سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:29

محمد پناهه ”رجا“. سنڌ جو ٽيون وڏو فارسي شاعر محمد پناهه ’رجا‘ آهي. هن به ’قانع‘ جي استاد مير حيدرالدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي صحبت ۾ تربيت حاصل ڪئي. سنڌ جي وزير مير لطف الله عرف مير متاري وٽ عزت جي زندگي گذاريائين. شعر ۾ ’رجا‘ جو پايو ’قانع‘ کان مٿڀرو آهي، پر هو به محسن جي معيار تي نه پهتو آهي. ’رجا‘ جون ڪيتريون تاريخون ۽ قطعا ڪتاب ۾ نقل ٿي چڪا آهن. غزلن جو نمونو به ملاحظه ڪريو:

 من و عشق نگہ بازي تو و دز ديده ديدنها،

من و نظارهء حسنت تو و ناز آفريدنها.

من و محو رخت بودن تو و در جلوه افزودن،

مهن بلآ خويش گرديدن تو و بر خويش چيدنها.

بہ شمشير تغافل نيم بسمل شد ”رجا“ ظالم،

تو و بر پا حنا بستن من و درخون تپيدنها.

ڪمال رفعت اقبال را باشد زوال از پلآ،

دو پاس آخر فروغ آفتاب از بام پست افتد.

واجب بود مرا ڪہ تخلص ”رجا“ ڪنم،

نامم پناه پر درِ حيدر گرفت است.

بہ لاف يڪ نفس عمر اين تنڪ طرفان،

دروغ هستي خود چون حباب مي بافتد.

چشمن او ديدي و از خود شده اينت ”رجا“،

چہ قدر مست بہ يڪ ساغر صبها شده.

سر گرم بدين جوش بدريا ڪہ روانست،

دريا بڪف پا ز حباب آبلہ دارد.

باب پنجٽيهون

 

شاعري ۽ ادب

[2]

”الهام“. مير مرتضيٰ ’الهام‘،  مير ڪمال الدين احمد رضويءَ جو فرزند هو. معقول ۽ منقول علمن جي تحصيل سان گڏ ٽيهن ورهين جي عمر تائين سپاهگيري، سواري، ٻيڙي هلائڻ، تلوار بازي ۽ تيرانداي وغيره مروج فنن ۾ پوري مهارت حاصل ڪئي هئائين، ۽ هفتِ قلم اکرن لکڻ ۾ تمام وڏو ماهر هو. هن کي عالمگير جي خدمت ۾ پهچڻ جي گھڻي آرزو هئي. جڏهن اورنگزيب جي وفات جي خبر ٻڌائين، تڏهن شاهعالم بهادر شاهه وٽ دهليءَ پهتو، ۽ پنهنجا ڪمالات ڏيکاري مهربانين جو مستحق بنيو. شڪل صورت ۾ يوسف ثاني هو. افسوس، جوانيءَ ۾ ئي (1127هه) دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. پنهنجي والد کان شعر جو شوق پرايائين. ۽ ان جي ئي تجويز مطابق ”الهام“ تخلص اختيار ڪيائين.(1)

ابو احمد خان. هن جو وطن مرادآباد (هندستان) هو. محمد منعم خان خانخانان وٽ دهليءَ ۾ ملازم هو؛ پوءِ ديوان بنجي ٺٽي پهتو؛ هڪ سال هالاڪنڊيءَ ۾ رهيو، ۽ هڪ سال ٺٽي ۾ ملازمت ڇڏي وطن ڏانهن وڃي رهيو هو، ته سن شهر جي ويجھو 1148هه ۾ وفات ڪيائين. جفر جامع جي زڪات، شرطن سميت ادا ڪري چڪو هو، ۽ انهن علوم ۾ پڻ ڪمال حاصل ڪرڻ سان گڏ علم تڪسير جو پڻ عامل هو. شعر به چوندو هو(2). جيتوڻيڪ سنڌي نه هو، پر سنڌ ۾رهيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. پٽس سندس ميت کي وطن کڻائي ويو.

اشرف. محمد اشرف، سکر جو رهاڪو هو. سندس وڏا سلطان محمود بکريءَ وٽ چڱن عهدن تي رهي چڪا هئا. ’قانع‘، هن سا محمدآباد ۾ ملاقات ڪئي هئي. مالي حالت تمام خراب هيس، ۽ ملازمت جي تلاش ۾ سرگردان هو. هيٺئين شعر ۾ هن پنهنجي حالت جو نقشو پيش ڪيو آهي:

آن را ڪہ نہ چاست است نلآ شام،

چہ صبحِ وطن، چہ شام غربت.(1)

احسن. محمد احسن پٽ ملا عبدالرحيم، نيرون ڪوٽ جو ويٺل هو. قرآن شريف جو حافظ هو، ۽ سندس قرآت جو انداز، اهڙو ته وڻندڙ هو، جو شاهعالم بهادر شاهه به هن وٽان قرآن شريف ٻڌي بيحد خوش ٿيو. کيس سٺي منصب ملڻ جي اميد هئي، پر عمر وفا نه ڪيس. شعر به چوندو هو. مثال طور هڪڙو شعر عرض آهي:

گل ڪرده وداع بوستان را،

بلبل بزن آتش آشيان را.(2)

احسن. محمد احسن پٽ محمد عاقل، ٺٽي جو ويٺل هو. شاهي منصبدار هو، ۽ ’جوهرخانه‘ جي داروغي جو ڪم سندس حوالي هو. پيءُ پٽ، ٻئي قرآن شريف جا حافظ هئا. عربيت جا ماهر، ۽ ورع ۽ تقوايٰ جا پابند هئا. ’قانع‘ لکيو آهي ته سلامت روي انهن تي ختم هئي. درس ۽ تدريس ۾ وقت گذاريندا هئا. احسن جي ڪري محمد حسن دهليءَ ۾ رهندو هو. محمد شاهه جي درٻار ۾ سنڌ جي ماڻهن مان ٻئي ڪنهن به شخص احسن جهڙي عزت حاصل نه ڪئي. احسن جا چند شعر ملاحظه ڪريو:

در زمانِ ما نمي پرسد متاع عقل ڪس،

رونق عشق بتان بازار دانائي شڪست.

منزل مقصود نتوان يافت بي درد طلب،

خارها در پاي رهرو جاده پيمائي شڪست.

اعتصام در گہ خيرالو سائل ’احسنا‘،

ديو حرص و آز را برگ توانائي شڪست.(3)

اڪرم. محمد اڪرم ٺٽي جو رهاڪو هو. پهريائين دهليءَ ۾ وقائع نويسيءَ جي ڪم تي مقرر ٿيو، ۽ پوءِ گجرات ۾ هڪ پرڳڻي جو فوجدار بنجي ويو؛ ان کان پوءِ وري ڏهه- ٻارهه سال سخت تڪليفن ۾ گذاريائين. جڏهن نادر شاهه جا جهاز سورت کان ٺٽي اچي رهيا هئا، تڏهن انهن ۾ ملاح جي نوڪري حاصل ڪيائين، ۽ ٺٽي پهچي اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ٻيهر سورت کان ٿيندو دکن پهتو؛ اُتي اتنور قلعي جو قلعيدار بنجي ويو، ۽ ’اڪرم الدين خان‘ جو خطاب حاصل ڪيائين.

سورت وڃڻ وقت، ”قانع“ پڻ انهيءَ جهاز جي سفر ۾ ساڻس گڏ هو. رستي ۾ مرهٽن جي جهازن حملو ڪيو، ۽ ٽي ڏينهن ٽي راتيون سخت پريشانيءَ ۾ گذريون. آخر خدا جي فضل سان ڇوٽڪارو مليو، ته ان موقعي تي هيءُ شعر چيائين:

درميان آب و آتش هم چو گل،

ڪشتيء اميد ما دارد شنا.

