مير فتح علي خان ميمنه جي طرف کان اهڙو زبردست
حملو ڪيو، جو سندس مقابلي ۾ جيڪي راٺوڙ هئا، سي
ڀڄي نڪتا. راٺوڙن جون ٻيون ٽوليون به مضبوطيءَ سان
مقابلو ڪري نه سگھيون، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ميدان خالي
ٿي ويو. بيشمار مال، مختلف قسمن جون سوين مڻ
جنسون، تنبو، غاليچا، توبون، بندوقون، اٺ ۽ هاٿي،
سنڌين جي هٿ آيا. جيڪي راجپوت مارجي ويا هئا، انهن
کي سون جي زريءَ وارا ڪپڙا پهريل هئا، جي پڻ فاتحن
لاهي ورتا.
بروهي فوج جي آمد.
عبدالنبيءَ جوڌپور طرفان جيڪا مصيبت نازل ڪئي هئي،
اها ته ختم ٿي ويئي، پر هو پاڻ جيڪا مصيبت پنهنجي
وطن تي آڻڻ لاءِ تيار ٿي چڪو هو، ان جو مقابلو اڃا
درپيش هو، عبدالنبيءَ، مير نصير خان بروهيءَ قلات
جي واليءَ کي درخواست ڪئي ته ’اوهين مون کي فوج جي
مدد ڏيو: آءُ وري جنهن وقت سنڌ جو حڪمران بنيس، ته
تن؛ لکن رپين سان گڏ پنهنجي ملڪ جو هڪ حصو به
اوهان جي حوالي ڪندس.‘
ياد هوندو ته مير بجار پنهنجي والد ۽ ڀاءُ جي قتل
جي خبر ٻڌي جڏهن قلات پهتو هو، ته خود مير نصير
خان درخواست ڪئي هيس ته منهنجو لشڪر پاڻ سان وٺي
وڃو؛ ميربجار انڪار ڪيو هو، ۽ چيو هو ته ’مون کي
پنهنجي ملڪ تي فوج وٺي چڙهائي ڪندي شرم ٿو اچي‘ …
ليڪن ميان عبدالنبيءَ کي پنهنجي ملڪ جي دولت ۽
زمين ٻين جي حوالي ڪري، ڌارين جي لشڪر آڻڻ ۾ ڪوبه
حيا حجاب نه محسوس ٿيو!
مير نصير خان پنهنجي فوج مدد ۾ ڏني، ۽ پنهنجي
نياڻي مير زرڪ کي ان جو سپهه سالار مقرر ڪري
موڪليو. ”تاريخ بلوچستان“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن
مهم ۾ مير زرڪ زهريءَ سان گڏ مير ولي محمد ڪوري
زئي، ڄام خداداد موساڻي، ۽ مير بازو جتڪ به گڏ
هئا.
چالڪ جي پل جي لڙائي.
جڏهن معلوم ٿيو ته ميان عبدالنبي بروهين جي فوج
وٺي لاڙڪاڻي پهچي ويو آهي، ۽ ان سان گڏ محراب
جتوئي، ڌڱاڻو جتوئي، جھنجڻ، کوسا، نومڙيا ۽ ٻيا
قبيلا پڻ شامل ٿي ويا آهن، تڏهن مير عبدالله
پنهنجن ساٿين کي حڪم ڏنو ته بنا ساهيءَ کڻڻ جي
اوڏانهن جو رخ ڪريو. جيئن ئي هو چالڪ جي پل تي
پهتا، دشمن اچي سامهون ٿين. ميان کي مشيرن صلاح
ڏني ته بلوچ هينئر ٿڪل ٽٽل آهن، مٿن هڪدم حملو ڪرڻ
گھرجي. ميان خود، جتوين ۽ کوسن کي پاڻ سان وٺي،
لشڪر جي وچ ۾ اچي بيٺو، مير زرڪ، بروهي لشڪر کي
وٺي، ميمنه تي ٿي بيٺو، ۽ نومڙين ميسره جو طرف
سنڀاليو.
مير عبدالله به تيزيءَ سان لشڪر کي
لڙائيءَ لاءِ تيار ڪيو. ميان صادق عليءَ کي هاٿيءَ
تي سوار ڪيائين؛ مرزي فقير ۽ باگي فقير کي ساڻس
همراهه ڪري، کين چيائين ته اوهين عبدالنبيءَ سان
لڙو: نظاماڻين کي، مير فتح خان جي سرڪردگيءَ ۾،
نومڙين جي مقابلي تي مقرر ڪيائين؛ پاڻ بروهين جي
لاءِ ٿي بيٺو؛ مير فتح علي خان سندس ڏائي هٿ تي، ۽
مير سهراب خان سندس ساڄي هٿ تي ٿي بيٺا.
جنگ توبن جي گولن وسائڻ سان شروع ٿي. سخت
مقابلي کان پوءِ، مير فتح خان پوئتي هٽي ويو.
