سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 6

عطر خان ايندي ئي ملڪ کي بنا ڪنهن حاڪم جي خالي ڏٺو. احمد خان سندس لاءِ فوج تيار ڪري ڇڏي هئي. عطر خان نوشهري کي پنهنجو مرڪز بنايو. مرادياب خان ۽ سرائين جو خيال هو ته عطر خان هيءُ سڀڪجهه پنهنجي لاءِ نه ڪيو آهي. پهرين ربيع الثانيءَ جو، مرادياب ڀاءُ سان ملڻ ويو؛ ليڪن عطر خان ملاقات ڪرڻ کان سواءِ ئي حڪم ڏنو ته هن کي خداآباد جي قيد ۾ رکيو وڃي. هيءَ ڳالهه ڪيترن ئي ماڻهن کي نهايت بُري معلوم ٿي؛ مگر جيئن ته عطر خان کي بادشاهه مقرر ڪيو هو، تنهن ڪري کيس تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هيو، ۽ بادشاهه جا ملازم عطر خان جي حمايت ۾ وڏي سرگرمي جو اظهار ڪندا رهياـ جڏهن ماليا ادا ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن مظلومن جون آهون آسمان تي پهچڻ لڳيون ـ

غلام شاهه ملڪ واپس وٺڻ جي لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو، هو بهاولپور هليو ويو، ۽ اتي ٽي مهينا رهي تيارين ڪرڻ ۾ لڳو رهيوـ پوءِ سرفراز خان ۽ اهل عيال کي اتي ڇڏي، رمضان جي آخر ۾ سنڌ جي طرف وڌيو. روهڙي کان ٻاهر ”امرڪس“ واهه تي عطر خان سان لڙائي ٿي. ٿوري فوج باوجود غلام شاهه ڪامياب ٿيوـ اڳئين ڏينهن تي عيد هئي. سرائي غلام شاهه سان اچي مليا پوءِ اهي سڀ ماڻهو روهڙي کان سيوهڻ اچي ويا، ۽ مرادياب خان جي اهل عيال کي آزاد ڪيائون. شوال جي آخر ۾ غلام شاهه الهه آباد پهچي ويوـ

عطر خان ۽ احمديار خان، شڪست کائي قلات ڏانهن هليا وياـ بادشاهه کين بحال ڪرڻ جو پهه ڪري ويٺو هوـ هن احمد يار خان کي يرغمال ۾ ورتو، ۽ عطر خان سان گڏ عطائي نالي هڪ افغان سردار کي موڪليو.غلام شاهه ديري هليو ويو. پوءِ اورنگا بندر کان ماڻهن کي گجي ۾ پهچايائين، ۽ ان شهر جو نالو ”شاهه ڳڙهه“ رکيائين. شاهه ڳڙهه جي ڀرسان شاهه بندر نالي سان هڪ نئون بندر ٺهرائي، اتي اهل عيال کي ڇڏي، پاڻ ڀائرن جي مقابلي لاءِ روانو ٿيوـ چاچڪان پهتو، ته پهريائين جنگ جو ڳالهيون ٿينديون رهيون، آخر ٽئي ڀائر سنڌ جي ورهاست ڪرڻ تي  رضامند ٿي وياـ غلام شاهه کي سمنڊ کان وٺي ٺٺي تائين علائقو مليو، ۽ باقي سنڌ جو پرڳڻو سندس ڀائرن سنڀاليوـ هن عهدنامي کان پوءِ غلام شاهه ”شاهه ڳڙهه“ هليو ويو، ۽ عطر خان نوشهري پهتو. رمضان جي مهيني تائين حالات چڱا رهيا، پر پوءِ احمد يار خان ۽ عطر خان ۾ جهڳڙو پيدا ٿي ويوـ بادشاهه، عطر خان کي حڪومت ڪرڻ جو نااهل ٺهرائي، احمد يار خان جي پٽ کي يرغمال ۾ وٺي، حڪومت جي سند کيس ڏئي ڇڏي. غلام شاهه پيشقدمي ڪئي. 2 شوال 1172هه عطر خان ملڪ کان دستبرداري جو خط موڪليو ـ غلام شاهه انهن سڀني ماڻهن جي اهل عيال کي پنهنجي قبضي ۾ آندو، جي احمد يار خان ۽ عطر خان جا حامي هئاـ اهڙي طرح ملڪ هن جي قبضي ۾ اچي ويوـ[1]

”انشاي عطارد“ـ آخر ۾ انهي حالات متعلق ”انشاي عطارد“ جي بيان جو خلاصو پيش ڪيو وڃي ٿوـ سرائي فقير پنهنجي هڪ خط ۾ لکن ٿا:

1. اسان ميان غلام شاهه کي پنهنجي مرشدي ۽ حڪمراني لاءِ چونڊيوـ صاحبزادي عطر خان، درٻار مان سنڌ جي حڪومت جو پروانو حاصل ڪيوـ

2. صاحبزادي موصوف، سرائي فقيرن جي نالي خط موڪليا ۽ انهن کي پنهنجي فرمانبرداري جي طرف راغب ڪرڻ چاهيوـ

3. فقيرن پنهنجي مرشد کان انڪار ڪرڻ ڪفر ڄاتو، ۽ صاحبزادي عطر خان سان شامل نه ٿياـ

4. هن سلسلي ۾ شاهي فوجون اچي ويون، ۽ انهي سبب سنڌ جو نظم نسق برباد ٿي ويو، ۽ ماليه وصول ڪرڻ جي ڪابه صورت نه رهي ـ

5. آخر خود بادشاهه ملڪ جي آبادي خلق خدا جي آبادي، خلق خدا جي بهبودي ۽ ماليه جي وصولي کي نظر سامهون رکي، سنڌ جي حڪومت سرائي فقيرن جي خواهش مطابق ميان غلام شاهه جي حوالي ڪئي.[2]

باب ٽيون

ميان غلام شاهه خان

ملڪ جي حالت ـ گذريل بابن ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته عطر خان ۽ احمد يار خان ملڪ ڇڏي هليا ويا، ۽ ميان غلام شاهه نئين سر انهي حڪومت جو مالڪ بنجي ويو، جا ميان نور محمد خان ورثي ۾ ڇڏي هئي. ڀائرن ۾ خانه ــــ جنگي کي روڪڻ جي خيال کان، حڪومت جي ورهاست جو عمل جاري ٿيو هو، جو ختم ٿي ويو، ليڪن مستقل طور پائيدار امن ظاهري طرح اڃان پري ٿي نظر آيو، انهي ڪري جو:

1. افغاني درٻار مان حڪومت جي سند حاصل نه ٿي هئي، تيستائين افغاني حملن کان محفوظ رهڻ محال هو.