گر ز فضل حق نمايد رهبري،

نيست مخلص از چنين جوش بلا.(1)

”اسلم“. سليمان بيگ نالو هوس. جيئن اڳ ۾ ٻڌائجي چڪو آهي، نادرشاهه هن کي سِڪي ۽ خطبي جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ موڪليو هو، ۽ خدا آباد پراڻيءَ ۾ اچي رهيو. جڏهن محمد محسن ٺٽويءَ سان سندس ملاقات ٿي، ته اسلم پنهنجو هڪ غزل امتحان خاطر تخميس لاءِ ’محسن‘ کي ڏنو، ۽ سنڌ جي نامور شاعر پنهنجيءَ تخميس ۾ اسلم جي شعرن کي چمڪائي ڇڏيو. فقط آخري بند نموني طور درج ڪيو وڃي ٿو:

در آن گلشن ڪہ طوق بندگي بر خويش پيچيدم،

چو قمري در هواي قامتش بسيار گرديدم،

ز ’محسن‘ مي شنيدم وصف او، اما نہ فهميدم،

اگر هم چون سليم ’اسلم‘ ز قدش سايہ مي ديدم،

خيابان خيابان سرو را آزاد مي ڪردم.(2)

”اڪسير“. آقا حاجي محمد نالو هوس. هيءُ به نادري لشڪر سان گڏ سنڌ آيو هو، ۽ اتي ئي رهي پيو. هڪ ڏينهن هيٺيون شعر ٻڌايائين:

شبلآ بہ ياد قدش سر بہ جيب نڪر شدم،

سر گہ آنچہ ز لب مـــــــــي فتاد مـــــوزون بــــود.

        ٻڌڻ وارن مان هڪ اعتراض ڪندي چيو ته ”ڇا، ’ٿُڪ‘ به موزون ٿيندي؟“ آقا بيحجاب جواب ڏنو، ”ها، تنهنجي ڏاڙهيءَ ۽ مُڇن جو قسم، ضرور موزون ٿيندي!“(3)

ابراهيم. هالا ڪنڊيءَ جي قاضين جي اولاد مان هو. شعر به چوندو هو، ۽ تاريخن ڪڍڻ ۾ خاص مهارت هيس. مخدوم عبدالرؤف هالا ڪنڊيءَ واري مسجد ٺهرائي، ته ابراهيم ان جي تاريخ هن طرح ڪڍي:

”ربنا تقبل منا بالڪرم.“ – 1169هه

هڪ چوبدار جي وفات تي هيءَ تاريخ چيائين:

”چوبدار اجل رسيد ڪہ خيز.“ – 1166هه(1)

آسارام. قوم جو کتري هو. ٺٽي ۾ گھڻو ڪري ديوانيءَ جي عهدي تي مامور رهيو. ڪجھ وقت شاهبندر جو ناظم بنيو هو. ميان محمد مرادياب خان جي دور ۾ هڪ دفعي ٺٽي جي سڀني پرڳڻن جو اتنظام هن جي حوالي ٿيو هو. تمام خوش اخلاق ۽ مرنجان مرنج ماڻهو هو. ”شاهنامي“ ۽ ”سڪندرنامي“ جا شعر اڪثر زبان تي هوندا هئس. آخوند درويش عليءَ جو شاگرد هو. سندس پنهنجو هڪ شعر اسان کي هٿ اچي سگھيو آهي.

سخن ڪہ هر نفسش جان تازه مي بخشس،

بڪوش ڪاين هنر از معجز مسيحائي است.(2)

ابوتراب. ابو احمد خان مرادآباديءَ جو فرزند هو. والد سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو، ۽ ان جي وفات تي ميان نور محمد خان وٽ ملازم ٿيو؛ پوءِ ملازمت ڇڏي وطن موٽيو. ’قانع‘ ديوان گدومل جي ملازم دولهه رام مهتي کان ٻڌو ته ابو تراب 1175هه ۾ ملتان ۾ هو، ۽ سندس مالي حالت چڱي نه هئي.(3)

”آزاد“. ٻالچند نالو هوس، آخوند فيض الله ’طپش‘ جو شاگرد هو. ميان مرادياب خان جي معزول ٿيڻ ۽ ميان غلام شاهه جي حڪمران بنجڻ جي موقعي تي، هن جي چيل تاريخ مٿي نقل ٿي چڪي آهي. هڪ دفعي ٺٽي جي شاعرن ۾ هڪ مصرع طرح تجويز ٿي، جنهن جو قافيو ’آب‘، ’خراب‘ ۽ ردليف ’دريب‘ هو. آزاد انهيءَ تي هيٺيون غزل چيو:

فتاد عڪس ازاد روي شعلہ تاب در آب،

ڪہ گشتہ اند همہ ماهيان ڪباب در آب.

خيال روي تو از ديدهء ترم پيدا ست،

چنانڪہ جلوه ڪند عڪس ماهتاب درآب.(4)

”بي تڪلف“. آخوند ابوالحسن ’بي تڪلف‘، تمام لائق۽ سٺيءَ طبع جو ماڻهو. هندو توڙي مسلمان ٻئي وٽانئس علمي فائدو حاصل ڪندا هئا. ’قانع‘ هن وٽان فارسي پڙهي هئي. هيءُ جهانگارن باجارن جي سيدن وٽ ملازم هو. ”مقالات الشعراء“ ۾ هن جو چيل هڪ قطعهء تاريخ نقل ٿيل آهي.(1)

”تابع“. اسد الله نالو هوس، ۽ محسن ٺٽويءَ جو شاگرد هو؛ پوءِ ٺٽي کان سورت ڏانهن هليو ويو. ’قانع‘ لکيو آهي ته 1171هه ۾ اُتي رهندو هو. هن جو هڪ بنا نقطي غزل ”مقالات“ ۾ درج آهي:

در رهِ طولِ امل هر گاه راه آورده ام،

راه را گم ڪرده رن اًورد آه آورده ام.
طالع سعد سها محو صور دارد مراد،

ساده لوحم گر طمع در مهر و ماه آورده ام.

گوهر اسرار ِ دل مسلوڪ ڪردم ’تابعا،‘

لعل سامع در ڪلام واه واه آورده ام. [1]

 

جعفر. مرزا محمد جعفر، شيراز کان سير جي خيال سان سنڌ پهتو. ڪجهه عرصو راڻي اجمال، ڌراجا جي حاڪم، وٽ گذاريائين. مخدوم محمد معين کي هن جي علم ۽ فضل جو احوال معلوم ٿيو، ته کيس پاڻ وٽ گهرايائين. شيخ شڪرالله، ٺٽي جي ناظم، هن جي اچڻ جو ذڪر ميان خداداد خان سان ڪيو، جو محمد مرادياب خان جي ايران وڃڻ بعد عملي طرح وليعهد بنيو هو. ميان صاحب کي جڏهن هن جي فضل ۽ ڪمال جو حال معلوم ٿيو، تڏهن کان هن جو مرتبو ايترو مٿانهون ٿي ويو جو ”قانع“ جي قول مطابق، وليعهد وٽ ان ۾ اضافي ڪرڻ جي گنجائش نه رهي. ميان خداداد خان هندستان جو رخ ڪيو، تڏهن ميان نور محمد خان جعفر جي رتبي ۾ اضافو ڪيو. هو، علم تڪسير ۽ جعفر جو عامل هو. ميان نور محمد خان لاءِ جامع جفر تيار ڪري رهيو هو، پر اڃا ان کي مڪمل ئي نه ڪيو هئائين ته ميان صاحب آخرت جي سفر تي روانو ٿيو.