درحقيقت، جوڌپورين سان جنگ ڪندي هن کي سخت زخم
رسيا هئا، جنهنڪري هو جنگ جي قابل نه رهيو هو. عين
انهيءَ موقعي تي، ميان عبدالنبيءَ ميان صادق علي
خان کي پوئتي هٽائي ڇڏيو. مير عبدالله خان جڏهن
هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن ڀائرن کي چيائين ته ’جان جي
بازي لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي، تيار ٿي وڃو!‘ مير
عبدالله خان، مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان،
گهوڙن تان لهي، تلوارون کڻي، وڄ وانگر وڃي دشمن جي
قلب ۽ ميمنه تي ڪڙڪيا، ٿوريءَ ئي دير ۾ دشمنن جو
لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. مير زرڪ بروهي، محراب جتوئي،
آڍو خان جتوئي ۽ ڪيترائي آزمودگار سردار مارجي
ويا. بلوچن کي هن جنگ ۾ بيشمار مال غنيمت هٿ آيو.
عبدالنبي حاجي پور ۾.
ميان عبدالنبي جنگ جي ميدان مان شڪست کائي، ڀڄي
وڃي قلات ۾ ساهه پٽيو. مير نصير خان قلات جي
واليءَ حاجي پور تعلقي جي محصول جو اڌ ميان جي خرچ
لاءِ مقرر ڪيو. هو اهل عيال ۽ والده کي پاڻ سان
وٺي، وڃي حاجي پور ۾ ويٺو. مير نصير خان کان وري
امداد جي اميد نه رهي هئي، انهيءَ ڪري، ”ڌوڙ وڏي
ڍير مان پائجي“ جي مطابق، هن تيمور شاهه جي درٻار
جو رخ ڪيو، ۽ شاهه جي ئي امداد جو طلبگار ٿيو.
باب سترهون
افغاني آفت
مير عبد الله خان جا انتظامات.
مير عبدالله خان جنگ کان فرصت ملندي ئي ملڪواسين
جي حالت بهتر بنائڻ تي توجهھ ڏيڻ شروع ڪيو. سنڌ جي
مظلوم عوام، ڪيترن ئي سالن جي خرابين خوارين بعد،
مير بجار جي مدارالهاميءَ جي زماني ۾ البت اطمينان
جو ساهه کنيو، ته ميان عبدالنبيءَ وري ٻيهر انهن
کي قتل ۽ لٽمار جي آفتن ۾ مبتلا ڪري وڌو هو.
”فتحنامي“ جي بيان مطابق، مير عبدالله خان مٿن ٻه
محصول معاف ڪري ڇڏيا:
به فرمودء مير والا عطا،
نوشتند پروانہ ها جابجا؛
(مٿانهين بخشش ڪرڻ واري مير جي فرمان مطابق،
پروانا لکي هر هنڌ موڪليا ويا-)
ڪہ مرفوغ شد جابجا سربسر،
يڪلآ پيشکش سر شماري دگر؛
(ته محصول پوريءَ طرح منسوخ ڪيا ويا: هڪ پيشڪش،
ٻيو سر شماري؛)
ڪہ آن هر دو تڪليف دشوار بود،
مروج ز عهد خدا يار بود؛
(اهي ٻئي محصول سخت تڪليف جا سبب هئا، ۽ اهي خدا
يار خان جي زماني کان رائج ڪيل هئا؛)
چون آن هر دو تڪليف مالايطاق،
همين بود هر سال بر خلق شاق؛
(هي ٻئي ناقابل برداشت تڪليفون ماڻهن کي هر سال
ڏاڍيون ڏکيون لڳنديون هيون؛)
ز سختيء تحصيل از هر طرف،
رعايا بهر سال مي شد تلف؛
(محصول وصول ڪرڻ جي سختيءَ ۾ رعيت هر سال تلف
ٿيندي رهندي هئي؛)
رسيده چو در گوشِ خلق اين نويد،
شمر دند آن روز را روز عيد؛
(جڏهن ماڻهن جي ڪنن تي اها خوشخبري پهتي، تڏهن اهي
انهيءَ ڏينهن کي عيد جو ڏينهن سمجھڻ لڳا).
مدد خان جي مقرري.ميان
عبدالنبيءَ جي هڪٻئي پٺيان درخواستن جو نتيجو هيءُ
نڪتو جو افغانستان جي درٻار کان سردار مددخان()
ميان صاحب جي مدد لاءِ مقرر ٿيو. درٻار مان محفوظ
خان ميان صاحب جو خاص مددگار هو، ۽ ان جي ڪوشش سان
ميان صاحب جي درخواست تي منظوريءَ جي مهر لڳي
ويندي هئي. ”تاريخ بلوچستان“ ۾ لکيل آهي:
مر زرڪ جي شهادت کان پوءِ تيمور شاهه جو
حڪم مير محمد نصير خان جي نالي صادر ٿيو، ته سردار
مددخان اسحاق زئيءَ کي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي
امداد لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، اهو پاڻ سان لشڪر
وٺي ايندو، ۽ اوهان جي لاءِ به حڪم آهي ته بروهين
۽ بلوچن جو لشڪر سردار موصوف سان گڏ سنڌ ڏانهن
روانو ڪريو، جيئن ٽالپرن جي قوم کي پامال ڪيو وڃي،
جا ميان صاحب موصوف جي دشمن آهي. اهڙيءَ ريت، ملڪ
کي، سندن هٿن مان قبضو ڇڏائي، ذڪر ڪيل ڪلهوڙي صاحب
جي حوالي ڪيو وڃي. محمد نصير خان ان وقت بيمار هو،
انهيءَ ڪري هن آخوند ملا فتح محمد خان ۽ بروهي ۽
بلوچ سردارن کي انهيءَ مقصد سان تيار ڪيو ته هو
سردار مددخان سان گڏجي بادشاهه جي خدمت سرانجام
ڏين.()
مدد خان جو رقم گهرڻ.
