيءَ جان بچائڻ لاءِ پريشان رهين، ۽ پنهنجي
آقا جا سمورا حق وساري ڇڏيئه! جڏهن ليکيءَ منهنجي
ڀاءُ کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ وڌايو هو، تڏهن تو ان کي
ڇو نه بچايو؟ توکي ليکيءَ جو ايترو خيال ڇو هو؟
جيڪو مال ليکيءَ توکي ڏنو، اهو اُن جو نه هو، اسان
جو هو: تو ننگ ۽ ناموس جي رشتي کي ٽوڙيو، ۽ اسان
جو نمڪ کائي، اسان سان ئي بيوفائي ڪئي!‘ ائين
چوندي کيس قيد ۾ وجھڻ جو حڪم ڏنائين.
تاجي ليکيءَ جي گرفتاري ۽ آزادي.
تاجو ليکي به پنهنجن ڀائرن، پٽن ۽ ساٿين سان گڏ
قيد ٿي آيو. عبدالنبيءَ سندس قتل جو حڪم جاري
ڪيو. هن موقعي تي ميربجار سفارش ڪري سندس حياتي
بچائي. ”فتحنامي“ جي مصنف ٺيڪ چيو آهي:
نہ ديدم بجز مير ڪس در جهان،
ڪہ ڪرده است جان بخشيء دشمنان.
(مون ميربجار کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص کي نه
ڏٺو، جنهن پنهنجن دشمنن جي جان بخشي هجي.)
نہ بودش ازين امر مقصد جز اين،
ڪہ آرد بجا سنت شاه دين.
(هن جو مقصد فقط هيءُ هو ته حضرت رسول الله (صلعم)
جي سنت ادا ڪري.)
اهڙيءَ ريت، مير جي سفارش تي، جنجھڻ کي قيد کان
نجات ملي ويئي، تاجي جي جان بچي ويئي، ۽ سندس اهل
عيال کي قيد مان ڇوٽڪارو مليو.
باب تيرهون
عزت يار خان جا هنگاما
حالات جو نقشو.
مير بهرام ٽالپر ۽ ان جي فرزند صوبدار جي قتل ٿيڻ
تي سنڌ ۾ جيڪو بدامنيءَ ۽ خونريزيءَ جو هنگامو
برپا ٿي ويو هو، تنهن ۾ مالي توڙي جاني نقصان پڻ
ڪافي انداز ۾ ٿيو، ۽ ملڪ انتظامي ڪاروبار کي به
وڏو ڇيهو رسيو. عام ماڻهن ۽ اڪابرن کان سواءِ
ڪلهوڙا خاندان جا پنج فرد هن ئي هنگامي ۾ ختم ٿي
ويا. راڄي ليکي ۽ ان جي پٽ تاجي، ٽالپرن جي خلاف
گروهه بندين جي سلسلي ۾، ملڪي خزاني کي نهايت بري
طرح برباد ڪيو- حالانڪ اصل ۾ هيءُ خزانو راڄي يا
تاجي، ڪلهوڙن يا ٽالپرن جو نه هو، بلڪ ملڪ ۽ قوم
جو خزانو هو، ۽ ان کي ملڪ ۽ قوم جي ئي بهبوديءَ ۾
خرچ ٿيڻ کپندو هو. مير بجار ملڪي انتظام بحال ڪرڻ
جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو، ۽ اميد پيدا ٿي ويئي هي ته
سنڌ جو عوام وري امن ۽ اطمينان جي زندگي گذارڻ
لڳندو، ۽ افراتفريءَ جي زماني ۾ سندن معاشي وسيلن
کي جيڪو ڌڪ لڳو هو، ان جي تلافي ٿي ويندي. عين ان
وقت، افغانستان جي طرفان فتني فساد جو هڪ نئون
طوفان اٿيو، ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌي جي فضا کي تاريڪ
بنائڻ جا سامان گڏ ٿي ويا.
عزت يار خان.
پڙهندڙ کي ياد هوندو ته مرادياب جي معزوليءَ کان
پوءِ ميان نور محمد خان جي ٽن پٽن ۾ مسندنشينيءَ
تان جھڳڙو شروع ٿي ويو هو: سنڌ جي اڪابرن غلام
شاهه کي حاڪم چونڊيو؛ افغاني درٻار عطر خان کي
حڪومت جو پروانو ڏنو، ۽ احمد يار خان عطر خان جي
حمايت ڪئي؛ - ۽ آخرڪار ملڪ انهن ٽن ڀائرن ۾ تقسيم
ٿي ويو. ان بعد عطر خان ۽ احمديار خان پاڻ ۾ وڙهي
پيا. احمديار خان پنهنجي پٽ عزت يار خان
کي يرغمال ۾ ڏيئي سنڌ جي حڪومت جو پروانو حاصل
ڪيو. ليڪن، غلام شاهه جي مقابلي ۾ نه عطر خان همت
ساري سگھيو، ۽ نه احمد يار خان. هو ٻئي، سنڌ ڇڏي،
بهاولپور پهچي ويا. احمد يار خان هندستان هليو
ويو؛ ۽ عطر خان ڪجھ وقت جي هنگامي بازيءَ کان پوءِ
غلام شاهه وٽ پهچي ويو، باقي ۽ زندگي خاموشيءَ سان
گذاريائين – تان جو عبدالنبيءَ کيس ناحق قتل
ڪريائي ڇڏيو. عزت يار خان افغانستان ۾ ئي رهيو.
درٻار ۾ شڪايتون.