محمد مرادياب خان جي دور ۾ جعفر تي عتاب نازل ٿيو، ۽ کيس وطن وڃڻ جي اجازت ملي وئي. جڏهن ڪڪرالي پهتو، ته ڪڪرالي جي ڄام کيس اڳتي وڃن جي اجازت نه ڏني. جعفر مجبور ٿي ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ ٺٽي پهتو. محمد مرادياب خان، ڪڪرالي جي ڄام خلاف لڙائيءَ لاءِ ٺٽي ۾ هو. انهن ئي ڏينهن ۾ جعفر وفات ڪئي. [2] شعر به سٺو چوندو هو. سندس چيل هڪ تاريخ مٿي نقل ٿي چڪي آهي.

چتر ڀوڄ. ’قانع‘ لکيو آهي ته ٺٽي جي هندن مان ڪوبه شخص انشاء جي فن ۾ چتر ڀوڄ جهڙو نه ٿيو. هو ڪيترن ئي حاڪمن وٽ منشگيريءَ جي عهدي تي رهيو، ۽ بلاغت ۾ خاص شهرت حاصل ڪيائين. وڏي عمر ماڻي، 1171 هه ۾ فوت ٿي ويو. نظم توڙي نثر ٻنهي ۾ خاص دسترس حاصل هيس. خاص ڪري هجويه تاريخ چوڻ ۾ کيس خاص مهارت هئي. مثلاً جڏهن ميان نور محمد خان فوت ٿيو ۽ مرادياب خان جانشين بنيو، تڏهن چتر ڀوڄ فردوسيءَ جي هڪ مصرع مان ”تقلب“ جا عدد ڪٽي تاريخ ڪڍي:

تقلب نسيت در مصراع طوسي،

ڪہ مرگ خر بود سگ داعروسي.------- 1167 هه [3]

حسن. مير ابوالمڪارم جو فرزند هو ۽ فقير منش ماڻهو هو. شعر تمام چڱو چوندو هو. هڪ ڀيري، جڳهه جوڙيندي، لوهه جي ميخن بدران رسين کان ڪم وٺي رهيو هو ته ڪنهن شخص چيس، ’خدا طاقت ڏني اٿئي، لوهه جا ڪوڪا ڇو نٿو استعمال ڪرين؟‘ حسن في البديهه چيو:

خانہء بي بقاي فاني را،

به ازين ديگرلآ چہ آرايد؛

فڪر بيت دگر چرا نہ ڪني،

ڪه ترا جاودان بڪار آيد!

هن 1133 هه ۾ وفات ڪئي. [4]

سرفراز. محمد سرفراز نالو هوس. هن جا وڏا غير مسلم هئا. پاڻ منصبدار هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. پنهنجي والده جي وفات تي ”ادخلي جنتي“ (1114 هه) مان تاريخ ڪڍيائين. قرآن جو حافظ ۽ حج جي فرض کان به مشرف ٿيو هو. 1169 هه ۾ وفات ڪيائين. [5]

سرشار. نالو شيخ رحمت الله هوس. سندس والد شيخ عزت الله کي مضبوط ارادي، حسن تدبير ۽ دورانديشيءَ سبب خاص شهرت حاصل هئي. جوانيءَ جي وقت کان ئي ذميدار خدمتون سندس سپرد ٿيون. سورت جي هاڪم نواب محمد صفدر خان سان گڏ رهي هن جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، اهي عقلمندن جي نظر ۾ بهترين ڪارناما هئا. سندس پٽ، شيخ رحمت الله، پنهنجي والد جي انهيءَ اعزاز کي نهايت سهڻي نموني قائم رکيو. ’سرشار‘ تخلص، ’قانع‘ جو تجويز ڪيل هو. هڪ ڀيري ٻه شعر في البديهه چيائين، جن مان پهريون شعر هي هو:

آتش صهبا اگر هست آبرو درڪار نيست،

هر چہ بادا باد مارا خاڪ برسر ريختن.

هڪڙي ڏينهن نڪته دانن جي محفل ڄميل هئي، جنهن ۾ هيءُ شعر زير بحث آيو.

عجز است ڪار سگ صفتان وقت احتياج،

سگ زخم خويش رابزبان مي ڪند علاج.

’سرشار‘ انهيءَ تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪتو جيڪڏهن پنهنجي زخم جو علاج پنهنجي زبان سان ڪري ٿو، ته هيءُ ان جي بي نيازيءَ جو دليل آهي: بي نيازيءَ کي ’عجز‘ سان تعبير ڪرڻ غلط آهي، ۽ هيءُ تمثيل، جنهن لاءِ تمثيل ڏني ويئي آهي، تنهن جي حقيقت جي ابتڙ آهي. هن اعتراض جو ڪو معقول جواب ڪير به ڏيئي نه سگهيو. [6]

”ساقي“. اسد الله نالو، سيد معصوم بکريءَ جي اولاد مان هو. هيءُ جڏهن حڪيم محمد يعقوب خان سان گڏجي مرادآباد آيو هو، تڏهن ’قانع‘ ساڻس ملاقات ڪئي هئي، ۽ سندس سجع چئي هئائين:

”اسد الله ساقي ڪوثر.“

’ساقي‘ جو پنهنجو فقط هڪ شعر نقل ٿيل آهي:

مست گردم ز بادهء ڪوثر،

اسد الله ساقيم باشد.[7]

”سرخوش“. ’سرخوش‘ جو ذڪر هن کان اڳ به هڪ هنڌ اچي چڪو آهي. سندس نالو محمد محفوظ هو، ۽ شيخ محمد مريد جو پٽ هو. تمام خوش اخلاق ماڻهو هو. غريب توڙي امير سان چڱيءَ طرح پيش ايندو هو. ميان نور محمد خان جي طرفان، سردار جهان خان وٽ، ڪابل ۾ وڪالت جا فرائض به انجام ڏيندو رهيو. تاريخون سٺيون چوندو هو. مثلاً، شيخ عزيز الله جي وفات تي هيٺين تاريخ چيائين:

”جنات عدن است جاي عزيز“.---- (1147 هه)

شروع ۾ سندس تخلص ’فدائي‘ هو. سندس ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:

گہ ڪشي، گاه زنده مي سازي،

ترا ڪہ هم ڪم ڪم خدائي نيست.

.....

خراب ڪرد فغان تو آسمان، اي دل،

تراڪہ گفت ڪہ رو دربيء بتان، اي دل. (1)

باب ڇٽيهون

 

شاعري ۽ ادب

[3]

”شوقي“. محمد حسين ولد ملا عبدالرؤف ’شوقي‘، شروع ۾ عدالتي کاتي ۾ ملازم هو، ۽ پوءِ صدارت جي منصب تي فائز ٿيو. گهڻو وقت دهليءَ ۾ رهيو. ڪيتريون مثنويون لکيائين. مثلاً ”نغمات شوقي“، جا شيخ بهائيءَ جي مشهور مثنويءَ ”نان و حلوا“ جي رنگ ۾ هئي، ۽ مثنوي ”ناز و نياز“؛ ٻيون مثنويون به يادگار ڇڏيائين. تاريخون به سٺيون چوندو هو. پنهنجي والد جي وفات جي تاريخ هيٺينءَ ريت چيائين.

