سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:26

ميان محمد صادق نقشبدي. هيءُ صاحب ظاهري توڙي باطني ڪمالات جو جامع هو. سندس فرزند، ميان غلام حسن، مديني منور ڏانهن هليو ويو، ۽ اتي شيخ محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کانپوءِ مسجد نبويءَ ۾ ان جو درسگاهه سنڀاليائين. هيءُ ٺٽي جو رهاڪو هو، ۽ شاهه عبداللطيف ۽ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مريد هو. شاهه عبداللطيف جي والد، شاهه حبيب، جي وفات تي حديث مان هيٺين تاريخ ڪڍيائين:

”الموت جسر بوصل الحبيب للقاء الحبيب“- 1144 هه. ([1])

سيد علي رضا. هيءُ حضرت شيخ عبداقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هو، ۽ درويشاڻي نموني زندگي گذاريندو رهيو. ڪتابن کي هڪ اُٺ تي لڏرائي، پاڻ گهوڙي تي سوار ٿيندو هو، جنهن جي اڳيان جهنڊو کڻي هلندا هئا: اهڙيءَ ريت سيرسياحت ۾ مشغول رهندو هو. آخر عمر ۾ بکر ۾ رهڻ پسند ڪيائين، ۽ اتي ئي رهي پيو. ميان نور محمد خان ڪجهه رقم سندس گذاران لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي. سيد صاحب جي وفات تي، سندس هڪ غلام، جنهن جو نالو بشير هو، سجاده نشين بنجي ويو. ([2])

غلام علي. هيءُ اُچ جي ويٺل شيخ محمد جي اولاد مان هو، جو شاهه حسن ارغون جي زماني ۾ ٺٽي هليو آيو هو. غلام عليءَ جي والد جو نالو محمد باقر، ۽ اڏاڏي جو نالو قاضي محمد حسين هو. موصوف علم ۾ ڪمال جو درجو حاصل ڪيو هو. وٽس عالمن جون هميشه ڪچهريون هونديون هيون. قضاالاهيءَ سان کيس جنون جي بيماري ٿي پيئي، ۽ انهيءَ حالت ۾ 1154هه ۾ وفات ڪيائين. ظاهري علم سان گڏ روحاني ذوق به ڏاڍو هوس. مولانا روم جي مثنوي گهڻي پڙهندو هو. ”قانع“ جي بيان مطابق، هڪ شخص کان معلوم ٿيو ته پاڻ چوندو هو ته ’بزرگن هميشه چڱيون چيزون يادگار طور ڇڏيون آهن، ۽ آ به هڪ چيز يادگار طور ڇڏي رهيون آهيان. هي هڪ مثنويءَ ڏانهن اشارو هو، جا پاڻ لکڻ شروع ڪئي هئائين؛ ليڪن جنون جي ڪري مڪمل نه ٿي سگهي. ان جو فقط هڪ شعر ”مقالات الشعراء“ ۾ درج ٿيل آهي.

”در بيخبري شدم خبردار، ازخود شده باخدا شدم يار“.([3])

حڪيم عبدالرئوف. هيءُ شخص علم طب ۽ حڪمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، ۽ موسيقيءَ ۾ به پوري مهارت رکند هو. موسيقيءَ تي هڪ نهايت عمدو ڪتاب به لکيو هئائين. ميان نور محمد جي حڪومت ۾ کيس مٿانهون منصب حاصل هو. سندس پٽ ڪرم الله به هڪ ممتاز طبيب هو، ۽ ميان غلام شاهه وٽ ملازم هو. ([4])