سردار مدد خان، ديري اسماعيل خان جي رستي کان آيو.
”فريئر نامي“ لکيو آهي ته سردار بهاولپور ۾ آيو
هو. عبدالنبيءَ ڪجهه نذرانا موڪليا، ۽ سنڌ جي فتح
ڪرڻ بعد تمام وڏي رقم ڏيڻ جي واعدي تي هن کي مدد
لاءِ گهرايو هو. محفوظ خان، بادشاهي حڪم مددخان ۽
نصيرخان بروهيءَ جي نالي جاري ڪرايو ته مدد ڏيڻ ۾
ڪابه ڪوتاهي نه ڪن.()
مطلب ته عبدالني، بروهين ۽ مومڙين جو لشڪر
سردار سان اچي مليو. مددخان سڀ کان اول هيءُ
مطالبو پيش ڪيو ته ’منهجي فوج کي پگهار نه ڏنو ويو
آهي: جنهن رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ان جو اڌ
فوراً ڏيو، ۽ باقي اڌ پوءِ وصول ڪندس.‘ ميان تي
جڏهن دٻاءُ پيو، تڏهن هن چيو ته ’منهنجو سمورو
خزانو قلعي ۾ پوريل آهي، اتي پهچي ڪوڏي ڪوڏيءَ جو
حساب ادا ڪندس، في الحال پنهنجون ضرورتون لٽمار جي
ذريعي پوريون ڪريو.‘()
مدد خان بنا ڪنهن دير جي لٽمار شروع ڪري
ڏني. هن کي شبهو پيدا ٿي ويو ته عبدالنبي ڪوڙا
واعدا ڪري رهيو آهي؛ ان ڪري ميان جي خاص مشيرن مان
تاجي ليکيءَ جي پٽ بلاول، تاجي سامٽيي ۽ بوڊي
دربان جي هٿن، پيرن ۽ ڳچين ۾ زنجير وجهرائي،
پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته انهن کي مارون
ڏيئي، کانئس لڪل خزانن جو پتو لهو. ”فريئَر نامي“
جو بيان آهي ته انهن کي پاڻ وٽ گهرايائين، ۽ سندن
عضون کي ڏنڊن سان ڪٽيائين. هرهڪ منزل تي ساڻن
اهوئي سلوڪ ڪيو ويندو هو.
()
اهڙيءَ طرح، مددخان سنڌ جي گاديءَ جو رخ ڪيو.
()
سنڌ تي خوفناڪ آفت.
مدد خان جي خونريزيءَ ۽ ظلم جو نقشو ”فتحنامي“ هن
طرح پيش ڪيو آهي ته هن کي نڪو خدا جو خوف هو، نڪو
رسول (صلعم) جو شرم. افغاني لشڪري، پاڳلن وانگر
ماڻهن کي بيڏوهه ماريندا ۽ ظلم ڪندا رهيا ٿي. هو
جتان به ويا ٿي، ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا ٿي.
همہ بلآ ڪس آزارو بلآ زور ڪش،
همہ ناتوان دشمن و مور ڪش؛
(هو، سڀئي بيڪسن کي ڏکوئيندڙ هئا؛ ڪمزورن کي
ماريندڙ، ناتوانن جا دشمن، ۽ ضعيفن جا قاتل هئا.)
همہ موذي و ناڪس و نابڪار،
همہ نيش زن ڪڙدم و ڪهنہ مار.
(هو تمام موذي، نالائق ۽ ڪميڻا هئا؛ سڀئي وڇن ۽
زهريلن نانگن وانگر ڏنگاريندڙ هئا؛)
همہ بلآ نصيب از صفا و سلوڪ،
همہ بلآ سبب ڪش چو ديوانہ خوک؛
(هو سڀيئي محبت ۽ سلوڪ کان خالي هئا؛ ڇتي مرونءَ
وانگر ماڻهن تي بي سبب حملا ڪيائون ٿي؛)
همہ با ضعيفان ستيزان چو برق،
همہ روز ميدان گريزان چو برق.
(هو ضعيفن سان وڙهڻ لاءِ بجليءَ وانگر تيز هئا ڪٿي
مقابلي جي صورت پيدا ٿي ويئي، ته بجليءَ وانگر
تيزيءَ سان ڀڄي ويندا هئا؛)
رعيت ڪشد تيغ شان بلآ دريغ،
گريزند بيند چون روي تيغ؛
(هنن جي تلوار رعيت جي گردن تي بيڌڙڪ هلندي ٿي
رهي؛ مقابلي لاءِ ڪا تلوار آئي ٿي ته ڀڄي ٿي ويا؛)
بغارت چنان دست گسترده اند،
ڪہ تا بورياي ڪهن برده اند؛()
(هو لٽمار ۾ اهڙا دست دراز هئا، جو پراڻي ڦاٽل ڳوڻ
۾ نٿي ڇڏيائون!)