”يشرب من ڪاس ڪان مزاجها ڪافوراً ابداً.“ --- 1127 هه

ٺٽي ۾ جڏهن وبا جي بيماري پيئي، تڏهن ’تعميہ‘ جي طريقي تي هيءَ تاريخ چيائين:

ز شهسر تتہ طاعون والم شد،

به فضل حق درو روي ڪرم شد.--- 1123 هه [8]

عبدالشڪور. ٺٽي جو رهاڪو هو، ۽ تمام عمدو شاعر هو. ميت کي قبر ۾ لاهڻ وقت تبرڪ طور هي لفظ چئبا آهن: ”بسم الله و علي ملت رسول الله“؛ عبدالشڪور جو والد 1116 هه ۾ فوت ٿيو، ته هن دعا جي انهن ئي لفظن مان وفات جي تاريخ ڪڍي. شعر جو نمونو هيءُ آهي:

شب ز شمعلآ منصب ِ پروانگي ملآ خواستم،

خلعتلآ بخشيده زر خاڪستر نار ِ فنا. [9]

 

محمد شفيع. ٺٽي ۾ فارسي زبان جو استاد هو. ’قانع‘ به هن کان ”عروض سيفي“ ۽ ”قصائد عرفي“ جا ڪي سبق پڙهيا هئا. تمام باوقار شخص هو. شعر سٺا چوندو هو. شيخ عزيز الله جي فرزند شيخ غلام محمد جي سجع چئي هئائين:

”غلام محمد، عزيز الله.“

بدين جي قاضيءَ جي هجوَ ۾ هيٺين رباعي چيائين:

قاضي بدين بزرگوارلآ عجبلآ،

بر مرڪب جهل شهسوارلآ عجبلآ.

اما پسرش، نعوذ بالله منها،

عجلاً جسداً لہ خوارلآ عجبلآ. [10]

 

”شوقي“. مهتو دولهرام ’سوقي‘ ، ’قانع‘ جي بيان مطابق، انساء جي فن ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. شعر به سٺو چوندو هو. ”مقالات الشعراء“ جي ترتيب وقت هالاڪنڊيءَ ۾ رهندو هو. سندس شعر جو نمونو هي آهي:

تا برخسار تو مشڪ ناب آمد برون،

از تنڪ ابرلآ بخوبي آمد برون.

دفتر حسن جهان را سر بہ سر ڪرديم سير،

صورت زيباي جانان از حساب آمد برون. [11]

 

محمد صادق. سندس والد جو نالو محمد جعفر هو، ۽ شيخ عبدالغنيءَ جو شاگرد هو. ’قانع‘ لکيو آهي:

استعداد ڪلي داشتہ، شعر فهمي بروختم بود چنانچہ محمدّ محسن اڪثر شعر را بدو مي نموده-قوت ولآ سال شصت و هست است.

(وڏو قابل شخص هو. شعر فهمي مٿس ختم هئي. محسن ٺٽوي پنهنجا شعر گهڻو ڪري هن کي ڏيکاريندو هو. سال 1168 هه ۾ وفات ڪيائين.)

هن جو فقط هڪ شعر ”مقالات“ ۾ درج ٿيل آهي:

چشم مستش بخمار دوشين،

سرمهء ديدهء پيمانہ بود.[12]

”ضيا“. هن جو نالو محمد ضيا هو. مُلا عبدالحڪيم ’عطائيءَ‘جو ڀائٽيو هو. هيءُ شخص انهيءَ ڪري خاص ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي جو ميرزا ’بيدل‘ عظيم آباديءَ جي انداز ۽ تتبع ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪاميابي حاصل ڪئي، ته برصغير پاڪ ۽ هند ۾ اُهو فقط ’ضيا‘ ئي هو. مرزا ’بيدل‘ جي سهرت ٻڌي، سنڌ کان دهليءَ پهتو. درويشاڻي وضع جو ماڻهو هو، سو مرزا جي شاگردن کيس ڏسي مٿس چٿرون ڪيون. هڪڙي چيو ته بياباني آهي، ته ٻئي چيو وحشي ٿو ڏسجي! ’ضيا‘ جي نازڪ ۽ حساس دل اها گفتگو برداشت ڪري نه سگهي، ۽ بيساخته چئي ڏنائين:

سر بہ صحرا دادن از ما آن قدر مشڪل مدان،

وحشت آغازيم اما ڪمتر ’بيدل‘ نه ايم!

هيءُ شعر ٻڌي مرزا جا شاگرد وائڙا ٿي ويا، ۽ پنهنجي ڪيل سلوڪ تي پشيمان ٿيا. جڏهن ميرزا سان سندس ملاقات ٿي ته هن کائنس محبت سان پڇيو ته ڪٿان آيا آهيو؟ ضيا جواب ڏنو:

اشڪ ريزان ز بدخشان جگر مي آيم،

منم آن قافلہ سالار ڪہ بارم خون است.

ميرزا کائنس سندس تخلص پڇيو. هن جواب ڏنو. ’ضيا.‘ ميرزا چيس، ’ڀائو، تون ته قيامت آهين، قيامت تخلص هئڻ گهرجيئي!‘

”ضيا“ ميرزا وٽ گهڻو وقت گذاريو. نواب مهابت خان ”ڪاظم“ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو، ته ’ضيا‘ ساڻس گڏجي ٺٽي آيو. نواب کي هن لاءِ ايتري عزت هئي جو پاڻ سان گڏ هاٿيءَ تي ويهاريندو هوس. سندس شعر جو نمونو هي آهي:

هر ڪجا رفتم بخود سامان ِ حسرت داشتم،

تڪيہ هرجا چون شرر گوئي مرا بر دوش بود؛

پيش ازان ڪزلب ڪشو دنها شود رسوا ‘ضيا‘،

چون حباب از خجلت گفتارها خاموش بود. [13]

 

”عالي“. محمد علي نالو هوس، ’عالي‘ تخلص. هيءُ ميان دائود خان عباسيءَ جو فرزند ۽ ميان نور محمد جو ڀائيٽو هو. نظم توڙي نثر، ٻنهي ۾ ڪامل دسترس حاصل هيس. سٺو خوشنويس هو. ڳالهائڻ ۾ جيتوڻيڪ گهڻو ٻاتڙائيندو هو، پر جڏهن شعر پڙهندو هو ته اهو عيب بلڪل محسوس نه ٿيندو هو. ’قانع‘ به هن جي صحبت ۾ چڱو وقت گذاريو. چند شعر نموني طور ڏجن ٿا:

بہ سخن آمد و شهد از لب تقرير چڪيد،

نگهلآ ڪرد و غرق از رخ ِ تصوير چڪيد.

.....

ناوڪ غمزهء آن قاتل صياد هنوز،

درڪمان بود ڪہ خون از دل نخچير چڪيد.

.......

نيم حرف ِ وفا يا رب چرا مردود هر گوشم،

نصيحت نيستم ياران چرا از دل فراموشم.

....

بلبل و پروانہ مي جوشد بهم در محفلم،

عشق گويا روغن گل در چراغم ڪرده است. [14]

علي. هن جو نالو محمد علي هو. سيوستان جو رهاڪو هو ۽ استاد نورالحق ’مشتاقيءَ‘ جو پوٽو هو. شعر به سٺو چوندو هو، ۽ شعر فهميءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. ڪلام جو نمونو هي آهي:

درد اَه ماست هر شب ادهم جولان ِ ما،

نُہ فلڪ گرديست واپس ماندهء ميدان ِ ما؛

محراب به خميازه و ناقوس بہ فرياد،

زين جملہ ندانم بتو هم خانہ ڪدام است.[15]

”عطار“. قمرالدين، ’عطار‘، اصل لاهور جو رهاڪو هو. ميان نور محمد خان جي لشڪر ۾ عطر جو دڪان هوس، ۽ ڪتابن جو مطالعو به ڪندو رهندو هو. ’قانع‘ هڪ دفعي ٿوري دير لاءِ ساڻس ڪچهري ڪئي، معلوم ٿيس ته ’عطار‘ شعر به چوي ٿو. نمونو ڏسو:

ملامت در قفا دارد سيہ ڪاري درين عالم،

بہ گريد ابر چون پوشيده روي مهر انور را. [16]

”عاشق“. محمد تقي خان، بن نواب يوسف الله خان، جو 1138 هه ۾ نواب مهابت خان جي وفات تي ٺٽي جو حاڪم بنجي ويو هو، ۽ اٽڪل پنجن سالن تائين اها حڪومت ماڻيائين. وفات کان پوءِ مڪلي تي امامن جي استاني وٽ دفن ٿيو. تقي خان پنهنجي پيءُ سان گڏجي ٺٽي آيو هو. شعر جو نمونو هي آهي:

در شمار ِ داد اگر فرياد رس مي داشتم،

مي شمردم نالہ ها را تا نفس مي داشتم،

بيڪسلآ چون من نمي بودي اگر زين ناڪسان،

عشقان چشم اميدي هم بڪس مي داشتم. [17]

”عطارد“. شيوڪرام ’عطارد‘ ٺٽوي، جنهن جي انشاء جو ذڪر ماخذ جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي. هيءُ ميان غلام شاهه جي منشين مان هو، ۽ ميان سرفراز خان جي زماني ۾ به انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. مير بجار خان به هن کان خط لکرائيندو هو. شاعريءَ ۾ محسن ٺٽويءَ جو شاگرد هو. ڪلام جو نمونو هي آهي:

بہ خاموشي ڪند چشم ِ تو تعليم اشارتها،

زگرد سرمہ معلوم است نقش پالآ اين عنقا.

