سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:25

مخدوم جي فرمائش تي ميان غلام شاهه هڪ فرمان جاري ڪيو هو، اهو هن کان اڳ ميان صاحب جي حالات ۾ درج ٿي چڪو آهي. ”تحفته الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي:

در تقويت دين سنت و جماعت وا احياءِ سنن، نادرهء زمان بود… بر مشرڪين و معادين دين عملش خوب جرياني داشت- در زمانش صدها از گروه ذمي بہ شرف ايمان رسيدند. بلاسلاطين وقت مثل نادر شاه بادشاه و احمد شاه رسل و رسائل مفتوح درست احڪام تقويت دين بہ استدعايش حسب دلخواه مي رسيدند و حسن نفاذ مي يافتند. ([1])

(سنت جماعت کي زور وٺائڻ ۽ سنت نبي جي احيا لاءِ ڪوشش وٺندڙ جهڙس ٻيو ڪو ورلي جي هو. دين جي دشمنن ۽ مشرڪن خلاف سندس عمل خوب جاري هو. هن جي دور ۾ سوين ذمي ايمان جي دولت سان مشرف ٿيا. وقت جي بادشاهن، مثلاً نادرشاهه ۽ احمد شاهه ابدلايءَ سان سندس خط و ڪتابت جاري هوندي هئي. هن جي استدعا موجب دين جي طاقت لاءِ حڪم جاري ٿيندا رهندا هئا، ۽ نهايت سهڻي طريقي سان انهن تي عمل ٿيندو هو.)

        4. رجب 1174 هه (9 فيبروري 1761ع) جو وفات ڪيائين. هن جا ٻه فرزند هئا- هڪ عبدالرحمان. جو جهونا ڳڙهه ۾ فوت ٿي ويو، ۽ ٻيو مخدوم عبداللطيف، جنهن والد جي وفات کان پوءِ به علمي شان ۽ ڪمال جو اعزاز قائم رکيو، ۽ اهڙيءَ ريت مخدوم محمد هاشم جو درسگاهه دستور موجب هلندو رهيو. مخدوم عبداللطيف پنهنجي پيءُ وانگر مدرسي ۾ پڙهائڻ سان گڏ روزانو عصر جي نماز کان پوءِ مسجد ۾ حديث جو درس ڏيندو هو، ۽ هر جمعي تي جماع مسجد ۾ واعظ ڪندو هو ([2]).

مخدوم محمد ابراهيم. مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم جو فرزند مخدوم ابراهيم به پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم هو. هن جي ڪيترين قلمي تصنيفن جو ذڪر مولانا محمد عبدالرشيد نعمانيءَ پنهنجي انهيءَ فاضلانه مضمون ۾ ڪيو آهي، جيڪو هن ڪتبخانه مظهرالعلوم ڪراچي جي مخطوطات متعلق لکيو هو، ۽ جو رسالي ”دعوت الحق“ جي مختلف نمبرن ۾ شايع ٿيو هو ([3]). جيتوڻيڪ مخدوم موصوف جي سامهون ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، ۽ ٽالپرن بلوچ سنڌ تي تسلط ڄمائي چڪا هئا، ليڪن سندس پيدائش ۽ تربيت ڪلهوڙن جي ئي دور ۾ ٿي هئي. هن ڪيترن مختلف رسالن ۾ ڪن اهم مسئلن تي مفصل بحث پڻ ڪيا. مثلاً هڪ رسالي ۾، جنهن جو نالو ”اماطللة اذي العبيد عن طريق جواز استعمال اموال الڪافر العنيد“ هو، ذمين جي صحيح حيثيت ظاهر ڪئي اٿس، ۽ منجهس پنجيتاليهن سببن سان ثابت ڪيل آهي ته مخدوم جي زماني ۾ سنڌ جا غير مسلم ذمي نه رهيا هئا، بلڪ حربي بنجي چڪا هئا ([4]).

        کوسا قوم جا بلوچ موقعو وٺي رياست جوڌپور جي حدن ۾ لُٽمار ڪندا رهندا هئا، ۽ مال سان گڏ عورتون ۽ ٻار به کڻي ويندا هئا. مخدوم ابراهيم کان پڇيو ويو ته انهن قيدين کي ٻانهيون، ۽ غلام بنائڻ ۽ مال کي پنهنجي ضرورت ۾ خرچ ڪرڻ جائز آهي يا نه: مخدوم پنهنجي خيال مطابق ان کي جائز قرار ڏنو، ۽ جوڌپور جي رياست کي دارالحرب ثابت ڪيائين.