مير محدم اڪرم. هيءُ شخص روهڙيءَ جو ويٺل هو. طب ۾ کيس خاص دسترس حاصل هئي، ۽ هڪ طبيب جي ئي حيثيت سان ميان نور محمد خان وٽ ملازم ٿيو هو. ڪجهه وقت تائين ميان صاحب جي طرفان بکر جو ناظم ٿي رهيو. هن کي چار پٽ هئا: مير سراج الدين، مير تاج الدين، مير معين الدين، ۽ مير نورالدين. هيءُ جيستائين زنده رهيو، عزت ۽ فارغ الباليءَ جي زندگي گذاريندو رهيو. عجيب اتفاق هيءُ ٿيو، جو چئني مان ڪنهن به پنهنجو پٺيان اولاد نه ڇڏيو. مير محمد اڪرم جو ڀاءُ مير محمد افضل ملتان ۾ رهندو هو، سو پنهنجي ڀاءُ جي پوين کي روهڙيءَ کان ملتان وٺي ويو.(1)

علي مدد. هيءُ شخص ايراني هو. حڪمت، جفر، نجوم ۽ رمل ۾ پنهنجي زماني جو يگانو استاد مڃيو ويندو هو. هن ميان نور محمد خان وٽ تمام مٿانهون درجو حاصل ڪيو:

در آن ولا ڪسي از منتسبان آن سرڪار باين رتبت ڪم رسيده، بسيار، مخير و باجود و صاحبِ خوان مي زيست تاهل ڪرد. در سوستان اقامت داشت(2).

ان زماني ۾ جيڪي مانحو ميان جي سرڪار سان وابسته هئا، انهن مان تمام ٿورن ماڻهن کي علي مدد جهڙو مرتبو حاصل ٿيو. هيءُ تمام سخي ۽ هٿ جو ڇُوٽ هو. سندس دسترخوان وسيع هو. شادي ڪرڻ کان سواءِ سيوهڻ ۾ وڃي رهيو.

شيخ محمد رضا. هيءُ شخص اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، پر بکر ۾ وڃي رهيو هو. سندس اهل عيال بکر ۾ ئي رهندو هو، ۽ ٻيا رشتيدار ٺٽي ۾ هوندا هئا. عالمگير جي دور کان وٺي محمد شاهه جي دور تائين مختلف عهدا ماڻيندو رهيو. مير عبدالجليل سان گھاٽي دوستي هوندي هيس. مير موصوف سنڌ ۾ وقائع نگاريءَ ۽ اخبارنويسيءَ جي خدمت تي مقرر ڪيل هو. هو جڏهن هندستان ويو، تڏهن محمد رضا کي ئي پنهنجيءَ جاءِ تي نائب مقرر ڪري ويو. مٿي لکجي چڪو آهي ته جڏهن اعظم خان ۽ صوفي شاهه عنايت جي وچ ۾ سوال جواب شروع ٿيا هئا، تڏهن محمد رضا، شاهه صاحب کي مخاطب ٿي هيءُ شعر پڙهيو هو:

دوست بيدار بشو، عالم خواب است اين جا،

حرفِ بيهوده مگر، پاي ثبات است اين جا.

هن 1143هه ۾ وفات ڪئي. ڪنهن شخص سندس وفات تي هيءَ تاريخ چئَي:

محمد رضا داده جان در جناب شد.

(”محمد رضا“ جي عددن مان ”جان“ جا عدد ڪاٽي، ۽ ان ۾ ”جنان“ جا عدد شامل ڪيا وڃن، ته تاريخ نڪري اچي ٿي.(1)

متفرق هستيون. هاڻ ٻين متفرق هستين جا مختصر حالات درج ڪجن ٿا:

1.      عبدالواحد: پيرسن هو؛ ”قانع“ هن کي نادر جي دور ۾ خداآباد ۾ ڏٺو هو.

2.     شيخ محمد نعيم: وڏو قابل شخص هو، ساري حياتي ملازمت ۾ گذاريائين؛ 1145هه ۾ وفات ڪيائين.

3.     مير جان شاهه: روهڙيءَ جو رهاڪو هو؛ صوفي شاهه عنايت سان عقيدت جو رشتو هوس؛ تمام وڏو شاعر هو.

4.     عبدالطيب. درٻيلي جو رهاڪو هو؛ ”شرح مُلا“ تي تمام عمدي شرح لکيائين.