....

نہ من از دشت خرد هم چو پتنگ آمده ام،

مدتلآ داشت بزندان خم افلاطون را.

...

عقده ازڪام ڪسلآ خواهد ڪشودن روزگار،

هرڪرا درڪف برنگ ِ غنچہ يڪ مشت زراست. [18]

 

”فنا في الله“. ’قانع‘ لکيو آهي ته مون ’فنا في الله‘ کي محمد آباد ۾ ڏٺو هو، جو پنجاب جو باشندو معلوم ٿيو. هن جو فقط هڪ شعر نقل ڪيو اٿس:

من و تو موجہء بحريم ڪز سبڪ روحي،

زطرف ڪون مڪان مي ڪند نگنجد آب روانش. [19]

”فائز“. شيخ عبدالسبحان نالو، تخلص ”فائز“، ۽ سندس پيءُ جو نالو شيخ مرتضى هو. شيخ مرتضى ۽ ان جو ڀاءُ، شيخ شجاع، شاهي منصبدار هئا. عبدالسبحان ظريف ۽ خوش مزاج شاعر هو. ابهام ۽ حاضر جوابيءَ ۾ تمام مشهور هو. عقيدي جو غالباً شيعو هو. ميان نور محمد جي حڪومت جي آخري دور ۾، اهلبيت جي محبت ۾ حد کان وڌڻ سبب، عتاب هيٺ آيو. هن جي وفات تي ’قانع‘ قطع،ء تاريخ چيو، جنهن جي تاريخ واري مصرع هي هئي:

”فائز رحمت سبحان شد، گفت.“

هن جو ڀاءُ محمد رفيع به شعر چوندو هو، ۽ سٺي سليقي وارو ماڻهو هو. [20]

”مزمل“. هيءُ راجائن طرفان ميان نور محمد خان وٽ وڪيل هو. ڪافي مدت تائين سنڌ ۾ رهيو، ۽ ميان صاحب جي درٻار جو هڪ ضروري رڪن بنجي ويو هو. تمام خوش مزاج ۽ لطيفي باز شخص هو. لطف الله عرف مير متارو، ميان صاحب جو وزير، هن کان گهڻو چڙندو هو. هڪ ڀيري مير، ميان صاحب کي عرض ڪيو ته مزمل کي نظربند ڪريو؛ ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مير سلام لاءِ درٻار ۾ آيو، ته ميان صاحب کي آهستي عرض ڪيائين ته مزمل کي ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ جو حڪم ڏيو. مزمل هيءَ ڳالهه ٻڌي ورتي، ۽ في البديهه هيٺيون شعر چيائين:

بہ ميان گفت مير نُڪتہ سنجلآ،

باين لافاظ سنڌي- ”چؤتہ و نجلآ“،

ازين جا پيشتر هر هنر نه ونجم،

ڪہ تا نيڪ و بد ِ را نہ سنجم.

ميان صاحب هي شعر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ شيخ مزمل تي گهڻي شفقت ڪيائين.[21]

”مداح“. هن جو نالو غلام علي هو، ۽ محسن ٺٽويءَ جو پٽ هو. 1145 هه ۾ ڄائو هو. محسن هن جي ولادت جي تاريخ چئي هئي:

”غلامِ علي بلآ بدل يا فتم.“

’غلام عليءَ‘ جي عددن مان ”بدل“ جا عدد وضع ڪيا وڃن ته تاريخ نڪري ٿي. شاعر سٺو هو، جيتوڻيڪ پنهنجي پيءُ جي برابر نه هو. ’قانع‘ ۽ غلام علي گهڻو ڪري ڪا هڪ طرح مصرع تجويز ڪري غزل چوندا هئا. شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

صاحب دل را سفر باشد هميشہ در وطن،

گزر آب آيد برون دارد گهر مسڪن در آب؛

پاڪ از الايش ِ دينائي اند افتد گان،

پر محال است اين ڪہ گرددسايہ دامن تر در آب.

.....

حسن او را آب و تاب از بلآ قراري حاصل است،

صفحہء آئينہ بلآ سيماب فرد باطل است؛

نوبت دور گل جام است و فصل نو بهار،

گر درين موسم ڪسي ديوانہ گردد عاقل است؛

رو طريق ِ خاڪساري را چو نقش ِ پا بگير،

ڪاين صراط ِ مستقيمت خضر راه منزل است.

.....

ز دنيا بر ڪنار از فقر گشتم،

بہ يمن ڪشتي از دريا گزشتم،

حديث قتلم ار نشنيده باشي،

بدان از سطر تيغش سر گزشتم. [22]

 

ميان نور محمد کي التجا. ’محسن‘ جي وفات تي، غلام علي ’مداح‘ هڪ نهايت پُر اثر التماس، نظم جي صورت ۾، ميان صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو، جو هتي انهيءَ خيال سان هو بهو درج ڪيو وڃي ٿو ته ان مان هڪ طرف ’محسن‘ جي خاندان جي مالي حالت جو اندازو ٿي سگهي ٿو، ۽ ٻئي طرف اهو ڏسي سگهجي ٿو ته شعر ۽ ادب م ’مداح‘، جو پايو پنهنجن همعصر ۾ ڪيترو مٿانهون هو:

الآ آنکه تو سر دفتر ارباب سخائي

پيس ِ تو گدائيست يڪي حاتم طائي

تا گشت محيط ڪرم و وجود تو معراج

بحر آمده ڪشتي بڪف از بهر گدائي

در مجلس تو ماه يڪي ڪاسہء سيمين

در محفل ِ تو مهر يڪي جام طلائي

پُر گل شود از فيض نگاهت چو نهالي

گر بر سر ِ خاري نظر ِ لطف نمائي

در هر دو جهان باد ترا يار محمّد

هر دم بتو باشد مدد و لطف خدائي

آن ڪس ڪہ برو سايہء لطف ِ تو فتاده

هرگز نڪشد منتي از بال ِ همائي

تا خطرات از نور محمّد شده روشن

مانند دلت صبح نباشد بہ صفائي

’محسن‘ ڪه دعاگوي و ثنا خوان ِ تو بوده

زين دار فنا رفت بتقدير خدائي

اميد ڪہ از غايت لطف و ڪرم خويش

بر حال ِ يتيمان نظر رحم نمائي

ني منصب و ني مزرعہ دارند، نه باغي

از قيد غم و غصہ ندارند رهائي

هر لحظہ ز آه شرر افسان دل ِ شان

از گنبذ ِ گردون گزرد تير هوائي

بايد ڪہ تو از صيقل لطف و ڪرم خويش

از آئينہء خاطر ِ شان زنگ زردائي

هر مشڪل شان حل ڪني از راه تفضل

بر عقدهء دشوار ڪہ دارند ڪشائي

 تا باز ’غلام علي‘ از شوق چو بلبل

در باغ دعاي تو ڪند نغمہ سرائي

مٿين شعرن کي پڙهندي، ڪنهن وقت ائين محسوس ٿئي ته اهي غلام علي ’مداح‘ جا نه آهن، بلڪ خود ’محسن‘ جا آهن- يعني، گمان آهي ته محسن پنهنجي خاندان جي بيچارگيءَ کي سامهون رکندي، موت جي بستري تي اهي شعر لکيا هجن، ۽ غلام علي ’مداح‘ کي چيو هجيس ته سندس مرڻ کان پوءِ اهي ميان صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن.