”فريئَر نامي“ جو مصنف لکي ٿو ته
مدد خان ظاملآ بود اشد چناڪہ مردمان اين وقت هرگاه
ڪر ظالملآ را مي بينند مدد خان نامش مي نهند و اگر
احيناً ڪسي بر آواز ڪلان فرياد مي ڪند يا ڪسلآ
بجائلآ بزودي مي رود، يا ڪسلآ را ڪسي براي ڪدام
ڪار بزودي مي طلبہ، ديگر مي گويد؛: ”مدد آمد؟ چہ
شد؟“()
’مدد خان‘ وڏو ظالم هو- ايتريقدر جو هن وقت به
ماڻهو ڪنهن کي ظلم ڪندو ڏسندا آهن، ته ان جو نالو
’مدد خان‘ رکندا آهن ۽ جڏهن به ڪو وڏي آواز دانهون
ڪندو آهي، يا تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن ويندو آهي، يا
ڪنهن ڪم لاءِ ڪو جلدي گهرائيندو آهي، ته ٻيا چوندا
آهن ته ڇا ٿيو آهي؟- مدد ته ڪونه آيو آهي؟
هيءَ هڪ اهڙي بي علاج آفت هئي، جنهن کي
ميان عبدالنبي پنهنجيءَ حڪومت خاطر سنڌ ٿي چاڙهي
آيو هو- حالانڪ اها حڪومت به هن پنهنجي بد خصلتيءَ
۽ حماقت سببان ضايع ڪئي هئي.
مير عبدالله خان جو جذبو.
مير عبدالله خان کي جڏهن ملڪواسين جي تباهيءَ ۽
برباديءَ جو حال معلوم ٿيو، تڏهن هو بلڪل بيتاب ٿي
ويو- هن پنهنجي عزيزن کي گهرائي صاف صاف چيو ته
’هلو ته ميدان ۾ هلون، ۽ مردن وانگر ڪمزورن جي
بچاءَ جو سهارو بنجون.‘ سڀني هن دعوت تي لبيڪ چئي-
فقط مير فتح علي خان هيئن چوندي اختلاف ڪيو، ته
هيءَ شاهي فوج آهي، بادشاهه زمين تي خدا جو سايو
آهي، انهيءَ ڪري تلوار کڻڻ جائز نه آهي. مير
عبدالله خان جواب ڏنو:
بادشاهه اهو آهي، جنهن ۾ خدا جو صفتون موجود هجن؛
بادشاهه اهو آهي، جو خدا وانگر ماڻهن جي پرورش
ڪري؛
بادشاهه اهو آهي، جو خدا جي خلق کي آرام پهچائي-
اهو نه آهي، جو ماڻهن جو خون وهائي. جيڪڏهن اسان
هن وقت ماڻهن جي حال تي توجهه نه ڏنو، ه هو تباهه
ٿي
ويندا. اسين انهن سڀني کان ربيع توڙي خريف ۾ محصول
وصول ڪندا رهيا آهيون؛ هاڻ انهن جي گلي تي تلوارون
چمڪي رهيون آهن- ڇا اسان جي لاءِ ضرورري نه آهي
ته پنهنجو پاڻ کي انهن لاءِ ڍالون بنايون؟ اسين
خراج ۽
محصول وٺندا رهيا آهيون؛ جيڪڏهن اڄ پنهنجون
حياتيون
بچائيندي، ماڻهن کي مصيبت جي اوڙاهه ۾ ڇڏي
ڏينداسين،
ته اسان جو کانئس ورتل مال اسان لاءِ ڪيئن حلال
ٿيو؟
ضروري آهي ته اسين ماڻهن جي غمخواريءَ جي تدبير
ڪريون!()
”فريئر نامي“ جو بيان.