2. عطر خان ۽ احمد يار خان جيتوڻيڪ ملڪ مان نڪري ويا هئا، ۽ انهن جي ظلم ۽ ڏاڍاين ڪرڻ جي سبب اميرن يا عوام سان ڪو به سندن واپسي لاءِ خواهان نه هو، تنهن هوندي به هو دائودپوٽن جي خانن وٽ وڃي رهيا هئا؛ ۽ انديشو هو ته انهن جي طرف کان ڪنهن به وقت لڙائي جو هنگامو برپا ٿي سگهيو ٿي.

3. افراتفري جي دور ۾ ڪي ننڍي درجي جا رئيس سرڪشي اختيار ڪري چڪا هئا، ۽ انهن جي ڪن مهٽ ڪرڻ کان سواءِ ملڪي انتظام پهرين حالت ۾ پهچي نٿي سگهيوـ

ٺٺي جو انتظام ـ ميان صاحب جي حڪومت ۾ ٺٺو سڀني کان وڏو ۽ تمام مشهور شهر هوـ عطر خان جي زماني ۾ هن مرڪزي شهر جي ماڻهن کي سخت تڪليفون ڏسڻيون پيون. بدانتظامي جي اهڙي حالت پيدا ٿي وئي هئي، جو جوکيا قوم جي هڪ ڌاڙيلن جي ٽولي ڏينهن ڏٺي جو حملو ڪيو. ٽلٽي جي ڀرپاسي ۾ نهايت بيدردي سان ڦرلٽ ڪئي، ۽ ماڻهن جا گهر ڊهرائي ڇڏيا. پوءِ جڏهن افغاني لشڪر سنڌ ۾ آيو، تڏهن انهن عوام کي نهايت سخت تڪليفون ڏئي پئسا گڏ ڪياـ[3] ميان غلام شاهه محمد قائم ڪوڪلتماش کي نائب ناظم مقرر ڪيو. هن مرد خداغريبن کي ظالم حاڪمن جي چمبن مان آزادي ڏياري، ۽ افغانن جيڪي بي انداز ظلم ۽ ڏاڍايون شروع ڪري ڏنيون هيون، تن جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو، انهي طرح ميان غلام شاهه جي حڪومت جو هي دور، سنڌ واسين لاءِ رحمت جي پاڇي جي حيثيت سان شروع ٿيوـ

محمد عطر خان جو فتنو ـ ميان عطر خان ۽ احمد يار خان سنڌ مان نڪتا، ته بهادر خان علياڻيءَ ۽ اختيار خان مدواڻيءَ وٽ پهچي ويا، جي بهاولپور جي اولاهين حصي ۾ سردار مڃيا ويندا هئا. ياد هوندو ته جڏهن ميان غلام شاهه بهاولپور ۾ دائودپوٽن جي رئيس محمد مبارڪ خان جي امداد سان سنڌ تي حملو ڪيو هو، تڏهن رستي ۾ جن ماڻهن ميان صاحب جي فوج جو مقابلو ڪيو هو، سي اهي ئي بهادر خان ۽ اختيار خان هئاـ احمد يار خان ته چند ڏينهن ترسي هندستان جو رخ ڪيو؛ باقي محمد عطر خان ڳڙهي اختيار خان[4] ۾ ترسي پيو، ۽ پنهنجي ميزبانن جي مدد سان فوج گڏ ڪري، سنڌ تي حملي جون تياريون شروع ڪيائين ـ

محمد مبارڪ خان جون صلح جون ڪوششون ـ امير محمد مبارڪ خان کي جڏهن خبر پئي ته سندس قوم، ڪلهوڙا خاندان جي باهمي لڙائين ۾ هڪ ڌر جي مددگار ۽ معاون بنجي وئي آهي، تڏهن کيس سندن اها روش پسند نه آئي، ۽ فورن بهادر خان ۽ اختيار خان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته ” اوهان جو اهو طريقو غلط آهي“ ميان غلام شاهه ان جي مدد سان سنڌ جو حاڪم بنيو آهي، هن جو بخط مددگار آهي، ۽ هو وڏي همت وارو آهي: عطر خان جي مدد نه ڪيو، جو ملڪ ئي ڇڏي ڀڄي ويو آهي ـ هي نصيحت انهي ڪري به خاص توجهه جي مستحق هئي، جو ميان غلام شاهه ۽ امير محمد مبارڪ خان جي پاڻ ۾ گهرا تعلقات هئا، ۽ انهي سبب کان به، جو امير محمد مبارڪ خان ٻنهي ڪلهوڙا ڀائرن جو صحيح اندازو پيش ڪيو هوــــــ ليڪن بهادر خان ۽ اختيار خان هن سونهري نصيحت تي ڪن نه ڏنو ـ

ميان غلام شاهه جي ڪوشش ـ جيسلمير جو راجا مدت کان دائوپوٽن جي خانن جو مخالف هلندو پئي آيو؛ ڇو ته انهن خانن جيسلمير جا ڪجهه علائقا پاڻ وٽ دٻائي رکيا هئا. راجا، حالات کي سازگار ڄاڻندي، ميان غلام شاهه ڏي پنهنجو وڪيل ڏياري موڪليو ته منهنجي مدد ڪريو، ۽ انهن خانن جيڪو منهنجو علائقو دٻائي ڇڏيو آهي، اهو واپس ڏياريوـ

ميان غلام شاهه جي لاءِ بدلي وٺڻ جو هي تمام چڱو موقعو هو، ليڪن هن تدبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي، بهادر خان کي سمجهايو ته راجا جو قبضي ڪيل علائقو واپس موٽائي ڏيوـ بهادر خان اهڙين ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه ڪري سگهيو ٿي ـــــ

هن گذريل ڳالهه جي تدارڪ ڪرڻ بجاءِ جيسلمير تي حملو ڪري ڏنو، ۽ رياست جي مرڪزي شهر تي تاوان مقرر ڪيوـ