مريد. شيخ محمد مريد نالو، ۽ ’مريد‘ تخلص هوس. سيوهڻ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو هو. شيخ محمد محفوظ ’سرخوش‘ --جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪيو آهي-- جو پٽ هو. ’سرخوش‘ جو پٽ قمر الدين ’عشرت‘ به شاعر هو. مريد کي ڪتابن جي مطالعي جو بيحد شوق هوندو هو. ’قانع‘ لکيو آهي ته گهڻيءَ مشغوليت جي باوجود هو ڪتاب پڙهندو رهندو هو، ۽ ٻڍاپي ۾ به اهو ذوق بدستور قائم رهيو. انشاء جي فن ۾ بينظير مڃيو ويندو هو. سال 1171 هه ۾ وفات ڪيائين. ’قانع‘ سندس وفات جي تاريخ چئي:

”لہ مساڪن طيبة في جنات.“--- 1171 هه

ڪلام جو نمونو:

از هم آغوشيء خود قدر مرا بالڪن،

اين دل خستہء درد گدائي دارد.[23]

”مير“. مير جان محمد بکريءَ جو سرسري ذڪر اڳ اچي چڪو آهي. هيءُ صوفي شاهه عنايت جو خليفو هو. صوفي صاحب جي خدمت ۾ پهچڻ بابت هڪ ڊگهي مثنوي، ’ساقي نامي‘ جي طرز تي لکي هئائين، جنهن جا ڳچ جيترا شعر ’مقالات الشعراء‘ ۾ نقل ٿيل آهن. ملاقات جي موقعي جا ڪجهه شعر درج ڪجن ٿا:

ز سر پا ساختہ درپيش رفتم،

جمالش ديدم و از خويش رفتم.

دل و ديده همه محو لقايش،

سر آسفتہ افگندم بہ پايش.

بلطف و مرحمت بنشاند پيشم،

ڪرم ڪرد از نواز شهاي خويشم.

باستفسار احوالم بپر داخت،

دلم ممنون ِ اخلاق ِ حسن ساخت.

ڪمالي ديدم از حد بشر دور،

دل و جان در هواي عشق رنجور.

مجسم صورت نور الٰهى،

تماشا ڪرد اشعار ڪماهي.

محقق عارفي ڪامل عياري،

بهار حسن را آئينہ داري. [24]

مير عظيم الدين ـ مير صاحب جي حالات، ماخذات جي باب ۾، ”فتحنامي“ جي سلسلي ۾، اچي چڪا آهن، هي به ڪلهوڙن جي دور جو شاعر هوـ ميان سرفراز خان وٽ رهڻ جو ذڪر ”فتحنامي“ ۾ ڪيو اٿس ـ ”مجموعهء دلڪشا“ ۾ سندس هڪ عجيب واقعو نقل ٿيل آهي ـ هڪ ڏينهن مير عظيم الدين ۽ ان جو هڪ عزيز مير غلام علي ”مائل“ مڪلي جي ٽڪريءَ تي مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبري جي ٻاهرين دروازي تي ويٺا هئا، ماڻهو ايندا ويندا پئي رهيا؛ اتي هڪ خوبصورت ڇوڪري آئي، جنهن جي نڪ جي هيٺيان تر هو؛ مير عظيم الدين هڪ دم چيو:

”ز بس حيرت بلال از منبر افتاد“

هن اها مصرح ٻه ٽي دفعا دهرائ. مير ”مائل“ ڪجهه غور کان پوءِ چيو؛

”چو ديدر آن خال زير بينيء يار،

ز بس حيرت بلال از منبر افتاد“

مير عظيم الدين هي ٻڌندي ئي ”مائل“ کي ڀاڪر پاتو ۽ خدا جي نعمت جو شڪر ادا ڪيائين ته سندس خاندان ۾ شعر جو ذوق اڃان موجود آهي. شهر پهچي، سکر ماڻهن کي انهيءَ خوشي ۾ کاڌي جي دعوت ڏنائين، ۽ کين سارو قصو بيان ڪري ٻڌايائين.[25]

مسڪين شاهه هندي ـ هي نواب مهابت خان ”ڪاظم“ جو ڪارندو هو. ساري حياتي ٺٽي ۾ گذاريائين. ”ضيا“ هڪ ڏينهن ڪنهن ڳالهه تان بگڙي کيس ڪافر چيو؛ انهي تي مسڪين جواب ۾ هي ربائي چئي:

ضيائي بي گر ڪافرم خواند،

چرـــــاغ ڪذب را نبود فروغي.

مسلمان گويمش زان روڪہ نبود،

ڪافات دروغي جز دروغي..

سيف الله ـ هي خدا آباد ۾ رهندو هو. جعفر ۽ محسن جي صحبت ۾ وقت گذاريندو هو. هڪ ڀيري سيف الله محسن جي ساراهه ۾ رباعي چئي؛ انهي تي محسن هڪ نهايت عمدو قطعو ڏانهنس موڪليو، جنهن ۾ سيف الله جي ساراهه هئي؛ سيف الله وري ان جي جواب ۾ هي رباعي محسن ڏانهن موڪلي:

مدحم ڪرده است محسن خلق الله،

آن مظهر و جامع ڪمالات الله،

من لائق هجو باشم او مدح ڪند،

لاحول ولا قوت الا بالله ـ
 

باب ستٽيهون

شاهه عبداللطيف رحه

 سنڌ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو اوج ـ گذريل بابن ۾ علم فضل جي سلسلي ۾، يا شعر ۽ ادب جي سلسلي ۾، جيڪي بيان ڪيو ويو آهي، سو عربي ۽ فارسي زبانن بابت هو. هندستان ۾ اسلام جي ظهور کان پوءِ پهرين عربي زبان کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو، ۽ ان کان پوءِ ۾ فارسي زبان عام ٿي. عربيءَ جيئن ته ديني علمن جو سرچشمو هئي، ۽ اسلام جو اصل ذخيرا عربي ۾ ئي هئا، تنهن ڪري علم فضل جا شائق گهڻي شوق سان هي زبان سکندا هئا. سنڌين عربي زبان ۽ عربي علوم ۾ اهو درجو حاصل ڪيو جو مديني منور ۾ درس ۽ تدريس جون مسندون آراسته ڪيائون، ۽ اسلامي دنيا جا اڪابر، وٽائن فيض جي جواهرن حاصل ڪرڻ لاءِ، سندن سامهون عقيدت جون جهوليون جهليندا هئا. جيڪي ڪتاب سنڌ ۾ تصنيف ٿيا، سي مدرسن تائين علم وارن لاءِ فائدي حاصل ڪرڻ جو بهترين ڀنڊار بنيا رهيا ٿي. هتان جي درسگاهن ۾ به عربي جي تعليم ايڏي اعليٰ پيماني تي ڏني ويندي هئي جو شايد خود عرب ۾ به اهڙيون درسگاهون تعداد زياده ۾ موجود نه هيون. پوءِ جڏهن فارسي هتي جي عام علمي زبان بڻي ته نظم توڙي احوال ۽ سوانح به مرتب ٿيا، جن کي وقت جي هنن علمي زبانن ۾ اعليٰ درجو حاصل ٿيو.