سرفرازخان جي معزوليءَ تي سنڌ ۾ خانه جنگيءَ جي
باهه ڀڙڪي، ته عزت يار خان پنهنجي لاءِ حڪومت جي
پرواني حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. محمود خان
جي مسندنشينيءَ ۽ معزوليءَ، يا غلام نبيءَ ۽
عبدالنبيءَ جي مسندنشينيءَ لاءِ درٻار کان بلڪل
راءِ نه ورتي ويئي. انهن حالتن عزت يار خان لاءِ
چورپچار جو سازگار موقعو پيدا ڪري ڏنو. هن، ڪجھ
درٻارين کي پاڻ سان ملائي، تيمور کي عرضداشت پيش
ڪئي ته ’سنڌ ۾ ڏڦير پيدا ٿي چڪو آهي، حالتون بيحد
بگڙي چڪيون آهن، ٽالپر بلوچ سڀني معاملن تي حاوي
ٿي ويا آهن، هرطرف شور برپا آهي، ۽ عباسي خاندان
جي هڪ فرد کي نالي ماتر مسند تي ويهاريو ويو آهي،
پر اختيار جا مالڪ ٽالپر آهن‘.
عزت يار خان کي سنڌ جو پروانو.
جيئن ته بدامنيءَ جي زماني ۾ ملڪ ۾ محصول وصول نه
ٿيو هو ۽ ان ڪري افغاني درٻار کي مقرر خراج ادا ٿي
نه سگھيو هو، انهيءَ ڪري تيمورشاهه، عزت يار خان
جي عرضداشٽ کي درست سمجھي، کيس سنڌ جي حڪومت جو
پروانو ڏيئي ڇڏي. هن کي هڪ هاٿي ۽ نهايت قيمتي
خلعت عطا ڪئي ويئي. محفوظ خان، بادشاهي حڪيم، کي
حڪم مليو ته هو ڏهه هزار دراني ۽ بابري سوار پاڻ
سان وٺي عزت يار خان سان وڃي، ۽ ان کي سنڌ جو حاڪم
بنائي. ديرن جي نائب ناظم، قمرالدين، جي نالي
فرمان جاري ٿيو ته هو لشڪر لاءِ خرچ پهچائڻ جو
بندوبست ڪري، ۽ پڻ ديرن مان افغانن ۽ بلوچن جو
لشڪر محفوظ خان جي مدد لاءِ تيار رکي. قلات جي
واليءَ نصير خان، ملتان ۽ شڪارپور جي ناظمن، ۽
دائودپوٽن کي به هدايت ڪئي ويئي ته هو عزت يار خان
جي حمايت ۽ مدد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪن. ازانسواءِ
کوسن جو به هڪ لشڪر تيار ٿي ويو. اهڙيءَ طرح، عزت
يار خان جي جھنڊي هيٺ ٽيهه هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا.
مير بجار جون پريشانيون.
هاڻ ميربجارخان جي پريشانين جو اندازو لڳايو. هو
ملڪ ۽ ملڪواسين کي بدامنيءَ جي مصيبتن مان
ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ ڪوشان هو؛ ليڪن افغاني درٻار،
صحيح حالات جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان سواءِ، سنڌ جي
جنگبازيءَ جي مرڪز بنائڻ لاءِ ڪمر ڪشيو بيٺي هئي.
ميربجار جي اها خواهش نه هئي ته پنهنجي بچاءَ جي
ضروري انتظامن ڪرڻ کان اڳ افغانستان جي خلاف جنگ
جو اعلان ڪري ڇڏي. ليڪن هن کي اهو به گوارا نه هو
ته ملڪ جا ماڻهو پنهنجي لاءِ جيڪي اندروني بندوبست
ڪن، انهن کي افغاني درٻار بنا سبب جي درهم برهم
ڪري ڇڏي. افغاني درٻار جو حق- بشرطيڪ ان کي حق چوڻ
جائز ڄاڻجي – فقط ايترو هو ته خراج وصول ڪندي رهي.
خراج انهيءَ صورت ۾ وصول ٿي سگهيو ٿي، جڏهن ملڪ جي
انتظامي ڪاروبار ۾ خلل نه اچي. انهيءَ مصلحت کان
افغانستان بلڪل بيپرواهه هو. هن کي هيءُ به احساس
نه هو ته ڪنهن قدم کڻڻ کان اڳ سنڌ جي اڪابرن سان
ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري. ميربجار جي سامهون ٻه رستا
هئا: اول هيءُ ته تيمور جي فرمان جي اڳيان سر
جھڪائي ڇڏي ها، ۽ پنهنجي وطن جي خدمتن جي امڪانن
کي – خواهه اهي ڪيترا ئي محدود هئا – خطري ۾ وجھي
ڇڏي ها؛ ۽ ٻيو هيءُ ته وڏيءَ همت سان غلط فيصلي جو
مقابلو ڪري ها. هن غور ۽ فڪر کان پوءِ ٻيو رستو
اختيار ڪيو، ۽ عزت خان جي مقابلي لاءِ تيار ٿي
ويو.
عزت يار خان جو خط.
”فريئر نامي جي قول مطابق، هڪ فرمان ميربجارخان جي
نالي آيو ته ’عبدالنبيءَ کي معزول ڪري، عزت يار
خان جي فرمانبرداري قبول ڪر‘. خود عزت يار خان به
کيس هڪ خط موڪليو، جنهن ۾ لکيل هو:
”اي مير آءُ اوهان کي چاچي وانگر سمجھان ٿو، اوهان
جي لاءِ اهوئي بهتر آهي ته منهنجي تابعداري قبول
ڪريو، ۽ سچي ارادي سان مون وٽ هليا اچو: آءُ سڀني
معاملن کي اوهان جي حوالي ڪندس. وڌيڪ اوهين ڄاڻو
ٿا ته آءُ ڪو اجنبي نه آهيان – منهنجو ڏاڏو خدايار
خان هو. اوهين جيڪڏهن هيءُ طريقو اختيار ڪندؤ، ته
تيمورشاهه جي طرف کان اوهان جي عزت ۽ مرتبي ۾
واڌارو ٿيندو: جيڪڏهن اوهين جنگ ڪندؤ، ته مون کي
افسوس ٿيندو- مبادا اوهان جهڙو امير جنگ ۾ مارجي
وڃي!