بهادر خان جو ضد ـ انهي وچ ۾ بهادر خان عطر خان جي امداد لاءِ سرگرم تياريون شروع ڪري ڏنيون، ۽ پنهنجي قوم کان پڻ مدد گهريائين. قوم وارن جواب ڏنو ته ” تون عطر خان کان بي انداز رقم وٺي چڪو آهين؛ اسان ڇا ورتو آهي جو غلام شاهه جي برخلاف جنگ لاءِ تيار ٿيون؟، اهي حالات هئا، تڏهن ميان غلام شاهه، فساد کي دفع ڪرڻ جي خيال کان امير مبارڪ خان کي خط لکيو ته ”مان پنهنجي ڀائر عطر خان جي لاءِ جاگير ۽ روزگار ڪرڻ جي بندوبست ڪرڻ لاءِ تيار آهيان؛ اوهين هن جهڳڙي جي طي ڪرائڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ بهادر خان کي فتني فساد کان روڪيوـ ميان خان جي طرف کان مصلحت جي هيءَ نهايت قابل قدر ڪوشش هئي. هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن جنگ ۽ خونريزيءَ کي روڪڻ چاهيو ٿي، ۽ ڀائرن جي حق ڏيڻ ۾ به سوچ ڪرڻ وارو نه هوـ

امير محمد مبارڪ خان بهادر خان جي هڪ پاڙيسريءَ علي مراد کي لکي موڪليو ته ” بهادر خان کي سمجهاءِ “ ميان غلام شاهه سان لڙائي جو خيال جنون آهي. عطر خان کي جاگير تي راضي ڪري رخصت ڏئي، ۽ دشمني جو رستو ڇڏي ڏي، علي مراد خان وڏي ڪوشش ڪئي، مگر بهادر خان پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ غلام شاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو، جوش ۾ ڀرجي مجلس مان نڪري هليو ويو. دروازي تي ٿڏو کاڌائين، ۽ پٽڪو مٿي تا ڪري پيس آخر علي مراد مايوس ٿي پوئتي موٽي ويوـ

تڪبر ۽ غرور ـ جڏهن بهادر خان تي ڪنهن جي به سمجهاڻيءَ جو ڪو به اثر نه ٿيو تڏهن علي مراد خان فساد کي روڪڻ جي خيال سان هڪ ٻي تجويز سوچي، ۽ ان جي مطابق هن رستم خان نوحاڻيءَ جي هٿان بهادر خان کي پيغام موڪليو ته ”ميان غلام شاهه توبن“ جزائيلن ۽ شاهينن جو مالڪ آهي، ۽ ان جو لشڪر تمام وڏو آهي؛ چند ڏينهن انتظار ڪر، اسين سڀ امير مبارڪ خان کي عرض ڪنداسين ته هو اسان جي مدد ڪرڻ فرمائي: هن حالت ۾ صلح جي صورت به جلد نڪري ايندي، ۽ جيڪڏهن جنگ ڪرڻي پئي ته ان ۾ تڪليف پيش نه ايندي.،

هن تجويز جو مقصد هي هو ته بهادر خان فوري اقدامات کي ملتوي ڪري ڇڏي؛ ليڪن بهادر خان جواب ڏنو ته عطر خان منهنجي دروازي تي اچي چڪو آهي، سو مان سندس خاطر پنهنجي جان به قربان ڪندس ۽ کيس سنڌ جي حاڪم بنائڻ کان سواءِ دم نه کڻندس ـ علي مراد خان منهنجو ساٿ نه ڏنو، ۽ هاڻي روڪي رهيو آهي: مان جڏهن سنڌ فتح ڪري موٽندس، ته علي مراد خان کان رياست ڦري کيس فقير بنائي ڇڏيندس !

اٻاوڙي جي لڙائي ـ جڏهن بهادر خان پنهنجو ضد نه ڇڏيو، تڏهن ميان غلام شاهه لشڪر وٺي روهڙي کان ميرپور جي طرف توجهه ڪيو. اتان ٿورو دور اڳڀرو وڌي، اٻاوڙي ۾ ميان صاحب ۽ بهادر خان جي وچ ۾ سخت لڙائي ٿي. ميان جي لشڪر جو چڱو تعداد مارجي ويو، ۽ ڪجهه ماڻهو ميدان ڇڏي ويا. ان هوندي به ميان پاڻ ڇهه هزار فوج وٺي، هڪ هنڌ ڄمي مقابلو ڪيوـ بهادر خان تنمبوءَ مان نڪري اڳتي آيو، ته باهو نالي هڪ افغان کيس سڃاڻي وٺي گوڙ ڪيو. ميان صاحب جي لشڪر مان گولين جو وسڪارو شروع ٿي ويو، ۽ ٻه گوليون بهادر خان ۽ سندس گهوڙي کي اچي لڳيون ـــــــ ٻئي انهيءَ ساعت ڪري پيا. هڪ ماڻهوءَ ڊُڪ پائي بهادر خان جي سِسي وڍي، ۽ ميان صاحب وٽ پهچائي انعام حاصل ڪيوـ هن جو ڀاءُ ڪبير خان، ميان صاحب وٽ ملازمت ۾ هو. ميان صاحب بهادر خان جو لاش سندس حوالي ڪيوـ وڏيرو محمد خان ۽ سبزل خان پڻ مارجي ويا. اختيار خان زخمي ٿي پيو بهادر خان جو ڀاءُ قائم خان، ۽ احمد خان ميان عطر خان کي پاڻ سان وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي وياـ

صلح ـ ميان غلام شاهه اڳتي وڌي ”ڳڙهي اختيار خان“ کي برباد ڪرڻ چاهيو ٿي؛ انهي ڪري جو اهو ئي هنڌ فتني ۽ فساد جو سرچشمو هو؛ ليڪن امير محمد مبارڪ خان جي چوڻ ۽ علي مراد خان جي ڪوشش سان، خيال رڪجي ويو ۽ ميان غلام شاهه اٻاوڙي ڏانهن موٽي ويو. امير محمد مبارڪ خان، بهادر خان جي جاگير (بهادرپور) سندس ڀاءُ قائم خان کي، سبزل خان جي جاگير (سبزل پور) سندس فرزند اسماعيل خان کي، ۽ وڏيري محمد خان جي جاگير (محمدپور) سندس پٽ لشڪر خان کي ڏئي ڇڏي. عطر خان بهاولپور ۾ ئي رهيوـ

