سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 18

”جواهر عباسيه“ جو بيان. ”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته ميرن جي لشڪر ۾ فتح علي خان، باگو خان، الهيار خان ۽ ٺارو خان موجود هئا، ۽ هنن پنهنجي ننڍڙي لشڪر کي ڏهن حصن ۾ ورهايو. رات جي وقت هر هڪ حصو هڪٻئي پـٺيان بندوقون هلائيندو ۽ ڌڱاڻي جي لشڪر تي حملا ڪندو رهندو هو، ۽ کين ساهه پٽڻ به نه ڏيندو هو. ڌڱاڻي کي معلوم ٿي نه سگهيو ته ميرن جي فوج ٿوري آهي يا گهڻي؛ فقط حملن جي تواتر سببان دل تي اهڙو خوف ڇائنجي ويس جو مال ۽ زر، تنبو، توبخانو، گلم ۽ ٻيو سامان، بلڪ کاڌي جون رڌل پڪل ديڳيون به ڇڏي ڀڄي ويو. ميرن کي بيشمار مال غنيمت هٿ آيو. ان کانپوءِ هو، منزلن تي منزلون ڪندا، اڳتي وڌيا. [1]

نئون لشڪر. ميان جڏهن پنهنجي ٽنهي شڪست کاڌل سردارن سان ملاقات ڪئي، تڏهن کين سخت ڇينڀيائين. چوڻ لڳو: ”اوهين بيغيرت آهيو؛ رڳو ڏسڻ جا سي مڙس آهيو، پر حقيقت ۾ اوهين عورتون آهيو، ۽ اوهان کي ڪُنڊ ۾ ويهي چرخو هلائڻ کپي- اهو ئي ڪم اوهان لاءِ موزون آهي.“ هيءُ ”فتحنامي“ جو بيان آهي. ”فريئرنامي“ جي بيان مطابق، ميان چيو: ’اوهان ماڻهن کي پٽڪا لاهي پوتيون مٿي تي اوڍڻ گهرجن.‘ هنن جواب ڏنو ته ’اسان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي. جيڪي ڪجهه پيش آيو آهي، اهو اوهان جي ظلم جو نتيجو آهي. هاڻي اوهين پاڻ وڏو لشڪر وٺي ميدان تي نڪرو، ۽ دشمن جي تلوار بازيءَ جو مزو چکو.‘ [2]

مطلب ته ميان نئين لشڪر جي تياري شروع ڪري ڏني. ۽ محمد حسن کهاوڙ کي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو. ان ۾ ليکي، کوسا، نومڙيا ۽ افغان به شامل هئا، ۽ سمورو لشڪر ٽيهن هارن کان گهٽ نه هو. سردار خان ۽ اسحاق شاهه کي محمد حسن جو مددگار بنائي، ساڻس روانو ڪيو ويو. [3]

”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته ميان عبدالنبيءَ، پنهنجيءَ ماءُ جي مشوري مطابق، محمد حسن کهاوڙ کي حرمسراءِ جي دروازي تي گهرايو، ۽ وفاداريءَ جو واعدو وٺي، کيس ’امير الامراء‘ جو خطاب، قيمتي خلعت ۽ ڪلنگي عطا ڪئي. [4]

هلاڻيءَ جي جنگ. ميان جو لشڪر جڏهن هالاڻيءَ پهتو تڏهن مير فتح علي خان انهيءَ هنڌ کان قريباً ڇهن ڪوهن جي پنڌ تي هو- ميان جي فوج ايتري زياده هئي، جو ظاهريءَ طرح ان کي شڪست ڏيڻ جو خيال به ٿي نٿي سگهيو. پوءِ وري ميان پاڻ به وڌيڪ فوج وٺي هالاڻيءَ پهچي ويو. بد نيت ليکي، غلام حسن جنجهڻ، تاجو سامٽيو، ڌڱاڻو جتوئي، پيروز ڪليري ۽ پيروز خان ٽالپر ساڻس همراهه هئا. هيءُ اهو ئي هنڌ آهي، جنهن کي ڪن صاحبن هالاڻي ٻيلاڻي جي جنگ ڄاڻايو آهي.

ٻن ڏينهن کان پوءِ ميان پنهنجي لشڪر جو جائزو ورتو، ۽ جنگ لاءِ صف بندي ڪئي. مير فتح علي خان به تياري شروع ڪري ڏني- مير الهيار خان ۽ باگي خان کي چيائين ته اسان جي فوج تمام گهٽ آهي، بهتر اهو آهي ته مير سهراب جو انتظار ڪيو وڃي. فتح علي خان ڪجهه دير ترسڻ تي راضي نه ٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”خدا تي ڀروسو رکي، لڙڻ گهرجي،“ ۽ ان سان گڏ ڪيترا مثال ڏيئي ظاهر ڪيائين ته خدا جي مدد شامل حال هجي، ته ٿورو لشڪر به فتح حاصل ڪري سگهي ٿو:

مددگار حق است قيوم وحي،

هو الله غالب عليٰ ڪل شئي.