شيخ عثمان ٺارو. هن دور ۾ هڪ زبردست عالم شيخ عثمان ٺارو هو، جو ميان نور محمد نصرپوريءَ جو شاگرد هو. هن مخدوم ابراهيم جي راءِ سان اختلاف ڪيو، ۽ اهو به لکيو ته سنڌي ڪافرن کي ذمين جي بدران حربي قرار ڏيڻ غلط آهي، ۽ هي به لکيائين ته جوڌپور دارِالحرب نه آهي، مخدوم ابراهيم عربي نظم ۾ شيخ عثمان جي هجو ڪئي، ۽ بيحد جوش ۾ اچي شيخ موصوف کي جوڌپور جي ڪافرن جو حمايتي ظاهر ڪيو، حالانڪ هن جو مقصد ۽ مدعا فقط هيءُ هئي ته مسئلي جي حقيقي حيثيت واضح ٿي وڃي؛ ۽ جوڌپور جي باشندن جي حمايت سان هن جو ڪوبه لاڳاپو نه هو. سيخ عثمان ۽ ان جي شاگرد ميان محمد صادق جي رد ۾ هڪ سؤ ٻاويهن صفحن جو هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن جوڌپور جا حالات بيان ڪري ثابت ڪيو ته اهو واقعي دارالحرب آهي، ۽ ضمني طرح سنڌ جا حالات به ڪتاب ۾ لکي ڇڏيا.

        انهن ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرو اسان جي هن موضوع کان خارج آهي. مقصد فقط هيءُ آهي ته ڪلهوڙن جي دور ۾ ۽ ان کان ڪجهه مدت پوءِ، سنڌ ۾ ايڏي پايي جا عالم موجود هئا جو هو ملڪي پاليسيءَ جي ڪن بنيادي مسئلن بابت جيڪي رايا ڏيندا هئا، انهن سان ڪنهن کي پورو اتفاق هجي يا نه هجي، ليڪن ڪو شخص اڄ به ائين چئي نٿو سگهي ته اهي مختصر ۽ سطحي هئا، يا موافق ۽ مخالف دليلن جي ڀيٽا ڪرڻ کان سواءِ ڏنا ويا هئا.

قاضي مخدوم عبدالرحمان. ”قانع“ جي بيان مطابق، هو نهايت جليل القدر عالم ۽ صاحب فضيلت بزرگ هو. شاهه جهان جي زماني ۾، عالمگير جي حڪومت جي آخري دور تائين، حرمين شريفين جي نذرانن جو انتظام هن جي حوالي رهندو هو. هن جا چار فرزند- مخدوم محمد اڪرم، ميان مدني، حفيظ يار خان ۽ عابد يار خان هئا. هن خاندان جو هڪ ٻيو به بزرگ قاضي عبدالرحمان ثاني هو، جو مديني منور ۾ فوت ٿيو، ۽ ان کي جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.

حاجي محمي قائم. ”تحفته الڪرام“ ۾ لکيل آهي ته ’عالم اڪمل و فاضل افضل، مجموعہء علم معقول و منقول هو. وقت جي عالمن سان سندس بحث ٿيندا هئا، ۽ حاجي موصوف گهڻو ڪري انهن بحثن ۾ بلند رهندو هو. هر روز عصر جي نماز کان پوءِ حديث جو درس ڏيندو هو. هڪ دفهي حج ڪري واپس موٽي آيو؛ ٻئي دفعي وي ته مديني منور ۾ امامت اختيار ڪيائين، ۽ پوءِ اتي ئي 1157هه ۾ وفات ڪيائين، ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيو. ملا محمد باقر واعظ ۽ مخدوم نور محمد نصرپوري حاجي صاحب جا شاگرد هئا.