سنڌي زبان ـ سنڌي زبان ۾ ظاهري طرح تمام ٿورن صاحبن پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو. جيئن ته هن زبان کي عام طور علمي درجو حاصل نه هو، فقط ڳالهائڻ ٻولهائڻ تائين محدود هئي، ان ڪري، يا ته ائين سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ۾ نظم ۽ نثر جا ڪتاب لکيا نه ويا، ۽ يا وري ائين سمجهڻ گهرجي ته هن زبان جي شاعرن ۽ نثر نگارن جو احوال قلمبند نه ٿي سگهياـ

ڪلهوڙن جي دور کان ڪجهه عرصو اڳ، سيد عبدالڪريم رح هڪ بزرگ هو، جو سنڌي زبان ۾ شعر چوندو هو. غالبن مخدوم نوح رحه سان شعر ۾ سندن سوال جواب ٿيندا رهيا هئا. ” قانح“ علي شيرازي جي بيان ۾ لکيو آهي:

ميان سيد عبدالڪريم صاحب بلڙي بيتي در زبان

سنڌي بہ طريق معما بجانب استاد خود مخدوم

نوح رح هالہ ڪندي فرستا دند تا جواب فرمايند ــــ

هر گاهه سوال و جواب بنظر مير معز اليہ در آمد

مضمون هر دو بيت درين يڪ بيت پارسي بستہ

تشفي خاطر فرمودند:

جان بجانان ده و گرنہ از نو بستانند اجل،

خود تو منصف باش اي دل اين نڪو يا آن نڪو ـ[26]

(ميان سيد عبدالڪريم صاحب بلڙي واري سنڌي زبان ۾ هڪ بيت، ڳجهارت طور پنهنجي استاد مخدوم نوح رحه هالا ڪنڊيءَ واري ڏانهن موڪليو هو ته پاڻ ان جو جواب ارشاد فرمائين.

مير علي شيرازي جڏهن اهي سوال جواب ڌٺا، تڏهن ٻنهي بيتن (سيد عبدالڪريم جي بيت ۽ مخدوم نوح جي بيت) جو مضمون فارسي جي هڪ شعر ۾ آڻي، ٻنهي کي مطمئن ڪيائين.) بيت جو مضمون هي هو:

اي دل، تون پنهنجي جان خود محبوب جي حوالي ڪري ڇڏ، ور نه موت ان کي پاڻ سان وٺي ويندو: تون خود انصاف ڪر ته هيءَ صورت چڱي آهي يا هوءَ صورت.

ڪلهوڙا دور جو بي بها هيرو ـ مطلب ته سنڌي زبان ڏانهن لاڙو ۽ ڌيان تمام گهٽ هو ـــــــ ايتري قدر جو خود ان زبان جي شاعرن جا احوال به ڪتابن ۾ قلمبند ٿي نه سگهيا؛ ليڪن ڪلهوڙن جي دور ۾ شاهه عبداللطيف پيدا ٿيو، جنهن جو ڪافي ڪلام سمورو ئي سنڌي زبان ۾ آهي. نه فقط سنڌي ۾ ئي بلڪه ڪنهن به ٻئي زبان ۾ سنڌ ”شاهه“ جهڙو حق گو شاعر اڄ تائين پيدا نه ڪيو آهي ـ هو دنيا جي انهن چني چيدن شاعرن مان آهي، جن جي حيثيت حقائق و معارف جي لحاظ کان عالمگير آهي، ۽ جن جي ڪلام ۾ زماني جي اڪيچار انقلابن کان پوءِ به ڪا پراڻپ ۽ فرسودگي پيدا نه ٿي سگهي آهي: جيئن انگريزي زبان ۾ شيڪسپيئر؛ جرمن زبان ۾ گوئٽي؛ اڙدو ۾ غالب ۽ اقبال؛ فارسي ۾ سعدي، حافظ، مولانا روم، نظيري، عرفي، وغيره؛ سنسڪرت ۾ ڪاليداس؛ پنجابي ۾ وارث شاهه ۽ بلا شاهه؛ عربي ۾ امرائلقيس، متنبي وغيره ڊاڪٽر سورلي بلڪل درست لکيو آهي ته شاهه صاحب ڪلهوڙن جي دور جو نهايت ٻهڪندڙ هيرو هو ــــ

شاهه عبداللطيف

شاهه عبداللطيف جي سوانح جو ڪو به اطمينان بخش خاڪو اڃا تائين مرتب ٿي نه سگهيو آهي، ۽ سندس چو گرد ڪئين قسمن جي منگهڙت ڪهاڻين جو ڄار ڦهلجي ويو آهي. جڏهن معلومات گهٽ ۽ عقيدت زور هجي، تڏهن عام طور اهڙي قسم جي حالت پيدا ٿيندي آهي. عقيدتمندن جي انتهائي شوق جو نقاش، پنهنجي فڪر ۽ خيال جي رنگ آميزيءَ سان طرح طرح جون تصويرون گهڙي، معلومات جي اوڻائي واري خال کي پر ڪندو ٿو رهي، عام ماڻهو جڏهن انهن خيالي تصويرن کي ڏسن ٿا، ته پنهنجي عقيدت جو هوش وچان هو انهن جي هر ليڪ ۽ رنگ روپ کي صحيح سمجهڻ لڳن ٿا، ۽ اهڙي حالت ۾ هو انهن تصويرن جي صحيح يا غلط هجڻ جي باري ۾ تحقيق جي طرف ڪو به توجهه نه ڏيندا آهن ـ عام طور من گهڙت ڪهاڻيون ۽ افسانا ڪجهه وقت تائين ماڻهن ۾ هڪ ٻئي جي واتان گردش ڪري ڪري، حقيقتن جي حيثيت اختيار ڪريو وٺن، ۽ پوءِ هر هنڌ انهن جي عام مڃتا ٿيڻ لڳي ٿي ــ

ولادت ـ شاهه صاحب بابت هن روايت کي عام طرح مستند ڄاتو وڃي ٿو ته هو 1101هه (89ــــ1690) ۾ ڄائو هو ـــــ گويا سندس ولادت ٻارهين صدي هجريءَ جي بنهه ابتدا ۾ ٿي ـ عوام جي عقيدي مطابق، صدي جي بلڪل پڄاڻي تي مجدد پيدا ٿيندا آهن ـ شاهه عبداللطيف کي ڪو به شخص، مقرر اصطلاح موجب، ”مجدد“مڃي يا نه مڃي، پر هن حقيقت ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن پنهنجي شاعري سان سنڌيءَ زبان کي جيئاري ڇڏيو ـ هن سنڌي زبان ۾ اها دل آويزي، اها جاذبيت، ۽ اهو روح پيدا ڪري ڇڏيو جو اڄ دنيا جا وڏا وڏا عالم فقط شاهه صاحب جي شاعري مان حظ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان سکن ٿا. وري شاهه صاحب جي تعليم، معرفت جي تعليم هئي، جا پنهنجي همه گيريءَ سببان زمان ۽ مڪان جي حد بندين کان بلند ۽ بالا هوندي آهي: جنهن جو خطاب فقط انهن ماڻهن ڏانهن نه هوندو آهي جيڪي اسان کي تعليمي حلقن ۾ نظر ايندا آهن، بلڪ جنهن جو خطاب هر دور، هر ملڪ ۽ هر قوم جي ماڻهن جي لاءِ هوندو آهي: انهن جي زبان مان جيڪو به گفتو نڪري ٿو سو انسانيت جو سبق هوندو آهي، آفاقيت جو وعظ هجي ٿو: هو انسانن کي انسان بڻائڻ جا سانچا تيار ڪن ٿا، ۽ پنهنجي پنهنجي وس آهر انهن فرضن کي پوري ڪرڻ جو شوق ۽ ولولو پيدا ڪن ٿا، جن لاءِ خدا تعالى پيغمبرن کي دنيا ۾ موڪلي ٿو.