”فتحنامي“
جو بيان به اهو ئي آهي: يعني عزت يارخان لکيو ته
تو مختار اندر اموراتِ ملڪ
بہ تو مي سپارم مهماتِ ملڪ.
(تون ملڪي معاملن جو مختيار هوندين؛ آ ملڪ جو
ڪاروبار تنهنجي حوالي ڪندس.)
بہ تقديم حڪم همايون شاهه،
ترا روز افزون شود عز و جاه.
(بادشاهه جي نيڪ حڪم پوري ڪرڻ سان، تنهنجي عزت ۽
مرتبي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو.)
اکر جنگ جوئي، ترا سود نيست،
ڪہ در ڪشت و خون هيچ بهبود نيست.()
(جيڪڏهن تو جنگ ڪئي ته انهيءَ مان ڪوبه فائدو نه
ٿيندو، قتل ۽ خونريزيءَ ۾ ڪوبه نفعو نه آهي.)
مير بجار جو جواب.
مير بجار هن خط جو جواب ڏنو، ۽ ان ۾ شڪريي ادا ڪرڻ
کان پوءِ لکيائين:
”عبدالنبي خان هم
عم تو هست، گويا جنگ او جنگ پدر هست-بار پدر جنگ
ڪرد ثمرهء خوب ندارد-هم عبدالنبي خان قديم ولي
نعمتِ من است و ازو سرڪشيدن نہ شرطِ وفا است. نيڪ
و بد در اختيارِ خدا است و من در رڪابِ آقاي خود
در آن طرف مي آيم- والسلام.()
(عبدالنبي خان اوهان جو چاچو آهي ان سان جنگ گويا
پيءُ سان جنگ آهي: ۽ پيءُ سان جنگ ڪرڻ جو نتيجو
سٺو نه ٿيندو آهي. عبدالنبي خان منهنجو قديمي ولي
نعمت آهي، ان جي مخالفت ڪرڻ وفاداريءَ جي قانون جي
خلاف آهي. نيڪ ۽ بد خدا جي هٿ ۾ آهي: آ به پنهنجي
آقا سان گڏ انهيءَ طرف اچي رهيو آهيان.)
جنگ.
مطلب ته مير بجار ۽ عبدالنبي، ارڙهن هزار فوج وٺي،
خدا آباد نئينءَ کان روانا ٿيا، ۽ منزلون ڪندا
روهڙيءَ پهچي ويا؛ اتي اڳيئي ٻه سؤ ٻيڙيون تيار
هيون، جن وسيلي پل تيار ڪئي ويئي، ۽ هڪ ٻن راتين ۾
سمورو لشڪر اتان لنگهي شڪارپور طرف روانو ٿيو.
لکيءَ ۽ شڪارپور جي وچ تي جنگ لڳي، جنهن
جو نقشو ”فتحنامي“ ۾ هن طرح چٽيل آهي:
چو شمشير بلوچ بران شده،
زمين سرخ از خون- افغان شده.
(جڏهن بلوچن جون تلوارون هلڻ لڳيون، تڏهن زمين
افغانن جي خون سان ڳاڙهي ٿي ويئي.)
شد ند از صف آخر گريزان همہ،
نيامد جز افغان ز افغان همہ.
(سڀئي پنهنجن صفن مان ڀڄڻ لڳا، ۽ افغانن کان آه و
فغان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿي اُڄهيو.)
فتاده يڪلآ بر زمين امن خواه،
گريزان دگر باسرِ بلآ ڪلاه.
(هڪ زمين تي ڪِريل پناهه گهري رهيو هو، ته ٻيو مٿي
اگهاڙو ڀڄندو ٿي ويو.)
کوسن تمام زور سان حملو ڪيو. مير بجار
گهوڙي تان لهي آيو، ۽ شينهن وانگر مٿن هلان
ڪيائين. ٿوريءَ دير ۾ کوسن جو زور پڻ ٽٽي ويو.
ڪيترائي تلوارن جو بَکُ بنجي ويا؛ باقي جيڪي رهيا،
اهي ڀڄي نڪتا. عزت يار خان به، محفوظ خان سان گڏ
پنهنجي جان بچائي، ڀڄڻ جي راهه اختيار ڪئي. هن جو
سارو سامان- تخت، پالڪي، وغيره- بلوچن جي هٿ آيو.
”فريئَر نامي“ جو بيان.
”فريئر نامي“ جنگ جي ڪيفيت هن طرح لکي آهي:
صبح جي وقت ٻيئي لشڪر جنگ جي لاءِ تيار ٿي ويا.
ٻنهي طرفن کان وڏيون توبون باهه وَسائڻ لڳيون.