(حيّ و قيوم خديا اسان جو مددگار اهي؛ ۽ اهو سڀني شين تي غالب آهي)

آخرڪار، بلوچن جو هي مختصر لشڪر، هالاڻيءَ جي ميدان ۾، ميان عبدالنبيءَ جي ٽيهن هزارن کان به وڌيڪ فوج جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو. پهرين توبون ۽ بندوقون هلنديون رهيون؛ ۽ پوءِ مير فتح علي خان، پنهنجي عام طريقي مطابق، گهوڙي تان لهي تلوار هلائڻ لڳو. عين انهيءَ موقعي تي مير سهراب خان ٽيهن هزارن بلوچن جو تازه دم لشڪر وٺي اچي سهڙيو. محمد حسن کهاوڙ ڏاڍيءَ مردانگيءَ سان لڙيو؛ ليڪن ان جو دستو مير سهراب خان جي حملي جو تاب نه جهلي سگهيو، ۽ هارايائين. خود محمد حسن، خيري خان مريءَ هٿان مارجي ويو. کانئس پوءِ، سندس ڀاءُ محمد باقر کهاوڙ لشڪر جي سالاري سنڀالي. اهو به مارجي ويو. مير غلام علي خان ٽالپر، تاجي ليکيءَ جي ڀاءُ الهداد جو سر قلم ڪيو؛ مير سهراب خان تاجي سامٽيي کي پورو ڪيو؛ ۽ مير الهيار خان، مير ٺاري خان ۽ مير باگي خان به گهڻن کي ماري وڌو. مير عظيم الدين، ”فتح نامي“ جي مصنف، جي چوڻ مطابق- زمبن، اندر- ڪارن ماڻهن جي خوف سان رنڱجي ويئي.

عبدالنبيءَ جي ڀاڄ. ميان عبدالنبيءَ پنهنجي فوج کي ڀڄندي ۽ ڇڙوڇڙ ٿيندي ڏٺو، تڏهن ڀر واريءَ هڪ ڍنڍ ۾ گهڙي پيو، ۽ وڏيءَ مشڪلات سان ٻئي ڪناري تي پهتو. پوءِ وٺي درياءَ جو رخ ڪيائين- فقط چند خدمتگار ساڻس گڏ هئا. درياهه مان لنگهڻ کان پوءِ، هن کي خداآباد پهچڻ گهربو هو، ته جيئن نئين فوج جو بندوبست ڪري؛ ليڪن هن تي اهڙي پريشاني ڇائنجي ويئي هئي، جو خداآباد وڃڻ جي بجاءِ قلات ڏانهن هلي ويو. مير عظيم الدين انهيءَ جنگ جي فتح جي تاريخ هن ريت چئي آهي:

بادِ نسيم مددِ حق وزيد

باز بهار گلِ آمال شد

داد علي فتح بہ فتح علي

مير عجب صاحبِ اقبال شد

مير ز بالا چو مسيحا رسيد

فوجِ عدو گر همہ دجال شد

بسڪہ زره پوش بہ خون غرق ڪرد

دشت همہ ماهي و غربال شد

بخشيء مرگ آمده در فوجِ خصم

چهره نويسي بہ خط و خال شد

روئي ڪهادر چو بہ خون سرخ شد

خصم نمايندهء دنبال شد

رفت ز ڪولاب چو مرغابيان

تيغ و سپر بين ڪہ پر و بال شد

آن رقم شاه ڪہ در دست داشت

در ڪف او نامدء اعمال شد

جست مخالف مدد از چار سو

اين مدد از پنج تن و آل شد

از پئي اين فتح ڪہ آمد عظيم

”فتح علي فتح علي“ سال شد. [5]

 

مير موصوف ”فتحنامي“ ۾ به تاريخ چئي آهي:

مضاعف ڪن اعداد فتح علي-

ڪہ تاريخ اين فتح گردد جلي. [6]

جنگ هالاڻيءَ جي اهميت. هالاڻيءَ جي جنگ ڪلهوڙن جي قسمت جو آخري فيصلو ڪري ڇڏيو. گهٽ وڌ اسي سالن کان پوءِ سنڌ جي حڪومت، ڪلهوڙن جي هٿان نڪري، ٽالپرن جي قبضي ۾ اچي ويئي. ميان صادق عليءَ واري تجربي مان ثابت ٿي چڪو هو ته هو ڀل ڪيترائي نيڪ ڇو نه هجن، مگر ملڪي فرائض کي چڱيءَ طرح سرانجام ڪري نٿي سگهيا. ميان عبدالنبي ٻه دفعا آزمائجي چڪو هو، ۽ وري ٻيهر آزمائش ۾ پوڻ لاءِ ڪوبه تيار نه هو. انهيءَ ڪري، ڪافي غور ۽ فڪر کان پوءِ، اهو ئي فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي واڳ ميان فتح علي خان سنڀالي- جو مير بهرام شهيد جو پوٽو، مير صوبدار شهيد جو پٽ، مير بجار جو ڀائٽيو، ۽ مير عبدالله خان شهيد جو سوٽ هو. ڪلهوڙن کان حڪومت کسجڻ جو هڪ سبب هيءُ به ٿي سگهيو ٿي ته مير بهرام خان، ميربجار خان ۽ مير عبدالله خان پوءِ ٽالپرن ۾ اهڙيءَ دل دماغ ۽ بلند نظر جو ڪوبه ماڻهو نه رهيو هو.

ملڪي حالات. ميان عبدالنبي پنهنجي اهل اعيال کي کي حيدرآباد ۾ ڇڏي، هليو ويو هو. مظفر شيدي، شاليمن شيدي ۽ عمراڻي بلوچ اهل عيال جا نگهبان مقرر هئا. عبدالنبي، عمرڪوٽ، جوڌپور جي راجا کي ڏيئي چڪو هو؛ ڪراچي بندر ۽ ڪوُرن سان سيراب ٿيڻ وارو علائقو، مير نصير خان، قلات جي واليءَ کيڏيئي ڇڏيو هئائين: کيس مدد ملي ها يا نه، ۽ هو ڪامياب ٿئي ها يا نه، ليڪن ويندي ويندي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اولهه ۽ اوڀر طرف کان اهڙيون ٻه خوفناڪ مصيبتون لڳائي ويو، جي ڪافي عرصي تائين آزار جو سبب بنيون رهيون.