5.     شاهه اسماعيل صوفي: شيخ عبدالله انصاريءَ جي اولاد مان هو؛ شاهه عنايت کان فيض حاصل ڪيو هئائين.

6.     شاهه حيدر جو پوٽو، حاجي نور محمد: ميان غلام شاهه وٽ طبابت جي سلسلي ۾ ملازم هو.

7.     مير محمد يعقوب، ساڪن سکر: تمام وڏو حڪيم هو.

عبدالنبيءَ جو دور.مير علي شاهه ”شائق“، پنهنجي قصيدي ۾، عبدالنبيءَ جي دور جي هيٺين عالمن جو ذڪر ڪيو آهي:

قاضي ابراهيم در دينِ رسولِ هاشمي،

داده با لطف و مدارا رائق شرعِ هدى

مولوي خان محمّد محرمِ سرِ صمد،

آنڪہ بر خوانِ علومش خلق را باشد صلا.

شد غريب الله اهلِ عقل را نيڪو اديب،

احمد اندر حفظ قرآن قاري ام القريٰ.(2)

هي سنڌ جي عالم فاضل هستين جو مختصر خاڪو آهي، جنهن مان اندازو ٿي سگھي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي علمي فضا جو ڪهڙو رنگ هو، ۽ هر علم جا ڪيترا ماهر موجود هئا. فقط هڪڙيءَ برک شخصيت جو ذڪر باقي رهجي ويو- يعني ميان محمد دائود عباسي، جو ڪلهوڙا خاندان ۾ علم ۽ فضل جي لحاظ کان غالباً سڀني کان مٿانهين درجي جو هو. سندس هڪ تصنيف جو مفصل ذڪر ايندڙ باب ۾ ڪيش ڪريون ٿا.

 

باب ٽيٽيهون

دائود خان عباسي، ۽ ”صيدالمراد“

محمود دائود خان عباسي.گذريل باب جي آخر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميان نور محمد خان جي ڀاءُ ميان محمد دائود خان عباسيءَ جي علم ۽ فضل بابت الڳ باب ۾ لکيو ويندو. ان جو پهريون سبب هيءُ آهي ته ميان صاحب موصوف جو هڪ بهترين ڪتاب، هڪ انگريز جي توجھ سان، ’رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ‘ جي پاران شايع ٿيو، جو سندس علم ۽ فضل جو هڪ يگانو دستاويز آهي. ٻيو سبب هيءُ به آهي ته ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ صاحب موصوف اهل علم جي پرورش ۽ بزرگن جي سنڀال جو خاص مرڪز هو. ٽيون سبب هيءُ آهي ته ڪلهوڙن جي جنگي مهمن ۽ ملڪي نظام جو احوال ته تمام گھڻو لکيو ويو آهي، پر هن خاندان ۾ جنهن شخصيت جي علمي مرتبي جو ثبوت ملي ٿو، سا فقط دائود خان جي ئي شخصيت آهي.

        ياد هوندو ته ميان يار محمد خان جي وفات کان پوءِ ميان محمد دائود خان ۾ جانشينيءَ تان تڪرار ٿي پيو هو، جو ڪن بيانن مطابق ٽن سالن تائين جاري رهيو. ان بابت جيڪو احوال ملي سگھيو، سو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ هتي ان جي ورجائڻ جي ضرورت ڪانهي: اسان جي بيان جو سلسلو، ان ڪري، فقط ميان محمد دائود جي علمي شان کي اُجاگر ڪرڻ تائين محدود رهندو.

”قانع“ جو بيان. ”قانع“ ميان صاحب جي باري ۾ لکيو آهي:

اميرلآ صاحبِ دل و دست بود – در حڪمت دست وافي و فڪر شافي است- حڪيم مير عبدالرزاق ”مشرب“ تخلص… و ديگر صاحب ڪمالان پيش او بہ مراتب ارجمند بسر مي بردند(1)

(هو صاحبدل ۽ سخي امير هو. علم طب ۾ کيس پورو ملڪو حاصل هو. حڪيم عبدالرزاق ’مشرب‘ ۽ ٻيا ڪمال جا صاحب، ميان صاحب وٽ عزت ۽ شان سان زندگيون گذاريندا هئا.