”فتحنامو“ ۽ اٻاوڙي جي لڙائي ـ مير عظيم الدين ٺٺويءَ ”فتحنامي“ ۾ اٻاوڙي جي لڙائي متعلق جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ مختلف واقعن کي گڏوچڙ ڪري ڇڏيو اٿس. ”فتحنامي جي بيان جو خلاصو هيءُ آهي ته عطر خان افغاني درٻار کان ملڪ جي سند وٺي آيو. اتان کان ڪي خان به ميان صاحب جي مدد لاءِ مقرر ٿي ويا. دائودپوٽن جي نالي به حڪم صادر ٿيو ته ميان صاحب جي مدد ڪجو. انهي بنياد تي بهادر خان، عطر خان جي مدد لاءِ تيار ٿيوـ[5] لڙائي جي سرسري ڪيفيت هن طرح بيا ڪيل آهي ته دشمنن ميان صاحب جي فوج کي شڪست ڏني. هڪ سئو ويهه ماڻهو باقي وڃي ميدان ۾ رهيا، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو ڀڄي ويا. هيءَ حالت ڏسندي مير بهرام گوڙيون ڪندو شينهن وانگر سامهون آيو. بهادر خان ۽ ان جا خاص ماڻهو گهوڙن تان لهي پيا، ته جيئن هٿئون هٿ لڙائي ڪن. ڳچ ساعتن تائين لڙائيءَ جي باهه ايتري تيز رهي جو ان جا شعلا آسمان تي پهچڻ لڳا. مير بهرام، انڌا ڌنڌ تلوار هلائيندو ٿي رهيو. هن جو جسم تلوارن ۽ تيرن جي زخمن سببان رتو رت ٿي ويو هو. بهادر خان مارجي ويو. هن قيامت خيز لڙائيءَ ۾، دشمن جي فوج کي ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نظر نه آيوـ

رسيده چون در عرض شہ اين خبر

بگفت آفرين باد برشير نر !

(بادشاهه جي حضور ۾ فتح جي ڳالهه پهتي، تڏهن هن جي زبان مان بي اختيار نڪتو: شير نر تي آفرين!)

بفرمود ڪو مرد مردانہ است،

                سزوار الطاف شاهانہ است.

(چيائين ته هي شخص وڏو بهادر آهي،

                        شاهاڻين نوازشن جي لائق آهي)

عطا ڪرد خلعت بان خان ملڪ،

                        خطابش فرستاد و فرمان ملڪ ـــــ[6]

(ملڪ جي هن سردار کي خلعت عطا ڪريائين، ۽ حڪومت جي فرمان سان گڏ خطاب پڻ ڏنائين)

هتي هي ٻڌائڻ ضروري آهي ته هن موقعي تي احمد شاهه ابداليءَ طرفان دائودپوٽن کي عطر خان جي امداد لاءِ ڪو نه فرمان نه پهتو هو، ۽ نه دائودپوٽا مدد لاءِ تيار ٿيا. هنن جو سردار امير محمد مبارڪ خان ته لڙائي جي سراسر برخلاف هو. هي لڙائي فقط بهادر کان علياڻيءَ ۽ اختيار خان مدواڻيءَ جي پنهنجيءَ راءِ سببان ئي ٿي هئي، ۽ اهي ئي عطر خان جا مددگار هئا.

ڄام ڪڪرالي جي گوشمالي ـ 1173هه جي آخر ۾ ميان غلام شاهه ڪڪرالي جي ڄام ڏسير جي ڪن ـــــ مهٽ ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو. انهي ڪري جو ميان صاحب جي موجودگيءَ ۾ ڄام مذڪور جيڪو عملي طريقو اختيار ڪيو هو، اهو اخلاص ۽ وفا جي ابتڙ هو. پهريائين محمد ويس ۽ ٻين سردارن کي ڄام جي خلاف موڪليو ويو. انهن ڄام کي هڪ ٻئي پٺيان شڪستون ڏنيون.

7 صفر 1184هه (8 ڊسمبر 1760ع) جو ڄام کي هن ڳالهه تي مجبور ڪيو ويو ته هو پنهنجي قلعي ”آباد“ کي ڇڏي ڏئي. اهڙي طرح هن ڀڄي وڃي ڪڇ ۾ پناهه ورتي، ۽ سندس پٽ هردارجي، جو اول ئي ميان صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويو هو، سندس ئي خدمت ۾ موجود رهيوـ[7]

بيڪانير جي راجا سان تعلق ـ 1760ع جو هڪ دلچسپ واقعو بيڪانير جي تاريخ ۾ درج آهي ته ميان صاحب هڪ صفير بيڪانير موڪليو، ۽ خواهش ڪئي ته منهنجو پٽ سرفراز خان ۽ راجا صاحب جو پٽ ڪو راج سنگ پاڻ ۾ پٽڪا بدلائين ته جيئن اتحاد جو سلسلو قائم ٿي وڃي، اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته 1741ع ۾ بيڪانير جي راجا زورآور سنگ ۽ ميان نور محمد خان به پاڻ ۾ پٽڪا بدلايا هئا. پوءِ راجا گنج سنگ ۽ ميان غلام شاهه به پٽڪا بدلاياــــ[8]

خطاب ۽ سند ـ 1175هه جي اوائل (آگسٽ يا سپٽمبر 1761ع) ۾، احمد شاهه جي طرفان ميان کي ”هزبر جنگ شاهه وردي خان“ جو خطاب مليو، ۽ حڪومت جي سند عطا ٿي. ان سان گڏ شاهه هڪ هاٿي ۽ ڪي ٻيا تحفا روانا پڻ ڪيا[9]ــــ ميان غلام شاهه کي اهي اعزاز ديوان گدومل جي اعليٰ تدبيرن سببان حاصل ٿيا، جو سنڌ جي درٻار طرفان افغاني درٻار ۾ مستقل طور سفير هوــ

سيٽن جو بيان ـ سيٽن جو بيان مان مٿي ڄاڻايل واقعن جي تائيد ٿئي ٿي، هن جو خلاصو هيءُ آهي:

1. غلام شاهه جي فوج کوسن کي چڱي طرح پئمال ڪيو.

2. معلوم ٿيو ته عطر خان ۽ مقصود، بهادرخان دائودپوٽي جي مدد سان، جنگ جون تياريون ڪري رهيا آهن. غلام شاهه فوج موڪلي اٻاوڙي جي ويجهو کين نهايت ذلت ڀري شڪست ڏني. بهادر خان ۽ ڪي ٻيا سردار هن لڙائي ۾ مارجي وياــ

3. ملڪ ۾ امن قائم ٿي ويو. 25 محرم 1173هه (18 سپٽمبر1759ع) جو، پنهنجي نئين اڏايل شهر ”الهه آباد“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ شهر جو نالو ”شاهپور“ رکيائين. شاهپور نصرپور کان چار ميل اولهه ۾ آهي ــــ[10]

4. ڪوڪلتاش ٺٽي جو نائب مقرر ٿيو، ته هن عوام کي افغانن جي ظلم ۽ ڏاڍاين کان آزادي ڏياري .