بندوقن جون گوليون بهار جي موسم جي ڳڙن وانگر وسڻ
شروع ٿي وييون. جوانن •••تلوارون کنيون، ۽ جنگ جي
باهه کي تلوارن جي پاڻيءَ سان اُجهايو. زمين ٻنهي
ڌرين جي خون سان لاله زار بنجي ويئي. جنگ جي ميدان
جا پٿر، مرجان جهڙا ڳاڙها ٿي ويا. آخر، فتح ۽ ظفر
جي نسيم سان، ميان عبدالنبي خان جي فتح-نشان جهنڊن
جون بيرقون لهرائڻ لڳيون. عزت يارخان، بيعزتن
وانگر، ساهه جي خون کان، ۽ محفوظ خان .... موت جي
ڊپ کان ڀڄي روانا ٿيا.()
شڪارپور کي گهيرو.
شڪست کاڌل افغان لشڪر جو هڪ حصو ڀڄي وڃي شڪارپور
پهتو، ۽ قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. ”فريئَر نامي“
جي بيان مطابق، انهن ماڻهن ۾ ڪابل جي وزيراعظم جو
پٽ بابري خان، شڪارپور جو حاڪم ۽ ڪي ٻيا سردار به
هئا.()
مير بجار، اڳتي وڌي، شهر کي گهيرو ڪيو. ڪجهه مدت
تائين اندران توبن جا گولا ايندا رهيا. مير بجار
حڪم ڏيئي ڇڏيو ته حملو ڪري قلعو فتح ڪيو وڃي. جڏهن
گهيري ڪيلن کي ٻي واهه نظر نه آئي، تڏهن قلعي جا
دروازا کولي ڇڏيائون. مير بجار عام پڙهو ڏيارايو
ته ’جيڪڏهن منهنجي لشڪر مان ڪنهن به کير جو هڪ ڍڪ
به زوريءَ ڦريو، ته ان جو هٿ ڪاٽيو ويندو. هيءُ
بادشاهه جو شهر آهي، ۽ اسين بادشاهه جا فرمانبردار
آهيون. هتي ڪنهن به شي کي هٿ نٿو لڳائي سگهجي‘. هن
حڪم، هزارين غريبن جون حياتيون ۽ شريفن جون عزتون
محفوظ رکيون.
افغان سردارن جو بيان.
جڏهن اطمينان ٿي ويو، ته مير بجار هڪ هڪ افغان
سردار کي، هڪٻئي پٺيان، عبدالنبي خان جي سامهون
پيش ڪيو. هن جي نالي ۽ مرتبي جو حلا معلوم ڪري،
هرهڪ کي مناسب خلعت، گهوڙو، تنبو ۽ رسني جو خرچ
پکو ڏيئي روانو ڪيو ويو. کين پنهنجي سامان کڻي وڃڻ
جي به اجازت ڏني ويئي.
هيءُ واقعو مير بجار جي ٻن اعليٰ خصوصيتن
جي آئينه دار آهي. هو، لڙائيءَ جو خواهان نه هو،
پر جڏهن سر تي اچي ويئي، تڏهن مرد ميدان ٿي ان کي
منهن ڏنائين؛ ليڪن فتح جي جوش ۾ به سندن تدبر ۽
دورانديشيءَ جي صلاحيت ڪمزور نه ٿي. هن ڄاتو ٿي ته
شڪارپور سان فتح ڪيل شهر وارو سلوڪ، افغانستان جي
بادشاهه خلاف جنگ جي اعلان برابر ٿيندو.. جنهن
لاءِ هو اُن وقت تيار نه هو. انهيءَ مان اندازو ٿي
سگهي ٿو ته مير بجار ڪيتريقدر بلند ڪردار ماڻهو
هو. ارڙهينءَ صديءَ ۾ سنڌيار محمد خان، نور محمد
خان، شاهه بهاري، مير بهرام، غلام شاهه خان ۽ مير
بجار جهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جي ملڪي انتظام،
جنگي مهارت ۽ سياست ۾ ايتري بلند درجي جا هئا جو
کين بهترين نامور شخصيتن جي برابر، انتهائي عزت جي
جڳهه تي ويهاري سگهجي ٿو.
”جواهر عباسيه“ جو بيان
”جواهر عباسيه“ ۾ عزت يار خان کي عطر خان جو پٽ
ٺهرائي، لکيو ويو آهي ته هو عبدالنبيءَ کان پنهنجي
والد جي خون جو بدلو وٺڻ آيو هو، ۽ تيمورشاهه جي
حڪم مطابق، نور محمد خان بابري (ابن اميرالملڪ گل
محمد خان) ۽ ڪي ٻيا بادشاهي امير ساڻس گڏ هئا. عزت
يارخان نواب بهاول خان کان به مدد گهري هئي. نواب
جي نالي مير بجار جي طرفان به هڪ خط پهچي ويو هو،
ته اوهين ضرور اچو.
نواب بهاول خان مير بجار جي مدد لاءِ تيار
ٿي ويو، ليڪن هن جي پهچڻ کان اڳ مير لڙائيءَ ۾
ڪاميابي حاصل ڪري چڪو هو. عزت يار خان ۽ کوسن
بلوچن کي، سيدن ۽ عالمن جي سفارش سان، نجات ملي
ويئي. نور محمد خان بابري، مير بجار جي خاطريءَ
کان متاثر ٿي، دوست بنجي ويو. بجار شڪارپور کان
واپس ٿيو، ته نواب بهاول خان اٻاوڙي پهچي چڪو هو.
مير جي پٽ عبدالله خان، نواب موصوف جو استقبال
ڪيو. نواب روهڙيءَ پهتو، ته ميان عبدالنبيءَ جو
فرزند محمد عارف ۽ مير بجار پيشوائيءَ لاءِ آيا.
نواب جي وڏي تواضع ٿي. مير بهايت قيمتي تحفا ۽
تبرڪات نذرانو رکيا. انهن ۾ ’سيماب مڪاس‘ جا چند
داڻا به هئا. ڏهه ڏينهن روهڙيءَ ۾ گذاري، نواب
واپس موٽي ويو.()
عبدالنبيءَ جو خط.