مير فتح علي خان، هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ، نوشهري پهچي ويو- بلاول ليکي، سمنڊ جي رستي، هالار ڏانهن هليو ويو- تاجي جتوئيءَ ۽ ڌڱاڻي جتوئيءَ، مير جي خذمت ۾ حاضر ٿي، پنهنجي گناهن جو پڇتاءُ ڪيو، ۽ معافي حاصل ڪئي. ملڪ جي مختلف حصن کي دشمن جي حوالي ڪري، عبدالنبيءَ جيڪي مصيبتون برپا ڪيون، انهن جو تفصيل ٽالپرن جي تاريخ سان تعلق رکندڙ آهي؛ ليڪن ايترو ضرور ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته هالاڻيءَ جي جنگ کان ٿورن ئي ڏينهن بعد، مير سهراب جو ڀاءُ مير غلام محمد انهن جوڌوپورين جو مقابلو ڪندي مارجي ويو، جي عمر ڪوٽ ۾ اچي رهيا هئا. ’غلام محمد‘ جي عددن ۾ جيڪڏهن ’اجل‘ جا عدد شامل ڪيا وڃن، نه ته هن جوانمرد جي شهادت جي تاريخ (سن 1197هه) نڪري ٿي.

عبدالنبيءَ جي نئين مصيبت. عبدالنبي شڪست کائي سڌو نصير خان وٽ وڃي پهتو، ۽ کيس چيو ته منهنجي مدد ڪريو. نصير خان گهڻو ئي سمجهايس ته اڳ ۾ به تنهنجي مدد ڪئي ويئي. مگر ان مان ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو؛ جوڌپورين جي مدد به ڪم نه آئي؛ مدد خان توکي گاديءَ تي ويهاريو، مگر تون پنهنجي قول ۽ واعدي تي قائم رهي نه سگهئين؛ ۽ خانه بدوش ٿي وئين؛ هاڻ هر هر ڇو ٿو تنگ ڪرين. مگر، عبدالنبي اهڙو نرجو ٿي لڳو، جو نصير خان کي ڪجهه نه ڪجهه  انتظار ضرور ڪرڻو پيو.

عبدالنبيءَ کي چيائين ته لشڪر جي گڏ ٿيڻ جو انتظار ڪر؛ ۽ پاڻ، ڳجهيءَ طرح، هڪ تيز رفتار قاصد کي خط ڏيئي مير فتح علي خان ڏانهن روانو ڪيائين. مضمون هيءُ هو ته ”هن بيحيا منهنجو دامن اچي پڪڙيو آهي- گهڻو ئي چيم، مگر مڃيئي نٿو. مون مجبور ٿي، هن سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي فوج هڪ دفعو توکي خداآباد [7] پهچائي ايندي، اڳتي تون ڄاڻ، ۽ تنهنجو ڪم ڄاڻي. اوهان کي درخواست آهي ته منهنجيءَ فوج سان جنگ نه ڪجو، انهيءَ ڪري جو هيءَ فوج جنگ ڪرڻ جي خيال سان نٿي اچي- ۽ ڪجهه ڏينهن شڪار جي خيال سان گذار؛ خداآباد کان منهنجا سڀ ماڻهو واپس موٽي ايندا. مير، جواب ۾ چوائي موڪليو ته جيڪڏهن اوهان جا ماڻهو درياءُ اُڪريا، ته پوءِ اسين مجبور ٿي انهن سان لڙانداسين.

عبدالنبيءَ جي ٽي ناڪامي. مير فتح عليءَ، پنهنجي ساٿين سان مشوري ڪرڻ بعد، مدافعت جي پوري تياري ڪئي. پوءِ، ٺهراءَ مطابق، شڪار لاءِ نڪري ويو؛ ليڪن ذري پرزي حالات کيس ملندا رهيا ٿي.

عبدالنبي، قلات جي بروهيءَ کان فوج وٺي، هٽڙيءَ (ضلعو سيوستان) پهتو، اوڀر طرف کان جوڌپور جي فوج ميدان ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿي ويئي.

هن اجمال جو تفصيل هيءُ آهي ته بروهي فوج هٽڙيءَ پهچي اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ ميان کي چيو ته پهريائين اسان جو خرچ هتي رک. هي ماڻهو شايد لٽمار ڪن ها، ليڪن هڪ ته مير نصير خان انهن کي منع ڪري ڇڏي هئي، ۽ ٻيو ته (”فتحنامي“ جي قول مطابق) هيءُ علائقو ايتريقدر ته لٽجي چڪو هو، جو جڳهين ۾ ڪا ڪاٺي به سلامت ڪانه بچي هئي. ميان جوڌپورين جو جڳهين ۾ ڪا ڪاٺي به سلامت ڪانه بچي هئي. ميان جوڌپورين کي پيغام موڪليو ته اڳتي وڌو. هنن جواب ڏنو ته پهريائين اوهين درياءُ اُڪري هن طرف اچو، ته پوءِ اسين به اڳتي وڌون. بروهين کي جڏهن اڳتي وڌڻ لاءِ چيو ويو، تڏهن هنن اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن بروهين کي ميان وٽان خرچ حاصل نه ٿيو، تڏهن هنن خود ميان جي ملڪيت تي هٿ صاف ڪرڻ شروع ڪيا- اُٺ، گهوڙا، تنبو، يا ٻيو جيڪي ڪجهه هو، اهو پاڻ سان کڻي پوئتي واپس ٿي ويا. ميان صاحب کي به لاچار مجبور ٿي ڀڄڻو پيو، ۽ وڃي قلات ۾پهتو، جتي مير نصير خان کيس حاجي پور ۾ رهايو. بروهين جي پوئتي هٽندي، جوڌپوري به واپس موٽي ويا. هن واقعي جي تاريخ ”فتحنامي“ جي مصنف، هن طرح لکي آهي:

پئي سالِ اين ماجرا در ڪتاب،

خرد گفت تاريخ: دشمن خراب.