5. غلام شاهه جڏهن ڳڙهه ۾ هو، تڏهن ڪڪرالي جي واليءَ ڄام ڏيسر اهڙا طريقا اختيار ڪيا، جي دوستيءَ جي قانون مطابق نه هئا. غلام شاهه ڄام کي قلعي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ هو ڪڇ ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيو. هن جا ٻئي پٽ غلام شاهه وٽ رهيا.

6. 1185هه ۾ ابداليءَ ميان غلام شاهه کي ”شاهه وردي خان“ جو خطاب ڏنو، ۽ ان سان گڏ هڪ هاٿي ۽ ٻيون سوغاتون پڻ روانيون ڪيون ـــ[11]

باب چوٿون

ڪڇ تي ڪاهون

بابن جي ترتيب متعلق ضروري نڪتو ـ هاڻي سنن کي نظر انداز ڪندي، ڪڇ تي ڪاهن جو احوال هڪ هنڌ بيان ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن ڪتاب جي پڙهندڙن کي سموري حالات جي اندازي ڪرڻ ۾ ڪابه تڪليف پيش نه اچي. ٺٺي ۾ انگريزن جي تجارتي ڪوٺيءَ جو الڳ بيان ڪيو ويندو، ۽ متفرق حالات جداگانه باب ۾ ذڪر ٿيندا؛ پوءِ ڀل اهي ميان غلام شاهه جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ پيش آيا هجن، يا آخر ۾. هن طريقي اختيار ڪرڻ کان سواءِ اهم وقائع ۽ سوانح جا اسباب ۽ علامتون ، مختلف مدارج ۽ نتائج جي توضيح ٺيڪ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي.

ڪڇ ۽ سنڌ ـ جاگرافيائي لحاظ سان ڪڇ سنڌ جو ئي حصو معلوم ٿئي ٿو، ۽ مختلف تاريخي حقيقتن کي سامهون رکندي چئي سگهجي ٿو ته تاريخي دور جي آغاز ۾ هيءَ پرڳڻو سنڌ سان ئي وابسته هو. اين ايم بلي موريا، هڪ طويل مضمون ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي وحدت تي مفصل بحث ڪيو هو، جو تفصيلوار دهرائي نٿو سگهجي، انهي ڪري جو هيءَ ڳالهه اسان جي موضوع کان الڳ آهي.[12]

هتي فقط ايڪٽن جو بيان ئي نڪل ڪرڻ ڪافي ٿيندو. هو لکي ٿو ته ”ڪڇ جو رڻ سنڌ جي ڏکڻ، ۽ ڏکڻ - اوڀر سرحد آهي، جو راجپوتانا کان سمنڊ تائين پکڙيل آهي، سنڌ جي تاريخ ان وقت تائين سمجهه ۾ نٿي اچي، جيستائين هن علائقي جي وسيع ڦيرڦار کي نظر سامهون نه رکيو وڃي، اڄڪلهه هي پرڳڻو بنهه غير آباد آهي. ڏکڻ - اوڀر جي موسمي هوائن جو زور ٿئي ٿو، تڏهن هتي سمنڊ جو پاڻي اچي وڃي ٿو:

ليڪن هن يقين ڪرڻ جا سبب ناپيد نه آهن جو جڏهن سڪندر سنڌ ۾ هو ته هي علائقو سمنڊ ۾ گهيرل يا هڪ ڍنڍ وانگر هو، ۽ منجهس انهيءَ جو پاڻي ايندو هو، جو اڄڪلهه ظاهر نه آهي. ان کان پوءِ پُرڻ درياهه مان پاڻي اچڻ لڳو، ٿورو زمانو ٿيندو جو رڻ جو اولاهون حصو، علي بندر کان ڪوڙي شاخ تائين نهايت زرخيز هو ــــــــــ سنڌ کان ڪڇ تائين نهايت آزادي سان گهڻي آمد رفت جاري هئي. وچ ۾ ڪو به رڻ حائل نه هو. پرڻ جي وسيلي لکپت کان عمرڪوٽ تائين هڪ چڱو پاڻي جو آمدرفت لائق رستو موجود هو. لکپت کان ٽيهه ميل ۽ علي پور کان ويهه ميل پري سندري نالي هڪ قلعو هو، هتي ڪڇ جي حڪومت هڪ سرحدي چونڪي ٺهرائي ڇڏي هئي، ۽ اتي محصول اڳاڙڻ جو پڻ بندوبست ٿيل هو. رحمڪي بازار، هڪ ٻيو سرحدي قلعو هو.

سال 1762ع ۾، يا ان جي لڳ ڀڳ غلام شاهه ڪلهوڙي پُرڻ درياءَ تي هڪ وڏو بند ٻڌرايو، جنهن ٻه مقصد پورا ڪيا؛ يعني سنڌ جون زمينون سرسبز بنجي ويون ۽ غلام شاهه جي دشمن، ڪڇ جي راءَ جو ملڪ ويران ٿي ويو، ۽ ڪوڙي شاخ، فقط هڪ نالي نالي ماتر واهه بنجي ويو. ۽ لکپت، ڪڇ رياست جو تمام هڪ پرانهون شهر بنجي ويو. 1819ع ۾ هڪ زبردست زلزلو آيو، جنهن تباهي جو رهيل کهيل ڪم بلڪل پوريءَ طرح ڪري ڇڏيوـــــ زمين هيٺ ٿي وئي ــــ سمنڊ اندر گهڙي آيو ۽ سندري جي ڀرپاسي وارو علائقو هڪ کاري پاڻي جي ڍنڍ بڻجي ويو. ڪپتان گرنڊلي، 1808ع ۾ سندريءَ جو هڪ نقشو تيار ڪيو هو، جنهن کي اليگزينڊر برنز پنهنجي ”سفرنامه بخارا“ ۾ شايع ڪيو. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي هڪ چورس ٿلهو هو، جو درياءَ جي هڪ ڪناري تي آباد هو. درياءَ ۾ ٻيڙين جي آمدرفت هئي، ۽ ٿلهي جي هڪ ڪنڊ تي هڪ ڊگهو ۽ گول برج هو. زلزلي کان پوءِ سنڌ جي سرحد، ڪوڙي کان ننگرپارڪر تائين ڪلراٺوڻ رڻ بڻجي وئي. سرحدي ڳوٺ، مثلاّ رحمڪي بازار ختم ٿي ويو[13]ـ

ڪڇ جي سرسري سرگذشت. محمد بن قاسم جي حملي ۾ جنهن ڪنوج[14] جو ذڪر آيو آهي، اهو غالباً ڪڇَ جو ئي هڪ شهر هو؛ جيتوڻيڪ مؤرخن مناسب يا نامناسب جي لحاظ رکڻ کان سواءِ، ان کي اتر هندستان جي قنوج شهر سان وابسته ڪندا رهيا.