آخر ۾، عزت يار خان جي هنگامي برپا ڪرڻ متعلق،
باقي فقط هڪ دستاويز رهي ٿو- اهو عبدالنبي خان جو
هڪ خط آهي، جو وزير شاهه ولي خان جي فرزند شير
خان، تيمور جي وزيراعظم، کي لکيو ويو هو، ۽ ’انشاي
عطارد‘ ۾ شامل آهي. هن خط جي شروعات ۾ ٻڌايو ويو
آهي ته ’نيازمنديءَ ۾ قطعاً ڪوتاهي نه ٿي هئي،
البت خراج جي رقم پهچڻ ۾ دير ٿي ويئي هئي، جنهن جو
نتيجو هيءُ نڪتو ته سنڌ جي ايالت جو پروانو
برخوردار عزت يار خان کي ملي ويو.‘
عالي جاه خان صاحب سردار نور محمّد خان بتائيدِ او
از حضورمِ ـعليٰ منزل بہ ورودِ شڪارپور گرديدند،
موجب تعجب افزود ڪہ باوجود وجودِ مبارڪ ملازمان
عالي اين همہ غضب بادشاهي از بهر چيست؟ وليکن بعد
از مقابلہ لشڪر ڪہ بر خوردار مذڪور تاب نياورده
هزيمت را غنيمت شمرده، خان صاحب مذڪور در قلعہ
شڪارپور مڪث فرمود، ساڪنان قلعہ از دستبرد حادثات
دوران برڪنار شدند.()
”نور محمد خان، عزت يار خان جي مدد لاءِ،
بادشاهه جي طرف کان مقرر ٿيو، ۽ منزل بمنزل ٻيئَي
شڪارپور پهتا. وڏو تعجب ٿيو ته اوهان جي موجود
هوندي به بادشاهي غضب جو سبب ڪهڙو هو! لشڪرن جو
مقابلو ٿيو، ته برخوردار عزت يارخان همت ساري نه
سگهيو، ۽ شڪست کائي ڀڄي ويو. محمد خان شڪارپور جي
قلعي ۾ هليو ويو: قلعي دار مقابلي کان ڪناره ڪشي
اختيار ڪئي، ۽ اهڙيءَ طرح هو زماني جي حادثن کان
محفوظ رهيو.“
انهيءَ خط ۾ اڳتي لکيو ويو آهي ته ’غلام صديق خان
شڪارپور جو حاڪم مون وٽ آيو. مون، وڏن جي طريقي
مطابق، نيازمندي شرط پورا ڪيا. اتان ڪوچ ڪري،
درياءُ اُڪري، ملڪي انتظامات ۾ مشغول ٿي ويس، جي
تمام ابتر ۽ خراب ٿي چڪا آهن. بادشاهه جڏهن قلات
جي واليءَ مير محمد نصير خان تي ناراض ٿيو هو،
تڏهن نواب شاهه ولي خان (خط جي مخاطب جو والد)
پنهنجون مُربيانه نوازشون فرمائيندي، بادشاهه جي
ناراضگي دور ڪري ڇڏي هئي، هاڻ، اوهين به، مربيءَ
جهڙو ڪرم ڪندي، بادشاهه جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪريو.()
جنگ متعلق مغنوي.
”تڪلمہء مقالات الشعراء“ مان معلوم ٿيو ته بنده
علي، متخلص ”علي“- جو مرزا باقر گرجي جو فرزند هو-
عبدالنبيءَ ۽ عزت يار خان جنگ متعلق ”جنگنامي“ جي
نالي سان هڪ مثنوي لکي هئي. هيءَ مثنوي ڪٿان به
نظر مان نه گذري، ۽ نه وري ’تڪملہء مقالات‘ جي
مصنف هن جو ڪو حصو يا ڪو شعر نموني طور نقل ڪيو
آهي. ڪنهن شاعر هن جنگ جي خاتمي جي هيءَ تاريخ ڪڍي
هئي:
”آخرش امان“
1193 هه
باب چوڏهون
تيمور جي ڪاهه
تيمور جي چڙهائي.
ٽيهه هزار افغاني فوج جو ارڙهن هزار سنڌين سان
مقابلي ۾ شڪست کائڻ، معمولي واقعو نه هو. ميربجار
جي مخالفن ۽ حاسدن کي هڪ پڪو دستاويز هٿ اچي ويو،
۽ هو مير جي خلاف شاهه کي ڀڙڪائڻ لڳا. هنن چيو ته
سلطنت جو انتظام درهم برهم ٿي رهيو آهي؛ سنڌ جا
بلوچ ادب جي حدن کان تجاوز ڪري چڪا آهن، هن
بادشاهي لشڪر جو مقابلو ڪيو، ۽ شاهه جي فرمان ۽
خلعت جي احترام جو لحاظ نه رکيو؛ هن واقعي جي
شهرت، ويجهو توڙي پري، هر هنڌ پهچي چڪي آهي، ان
ڪري بادشاهه کي خود هن ڳالهه جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي:
جيڪڏهن سنڌين کي عبرتناڪ سزا نه ڏني ويئي، ته ملڪ
جي ٻين علائقن جا ناظم به حضور جي فرمانبرداريءَ
جو بوجهه ونهنجين گردن تان لاهي ڦٽو ڪندا.“
اهڙيءَ ريت شاهه غضب جي جوش ۾ اچي، هڪ وڏو
لشڪر ساڻ ڪري، سنڌ تي حملي ڪرڻ جي ارادي سان نڪري
پيو. محفوظ خان جيتوڻيڪ ميربجار کان شڪست کائي چڪو
هو، ليڪن شڪست کان پوءِ، مير جي حسن سلوڪ سببان،
سندس مخلص دوست بنجي ويو؛ هو به حملي ۾ شاهه سان
گڏ هو. هن پنهنجي طرفان مير کي اطلاع ڏنو ته ’مون
معاملات کي درست ڪرڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيون، ليڪن
مزاج مقدس بيحد برهم آهي، ۽ اميد ڪانهي ته خراج جي
رقم پيش ڪرڻ کان پوءِ به ڪا دوستيءَ جي صورت پيدا
ٿئي: جيڪي ممڪن ڪجهه ٿي سگهي، ڪري وٺو.‘()
مير بجار جا اقدامات.