        مقالات الشعراء“ ۾ آهي ته حاجي قائم حديث جي علم ۾ وڏي اعتماد وارو ڄاتو ويندو هو. حافظي جو هيءُ حال هو، جو جن مسئلن ۽ مقدمن کي ٻيا عالم پوريءَ تحقيق کان پوءِ بيان ڪندا هئا، حاجي قائم بروقت انهن تي پنهنجي راءِ ڏيندو هو، بلڪ هر ڪتاب جي بابن ۽ صفحن جو حوالو به ڏيندو هو. پهرين دفعي جڏهن حج جو ارادو ڪيائين، ته سفر ۾ ايندي ويندي جتي به ويو ٿي اتي ماڻهن سندس وڏي عزت ۽ استقبال ڪيو ٿي، خاص ڪري سورت ۾ عقيدتمندن سندس استقبال اهڙي شان سان ڪيو، جنهن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. سال 1154 هه ۾ حرمين جي سفر تي روانو ٿيو ۽ اهوئي فيصلو ڪري نڪتو ته مديني ۾ مقيم ٿيندس. تاريخ وفات ”في جناتِ تجري“ مال 1157ع نڪري ٿي.

        شعر پڻ چوندو هو- ’استخراج تحويل شمس‘ جي فن ۾ هڪ قطعو لکيو هئائين، جيڪو ”مقالات“ ۾ درج ٿيل آهي ۽ ان ۾ استخراج جي علمي قاعدي کي نهايت سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي ([5]).

 

شاهه نجم الدين. هيءُ قادري حسني هو. سندس لقب ”محي لادين ثاني“ هو، ۽ ڪشمير جو رهاڪو هو. سال 1165 هه ۾ ٺٽي آيو ۽ شهر واسين کي پنهنجي ظاهري ۽ باطني علم جي نور سان گهڻوئي فيض رسيائين. ميان نور محمد کي ان سان ملڻ جو ايترو شوق هو جو خداباد کان هالا ڪنديءَ تائين ۽ اتان کان ٺٽي تائين ڪيترائي وسيلا اختيار ڪيائين. شاهه صاحب ملاقات تي راضي نه ٿوي، ۽ ميان صاحب لاءِ ”نقش صد در صد“ درست ڪيائين، ۽ ان جي تاريخ ۾ هيءَ مصرع چيائين:

                چون نجم دين لا مع شده نور محمد زد علم.

        هن بزرگ ٻه دفعا حج ڪيو. ([6])

 

باب ٻٽيوهون

علم ۽ فضل

[3]

اهم ديني تصنيفون. جن عالمن سڳورن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن ڪتاب ۽ رسالا تصنيف ڪيا، ۽ ٻيا اهرا به آهن. جن جون عمريون درس ۽ فتوا ڏيڻ ۾ گذري وييون، ۽ مستقل تصنيفن تي توجهه ڏيڻ جو وقت نه ملي سگهيو؛ ليڪن عام ماڻهن کي هيءُ ٻڌي حيرت ٿيندي ته ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ اهڙا بزرگ به پيدا ڪيا، جن حديث جي ڪتابن جون شرحون لکيون؛ پر پنهنجي علم ۽ فضل آهر شهرت حاصل ڪري نه سگهيا. مثلاً:

        1. ابوالحسن ڪبير، جنهن ”صحيح بخاري“، ”صحيح مسلم“، ”سنن ماجہ“ ۽ ”سنن نسائي“ تي تعليقات کليا، ۽ ”فتح القدير“ ۽ مسند امام احمد بن جنبل جا حاشيا مرتب ڪيا. هن سال 1134 هه يا 1137 هه ۾ وفات ڪئي.

        2. ابوالحسن صغير، جنهن تصوف ۾ ڪمال درجو حال ڪيو، ۽ 1187 هه ۾ فوت ٿي ويو.

        3. ملا ابوالطيب بن عبدالقادر، جنهن ”جامع ترمذي“ جي شرح لکي.

        4. ملا محمد اڪرم نصرپوري، جنهن ”صحيح بخاريءَ“ جي شرح سان گڏ توضيح ۽ تلويح تي حاشيو لکيو.

        حديث جي مستند ڪتابن تي اهي ئي ماڻهو شرح لکي سگهيا ٿي، جيڪي حديث جو اعليٰ ذوق رکندا هئا، ۽ جن جو مقصد ۽ نصب العين اهوئي هو ته حديغ جو علم وڌيڪ پکڙجي اهل علم جو بيان آهي ته اهي تعليقات ۽ اهي شرحون انهن ماڻهن جي زماني ۾ به مفيد ۽ قدر لائق هيون، ۽اڄ به انهن جي افادي حيثيت کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي.