1197 هه

حيدرآباد جي فتح. مير فتح علي خان 1198هه (1782ع) ۾ حيدرآباد کي فتح ڪيو. ميان عبدالنبيءَ جي عيال ۽ ٻين لاڳاپيدارن کي به وڏي احترام سان حاجي پور موڪليائين، جتي خود هو پاڻ رهندو هو. مائي بهوبيگم، جا عام طرح سان ئي ”صاحبِ دولت“ جي لقب سان مشهور هئي، ۽ ميان غلام شاهه جي سڀ کان وڏي بيگم هئي، سا بهاولپور ڏانهن هلي ويئي. هيءَ بيگم جان نثار خان گوجر جي ڌيءَ ۽ نواب الهداد خان جي سڳي ڀيڻ هئي. نواب موصوف ان وقت بهاولپور ۾ هو، ۽ بيگم به وٽس ئي اچي  رهائش اختيار ڪئي. هن بيگم سان گڏ ميان سرفراز خان جي بيگم مائي سون ٻائي به هئي، جا نورنگ خان جسڪاڻي بلوچ جي نياڻي هئي. [8]

حڪومت جو پروانو. مير فتح علي خان تلوار جي زور سان حاڪم بنجي ويو هو؛ ليڪن سنڌ ان وقت افغانستان جي تابع هئي، ۽ افغاني درٻار مان سند حاصل ڪرڻ کان سواءِ حڪومت جو سڪو هلي نٿي سگهيو. ديوان گدو مل اڳيئي اتي موجود هو. مير سندس ڀاءُ جسپتراءِ کي به اوڏانهن روانو ڪيو. انهيءَ وچ ۾، عبدالنبيءَ جو سڀني کان وڏو حمايتي هو. جسپتراءِ کي جڏهن حالت زياده بگڙندڙ نظر آيا، تڏهن پيغام موڪليائين ته ڪو زياده هوشيار ۽ دانشمند وڪيل موڪليو  [9]. مير انهيءَ مقصد سان، آغا ابراهيم شاهه ايرانيءَ جو انتخاب ڪيو، ۽ مرزا غلام عليءَ کي آغا سان گڏ روانو ڪيو. آغا کي ملڪي ۽ مالي ڳالهين ۽ يدطوليٰ حاصل هو. هن جي پهچندي حالتون سلجهڻ لڳيون. شاهي درٻار مان حڪم جاري ٿيو ته ميان عبدالنبي ڇهن ڏينهن اندر نو لک رپيا خزاني ۾ ڏئي، ته سنڌ جي حڪومت جو پروانو سندس حوالي ڪيو وڃي. جيڪڏهن آغا هيءَ رقم ادا ڪري، ته حڪومت جو پروانو مير فتح علي خان جي نالي جاري ڪيو وڃي. ميان پيسن جو انتظار ڪري نه سگهيو، ۽ آغا ابراهيم ، پنهنجي ايراني تعلقات جي بنياد تي، ايراني ۽ قنڌاري واپارين کان پيسا وٺي، رقم داخل ڪرائي. اهڙيءَ طرح، مير فتح علي خان کي حڪومت جي پرواني سان گڏ شاهاڻي خلعت، ڪلنگي ۽ خاص گهوڙو عطا ٿيو. [10] ميان عبدالنبيءَ جي لاءِ ديري غازي خان جي محصول مان هڪ لک رپيا سالياني رقم مقرر ٿي ويئي، ۽ هو حاجي پور ۾ رهي پيو. [11]

باب ايڪيهون

عبدالنبيءَ جون سرگرميون

افغاني درٻار ۾ فرياد. ميان عبدالنبي جيتوڻيڪ سنڌ مان خارج ٿي چڪو هو، ليڪن ان جون مخالفانه سرگرميون بدستور جاري رهيون. هن جي آخري اميد جي جاءِ افغاني درٻار هئي، جتي محفوظ خان جو خاص اثر ۽ رسوخ هو؛ ۽ خان موصوف، معمول مطابق، درٻار ۾ ميان صاحب لاءِ چڱي فضا پيدا ڪرڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو هو، ۽ هر موقعي مان فائدو حاصل ڪندو هو.

”فتحنامو“ جي مصنف، ميان صاحب متعلق لکيو آهي ته

بناليد او بر درِ بادشاه،

چو نقاره هر شام هر صبح گاه؛

(عبدالنبي بادشاهه جي دروازي تي نغاري وانگر صبح شام رڙندو رهندو هو.)

بہ بزم اميرانِ شاهي چو دف،

همي ڪرد فرد او هر طرف.

(بادشاهي اميرن جي مجلس ۾ هو دف وانگر چوڌاري فرياد ڪندو رهندو هو.)

بہ هر مجلس و بزم محفوظ خان،

بہ او هم نوا بود چون ترجمان.

(محفوظ خان، هر مجلس ۽ هر محفل ۾، ان جو همنوا ۽ ترجمان هو.)

همي ڪرد سر جابجا سازِ او،

نبود آگہ از بختِ ناسازِ او.

(هو هر هنڌ ان گيت ڳائيندو وتندو هو، ۽ ان جي ناساز بخت جي هن کي ڪابه ڄاڻ نه هئي.) [12]

مير فتح علي خان جون ڪوششون. مير فتح علي خان، پنهنجن وڪيلن جي معرفت، سمورا حالات بادشاهه جي خدمت ۾ پهچايا؛ مثلاُ ته هن اسان جي چاچي مير بجار خان کي شهيد ڪرايو، هن جي ظلم سان مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان مارايا ويا؛ هن، قرآن تي اعتبار ڏيئي، واعدي خلافي ڪئي، ۽ خدا جي پاڪ ڪلام جي عزت جو به لحاظ نه رکيو، ۽ هي خدا کان به نٿو ڊڄي؛ ڇا ڪو مسلمان قرآن شريف جو قسم کڻي به دغا ڪري سگهي ٿو؟ ان کان سواءِ، عبدالنبيءَ پنهنجي ڀائرن سان به ڪهڙو سلوڪ روا رکيو؟ ننڍا وڏا، هن جي ظلم سببان بيگناهه موت جي آهيءَ ۾ اچي ويا، جي سڀيئي خدا جي درگاه ۾ فرياد کڻي پهچي ويا. آءٌ خود هن جي ظلم جو فرياد اوهان جي درٻار تائين پهچايان ٿو. جيڪو اوهان جي اڳيان داد جو طلبگار ٿي آيو آهي. اي شاه جهان پناهه، اهڙي شخص کي اوهان جي درٻار مان مقصد حاصل نه هئڻ گهرجي!