هيءُ اطلاع ملندي ئي، ميربجار ٻيهر فوج وٺي
روهڙيءَ طرف روانو ٿي ويو. عبدالنبي ساڻس گڏ هو.
روهڙيءَ پهچندي ئي، مير حڪم ڏنو ته شاهه جي تشريف
آوريءَ کان اڳ درياءَ تي ٻيڙين جي پل تيار ڪري ڇڏي
وڃي. پوءِ، ڳچ منزلون اڳتي وڌي، شاهه جي خدمت ۾
درخواست موڪليائين ته ’اوهين ”ظل الله“ آهيو، اسان
جي خوش قسمتي آهي جو اسان جي ڳوٺاڻن طرف قدم رنج
فرمايو- درگاهه جي هن بندي کي مدت کان زمين بوسيءَ
۽ باريابيءَ جو اشتياق هو. ڪن خودغرضن، حضور جي
خدمت ۾ گهٽ وڌ ڳالهيون ڪري، غلط فهميون پيدا ڪري
وڌيون آهن. هن عاجز جي هيءَ آرزو اهي ته ويجھو
توڙي پري جا حالات سنئون سڌو بارگاهه ۾ پيش ڪريان،
ته جيئن مدعين جو ڪوڙ ظاهر ٿي پوي، ۽ حضور کي يقين
اچي ته سچو ڪير آهي ۽ ڪوڙو ڪير آهي.‘
شاهه جي واپسي.
هيءَ درخواست پڙهندي ئي بادشاهه جي ڪاوڙ وڏيءَ حد
تائين ڍري ٿي ويئي. جڏهن هن ٻڌو ته مير منهنجي اچڻ
جي خبر ٻڌي درياءَ تي ٻيڙين جي پل ٺهرائي آهي، ته
جيئن درياءَ اُڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ مون کي پل جو
انتظام نه ڪرڻو پوي، تڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته
مير جي خلاف سرڪشي ۽ بغاوت جو سموريون شڪايتون
صحيح نه آهن.
ان وقت مير سان ٽيهه هزار فوج هئي. جڏهن درٻار ۾
حاضر ٿيو، تڏهن عرض ڪيائين ته ’مون اڳ به لڙڻ نٿي
چاهيو، افغاني فوج جي شديد اصرار مون کي مدافعت تي
مجبور ڪيو؛ فتح کان پوءِ، مون شاهي ڪارپردازن سان
جيڪو برتاءُ ڪيو، ان جي شهادت حضور پاڻ انهن ماڻهن
کان دريافت ڪري سگھن ٿا.‘ بادشاهه بلڪل مطمئن ٿي
ويو، ۽ بروقت عبدالنبيءَ جي نالي سنڌ جي حڪومت جو
فرمان جاري ڪيائين.
لشڪر جو خرچ.
”فريئر نامي“ جو بيان آهي ته معافيءَ سان گڏ
بادشاهه فرمايو:
هر قدر خرچ ڪہ درين لشڪر ڪشي خدام بادشاهي نموده
اند مير صاحب و عبدالنبي ادا نمايند- مير صاحب و
عبدالنبي خان از خدا مي خواستند ڪہ جنگ نہ شود، آن
را قبول نمودند.
’هن لشڪر جي چڙهائيءَ ۾ بادشاهه جو جيڪو خرچ ٿيو
آهي، اهو ميربجار ۽ عبدالنبي ادا ڪن.‘ مير صاحب ۽
ميان صاحب دعائون گھري رهيا هئا ته جنگ نه ٿئي، سو
هنن خرچ ڀري ڏيڻ قبول ڪيو.
”فتحنامي“ مان ظاهر ٿئي ٿو ته فقط خراج
ادا ڪرڻ جو ئي تاڪيد ڪيو ويو هو:
رسد زود زين پس زرِ ماليات،
ڪہ جاري شوبهرِ لشڪر برات.
(هاڻ جلدي خراج جي رقم پهچائي وڃي، ته جيئن لشڪر
جو پگھار ادا ڪيو وڃي.)
درين راه شد خرچ زرها ڪثير،
رسد زود تر مالياتِ خطير.
(هن سفر ۾ تمام گھڻي رقم خرچ ٿي آهي؛ وڏيون رقمون
جلد پهچي وڃڻ گھرجن.)
خلعت ۽ خطاب.
هن موقعي تي تيمورشاهه، ميان عبدالنبيءَ کي
”معتمدالدوله شاهنواز خان فيروز جنگ“ جو خطاب ۽
خلعت عطا ڪئي. مير علي ”شائق“ جي قصيدي مان ظاهر
ٿئي ٿو ته خطاب سان گڏ شاهه، ميان عبدالنبيءَ کي
هڪ هاٿي ڏنو هو، جنهن جي جهل سوني هئي، ۽ عراقي
گهوڙا پڻ عطا ڪيا هئا؛ ۽ پڻ
جيغه و سر پيچ بالا پوش سنجاب و سمور
هـــمـــــره ِ فـــــرمـــــــان والا
شـــــهـــپـــــر ِ بال هما.