 

شيخ محمد حيات سنڌي. انهيءَ دور ۾ شيخ محمد حيات سنڌي به ٿي گذريو آهي. هيءُ قوم جو چاچڙ، ۽ عادلپور جو ويل هو، جو روهڙيءَ ۽ گهوٽڪيءَ جي وچ تي هڪ ڳوٺ آهي. جوانيءَ جي ئي وقت ۾ مديني منور ڏانهن هليو ويو، ۽ تعليم مڪمل ڪري هميشه لاءِ اُتي ئي رهائش اختيار ڪيائين، ۽ ساري حياتي درس حديث جي درس ڏيڻ ۾ گذاريائين. شيخ غلام علي ’آزاد‘ بلگراميءَ لکيو آهي ته

تبحر عظيم درين فن اشرف اندوخت… خواص و عوام حرمين شريفين و مصر و روم و شام اعتقادو اخلاص خاص داشتد و از ذات همايون ڪسب برڪات مي نمودند: ([7]).

        (حديث جي فن  بيحد عبور حاصل ڪيو هئائين… مڪّي معظم، مديني منور، مصر، روم ۽ شام جي خواض توڙي عوام کي شيخ موصوف سان خاص اخلاص ۽ عقيدت هئي، ۽ وٽانئس برڪتون حاصل ڪندا رهندا هئا.)

        26- صفر 1163 هه (24 جنوري 1749ع) تي، اربع جي ڏينهن، شيخ صاحب وفات ڪئي، ۽ ’جنت البقيع‘ ۾ دفن ڪيو ويو.

        شيخ جو شاگردن جو اندازو ڪرڻ نهايت مشڪل آهي. نواب صديق حسن خان فقط هيٺين شاگردن جو ذڪر ڪيو آهي: شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ محمد سعيد، شيخ عبدالقادر خليل، شيخ عبدالقادر بن احمن بن عبدالقادر، سيد غلام علي ’آزاد‘ بلگرامي، شيخ محمد فاخر ’زائر‘ الله آبادي ([8]). انهن کان سواءِ مولانا محمد زاهد سورتي، شيخ عبدالخالق يمني، سيد عبدالرحمان العيد روسي ۽ نواب مصطفيٰ خان ’شيفته‘ به شيخ محمد حيات کان سند حاصل ڪئي، ۽ نجد جي ”تحريڪ اصلاح“ جي بانيءَ، شيخ محمد بن عبدالوهاب، به شيخ موصوف کان ئي حديث پڙهي هئي.

        نواب صديق حسن خان سندس ڪيترين ئي تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان خاص طرح ذڪر لائق هي آهن: ”الا قياف عليٰ سبب ا ختلاف“، ”رسالہ في رد بدعة التعزيہ“، ”تحفة الانام في الحمل بحديث النبي عليہ الصلواة والسلام“. پوئين رسالي جي تلخيص ميرزا مظهر جانجانان ڪئي هئي، جا ”ڪلمات طيبات“ ۾ ڇپجي چڪي آهي.

شيخ جو درجو. حديث جي نشر و اشاعت ۾ شيخ محمد حيات جو درجو تمام بلند آهي. ٻارهين ۽ تيرهين صدي هجريءَ ۾ جن صاحبن مختلف سلسلن ۾ احياي حديث لاءِ خاص اهتمام ڪيو، انهن مان گهڻن جي فيض جو سلسلو شيخ صاحب تي اچي ختم ٿئي ٿو. دين جي صحيح علمن جي احياء ۽ اشاعت ۾ هڪ سنڌي بزرگ جو هيءُ عظيم الشان ڪارنامو، هر سنڌيءَ لاءِ يقينا فخر جو باعث هجڻ گهرجي. شيخ ’جاخر‘ الهه آباديءَ هڪ مغنويءَ ۾ شيخ محمد حيات سنڌيءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