نائين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي مسلمانن جي هڪ جماعت ڪن مقامي سياسي هنگامن سبب مجبور ٿي پنهنجي وطن مان نڪتي ۽ ڪڇ ڏانهن پهچي ويئي. هيءَ جماعت آهستي آهستي ساري ڪڇ علائقي جي مالڪ بنجي ويئي- انهن جي مذهبي عقيدن، تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي تبديليون ٿينديون رهيون، انهن جي سببن تي مفصل بحث اسان جي هن پيش ٿيندڙ ڪتاب جي موضوع کان خارج آهي؛ ليڪن هن حقيقت جو اعتراف سنڌ ۽ ڪڇ جي هر تاريخ نويس ڪيو آهي ته، اُهي ماڻهو سنڌي هئا.

گهٽ وڌ ڇهه سو سالن تائين ڪڇ جي زياده تر حالات تي اونداهيءَ جو پردو پيو رهيو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ اتان جو سردار خاندان جي هڪ شخص هٿان مارجي ويو. مقتول جي فرزند، احمد آباد جي حاڪم کان مدد وٺي پيءُ جي گاديءَ تي قبضو ڪيو.

سنڌ ۾ مداخلت. 1719ع ۾، راءِ دسيل ڪڇ جو حڪمران بنيو. هيءُ نهايت جوشيلو ۽ سودائي طبيعت وارو ماڻهو هو، هن آسپاس طرف ڪاهون ڪيون ۽ سنڌ، پارڪر ۽ گجرات ۾ پنهنجون چونڪيون قائم ڪيون. سنڌ تي اڳرائي ڪرڻ جو هيءُ واقعو، سنڌ ۽ ڪڇ جي انهن لڙاين جو پيش خيمو هو، جن جي حالات جو تفصيل هن باب جو موضوع آهي. هتي هن بحث ڇيڙڻ جي ضرورت نه آهي ته راءِ ديسل جا اقدامات درست هئا يا نا درست. ان زماني ۾، ۽ ان زماني کان اڳ به تلوار هلائڻ جو اهوئي دستور هو ته جنهن به طرف موقعو ملندو هون، حملو ڪري ڏيندا هئا. کين فتحون به حاصل ٿينديون هيون، شڪستون به کائيندا هئا ۽ انتقامي ۽ تاديبي حملن جو نشانو به بنجندا هئا. راءِ ديسل جي به بلڪل اهائي ڪيفيت هئي.

ديو ڪرن. هڪ موقعي تي ڪڇ ٻاهرئين حملي جو نشانو بنيو، تڏهن راءِ ديسل وٽ نه حفاظت ۽ بچاءَ جو ڪو سامان موجود هو، ۽ نه وري ايتري رقم هئي جو سامان گڏ ڪري وٺي ها. هن نازڪ وقت ۾ سندس راڻي مددگار بني. راڻيءَ جي ملڪيت جو مئنيجر ديو ڪرن نالي هڪ شخص هو، جنهن جي انتظامي صلاحيتن جو هرهنڌ سڪو ڄميل هو. راڻيءَ هن کي راءِ ديسل جي روبرو پيش ڪيو ۽ پاڻ وٽان به ضرورت مطابق مدد ڏني.

ديو ڪرن، فوج جا ٻه حصا ڪيا، هڪ حصي کي قلعي ۾ ويهاريو، ۽ ٻئي حصي کي ٻاهر مناسب مورچن تي مقرر ڪيو. هن، آخري حصي جي سپاهين کي تاڪيد ڪيو ته ويو ته واري واري سان پنهنجن مورچن مان نڪري حملي آور جي سامان کي ٽوڙيندا رهن. هڪ تدبير، اميد کان وڌيڪ ڪامياب ٿي. ۽ حملي آور واپس موٽڻ تي مجبور ٿي پيا. راءِ ديسل، ديو ڪرن جي خدمات کان خوش ٿي کيس ’ڪل مختار‘ بنايو، ۽ سموري انتظامي واڳ – ڏور هن جي حوالي ڪئي. ديو ڪرن نهايت سمجهدار، مدبر ۽ دورانديش ماڻهو هو. هن، رياست جي انتظام کي نهايت چڱي پايي تي هلايو ۽ تجارت کي چڱو فروغ ڏنو.

انهيءَ ڪري رياست جي آمدني گهڻو وڌي ويئي. بيان ڪيو وڃي ٿو ته ديو ڪرن جي دور ۾ راءِ دسيل جي آمدني ارڙهن لک ڪوڙي (پنجاهه هزار پائونڊ)هئي، خود وزير جي آمدني نَو ڪروڙ ڪوڙيءَ کان گهٽ نه هئي.

راءُ لاکو. 1745ع ۾، راءُ ديسل فوت ٿيو ته ان جي جاءِ تي سندس پٽ لاکو گاديءَ تي ويٺو. هيءُ حد درجي جو ظالم ۽ وڏو بدمعاش هو. پيءُ کي ڏهه سال جيل ۾ رکيو هئائين، ۽ ديو ڪرن کي، هن ڏوهه ۾ قتل ڪرايائين ته راڻيءَ (سندس ماءٌ) سان هن جا ناجائز تعلقات آهن. انهيءَ کان سواءِ، هن شيدين جو هڪ خاص دستو تيار ڪرايو. هو جڏهن محلات کان ٻاهر نڪرندو هو ته اهو دستو سندس اڳيان ۽ پٺيان هلندو هو. رستي ۾ جيڪو به ماڻهو سندس سامهون ايندو هو ته راءٌ لاکي جو اشارو ٿيندو هو ۽ پوءِ بنا ڪنهن هٻڪ جي ان کي موت جي آهيٖ ۾ ڏنو ويندو هو. هن، پنجن سالن جي عرصي ۾ گهٽ-وڌ هڪ ڪروڙ رپيا عياشين ۾ ضايع ڪيا. ڊاڪٽر جيمس برگس لکي ٿو ته

‎‎‎‎‎‎راءُ لاکو 1751ع ۾ ’ڪڇ جي مسند تي ويٺو‘ سنڌ، ڪاٺياواڙ ۽ پارڪر سندس هٿن مان نڪري ويا.