هن سلسلي ۾ ”فريئر نامي“ جا هيٺيان اقتباس ملاحظي
لائق آهن. مير عبدالله خان کي جڏهن خبر ملي ته
تمامي سندهه را آن ظالم جهول برابر خاڪ سياه ڪرده
است و ناموس هاي تمام اهليء سندهه برباد رفته است
همون وقت مير فتح علي خان و مير سهراب خان را
طلبيدو گفت ڪہ درين باره راي ايشان چيست؟
هردو مير فرمودند ڪہ بر توڪل خداي تعاليٰ باين
موزي جنگ بايد ڪرد.()
هن جاهل ظلم ساريءَ سنڌ کي جلائي خاڪ ڪري
ڇڏيو آهي، ۽ سڀني سنڌين جي ناموس برباد ٿي ويئي
آهي، تڏهن ان وقت مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان
کي گهرائي، کانئن پڇيائين ته ’ٻڌايو ته هن باري ۾
اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟‘ ٻنهي جواب ڏنو ته ’خدا
جي ڀروسي تي، هن ظالم سان جنگ ڪرڻ گهرجي!‘
مير فتح خان بادشاهيءَ جي غلط تصور جي
بنياد تي هن راءِ سان اختلاف ڪيو، تڏهن مير
عبدالله چيو:
بادشاهه آن ڪس است ڪہ عادل و خدا ترس باشد
نہ آنڪہ بي گناه خون خلق بريزد و ناوس شرفا
برباد دهد- در وقت ربيع و خريف از عايا پول بگيريم
و دروقت سختي مظلومان بي پر و بال را در چنگل
خونخواران گزاريم؟ فرض است برما ڪہ غمخواري
رعاياي مظلوم بڪنيم-()
’بادشاهه اهو آهي، جو عادل ۽ خدا ترس هجي؛ ۽ نه
اهو، جو رعيت جو بنا ڏوهه خون هائي، ۽ شريفن جي
عزت برباد ڪري. اسين ربيع توڙي خريف جي فصلن ۾
رعيت کان محصول وصول ڪندا رهيا آهيون: ڇا، اهو
مناسب آهي ته مصيبت جي وقت انهي بي دست وپا مظلومن
کي خونخوارن جي پنجوڙن ۾ ڇڏي ڏيون؟ اسان جو فرض
آهي ته مظلوم رعيت جي غمخواريءَ جي ڪوشش ڪريون!‘
هي ارڙهين صديءَ جون ڳالهيون آهن، جڏهن
بادشاهن جي باري ۾ نهايت غلط ۽ بيهودا تصور رائج
هئا- ايتريقدر جو نادر شاهه جهڙي ظالم ۽ جابر جو
مقابلو به شرعي توڙي اخلاقي لحاظ سان گناهه ڄاتو
ويو ٿي! ليڪن، ڏسو، مير عبدالله خان جا تصورات هن
اونداهي ۽ ظالمانه دور ۾ به ڪيترا روشن ۽ پاڪيزه
هئا- ۽ وري هن مرد خدا جي دل ۾ ملڪ جي انتظامي
فرائض جو ڪيڏو نه قابل قدر احساس موجزن هو!
عملي قدم.
بهرحال، مير عبدالله خان مقابلي تي نڪرڻ جو فيصلو
ڪيو. مير فتح علي خان، مير غلام علي خان ۽ مير
سهراب خان ساڻنس گڏ نڪتا؛ ۽ مير فتح خان ۽ مرزا
فقير، ڪن نظاماڻي سردارن سان گڏ، اتي ئي رهيو. مير
عبدالله خان ٻه منزلون طي ڪيون، تڏهن پوين جي دل ۾
به بي چيني پيدا ٿي، ۽ هو تيزيءَ سان پٺيان پٺيا
روانا ٿيا. جڏهن اچي مير عبدالله خان سان مليا،
تڏهن قرآن هٿ ۾ کڻي چيائون ته ’هن پاڪ ڪتاب جي
پيروي اسان سڀني تي فرض آهي. خدا ۽ رسول پاڪ جي
واسطي اسان جو هڪ عرض قبول فرمايو؛ ۽ اهو هيءُ آهي
ته پيش دستي نه ڪريو، بلڪ تدبير سان انهن کي شڪست
ڏيو: اسين سڀ هتي انهن جي واٽ جھلي ويهي رهون ٿا،
هو ايندا، اسان تي حملو ڪندا، ته اسين ’اڳرائي
ڪندڙ ظالم آهي‘ تي عمل ڪندي، کين تلوارن سان کڻي
ڇڏينداسين.‘ مير عبدالله انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿي
ويو.
”فريئر نامي“ ۾ لکيل آهي ته مير عبدالله خان ۽ ان
جا ساٿي ٻه منزلون ڪري چڪا هئا، ته مير فتح خان
سوار موڪلي، کين ترسايو، ۽ پيغام موڪليو ته مان به
اچان ٿو. ٻئي ڏينهن ٻن سيدن کي قرآن مجيد ڏيئي،
مير عبدالله خان ڏانهن روانو ڪيائين ته خدا ۽ رسول
پاڪ جي واسطي اسان جو عرض قبول ڪريو، دشمنن تي
حملي ۾ تڪڙ کان ڪم نه وٺو، تدبير سان انهن کي منهن
ڏينداسين: جيڪڏهن هو اسان تي حملو ڪندا ته پوءِ
اسين جوهردار تلوار سان ان جو جواب ڏينداسين.
مدد خان جو پيغام.