”خلعت جا امن“ (1194) مان، ’شائق‘، انهن عطين جي
تاريخ ڪڍي.
”فتحنامي“ جو بيان.
”فتحنامي“ مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه جڏهن مير بجار
جا عرض ٻڌا، تڏهن انهن ماڻهن تي سخت ناراض ٿيو، جي
جنگ جي باهه کي ڀڙڪائڻ پٺيان هئا:
بہ فـــــرمــــود بــــا اهــــل ِ فتــــنت همہ،
ڪہ اي دشمن ِ ملڪ و دولت همہ!
(فتنيبازن کي هن چيو ته اي ملڪ ۽ سلطنت جا
دشمنوء!)
اگر مرتڪب وي بہ عصيان شدي،
ز اُرد وي شاهي گريزان شدي.
(جيڪڏهن مير بجار سرڪشيءَ جو مرتڪب ٿئي ها، ته
شاهي لشڪر گاهه کان ڀڄي وڃي ها.)
چو در دعويء خويش او صادق است،
بہ حجت چنين بر شما فائق است.
(اهو جيئن ته پنهنجي دعوا ۾ سچو آهي، ان ڪري اڄ
اوهان سڀني مان فوقيت حاصل ڪري ويو آهي.)
محفوظ خان جڏهن شاهه کي مهرباني تي مائل ڏٺو، تڏهن
سيدن کي گهرايائين. هو پاڻ سان قرآن شريف کڻي آيا؛
پوءِ خان موصوف عرض ڪيو ته ’حضور، مناسب اهو آهي
ته انهن سيدن جي خاطر، ۽ قرآن پاڪ جي حرمت خاطر،
هتان واپس موٽي هلون:
همان وقت آن سايہء ذوالجلال،
نمود از ڪرم زان مڪان انتقال.
(ان وقت اهو ’خدا جو پاڇو‘، لطف ۽ ڪرم کان ڪم
وٺندي، انهيءَ هنڌان روانو ٿي ويو.)
رقم گشت صادر بہ لطف ِ ڪثير،
بہ تسڪين ِ عبدالنبي خان و مير
(ان وقت، ڪمال مهربانيءَ سان، عبدالنبي خان ۽ مير
بجار جي تسليءَ لاءِ لکيائين---)
ڪہ ما عفو ڪرد يم عصيان ِ شان،
ترحم نموديم بر جان ِ شان.
(ته اسان انهن جي گناهن کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ انهن
جي جانين تي رحم ڪيو.)
مير بجار جي درخواست.
”انشاي عطارد“ ۾ تيمور شاهه جي نالي مير بجار جي
هڪ درخواست درج آهي. نصف مضمون مان سمجهجي ٿو ته
غالباً اهائي درخواست ان نازڪ موقعي تي موڪلي ويئي
هئي، جنهن جو ذڪر مٿي آيو آهي. درخواست جي مطلب جو
خلاصو هيٺ درج آهي:
1. احقر
(مير بجار)، ميان غلام شاهه ۽ محمد سرفراز خان جي
زماني ۾ به خدمت تي مامور هو، ۽ خراج جي رقم اهڙي
انتظام سان ادا ڪندو رهندو هو جو هڪ ڪوڏي به باقي
نه هئي.
2. هن
دفعي خراج جي رقم موڪلڻ ۾ دير ٿي، ان جو سبب هيءُ
هو جو ملڪ سڄو ويران ٿي ويو: محمد سرفراز خان جي
معزوليءَ کان پوءِ، حق ناشناس ۽ نمڪحرام ماڻهن
انتظامي سلسلا درهم برهم ڪري ڇڏيا. هڪ طرف ڪڇ جي
ماڻهن، ٻئي طرف نومڙين، ۽ ٽئين طرف راڄي ليکيءَ جي
پٽن، بلاول ۽ سجاول، سنڌ جي مختلف پرڳڻن کي لٽمار
سان تاراج ڪري ڇڏيو.
3. انهيءَ
حالتن جي باوجود، منهنجي ڪوشش هيءَ هئي ته نو روز
کان اڳ ئي رقم جو بندوبست ڪري بارگاه عالي ۾
پهچائي ڇڏيان. انهيءَ وچ ۾ حضور جي طرف کان سنڌ جي
سرداريءَ جو فرمان عزت يار خان جي نالي جاري ٿي
ويو؛ انهيءَ سببان جا حالت پيدا ٿي، تنهن ۾ سموري
رعيت، خوف ۽ ڊپ جي ڪري، گهر ٻار ڇڏي هيڏانهن
هوڏانهن ڀڄي ويئي، ۽ منهنجي خواهش پوري ٿيڻ جي
ڪابه صورت باقي نه رهي.
4. با
ادب عرض آهي ته حضور، سمورين حالتن کي سامهون
رکندي، اسان تي رحم فرمائين؛ ۽ ڪنهن معتبر ۽ حق
شناس ماڻهوءَ کي مقرر فرمائين، جو سنڌ مان وصول
ٿيندڙ رقم پاڻ وٽ امانت طور جمع ڪندو رهي؛ لشڪر ۽
عملي جون پگهارون ادا ڪرڻ کان پوءِ، جو ڪجهه باقي
بچي، اهو خزاني ۾ داخل ڪري.