1758ع ۾، راءُ لاکي ڪڇ جي واليءَ، سنڌ جي خلاف هڪ مهم وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ مومن خان کي مجبور ڪيو ته خراج جا جيڪي ويهه هزار رپيا رهيل آهن، اهي جلد ادا ڪري.[15]

سيٺ پونجو. پونجو سيٺ، ديوڪرن جو پٽ هو، جنهن کي لاکي قتل ڪرايو هو. هيءُ ڏاهپ ۽ اٽڪل ۾ پنهنجي پيءُ کان گهٽ نه هو. لاکي سان هن جي ٺهڪي نه سگهي، تڏهن ان جي پٽ ۽ وليعهد سان دوستيءَ جو رستو ڳنڍيائين، ۽ اهڙيءَ طرح لاکي جي برخلاف هڪ محاذ قائم ڪري ورتائين. پيءُ پٽ ۾ ڪافي وقت تائين مخالفت جاري رهي، آخر صلح ٿيو. پٽ، سيٺ پونجي کي ڇڏي ڏنو، ۽ سندس لاءِ فقط هڪ هزار ڪوڙي(پنجويهه پائونڊ) جي پينشن مقرر ڪئي ويئي. سيٺ 1760ع ۾ فوت ٿيو، ته ان وقت ۾ سيٺ پونجي جي خدمات جو ڪوبه لحاظ نه ڪيو ويو. هڪ ٻئي شخص کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو ويو. پونجي سيٺ کي سخت ارمان ٿيو. هن راءُ سان ملاقات ڪرڻ چاهي، مگر راءُ سندس درخواست رد ڪري ڇڏي. هن پوءِ، سيٺ پونجي کي قتل ڪرائڻ چاهيو. آخر هن کي ڪڇ مان ئي ڀڄڻو پيو. هو پهريائين ڪنٺ ڪوٽ ويو ۽ اتان ويرا واهه پهتو، ۽ پوءِ اتان ديوان گدومل سان خط و ڪتابت ڪئي. ميان غلام شاهه سيٺ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. مهماننداريءَ جي لاءِ هڪ هزار اشرفيون هن وٽ ڏياري موڪليون ۽ هڪ سؤ ماڻهو پيشوائيءَ جي خيال سان روانا ڪيا. اهوئي شخص، ڪڇ تي حملي جو فوري محرڪ بنيو؛ جيتوڻيڪ ڪڇ جي والين جي روش، هن کان اول ئي حملي جي جواز لاءِ سبب پيدا ڪري ڇڏيو هو.

پهرين ڪاهه. ”تحفته الڪرام“ جي بيان مطابق ڪڇ تي پهرين ڪاهه 9 ربيع الثاني 1176هه (38 آڪٽوبر 1762ع)، جو ٿي. ميان صاحب پهريائين لشڪر روانو ڪري ڇڏيو هو، ۽ پوءِ پاڻ ڪڇ جي طرف روانو ٿي ويو. پونجا سيٺ لشڪر سان هو، رستي ۾ سندري[16] جو قلعو فتح ڪري، اڳتي وڌيو ته ڪڇ جي فوج جا ڇهن هزارن جي قريب هئي، سا جاره جبل تي جمع ٿيل هئي. هنن پنهنجن زالن ۽ ٻارن کي تلوار سان ختم ڪري، سندن مقابلو ڪيو. ڪن روايتن ۾ اها ڪيفيت هن ريت بيان ٿي آهي ته رت جا درياءَ وهي هليا، ۽ انهن جي طاقت جو هيءُ عالم هو اڌ اڌ سير جا پٿر رت جي وهڪري ۾ لڙهي هليا[17].

جاره جي لڙائي. جاره جي جنگ کي هن مهم ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌي فوج ستر هزار هئي. راءُ رستي جي سڀني کوهن کي پٿرن سان ڀرائي ڇڏيو هو، ۽ ڪڇ جهڙي ملڪ ۾ پاڻيءَ کان سواءِ اڳتي وڌڻ نهايت مشڪل هو، ليڪن ميان غلام شاهه جي ارادي ۾ ڪوبه تزلزل پيدا نه ٿيو، ۽ مشڪلاتون رستي ۾ رنڊڪون بنجي نه سگهيون.

جاره ۾ ڪڇ جي فوج جا ڪيترا ماڻهو هڪ وڏيءَ توپ جي آسپاس جمع هئي، اتفاق سان توب ڦاٽي پيئي، هن حادثي ۾ گهڻا ماڻهو مري ويا؛ باقي بچيل ماڻهن ۾ افراتفري ڦهلجي ويئي. عين انهيءَ موقعي تي سنڌي فوج جا بهادر سپاهي تلوارون هٿن ۾ کڻي پهاڙ تي چڙهي ويا. ڪڇ جو وزير ۽ ڪي ٻيا معزز سردار ۽ رئيس اتي وڙهندي مارجي ويا.

ٽوپڻ مل لکيو آهي ته ”جاره پهاڙ تي جيڪي ماڻهو سڀني کان اول پهتا، تن جو سردار مير بهرام خان ٽالپر هو؛ ۽ حق اهوئي آهي ته جاره جي لڙائيءَ هن جي ئي مردانگيءَ سان فتح حاصل ٿي هئي. جيڪڏهن سنڌي نوجوان جبل کان هيٺ ويٺا رهن ها، ته جبل جي مٿان انهن تي گوليباري ڪرڻ جو تنهان ئي وڌيڪ سلسلو شروع ٿي وڃي ها ۽ هو نڪي هڪ قدم ڪو اڳتي وڌي سگهن ها، ۽ نه وري ڪو اتي ئي ترسي سگهن ها.

”انشاي عطارد“ جو پيش ڪيل خط. جاره جي لڙائيءَ جي مختصر ڪيفيت ”انشاي عطارد“ ۾ پڻ بيان ٿيل آهي، جنهن جو خلاصو هن ريت آهي:

جاره جي تسخير نهايل محال ڄاتي وئي ٿي، ليڪن سنڌي لشڪر، ان جي نهايت تڪليف وارن لَڪن مان لنگهي، مٿي پهچي ويو.

ڪڇين سان لڙائي ٿي ۽ ڇهن ڪلاڪن تائين مقابلو ٿيندو رهيو.

آخرڪار فتح سنڌين کي حاصل ٿي.