                    باد بر روي صفحہ دوران      محفل آراي حلقہ انسان

                    شيخ السلام عصر علامہ        در فنونِ حديث فهامہ

                    موشگافِ دقائقِ ايمان              راز دانِ حقائق ايمان

                    رستہ از حبس ربقهء تقلبد  بستہ بر اجتهاد راي مزيد

                    درسد فرماي مسجد نبوي بہ طريق و شفيق مصطفوي

                    آن محمّد حيات بخت بلند بہ حديثِ نبي قوي پيوند

                    متع الله زمرة العيان              با فادا ته الي الازمان

                    سرِ من خاک پاي اُو بادا   جانِ من در رضاي اُو بادا ([9])

شاهه فقير الله علوي. هن جو احوال پهريائين لکي آيو آهي. سندس اصل وطن جلال آباد (افعانستان) هو؛ اتان نڪري وڃي شڪارپور جو رهواسي ٿيو. جو اڳ به سنڌ جو مشهور شهر هو، ۽ اڄ به ان کي خاص اهميت حاصل آهي؛ ليڪن نادرشاهه جڏهن سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو، تڏهن شڪارپور پهرين دائودپوٽن جي حوالي ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ وري دائود پوٽن کان کسي سڌيءَ طرح پنهنجيءَ سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيائين، ۽ ان کان پوءِ افغان حڪمران شڪارپور تي قابض رهيا. شاهه فقير الله علوي ظاهري ۽ باطني علمن ۾ پنهنجي وقت جو وڏي پايي جو عالم هو. بادشاهن رئيسن، علامن ۽ الله وارن سان سندس خط ڪتابت هوندي هئي: انهن مان احمد شاهه ابدالي، ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙي، شاهه ولي خان، وزيراعظم افغانستان، ۽ شهزادي سليمان بن احمد شاهه سان خط ڪتاب جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. حج پڻ ڪيو هئائين. ”تحفته الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ بزرگيءَ جي سلسلي کي ڪمال درجي تي پهچائي ڇڏيو هئائين. خاص توڙي عام سندس معتقد هئا. شڪارپور جي حاڪمن کي ساڻس خاص عقيدت ٿهئي. جيئن اڳ ٻڌائجي چڪو آهي، سندس ڪتبخانو علمي جواهرن جو هڪ قيمتي خزانو هو. افسوس جو شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ اهو ضايع ٿي ويو.

مخدوم جعفر بوبڪائي. هيءُ بزرگ مخدوم ميران جو فرزند هو. مخدوم، رمل ۽ نجات جي علمن ۾ بيمثال مڃيو ويندو هو. ”قانع“ سندس باري ۾ ڪي عجيب غريب حڪايتون لکيون آهن، جن کي هن دور ۾ شايد اعتبار جوڳيون نه ڄاتو وڃي. مثلاً، هڪ دفعي مخدوم صاحب سنڌ کان دهليءَ وڃڻ جو ارادو ڪيو. راهه خرچ لاءِ جيڪي ڏوڪڙ ساڻ کنبا هئائين، سي لاهور پهچندي ئي ختم ٿي ويس. ڪنهن کان گهرڻ يا قرض وٺڻ تي دل نه ٿيس- علم جي ۽ قرض شايد ملي به نه سگهيس ها- انهيءَ ڪري پنهنجي ’نير نجات‘ کان ڪم وٺي، شهر جي باهران هڪڙو باغ تيار ڪيائين، جنهن ۾ ميويدار وڻ هئا. پوءِ ان باغ کي ڪنهن دولتمند وٽ گروي رکي، پيسا وٺي، دهليءَ پهچي ويو. موٽندي گرويءَ جي رقم ادا ڪيائين، ۽ پوءِ باغ کي نيست نابود ڪري ڇڏيائين.

        ٻئي هنڌ لکيل آهي ته هڪ دفعي بادشاهه مهيني جي آخري تاريخن ۾ کانئس پڇيو ته چنڊ ڪڏهن ڏسبو. مخدوم سرسري طرح حساب ڪري تاريخ ٻڌائي. ٻين نجومين حساب ڪري، هڪ ڏينهن پوءِ جي تاريخ بيهاري. انهيءَ تي مخدوم ڪتاب ڪڍي باقاعدي حساب ڪيو، ته پنهنجو فيصلو غلط ۽ ٻين جو فيصلو درست معلوم ٿيس. پنهنجي ايڏي ساري غلطي قبول ڪرڻ ۾ جيڪي سو گهٽتائي محسوس ٿيس، ان ڪري پنهنجيءَ ٻڌايل تاريخ مطابق، پنهنجي ’نير نجات‘ جي علم جي زور تي، هڪڙو نئون چنڊ آسمان تي چمڪائي ڇڏيائين!