ٻئي هنڌ آيل آهي:

در صفتِ جوانمردي مثلِ روزگار بود(2).

(پهلوانيءَ ۾ هو دنيا اندر پنهنجو مَٽ پاڻ هو.)

        طبيب هجڻ سان گڏ، ميان صاحب تمام سـٺو شاعر به هو.

مير عبدالرزاق. حيڪم مير عبدالرزاق ’مشرب‘، جنهن جو ذڪر مٿي آيو آهي، اصفهان جي ساداتن مان هو. عالمگير جي زماني ۾ هندستان آيو، ۽ بريلي، لکنؤ ۽ ڪشمير ۾ رهيو؛ پوءِ سنڌ آيو، ۽ باقي عمر ميان محمد دائود خان وٽ گذاريائين. ”مقالات الشعراء“ ۾ لکيل آهي:

جامع جميع علوم، بتخصيص در جفر و اعداد شانلآ عظيم داشتہ. در طبابت بقراطِ عصر و در سخاوت حاتمِ دهر.

(سڀني علمن جو جامع هو، خاص ڪري علم جفر ۽ علم اعداد ۾ سندس وڏو مرتبو هو. طبابت ۾ پنهنجي زماني جو بقراط، ۽ سخاوت ۾ زماني جو حاتم هو.)

1127هه ۾ وفات ڪيائين. ”قانع“ جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته حڪيم صاحب شهيد ٿيو، پر ڪوبه تفصيل نه ٻڌايو ويو آهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙي سلسلي ۾ شهيد ٿيو؟ فقط ايترو ذڪر ڪيو اٿس ته شهادت کان ڪجهھ ڏينهن اڳ هڪ غزل چيو هئائين، ۽ ان ۾ شهادت جي واقعي طرف هن طرح اشارو ڪيو اٿس:

دل از ذوقِ شهادت اضطرابلآ ساڪنلآ دارد،

چوجوهر جسمِ من شد موجہء دريالآ شمشيرلآ.(1)

بهرحال، هيءُ واقعو ميان يار محمد خان جي وفات کان چار سال اڳ پيش آيو. ان مان معلوم ٿيو ته ميان محمد دائود خان عباسي پنهنجي صاحبزادگيءَ واري ابتدائي دور ۾ ئي ايتريقدر علم ۽ فضل حاصل ڪري چڪو هو، جو حڪيم عبدالرزاق جهڙي وقت جي يگاني فاضل کي ميان موصوف جي صحبت پسند ايندي هئي.

”صيد المراد“. زير نظر باب ۾ ميان صاحب جي جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪرڻو آهي. ان جو نالو ”صيدالمراد في قوانين الصياد“ آهي؛ ڪي ماڻهو ان کي ”بازنامو“ پڻ چوندا آهن.

        ليفٽيننٽ ڪرنل ڊي. سي. فِلٽ (D. C. Phillot)، هيءُ ڪتاب سال 1908ع ۾ سٺي اهتمام سان شايع ڪرايو هو. ڪرنل موصوف ’بورڊ آف اگزئمنرس‘ جو سيڪريٽري، ۽ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جو فيلو هو. هن کان اڳ ”باز نامه ناصري“ جو ترجمو ڇپائي چڪو هو. سڄو ڪتاب ايڪيهن بابن تي پکڙيل آهي. آخر ۾ ”خاتمو“ آهي. ضميمن کي شامل ڪندي، ڪتاب جا ڪل 433 صفحا آهن.

        شايع ڪندڙ پنهنجي ديباچي ۾ لکيو آهي ته شڪار جو فن ختم ٿي رهيو آهي. سندس دور ۾ وڏا وڏا شڪاري هي هئا: مير عليمراد بلوچ؛ نواب فوجدار خان، ٽانڪ جو رئيس؛ شير جنگ، اٽڪ جو رئيس؛ ميان فيض محمد خان جالنڌري (غلام جيلاني وزير جو پٽ)؛ ميان محمود خان تونسوي؛ ملڪ اعتبار خان پنڊي گھپ؛ نواب محمد افضل خان؛ ۽ ڪالا سنگ امرتسري. سيد فتح شاهه بازن پالڻ ۾ بيمثال ٻڌايو اٿس.