هتي هيءُ به ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته عام بيانن مطابق ميان غلام شاهه ڪڇ کي ختم ڪري، رجب جي مهيني ۾ واپس وڃي چڪو هو. ليڪن ”انشاي عطارد“ جو بيان آهي ته ’جار، جي لڙائي، 9 شعبان جو ٿي هئي، ۽ 13 شعبان جي ڪڇين صلح جي درخواست پيش ڪئي هئي[18]. افغانستان جي درٻار کي، هن فتح جي جڏهن خبر ملي؛ تڏهن 20 ربيع الثاني 1177 هه ۾ پهرين جماد الاول 1177هه جو، خوشنوديءَ جا ٻه پروانا ميان صاحب جي نالي موڪليا ويا[19].

صلح جا شرط. جاره جي لڙائيءَ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ميان صاحب اڳتي وڌي حملو  ڪيو، سندس فوجون ڪڇ جي گاديءُ ڀُڄَ کان فقط ٻارهن ڪوهن جي پنڌ تي هيون. آخر راءَ، سيٺ پونجا جي وساطت سان صلح جو پيغام موڪليو ۽ بسته بندر ۽ لکپت جا بندر ميان صاحب جي حوالي ٿيا. هڪ شرط هيءٌ به طي ٿيو ته ’راءَ جي ڀيڻ جي شادي ميان صاحب سان ٿيندي‘. سيٺ پونجا سڀني شرطن جي پورائيءَ جي زميداري پاڻ تي کنئي، ۽ ميان صاحب تاريخ 2 رجب 1176 هه(17 جنوري 1163ع) جو، پنهنجي مرڪز شاهپور ڏانهن واپس موٽي ويو. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان صاحب واپس موٽڻ لاءِ تيار نه هو، مگر سيٺ پونجا ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پيو ۽ سندس ضرور اهائي خواهش هئي، ته ڪڇ جي راءَ کي پنهنجي هلنديءَ پڄنديءَ جو يقين ڏياري وزارت حاصل ڪري. هن، اهو به چاهيو ٿي ته راءَ جي ڀيڻ، ميان صاحب سان پرڻائي وڃي؛ ليڪن ڪڇ کي سنڌ ملڪ جي علائقي بنائڻ لاءِ تيار نه هو. پونجي، ميان صاحب جي روبرو صورتحال جو نقشو، اهڙي پريشاني پيدا ڪندڙ انداز ۾ پيش ڪيو، جو ميان کي صلح تي رضامند ٿيڻ ئي زياده مناسب نظر آيو.


[1] ”تاريخ ڪلهوڙا“، انگريزي ۾ ٽائيپ ڪيل نسخہ ص.1 ــ 12

[2]”انشاي عطارد“، ص6 7ــ177

[3] .تحفتہ الڪرام“، ج 3 ص 114 ـــ 115

[4] ”صبح صادق“ جو بيان آهي تہ اختيار خان مدواڻيءَ، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کان ڳڙهي شادي خان کسي، ان جو نالو”ڳڙي اختيار خان“ رکيو، ۽ ان جي آبادي لاءِ هڪ واهہ ” اختيار واهہ“ نالي کوٽايو هو جڏهن هن واهہ جو کوٽائڻ جي رسم ادا ٿيڻ لڳي، تڏهن اختيار خان اعلان ڪيو تہ هي رسم انهيءَ ماڻهو کي ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن بلوغت کان وٺي تهجد جي نماز قضا نہ ڪئي هجي. ساري مجمي مان، اختيار خان کان سواءِ ٻيو ڪو بہ هن شرط پوري ڪرڻ وارو نہ نڪتو ـ

(”صبح صادق“،ص 86 )

[6] ”فتحنامو“ ص57ـــ58. هي ڪتاب جيئن تہ ٽالپرن جي سرپرستي ۾ لکيو ويو، ان ڪري مير بهرام کي هر ڪارنامي ۾ عزت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هيءُ بہ ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي تہ اٻاوڙي جي لڙائي 1173هہ ۾ ٿي هئي، ۽ ميان صاحب کي خطاب 1175 هہ ۾ مليو هو. مرزا قليچ بيگ بہ ”فتحنامي“ وانگر حالات خلط ملط ڪري ڇڏيا آهن. هن جو بيان آهي تہ افغاني فوج عطر خان جي مدد لاءِ آئي هئي. انهي جو سردار بهادر خان هو(”تاريخ سنڌ“، ج2، ص 158).

[7]  (تحفتہ الڪرام“، ج 3، ص 113)

[8] . ”تاريخ بيڪانير“، مرتب، راءِ موهن لعل ڀٽناگر، مال آفيسر رياست بيڪانير، ص 186

[9] . ”تحفتہ الڪرام“، ج 3 ، ص 115

[10] . ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 12

[11] . هو سمورو بيان ” تاريخ ڪلهوڙا تان ورتل آهي  ( انگريزي ٽائيپ ٿيل نسخو، ص 10 ) .

[12] . جنرل سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي بابت جون 1947ع، ص 85ـــ 97

[13]هي اقتتباس ”سنڌ گزيٽيئر“ تان ورتل آهي

[14] ممڪن آهي ته هيءُ اهو هنڌ هجي، جنهن کي سنڌ جي ريلوي جي نقشي ۾ Raskanoje لکيو ويو آهي. ملاحظ هجي ”سنڌ ريلوي“، انگريزي، مطبوعه 1856ع جو نقشو، ص 81. ۽ غالباً هن هنڌ کي ميان نورمحمد خان جي حڪومت واري دور جي لڙاين ۾ ڪانجي ٻڌايو ويو آهي. هيءُ هنڌ سنڌونديءَ جي ڪوڙي نالي شاخ جي مُنهن جي ويجهو ڪڇ رياست جي بلڪل لاڳو آهي.

[15]  The Chronology of Mderen India ص 191 ۽ 205 پوئين واقعي جي سلسلي ۾ مورخن جو بيان آهي ته پيشوا، گائڪوڙ کان مدد گهري هئي. گائڪوڙ پنهنجي طرفان شيوڪرام کي موڪليو هو ”بمبئي گزيٽيئر، حصہء گجرات“ ص 342 رٿا هيءَ ڪئي ويئي هئي ته سنڌ جي خانہ جنگيءَ مان فائدو وٺي، ٺٽي تي قبضو ڪيو وڃي. ڪڪرالي جو ڄام گهڻي مدد ڏئي سگهيو ٿي.

[16] هيءُ مقام لکپت کان ٽيهن ميلن جي پنڌ تي هو. هينئر هيءُ برباد ٿي چڪو آهي.

[17] جرنل سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، بابت آڪٽوبر 1934، ص 15.

[18] ”انشاي عطارد“، ص 198-199.

[19] ”انشاي عطارد“ ص 200

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org