ملڪ جي ورهاست. ليڪن افغاني درٻار ۾ ان وقت چڱائي ۽ برائيءَ جي ڪابه تميز باقي نه رهي هئي. جيڪو به شخص درٻارين کي رشوت ڏيئي پنهنجو همنوا بنائيندو هو، اهو پنهنجي مرضيءَ مطابق فرمان حاصل ڪندو هو. بادشاهه جڏهن ڏٺو ته درٻار ۾ ٻنهي طرفن جا حامي موجود آهن، تڌهن حڪم جاري ڪيائين ته ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي- هڪ حصو ٽالپرن وٽ رهي، ۽ ٻيو عبدالنبيءَ کي ملي. ميان جڏهن عرض ڪيو ته ٽالپرن وٽ بيشمار فوج آهي، ۽ مان اڪيلو انهن سان لڙي نٿو سگهان، شاهي فوج مون سان همراهه ڏني وڃي، تڏهن تيمور بوستان خان ۽ اخلاص خان کي فوج ڏيئي، عبدالنبيءَ سان گڏي روانو ڪيو. [13]

مقابلي جي تياري. مير فتح علي خان کي جڏهن پنهنجن وڪيلن ذريعي هي حالات معلوم ٿيا، تڏهن هن ارادو ڪيو ته هن فيصلي کي قبول نه ڪندس. اها ڳالهه ڳڻي، هو چاليهه هزار جنگجو بلوچن سان روهڙيءَ طرف روانو ٿي ويو، ته جيئن عبدالنبي جڏهن فوج وٺي اچي، ته ان کي سنڌ جي اترينءَ سرحد تي ئي روڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن مقابلي ڪرڻ جي ضرورت سامهون اچي، ته مردانگيءَ سان مقابلو ڪري. انهيءَ وچ ۾، هن جا وڪيل اهي ڪوششون ڪندا رهيا ته جيئن ملڪي ورهاست وارو حڪم منسوخ ٿي وڃي. عبدالنبيءَ جڏهن ٻڌو ته فتح علي خان چاليهه هزار جنگجو سپاهين سان لڙي مرڻ لاءِ تيار ويٺو رهيو، تڏهن مٿس خوف ڇائنجي ويو. افغاني فوج جي سپہ سالارن هي حالات بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي ڏنا. انهيءَ وچ ۾ محفوظ خان فوت ٿي ويو. جو درٻار ۾ عبدالنبيءَ جو سڀني کان وڌيڪ دوست ۽ مددگار هو. اهڙيءَ ريت عبدالنبيءَ جي حامين جو پاسو هلڪو ٿي ويو، ۽ فتح علي خان جي وڪيلن، بوستان خان ۽ اخلاص خان جي نالي فرمان حاصل ڪيو ته سنڌ جي ورهاست واري حڪمنامي کي منسوخ ڄاتو وڃي، ۽ فوج واپس موٽي اچي.

فرمان مطابق، افغاني فوج سٺن ڪوٽ (مٺڻ ڪوٽ؟) کان واپس موٽي ويئي، ۽ عبدالنبيءَ جي هن ڪوشش مان به ڪو نتيجو حاصل نه ٿيو. [14]

ٽالپرن ۾ اختلاف. ڪجهه عرصو امن ۽ اطمينان سان گذري ويو- تان جو نيٺ ٽالپرن جو پنهنجو پاڻ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو، فتح علي خان جي آرزو هئي ته ملڪ متحد رهي، ٽڪرا ٽڪرا نه ٿئي، ۽ ٽالپر سردارن کي نقد رقمون ملنديون رهن. انهيءَ ڪري هن ملڪي آمدنيءَ جا ست حصا ڪيا- چار حصا پنهنجي ۽ پنهنجي ٽن ڀائرن لاءِ رکيائين؛ ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنائين؛ ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائين. هيءَ ورهاست مير سهراب خان ۽ مير ٺاري خان کي پسند نه آئي. هو مير فتح علي خان جي اقتدار کان گهٻراهٽ ۾ هئا، ۽ چاهيائون ٿي ته پنهنجي لاءِ به استقلال جو درجو حاصل ڪن. مير سهراب خان چپ چاپ اٿي کڙو ٿيو، ۽ وڃي روهڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي هن، ماڻهو گڏ ڪري، پنهنجي لاءِ مستقل حيثيت پيدا ڪئي. اها رياست خيرپور جي وجود جي شروعات هئي، جا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. پوءِ مير ٺارو خان حيدرآباد مان نڪتو ۽ اڻ ڄاتل رستن تان شاهنبدر پهچي ويو. اتي هن استقلال جو پايو ڄمايو. اهڙيءَ طرح ٽي مرڪز بنجي ويا، ۽ ٽنهي طرفن کان خراج جون رقمون الڳ الڳ شاهي درٻار ۾ پيش ٿينديون هيون.