مدد خان اڳتي وڌيو، ته کيس جاسوسن جي ذريعي ميرن
جي جنگي ارادي جي حقيقت معلوم ٿي ويئي. هن لٽمار
بند ڪري ڇڏي، ’هر اول‘ دستن جو تعداد وڌايو، ۽ هر
قسم جو احتياط رکيو ته جيئن ڪنهن اوچتي حملي جو
نشانو نه بنجي وڃي، پوءِ پنهنجي ساٿين سان مشورو
ڪيائين- انهن مان نواب جنگ، اخلاص خان ۽ بابري خان
جا نالا ذڪر لائق آهن. سڀني راءِ ڏني ته جنگ کان
اول صلح لاءِ ڪوشش ڪرڻ مناسب آهي. مدد خان، مير
عبدالله کي لکيو ته ’اوهين وڏا بهادر ۽ عقلمند
آهيو، عبدالنبيءَ اوهان تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، اهي
سڀ مون کي معلوم ٿيا آهن ۽ هن جي دل ڪنهن ڏانهن به
صاف نه آهي؛ جيڪي ماڻهو هن جا مشير آهن، اهي به
سمورا ڪوڙا بهتان گھريندڙ، ۽ فتنيباز آهن؛ نه انهن
۾ ڪا مردانگي آهي، نڪي وري عقلمند آهن؛ اهو ئي سبب
آهي جو مون انهن سڀني کي زنجير پارايا آهن: اوهين
پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي وڃو، مان هنن ماڻهن سان گڏ
(خداآباد خداآباد نئين) وڃڻ گھران ٿو؛ انهيءَ ڪري
جو هي چون ٿا ته اتي اسان جو خزانو پوريل آهي –
جيڪڏهن پيسا ملي ويا ته بهتر، ٻيءَ حالت ۾ هي
ماڻهو شاهه جي نظر ۾ ڪوڙا ثابت ٿيندا. مان اوهان
جي دوستيءَ جو خواهشمند آهيان، ۽ انهيءَ ڳالهه تي
خدا کي شاهد ڄاڻان ٿو.
هيءُ خط هن هڪ بابري رئيس ۽ خاص منشيءَ هٿان مير
ڏانهن موڪلي ڏنو.
مير جو جواب.
مير سردار جي ايلچين جي تمام وڏي عزت ڪئي. انهن
مان هر هڪ کي هڪ هڪ گھوڙو، خلعت ۽ پيسا ڏنائين ۽
پنهنجي طرفان الهداد ليکي ولد جان نثار خان ۽
امرتراءِ کي سردار جي خدمت ۾ موڪليائين. انهن وڃي
عرض ڪيو ته ’مير ۽ ان جا ساٿي شاهه جا جان نثار
آهن، اوهان کي (سردار مدد خان کي) چاچي جي برابر
سمجھن ٿا، ۽ کين حڪم مڃڻ ۾ ڪو به عار نه آهي؛ ليڪن
مير عرض ڪيو آهي ته مان قسم کائي ويٺو آهيان ته ڀل
ڪيتريءَ به وڏيءَ فوج جو مقابلو ڪرڻو پوي، مان
منهن نه موڙيندس: اوهان مون کان قسم نه ڀڃارايو؛
خداآباد وڃڻ گھرو ٿا، ته درياهه جي رستي هليا وڃو:
جڏهن اوهان جي فوج نڪري ويندي، تڏهن منهنجو قسم
پورو ٿيندو، ۽ اسين سڀيئي اوهان جي خوشنوديءَ لاءِ
عمرڪوٽ وينداسين – اسان جو سڀڪجھ اتي آهي ۽ اتي
رهنداسين.‘
سردار به مير جي ايلچين جي وڏي عزت ۽
احترام ڪيو، کين انعام ڏنا ۽ درياهه جي رستي روانو
ٿي ويو.
باب ارڙهون
سنڌ ۾ تباهيءَ جو طوفان
ملڪ جي دردناڪ حالت.
مير عبدالله خان چاهيو ٿي ته مدد خان سان جنگ ڪري،
کيس ظلم ۽ ڏاڍ جو مزو چکائي. بادشاهي ۽ سرداريءَ
متعلق سندس تصورات ۽ نظريات پهريان ئي بيان ٿي چڪا
آهن. ليڪن، مير فتح خان جي غلط سوچ يا خوش فهمي
مير عبدالله خان لاءِ اهڙي طرح رڪاوٽ بنجي پيئي،
جو هن کي دل جي مرضيءَ خلاف ماٺ ڪري ڪنڊائتو ٿي
ويهڻون پيو. جيڪڏهن ٽالپرن جو پنهنجو پاڻ ۾ جنگ
متعلق اختلاف پيدا نه ٿئي ها، ته يقين آهي ته مدد
خان شروع ۾ ئي موٽڻ تي مجبور ٿئي ها؛ ۽ سنڌ انهن
خوفناڪ آفتن ۽ مصيبتن کان محفوظ رهي ها؛ جي هن
افغان سردار جي اچڻ سبب مٿس نازل ٿيون.
مدد خان جي هراول دستي ۾ نومڙيا ۽ بروهي
هئا. هو هڪ ئي ڏينهن-رات ۾ خداآباد نئين پهچي ويو.
عبدالنبيءَ کان تقاضا ڪيائين ته جنهن خزاني جو تو
واعدو ڪيو هو، اهو ڪڍي اسان جي حوالي ڪر.
عبدالنبيءَ چوڌاري پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا، ته جتان
جتان به جيئن به ٿوري گھڻي رقم ملي سگھي، لٽمار ۽
خونريزيءَ رستي حاصل ڪئي وڃي.