        اصلي چنڊ وري ٻئي ڏينهن تي ظاهر ٿيو. ان ڳالهه تي ماڻهن ۾ جڏهن گهڻو چؤٻولو پئجي ويو، تڏهن مخدوم سموري حقيقت ظاهر ڪري ٻڌائي.

        مخدوم جعفر جو فرزند مخدوم عبدالغني به تمام وڏو عالم هو. هن 1169 هه (1756ع) ۾ وفات ڪئي. ”قانع“ وفات جي تاريخ هن قطعي ۾ چئي:

مخدومِ پاک سيرت عبدالغني ڪـہ بـود،
در عــلـم شـرع مـصـطـفـوي محـزن نـهـفـت؛
هاتف بہ روز رفتن ولآ در جنان ز غيب،
”فيها علي الارائکِ نعم الثواب“ گفت
([10]).

        محمد شفيع خان. هيءُ شخص ٺٽي جي مخدمن مان هو. عمر جو گهڻو حصو دهليءَ ۾ گذاريائين. ساري عمر شادي نه ڪيائين، ۽ حياتيءَ ۾ جيڪي ڪجهه گڏ ڪيو هئائين، سو پنهنجي ڀاءُ محمد رضا خان جي خبر گيريءَ ۾ صرف ڪندو رهيو. سن 1160 هه ۾ حج جي ارادي سان وطن موٽي آيو. ”قانع“ لکيو آهي:

        هو صوفي صافي هو، ۽ فقيرن سان گهڻي صحبت هيس. سندس صحبت فيض کان خالي نه هئي. مخدوم محمد معين ساڻس ملي تمام گهڻو خوش ٿيندو هو.

        ڪن رڪاوٽن سببان حج جو صفر ۾ دير ٿيندي رهي، تان جو آخر اجل جو پيغام اچي پهتو. ”قانع“ سندس وفات جي تاريخ هن طرح چئي:

 

”روز يڪہ جانش واصلِ حق شد ز روي هم،
”قانع“ بگفت، باد محمد شفيع خان.“
([11])

مولوي محمد صادق. هيءُ مخدوم عنايت الله واعظ جو فرزند، ۽ مخدوم محمد معين جي چند بهترين شاگردن مان هو. مقولات ۾ يگانو مڃيو ويندو هو؛ ليڪن ايتري شهرت حاصل ڪانه ڪيائين. ڪلهوڙا حڪومت طرفان شيخ شڪر الله ٺٽي جو ناظم هو، ۽ ميرڪ محمد احسن کي شيخ الاسلام جو منصب تي مقرر ڪيو ويو هو: هي ٻئي مولي محمد صادق جي عزت ۽ پر داخت تي خاص طرح توجهه ڏيندا هئا. مولوي صاحب کي شعر گوئيءَ سان به چڱي دلچسپي هئي. ([12])


[1]) ) ”تحفته الڪرام“، ج 3، ص 230

[2]) ) ”تحفته الڪرام“ ج 3، ص 230

[3]) ) ”رسالہ دعوت الحق“، بابت آگسٽ ۽ ڊسمبر 1952ع، ۽ باببت جنوري ۽ فربروري 1953ع.

[4]) ) “رسالہ دعوت الحق“، بابت آگسٽ ۽ سپٽمبر 1952ع، ص 43

[5]) ) ”مقالات الشعراء“، ص 234-236

[6]) ) ”مقالات الشعرا“ ص 239

[7]) ) ”مآثر الڪرام“، دفتر پهريون، ص 164

[8]) ) ”اتحاف البلاء المتقين باحياء مآثر الفقها المحدثين“، ص 403

[9]) ) ”اتحاف النبلاء المتقين با حياء. اَثر الفقها المحدثين“، ص 404

[10]) ) ”مقالات الشعرا“، ص 173

[11]) ) ”مقالات الشعرا“، ص 159-160

[12]) ) ”مقالات شعرا“، ص 170

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org