عبدالنبيءَ جون ڪوششون. عبدالنبيءَ کي اڳيئي آرام ڪونه هو، ويتر جو ٽالپرن جي اختلاف جون کيس خبرون پهتيون، تڏهن مخالفانه سرگرميون وڌيڪ تيز ڪري ڏنائين. هن وري بادشاهه ڏانهن درخواست موڪلي، جنهن جو مضمون هيءُ هو ته ’حضور جن فتح علي خان کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو آهي؛ هن جي برادري کانئس الڳ ٿي چڪي آهي؛ ٽالپرن جي بي اتفاقيءَ جون ڳالهيون هر هڪ ماڻهوءَ جي زبان تي آهن، ۽ هر ڪو رئيس جدا جدا هنڌن تي پنهنجو مرڪز بنائي ويٺو آهي.‘ هيءُ به لکرايائين ته

مير سهراب خان بہ من نوشتہ است ڪہ اگر شما

بيائيد من با شما خواهم شد و از مير فتح علي خان

ايمن نيستم- درين صورت شاه بيڪس نواز چاره

بندي سازد و هم طالع يار شود تا بلاشڪ ملڪ

آبا و اجداد خود از معاندان بدست من آيد و حق

در مرڪز خود قرار گيرد. [15]

سهراب خان مون کي لکي موڪليو آهي ته جيڪڏهن اوهان اچو ته مان اوهان جو ساٿ ڏيندس. مون کي، مير فتح علي خان جي طرفان خوف آهي- انهيءَ حالت ۾ جيڪڏهن غريبنواز بادشاهه پنهنجي مدد فرمائي، ۽ نصيب يا وري ڪري، ته منهنجي ڏاڏي جو ملڪ دشمنن جي قبضي مان نڪري مون کي ملي ويندو، ۽ حق پنهنجيءَ اصلي جڳهه تي قائم رهندو.

وڪيل قمر الدين جون ڪارگذاريون. قمر الدين، ميان عبدالنبيءَ جي طرفان افغاني درٻار ۾ وڪيل هو. هو جڏهن ڪابل پهتو تڏهن درٻارين سان ملي پنهنجي وڪالت جو مقصد بادشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪيائين: ”فتحنامي“ جي بيان مطابق- عرض ڪيائين ته

اي بادشاهه! حضور جن هميشہ اسان تي نوازشون فرمايون؛ ليڪن اسان سان نصيب ساٿ نه ڏنو. هينئر صورتحال سازگار نظر اچي ٿي. زماني پنهنجي پاسو بدلايو آهي: بلوچن ۾ بي اتفاقي پيدا ٿي چڪي آهي؛ هر هڪ سردار هڪٻئي کان الڳ آهي؛ ڪيترا بلوچ، مير فتح علي خان جو ساٿ ڇڏي چڪا آهن، ۽ انهن ڳجهه ڳوهه ۾ عبدالنبيءَ جي اطاعت جو واعدو ڪيو آهي؛ مير سهراب ۽ ٻيا سردار الڳ الڳ خط لکي رهيا آهن: هاڻ جيڪڏهن بادشاهه جي مدد اسان سان شامل حال هجي، ته اسان جو مقصد پورو ٿي سگهي ٿو. خدا واسطي اسان جي مدد فرمايو، ۽ امداد سان دلنوازي ڪريو. [16]

عبدالنبيءَ لاءِ نئون فرمان. مطلب ته نهايت وڏين ڪوششن سان عبدالنبيءَ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪري ورتو؛ يعني کيس سنڌ جي حڪومت جو پروانو ملي ويو. هيءُ سن 1202هه بمطاق 1788ع جو واقعو آهي. شاهه، سردار احمد خان نُورزئي ۽ بوستان خان کي فوج ڏيئي، عبدالنبيءَ سان همراه ڪري روانو ڪيو. . ٻنهي سردارن جي نالي تاڪيدي حڪم جاري ٿيو ته هو سنڌ کي فتح ڪري، ميان کي حڪومت جي گاديءَ تي ويهارين. ان سان گڏ بهاولپور جي والي جي نالي حڪم جاري ٿيو، جنهن جو مضمون هيءُ هو ته ”اوهان هن کان اڳ عبدالنبيءَ کي ڪا مدد نه ڏني هئي، بلڪ ٽالپرن جي حمايت ڪندا ٿي رهيؤ، ۽ انهن کي پنهنجن قلعن ۾ پناهه ڏني هيوَ؛ جيڪڏهن هينئر ميان جي مدد ۾ پوري سرگرمي نه ڏيکاريوَ، ته پوءِ اوهان جي تاديب لاءِ خود اسان کي نڪرڻو پوندو.[17]

عبرتناڪ حالتون. اندازو ڪريو ته هي حالات ڪيتريءَ حد تائين عبرتناڪ آهن. سنڌ بيشڪ افغانستان جي تابع هئي. ۽ ان کي  حالات جي مجبوريءَ سببان هن مصيبت جي سامهون سر جهڪائڻو پيو هو؛ ليڪن سوچيو ته افغاني تسلط جي آغاز کان اڄ تائين تابعداريءَ جو رشتو سنڌ جي لاءِ ڪيترائي دفعا خوفناڪ آفتن جو سبب بنجي چڪا هئا!

1.   احمد شاهه جي آمد جو غلغلو بلند ٿيو، ۽ ميان نور محمد خان، جو هڪ دفعو نادرشاهه جي آمد جو تلخ تجربو چکي چڪو هو، جيسلمير جي ريگستاني علائقي ۾ پناهه ورتي، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

2.  وري هڪ دفعو سنڌ حڪومت جي ڪارپردازن، اتفاق راءِ سان، ميان غلام شاهه کي حاڪميت لاءِ چونڊيو؛ ليڪن افغاني درٻار محمد عطر خان جي نالي حڪومت جو فرمان جاري ڪيو.

3.  آخر احمد يار خان، پنهنجي پٽ کي يرغمال ۾ ڏيئي، پنهنجي لاءِ حڪومت جو پروانو حاصل ڪيو.

4.  ميان غلام شاهه جي وفات کان پوءِ، افراتفريءَ جو فتنو اُٿيو. سرفراز خان معزول ٿيو، ۽ عزت يار خان کي حڪومت جو پروانو مليو.

5.   عزت يار خان کي شڪست آئي، تڏهن عبدالنبي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو ويو.