”فريئرنامي“ ۾ لکيل آهي ته
خدا کان نه ڊڄندڙ عبدالنبيءَ پيسن ميڙڻ
لاءِ هر ڳوٺ، شهر ۽ هر گھر تي ماڻهو موڪليا. اهي
ظالم جتي پهتا، جيڪا به چيز هٿ لڳن، ڦري کڻي آيا.
انهيءَ سلسلي تمام گھڻا گھر برباد ٿي ويا. رعيت جا
ڪيترائي گھر بي چراغ بنجي ويا.
دلگداز نقشو.
افغاني لشڪر جا ماڻهو هن ظالمانه وٺ پڪڙ ۾ سڀني
کان اڳرا هئا. مير عظيم الدين ٺٽوي چوي ٿو:
چنان هول درملڪِ سند اوفتاد،
ڪہ هولِ قيامت در آمد بہ ياد؛
(سنڌ ۾ اهڙي خوفناڪ حالت پيدا ٿي ويئي، جو قيامت
جو ڪوڪرو ياد اچي ويو؛)
رسيدند آن ظالمـــــان جـــــــــا بجــــا،
بہ بستندو ڪشتند بي چاره ها؛
(اهي ظالم هر هنڌ پهتا، غريبن کي پڪڙيندا ۽ قتل
ڪندا ٿي رهيا؛)
زحق چشم پوشيده آن ظالمان،
نــمـــونــد تـــــاراج بـــس خـــانمـــان؛
(انهن ظالمن انصاف جي طرف کان اکيون بند ڪري
ڇڏيون، ۽ گھرن جا گھر ويران ڪري ڇڏيا؛)
بجستنــــــد از روشنــائـــي ســـراغ،
نمودند بس خانہ ها بي چراغ؛
(روشني هٿن ۾ کڻي نڪتا، ۽ گھرن جا گھر اونداها ڪري
ڇڏيائون؛)
زدند آن ستـــــــم پيشـــــگان جھـــــول،
بصد ضرب از بهريڪ ضرب پول؛
(انهن جاهل ظالمن هڪ هڪ پيسي لاءِ ماڻهن کي ٻه ٻه
سؤ زخم رسايا؛)
در اقليم ماڪس توانگر نماند،
چو عنقا بجز نـــام از زر نمانــد؛
(اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه مالدار ماڻهو نه رهيو، ۽
’عنقا‘ خيالي پکيءَ وانگر مال جو فقط نالو رهجي
ويو؛)
دگر جانب از فوج نڪبت نشان،
بروهــــي و افغــــان و نهمـــرد يـــان؛
(ٻئي طرف، تباهي پکيڙيندڙ فوج، جيڪا بروهين افغانن
۽ نومڙين تي مشتمل هئي؛)
چنــــان دســـــتِ غــــارت نمـــوده دراز،
ڪز انسان و حيوان نماند امتياز؛
(اهڙي وسيع پيماني لٽمار ۽ خونريزي ڪئي، جو انسان
۽ حيوان جو امتياز ئي ميٽجي ويو؛)
نہ ڪس را بہ تن جامہ بگز اشتند،
نــــه بـــر فــرق عــمــامـــہ
بــگزاشــــتـــنـــد؛
(نه ڪنهن جي بدن تي ڪپڙو ڇڏيائون، ۽ نڪي ڪنهن جي
مٿي ڪو پٽڪو ئي رهيو.)
گرفتند از خلق تا ڪفشِ پا،
برفتند هر خانہ تا بوريا.
(ماڻهن جي جتيءَ تائين لهرائي ورتائون، ۽ گھرن مان
ڳوڻيون به ميڙي ويا.)
خدا جي بارگاهه ۾ فرياد.
مير عظيم الدين لکيو آهي ته جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيا،
تن جي بيان ڪرڻ جي ته ڪا طاقت ئي ڪانهي .هر
ماڻهوءَ جي زبان تي جا فرياد هئي، هن جي سرسري
ڪيفيت هن ريت بيان ڪئي اٿس:
الاهي خداوند عـــالــم تــوئــي،
ڪشائندهء بندِ عالم توکي؛
(اي خدا! جهان جو مالڪ تون ئي آهين، ۽ جهان جي
ٻنڌڻن کي به تون ئي کولين ٿو؛)
فرومــاندگان را ز تــو يـــاوري،
تو ئي داورِ ما بہ هر داوري؛
(عاجزن جو سهارو تون ئي آهين، هر مقدمي ۾ تون ئي
اسان جو انصاف ڪندڙ آهين؛)
تو سر پنجہء ظلم را بشڪني،
تو درنده ناخن ز بن بر ڪني؛
(تون ظلم جي زنجيرن جو ٽوڙيندڙ آهين، تون چيريندڙ
ڦاڙيندڙ نُنهن کي پاڙون پٽيندڙ آهين؛)
چسان بسپري اي خدائي بزرگ،
تو اين گلہء گوسفندان بہ گرگ؟
(اي خدا، سڀني کان مٿانهان، تو هن رڍن جي ڌڻ کي
بگھڙ جي حوالي ڪيئن ڪيو آهي؟)
بدريا تو ان غوطہ زد بلآ درنگ؛
بہ ڪشتيء مانا خدا شد نهنگ؛
(درياهه ۾ بنا دير ٽپي پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به
چارو ڪونهي؛ ڇو ته مانگر مڇ اسان جي ٻيڙيءَ جو
ناکئو بنجي ويو آهي!)