خاندان ـ شاهه عبداللطيف، شاهه عبدالڪريم جي اولاد مان هو، جو اصل مٽارين جو رهاڪو هو، پر پوءِ بلڙي ۾ وڃي رهيو، جتي سندس مزار آهي. معلوم نه آهي ته شاهه صاحب ڪهڙي سببان بلڙيءَ کي پنهنجي رهائش لاءِ پسند ڪيوـ سندس پڙپوٽو، شاهه حبيب وري پنهنجي وطن مٽيارين ۾ وڃي رهيوـ[27] هي شاهه عبداللطيف جو والد هو، ۽ شاهه جي پيدائش وقت ”هالا حويليءَ“ نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو، جو پوءِ ڦٽي ويوـ

جيتريقدر خانداني عظمت ۽ بزرگيءَ جو تعلق آهي، شاهه صاحب جو گهراڻو جيڪڏهن سنڌ ۾ سڀني کان اوچو نه هو، ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن اوچ گهراڻن ۾ شمار ٿيندو هوـ عوام کي هن گهراڻي ۽ ان جي فردن سان جيڪي سچي عقيدت هئي، سا بادشاهن ۽ حاڪمن کي به ورلي نصيب ٿئي ٿي. ڊاڪٽر سورلي لکيو آهي:

خود شاهه صاحب پنهنجي گهراڻي جي هن بلند حيثيت مان بيواجبي فائدي حاصل ڪرڻ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو. هن انهن راحتن ۽ نفاستن ڏانهن ڪڏهن اک کڻي به نه ڏٺو، جي دين دارن جي خواهش جو مرڪز ٿينديون آهن ــ[28]

والد ماجد ـ شاهه صاحب جي والد، شاهه حبيب بابت ”تحفته الڪرام“ جو بيان آهي ته هو وجد ۽ هال جو صاحب هو. استغراق جي هي حال هو جو جڏهن سندس فرزند شاه عبداللطيف خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو، ته اڪثر ڪري پڇندو هو، ڪير آهين ؟ شاهه صاحب عرض ڪندو هو ”توهان جو غلام، عبداللطيف آهي“ شاهه حبيب چوندو هو ”مون نه ٻڌو آهي! “ ”مقالات الشعرا“ ۾ ميان محمد صادق نقشبنديءَ جو احوال ڄاڻيندي لکيل آهي:

در فوت والد بزرگوار آن سر آمد اوليا (شاهه

 لطيف) المسميٰ بہ مير حبيب الله ڪہ همانا

 ذات اقدسش ناموس سلسلہ ڪريمہ و بہ ڪرامات

 ظاهرہ اظهر من الشمس چنين تاريّ از حديث نبوي

 استنباط ڪرده:

”الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“ 0 ــــــ1144هه ـ[29]

شاهه عبداللطيف اوليائن جو سردار هو. سندس والد مير حبيب الله سيد عبدالڪريم جي سلسلي جو بر گزيده بزرگ هو، ۽ سندس ڪرامتون سج کان وڌيڪ روشن هيون. ان جي وفات جي تاريخ ميان محمد صادق نقشبنديءَ رسول الله صلي عليه وسلم جي هن حديث مان ڪڍي هئي:

موت هڪ پل آهي، جنهن تان لنگهي، دوست،

دوست جي ديوار جو شرف حاصل ڪري ٿو، .

گويا شاهه حبيب جي وفات 1713ع ۾، ميان نور محمد خان جي دور حڪومت ۾ ٿي، ۽ شاهه عبداللطيف جي عمر ان وقت چوئيتاليهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي.

هالا حويلي، ڪوٽڙي ۽ ڀٽ ـ شاهه لطيف جو ننڍپڻ هالا حويلي م گذريو، پوءِ شاهه حبيب اتان لڏي ڪوٽڙي ۾ وڃي ويٺو. غالباً والد جي وفات کان پوءِ شاهه عبداللطيف خود هڪ واري جي دڙي تي نئين ڳوٺ جو بنياد رکيو، جو ”ڀٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هي ڳوٺ ڪرار ڍنڍ جي پاسي ۾ هو، جنهن ۾ علي گنج واهه جو پاڻي پوندو هو. اتي ئي شاهه صاحب پنهنجي ساري زندگي گذاري، ۽ آخر اتي جي ئي خاڪ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيوـ شاهه صاحب جي ڪري ڀٽ کي عالمگير جي حيثيت حاصل ٿي. بادشاهن وڏا وڏا شهر قلعا ۽ مقبرا ٺهرايا، جن تي لکين ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا، پر ڀٽ تي واري جو هڪ دڙو هو: انسانيت جي هڪ چمڪندڙ گوهر، جنهن جو نالو شاهه عبداللطيف هو، واري جي هن دڙي کي اهڙي شهرت ڏئي ڇڏي جو جيستائين دنيا قائم آهي. ان جو نالو سدائين زندهه رهندو. سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، تاريخي دور جي آغاز کان وٺي اڄ تائين بيشمار شهر آباد ٿيا، جن مان ڪيترن جا نالا فقط تاريخ جي صفن تي وڃي باقي بچيا آهن، پر ”ڀٽ“ جي اوج ۽ آبادي جو اصلي دور اڃا هاڻ شروع ٿيو آهي، جڏهن کان شاهه عبداللطيف جي عارفاڻي ڪلام جو صحيح ذوق پيدا ٿيڻ لڳو آهي، ۽ انهيءَ ذوق جي ترقي سان گڏو گڏ ڀٽ جو اوج پڻ انشاالله ڏينهون ڏينهن وڌندو رهندوـ


(1) ”مقالات الشعراء“، ص 19-20

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 20

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 24-25

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 25

(3) ”مقالات الشعراء“، ص 26-27

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 34

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 34-35

(3) ”مقالات الشعراء“، ص 35

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 41

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 42

(3) ”مقالات الشعراء“، ص 44-45

(4) ”مقالات الشعراء“، ص 58-59

(1) ”مقالات الشعراء“، ص 60-61

[1]  ”مقالات الشعراء“، ص 70-71

[2]  ”مقالات الشعراء“، ص 78-76

[3]  ”مقالات الشعراء“، ص 85-86

[4]  ”مقالات الشعراء“، ص 92

[5]  ”مقالات الشعراء“، ص 147-148

[6]  ”مقالات الشعراء“، ص 148-149

[7]  ”مقالات الشعراء“، ص 150

[8]  ”مقالات الشعراء“، ص 161

[9]  ”مقالات الشعراء“، ص 162-163

[10]  ”مقالات الشعراء“، ص 162-163

[11]  ”مقالات الشعراء“، ص 168

[12]  ”مقالات الشعراء“، ص 172-173

[13]  ”مقالات الشعراء“، ص 75-176

[14]  ”مقالات الشعراء“، ص 119

[15]  ”مقالات الشعراء“، ص 90

[16]  ”مقالات الشعراء“، ص 192

[17]  ”مقالات الشعراء“، ص 192-193

[18]  ”مقالات الشعراء“، ص 206

[19]  ”مقالات الشعراء“، ص 225

[20]  ”مقالات الشعراء“، ص 244-245

*  يعني، ’چئو ته وڃي:‘

[21]  ”تهڦته الڪرام“ ج 3، ص 244-245

[22]  ”مقالات الشعراء“، ص 363-366

[23]  ”مقالات الشعراء“، ص 366

[24]  ”مقالات الشعراء“، ص 328-329

[25] ”مجموعهء دلڪشا“

[26] ” مقالات الشعراء“، ص 210

[27] شجرو هن ريت آهي: سيد حبيب الله شاهہ، بن سيد عبدالقدوس شاهہ، بن سيد جلال شاهہ، بن سيد عبدلڪريم شاهہ ـ

[28] ”شاهہ عبداللطيف“، ص 172

[29] ”مقالات الشعرا“، ص 173

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org