6.  مير بجار خان جي قتل کان پوءِ، خود عبدالنبي ملڪ ۽ حڪومت کي ڇڏي ڀڄي ويو هو. هن، جوڌپورين ۽ بروهين کي ڀڙڪائي، سنڌ تي حملا ڪرايا. مير عبدالله خان ٽالپر همت ۽ پهلوانيءَ سان انهن آفتن کي روڪڻ جا اپاءَ ورتا. افغانستان، مسڪين سنڌ جي بچاءُ لاءِ آڱر به ڪانه کنئي.

7.  ان کان پوءِ عبدالنبي، مدد خان اسحاق زئيءَ کي پاڻ سان وٺي آيو، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قيامت برپا ڪري ڏني. افغاني درٻار کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به اهو خيال نه آيو ته لٽمار، خونريزي، باهيون ڏيارڻ ۽ بربادي ڪرڻ، ڪهڙي ملڪ جي قانوني نقطہء نگاهه سان جائز هو.

8.  عبدالنبيءَ قرآن تي قسم کڻي ٽالپرن سان صلح ڪيو، ۽ ٻيهر حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو؛ ليڪن ٿوريءَ دير کان پوءِ هن مير عبدالله خان ۽ فتح خان کي بيگناهه مارائي ڇڏيو هو، هرهنڌ ناڪام ۽ نامراد ٿي، افغاني درٻار ۾ فريادي ٿيو، تڏهن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصو هن کي ڏنو ويو، ۽ هن جي مدد لاءِ فوج پڻ موڪلي وئي.

9.  مير فتح علي خان، پنهنجي جانبازيءَ جو مظاهرو ڪندي، ملڪ کي ورهاست ٿيڻ کان روڪي وڌو.ليڪن، ٿوريءَ دير کان پوءِ وري عبدالنبيءَ کي نوابيءَ جو پروانو ملي ويو، ۽ سندس مدد لاءِ فوج پڻ مقرر ٿي ويئي.

سوچ ڪريو، ڇا، هي حالات ڪنهن تبصري جا محتاج آهن؟ ڇا، انهن ۾ تدبر ۽ سياست، حڪومت ۽ حڪمراني يا خلق خدا جي امن ۽ راحت لاءِ ڪنهن معمولي جذبي جي به ڪا جهلڪ نظر اچي ٿي؟

افغانن جي آمد. بهرحال، عبدالنبي افغاني لشڪر سان گڏ آيو، ۽ سڀ کان اول بهاولپور جو رخ ڪيائين. بهاولپور جو والي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڇڏي وڃي ديراوڙ ۾ ويٺو، جو زياده حفاظت وارو هنڌ هو، ۽ ڪنهن ٻاهرئين لشڪر لاءِ اتي رسڻ آسان نه هو. افغاني لشڪر بهاولپور ۾ ظلم ۽ ستم جا جيڪي پهاڙ ڪيرايا، اهي اسان جي هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهن. لٽمار ۽ خونريزيءَ کان سواءِ، ڪيترين ئي جاين کي ڊهرائي يا باهه جي نذر ڪري ڇڏيو ويو.

جڏهن هيءَ لشڪر خيرپور جي ويجهو پهتو، تڏهن، احمد خان نور زئي پنهنجي طرف کان مرزا سهراب کي، ۽ ميان عبدالنبيءَ پنهنجي پٽ تاج محمد خان ۽ تاجي ليکي، سلطان ليکي ۽ شيخ قمرالدين کي وڪيل بنائي، مير سهراب ٽالپر ڏانهن روانو ڪيو، ۽ پيغام ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ فتح ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪندين؛ ته اسان توسان نهايت چڱو سلوڪ ڪنداسين؛ ليڪن مير سهراب هن ڄار ۾ نه ڦاٿو، ۽ هن سمورا حالات مير فتح علي خان کي لکي موڪليا.

”فريئر نامي“ جو بيان آهي:

عهدنامہ بہ مصحفِ مجيد نوشتہ پيش مير فتح علي خان فرستاد‏ڪہ ميانِ من و ايشان ڪلام الله هست ڪہ من براي جنگ مخالفان تيارهستم. مگر فتوت بالشڪر ظفر پيڪر خودروانہء اين طرف شوند تا من نيز بالشڪر والا ملحق گرديده، دماز از روزگارِ اين بدنهادان بر اَريم[18].

(مير سهراب) قرآن پاڪ تي عهدنامو لکي، مير فتح علي خان ڏانهن روانوڪيو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ هي پاڪ ڪلام شاهد آهي.مان مخالفن سان جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ هروقت تيار آهيان، فقط اوهان جو انتظار آهي. جيڪڏهن اوهان لشڪر وٺي هن طرف اچو ته مان اوهان سان ساٿ ڏيندس، ۽ پوءِ گڏجي، متحد ٿي، انهن اندر-کوٽن جي دماغن مان مغروريءَ جي هوا ڪڍنداسين.

افغانن جو اڳتي وڌڻ. افغان سردار، غضب جي جوش ۾ روهڙيءَ مان ٿيندا، هالا ڪنڊيءَ پهچي ويا، ۽ مير فتح علي خان کي بادشاهه جو حڪم موڪليائون ته سنڌ تان دستبردار ٿي وڃ، نه ته سخت سزا پائيندين. مير هن فرمان کي چپ چاپ ڪهڙيءَ طرح قبول ڪري سگهيو ٿي، پنهنجي ساٿين جي مشوري سان، اهل عيال کي ڪڇ ۽ جيسلمير ڏانهن موڪلي ڏنائين، پاڻ مقابلي لاءِ تيار ٿي نڪتو. هن سلسلي ۾ هن جو پهريون قدم هيءُ هو ته افغانن درياءُ اُڪرڻ لاءِ هرهنڌ جيڪي پليون بنايون آهن، انهن جي ڊاهڻ جو حڪم جاري ڪيائين.