ڪتاب جي تمهيد. ڪتاب جي مهاڳ جي عبارت هيءَ آهي:

چنين گويد محرر اين مقدمات و مقرر اين مقالات اضعف العباد و احو جهم الي رحمت الله الغني الودود ابن يار محمّد، فقير داؤد (احسن الله احوالہ) ڪہ معرفت تمام درمزاج شڪر گان يعني جانور انِ شڪاري و طريق صيد و اصطياط و ڪيفيت صياد و تشخيص امراض و حفظ صحت هريڪ از ايشآن بهم رسانيده-

(هنن مهاڳن ۽ مقالن کي ترتيب ڏيڻ وارو، ٻانهن ۾ سڀني کان وڌيڪ ضعيف، ۽ غني ۽ ودود خدا جي رحمت جو سڀني کان وڌيڪ محتاج، فقير دائود ابن يار محمد- خدا سندس حالتون بهتر ڪري، چوي ٿو ته مون شڪاري جانورن جي مزاج، شڪار جي طريقن، شڪاريءَ جي ڪيفيت، جانورن جي مرض جي تشخيص ۽ انهن جي صحت جي سنڀال جي تدبير بابت پوري واقفيت ڪٺي ڪئي.)

پنهنجي نالي کان اڳ پيءُ جي نالي آڻڻ جو سبب هيءُ ٿو معلوم ٿئي ته پراڻي زماني جي لکڻ جي اندازي موجب ”ودود“ کي ”دائود“ جو قافيو ڪري آڻڻو هو.

شڪار بابت ڪتاب. پوءِ ميان صاحب شڪار بابت ڪتابن جي سر گزشت بيان ڪئي آهي. چوي ٿو ته سڀ کان اول ايران جي بادشاهه جمشيد ’شڪارنامو‘ مرتب ڪرايو. نوشيروان بادشاهه ان کي نئين سر ترتيب ڏياري ۽ ان جو نالو ”بازنامہ نوشيرواني“ رکيو. ان کان پوءِ ساماني خاندان جي مشهور بادشاهه ابوالفوارس عبدالملڪ بن نوح، ”باز نامه نوشيروانيءَ“ جو ترجمو پهلويءَ مان فارسي زبان ۾ ڪرايو، ۽ ان جو نالو ”جوارح نامه“ رکيو. عبدالملڪ سامانيءَ کان پوءِ، ملڪ شاهه سلجوقيءَ اهو شڪارنامو نئين سر مرتب ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو، ۽ ان لاءِ پنهنجيءَ حڪومت ۽ ٻين ملڪن مان شڪار جي فن جي ماهرن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايائين: مثلاً، ابوالجوارح خواجه علي بن محمد نيشاپوري، ابوالملڪ سهيل بلخي، ابوالعباس بن فصل ترمذي، عبدالله بن خالد مروزي، علي بن عبدالله خوارزمي، حاجي بيگ رومي، خواجه زڪي عراقي، افضل الدين فارسي، خواجه محمد تبريزي، اسماعيل سيستاني، سرباد هندي، تالش ترڪستاني، خواجه زنگي اصفهاني، عبدالعزيز مصري، ۽ صدفنوس مغربي.


[1]) ) ”مقالات الشعرا“، ص 173

[2]) ) ”مقالات الشعرا“، ص 210

[3]) ) ”مقالات الشعراء“، ص 220

[4]) ) ”تحفته الڪرام“، ج 3، ص 120

(1) ”تحفته الڪرام“، ج 3، ص 129

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 206

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 114

(2) ”قصيدهء شائق“، قلمي نسخو، ص 18

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 105

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 207

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 300

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org