5. حضور
خود هن ملڪ ۾ پهچي ويا آهن. ملڪي پيدائش جو ملاحظو
فرمايو، ۽ ماليت جي جاچ ڪرايو: ان ريت حضور تي
غلام جي سچيءَ ارادت ۽ پڪيءَ عقيدت جي صحيح حيثيت
ظاهر ٿي ويندي، ۽ هي معلوم ٿي ويندو ته غلام رقم
پهچائڻ ۾ بندگيءَ جي شرطن کي ڪهڙيءَ خبرداريءَ سان
پوري ڪرڻ جو خواهان آهي.
درخواست تي تبصرو. هن درخواست تي مفصل تبصري جي
ضرورت نه آهي، پر چند ڳالهين طرف اشارو ڪرڻ سو
ضروري آهي:
1. درخواست
۾ ملڪ جي حالت جو جيڪو نقشو پيش ڪيو ويو آهي، سو
نهايت دردناڪ آهي. ان مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته
افغانستان جي تسلط ۽ ڪن ملڪي فتنيبازن جي حق نا
شناسيءَ، ملڪ واسين کي ڪهڙين مصيبتن جو نشانو
بنائي ڇڏيو هو.
2. درخواست
مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مير بجار خان جيتوڻيڪ وقت
جو وڏو مدبر ۽ سياستدان هو، پر سندس تدبر ۽ سياست
۾ سخن طرازي ۽ سخن سازيءَ کي ڪوبه دخل نه هو: هو
هر معاملي ۾ راستبازيءَ ۽ صداقت شعاريءَ تي ڪاربند
هو. هن خراج جي ادائگيءَ ۾ دير بابت سمورا حالات،
سواءِ ڪنهن وڌ-گهٽاءَ جي شاهه جي خدمت ۾ پيش ڪري،
عرض ڪيو ته ذرا تحمل کان ڪم وٺو ۽ مهلت ڏيو: ڪو
ٻيو شخص هجي ها، ته مبالغي اميز وعدا ڪري وقت
گذارڻ جو طريقو اختيار ڪري ها.
3.
هيءَ تجويز به پيش ڪيائين ته اوهين پنهنجو ڪارندو
مقرر ڪريو، جو انتظامي خرچ ادا ڪرڻ کان پوءِ بچت
جي رقم خزاني ۾ جمع ڪرائيندو رهي. هن مان ائين نه
سجهڻ کپي ته مير بجار سنڌ ۾ ڪو ٻٽو سرشتو پيدا ڪرڻ
چاهيو ٿي. هن فقط انهيءَ روشن حقيقتن کي شاهه جي
دل تي نقش ڪرڻ گهريو ٿي ته ملڪي حالات واقعي حد
کان وڌيڪ خراب ٿي چڪا آهن، ۽ انهن کي درست ڪرڻ ۾
وقت لڳندو.
4.
خراج جي ادا ڪرڻ جي ذميداري قبول ڪيائين، ليڪن
صاف صاف چئي ڏنائين ته جيسيتائين ملڪ ۾ امن قائم
نه ٿيندو، ۽ ماڻهو اطمينان ۽ دلجميءَ سان ڪم ڪار
کي نه لڳندا، تيستائين رقم ڪٿان وصول ٿيندي!
5.
پنهنجي بليغ انداز ۾ شاهه تي هيءَ ڳالهه به واضح
ڪري ڇڏيائين ته خراج جي ادائگيءَ ۾ دير جي ذميداري
اسان تي عائد نٿي ٿئي، پر انهيءَ جي زميداري درٻار
تي آهي، جنهن حقيقت جي ڇنڊ ڇاڻ کان سواءِ عزت يار
خان کي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏنو، ۽ ان طرح ملڪي
انتظام ۽ ڪاروبار کي درهم برهم ڪيو.
اهو هو مير بجار خان! جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي
اطمينان سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ها، ته سچ پچ
جيڪر سنڌ ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ها!
هڪ ضروري ڳالهه. آخر ۾ هڪ ضروري ڳالهه ظاهر ڪري
ڇڏڻ گهران ٿو. اها هيءَ، ته جيڪڏهن شاهه پنهنجي
حملي جو خرچ سنڌ تي وڌو، ته ان جي لاءِ شرعاً يا
اخلاقاً ڪهڙو سبب پيش ڪري سگهجي ٿو؟ شاهه پاڻ عزت
يار خان کي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏيئي سنڌ ۾
خانه جنگيءَ جي باهه ڀڙڪائي، ۽ مير بجار خان کي
مدافعت جي خيال سان لڙڻو پيو، جنهن ۾ افغاني فوج
شڪست کاڌي؛ پوءِ شاهه پاڻ فوج وٺي ڪاهي آيو: ان جو
خرچ سنڌ تي وجهڻ، سراسر انصاف جي خلاف هو. هن مان
هي به ظاهر ٿي ويو ته سنڌ کي ابدالي هڪومت جي هڪ
حصي مڃڻ جي باوجود، ان سان پنهنجائپ وارو برتاءُ
نه ڪيو ويو، ۽ اجنبيت بدستور قائم رهي. گويا،
افغاني درٻار جي نزديڪ، سنڌ جي حيثيت هڪ اهڙي کير
ڏيندڙ جانور جي هئي، جو پنهنجي کاڌي پيتي ۽ داڻي
چاري جو انتظام پاڻ ڪري، پر هر موقعي تي افغاني
درٻار لاءِ گهربل کير ڏيندو رهي! هن ڌاريائپ ۽ غير
همدردانه برتاءَ کان پوءِ، سنڌ جي ماڻهن ۽ افغاني
حڪومت جي ڪارپرذارن جي وچ ۾ پنهنجائپ جي لاڳاپن
پيدا ٿيڻ جو ڪهڙو امڪان ٿي سگهيو ٿي؟
|