جڏهن دشمنن جي فوج فقط ٻن ميلن تي رهي، تڏهن مير سهراب خان جي همت کيس جواب ڏيئي ڇڏيو؛ هو مقابلي تان هٿ کڻي، شاهه ڳڙهه جي قلعي ۾ وڃي ويٺو، ۽ مير فتح علي خان فقط اڪيلو رهجي ويو. معلوم ٿئي ٿو ته مير سهراب خان کي خيال آيو ته خدا ڄاڻي مقابلي جو ڪهڙو نتيجو نڪري، شڪست آئي ته حڪومت ڦرجي ويندي، فتح ٿي ته بادشاهه نئين فوج رواني ڪندو. بهتر ائين آهي ته ڪشمڪش کان الڳ ٿي، زماني جي طلسم جو تماشو ڏٺو وڃي.

مير فتح علي خان جڏهن مير سهراب جي علحدگيءَ جي خبر ٻڌي، تڏهن چيائين:

حسبي الله و نعم الوڪيل، نعم المولى و نعم النصير. اگر او بہ قلعہ پناه گرفت من در حصار حمايت حافظِ حقيقي پناه مي گيرم[19].

منهجي لاءِ خدا ڪافي آهي، اهوئي منهنجو وڪيل آهي؛ اهوئي مولا، اهوئي مددگار آهي. جيڪڏهن مير سهراب قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، ته مان حقيقي نگهبان(خدا) جي مدد جي قلعي ۾ پناهه وٺان ٿو.

لڙائي. بهر حال، مير فتح علي خان وڏيءَ بهادريءَ سان لڙائي ڪئي، جنهن جو تفصيل ٽالپرن جي تاريخ جو حصو آهي. هن جي اجمالي ڪيفيت هيءَ آهي ته ميرن عبدالنبيءَ ۽ ان جي مددگارن جو جملي لشڪر چاليهن هزار کان گهٽ نه هو. مير فتح علي خان سان هن موقعي تي فقط ڏهه هزار جانباز سپاهي ساڻ هئا. ٻنهي فوجن جي وچ ۾ هڪ اونهون واهه حائل هو. احمد خان نورزئيءَ پنهنجي فوج کي تاڪيد ڪيو ته بندوقون تيزيءَ سان هلايو، ۽ دشمن جي فوجن کي واهه جي ڀرسان اچڻ نه ڏيو.


[1] . ”جواهر عباسيه“، ص 256. جنگ جي هيءَ ڪيفيت عين قرين قياس معلوم ٿئي ٿي. ننڍيءَ فوج لاءِ اهو ئي مناسب هوندو آهي ته رات جي وقت هڪٻئي پٺيان تيز حملا ڪري. اهڙيءَ ريت نڪي خود انهن ماڻهن کي دشمن جي فوجي گهڻائيءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو، ۽ نه دشمن انهن جي ٿورائيءَ جو اندازو ڪري سگهي ٿو.

[2] . ”فريئر نامو“ ص 86. هي جواب منهنجي سجهه وسهڻ جوڳو نه آهي.

[3] . ”فتحنامو“ ص 210-212؛ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“، ج 2، ص 194.

[4] . ”جواهر عباسيہ“، ص 257.

[5] . ”جواهر عباسيه“، ص، 258.

[6] . ”فتحنامو“ ص، 221.

[7] . هن مان مراد ”خدا آباد پراڻي“ آهي، جا سنڌونديءَ جي اوڀر طرف هالن جي ڀر ۾ آهي.

[8] . ميان عبدالنبيءَ جي ڪوشش جا سمورا حالات ”فتحنامي“ تان ورتل آهن. ملاخطه هجي صفحو 227، 237، ۽ مرزا قليچ بيگ جي ”تريخ سنڌ“، ج 2، ص 196-199. بيگمات متعلق ملاخطه هجي: ”جواهر عباسيہ“، ص 260.

[9] . ”فتحنامي“ لکيو آهي ته هيءُ پيغام ديوان گدومل موڪليو آهي (ص 248)؛ ليکن ”جواهر عباسيه“ ۾ تفصيل سان لکيل آهي ته ان وڪالت جا فرائض جستپراءِ انجام ڏئي رهيو هو. تيمور شاهه، ميان عبدالنبيءَ جي وڪيل شيخ قمر الدين جون ڳالهيون ٻڌي، جسپتراءِ کي ڇينڀيو، تڏهن هن نئين وڪيل لاءِ پيغام موڪليو. (ص 163164).

[10] . ”جواهر عباسيہ“، ص 264-265.

[11] . ”جواهر عباسيه“، ص 259.

[12] . ”فتحنامو“، ص 245.

[13] . ”فتحنامو“، ص 245، 249؛ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“، جلد 2، ص 201.

[14] . ”فتحنامو“، ص، 249- 254؛ ۽ قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“، ج 2، ص 201، 202.

[15] . ’فريئرنامو‘، ص 110.

[16] . ”فتحنامو“، ص 264-265.

[17] >”جواهر عباسيہ“، ص 271،272. ”جواهر“ ۾ لکيل آهي ته سردار احمد خان نورزئي جو قد تمام ڊگهو ۽ جسم مضبوط هو، جنهن کي ڏسندي ئي انسان تي هيبت ڇائنجي ويندي هئي؛ ليڪن هو حد درجي جو احمق به هو. (ص 274) ”صبح صادق“ جو بيان آهي ته عبدالنبيءَ، رياست بهاولپور جي خلاف شڪايتون ڪري ڪري نيٺ احمد خان نورزئي کي چاڙهي آندو هو، احمد خان شهر جي عاليشان عمارت، مثلاً شيش محل ۽دولت خاني کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.امير بهاول خان صحيح حالات احمد خان جي خدمت ۾ پيش ڪيا، ۽ پوءِ امن جي صورت پيدا ٿي. (ص 90)

[18] ”فريئر نامو“، ص 113.

[19] ”فريئر نامو“، ص 114.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org