عنانِ ضعيفان بہ سرڪش مده.
تو اين مشتِ خس رابہ آتش مده!
(ڪمزورن جي واڳ ظالمن جي هٿ ۾ نه ڏي؛ تون هن مٺ
جيترن ڪکن کي باهه ۾ نه وجهه!)
جهان ظالمتِ ظلم تاريڪ ڪرد،
شبِ مرگ با خلق نزديڪ ڪرد؛
ظلم جي اونداهيءَ دنيا کي اونداهو ڪري ڇڏيو؛ موت
جي رات ماڻهن جي ويجهو اچي پهتي آهي؛)
بما اين قيامت ڪم از حشر نيست،
تزلزن ڪم از بعث و از نشر نيست؛
(اسان تي جا قيامت نازل ٿي آهي، اها حشر جي ڏينهن
کان گهٽ ڪانهي؛ جنهن زلزلي ۾ اسين مبتلا آهيون،
اهو (بحث و نشر) قيامت جي ڏينهن کان گهٽ ڪونهي؛)
در آنجاست پرسش ز اعمالِ خلق،
درين جاست پرسش ز امولِ خلق؛
(قامت ۾ عملن متعلق سوال ٿيندو؛ هتي مال ۽ زر جي
باري ۾ پڇا ڳاڇا ٿي رهي آهي؛)
در آنجا گنهگار در پرشش اند،
درين جا همه بي گناهه مي ڪشند؛
(هُتي گنهگارن کان حساب ڪتاب ورتو ويندو؛ هِتي بي
گناهن کي ماريو وڃي ٿو؛)
دلِ عالملآ از جفا شد دو نيم،
ترحم ڪن اي ڪردگارِ عظيم.()
(ظلم سببان دنيا جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي آهي؛ اي
خدا، سڀني کان مٿانهان، تو رحم فرماءِ.)
مير عبدالله جو جوش.
مير عبدالله خان جڏهين عمرڪوٽ ۾ هن ظلم ۽ ڏاڍ جا
رت رئائيندڙ داستان ٻڌا، تڏهن بلڪل بي قابو ٿي
ويو، ۽ هيءَ درد ڀري دعا چپن تي آيس:
”اي خدا! تون منهنجي حال کان واقف آهين. ’دانشورن‘
منهنجون واهون بند ڪري ڇڏيون- هن ڏوهه متعلق مون
کان پڇا نه ڪر. تون ڄاڻين ٿو ته مان هن غم
منهنجيءَ دل کي ڳاري ڇڏيو آهي. تون ڄاڻين ٿو ته
مان هن ۾ قصوروار نه آهيان، منهنجي ساٿين مون کي
مجبور ڪيو آهي. بيشڪ مان تنهنجي مخلوق جي روبرو
شرمسار آهيان، ليڪن تنهنجي اڳيان منهنجي دل جو حال
ظاهر آهي. منهنجي ’سمجهدار‘ ساٿين مون تي ظلم ڪيو،
۽ مون کي هن شرمساريءَ م مبتلا ڪري ڇڏيو. ماڻهو
دشمنن جي هٿان جيڪي ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، اهي
هن وقت مون کي دوستن جي هٿان برداشت ڪرڻا پيا آهن.
ڏاها ماڻهو نادانن تي کلندا آهن، مون ’دانشورن‘ جي
هٿان ڏک سٺو آهي.()
هڪ ٻي روايت مان ظاهر آهي ته مر عبدالله
خان وڏي رنج ۽ ارمان جي حالت ۾ چيو:
ڏسو، مير فتح خان جي سوچيل تدبير ويچاري عوام تي
ڪهڙي مصيبت آندي! خدايا، تون منهنجو حال ڄاڻين ٿو،
مان هن صلح کان بيزار هوس- هن جو وبال منهنجي گردن
تي نه آهي.()
جنگ جي تياري.
مير فتح علي خان جڏهين پنهنجي سردار جي هيءَ
پريشاني ڏٺي، تڏهن پاڻ به بيتاب ٿي ويو. مير سهراب
کي چيائين، ”چاچا جان! هاڻ اسين هن طرح هٿ پير
وڍائي ويهي نٿا سگهون.“ پنهنجي ڀاءُ غلام علءَ کي
مخاطب ٿي چيائين:
تون اهو آهين، جنهن جي جان جي پناهه حضرت عليءَ جو
نالو آهي ۽ اٿ، ۽ اٿي جنگ جي تياري ڪر، ته پنهنجي
جوان بخت سردار سان گڏجي هلون. هن وقت، هن جي رضا
سڀني کان وڌيڪ ضروري آهي. اسين ڪيستائين تدبيرون
سوچيندا رهنداسين. لازمي آهي ته تقدير تي ڀروسو
ڪري اٿون، ته جيڪا خدا جي رضا آهي، سا پوري ٿئي.()
اهڙيءَ ريت، راتو رات تياري مڪمل ٿي ويئي،
۽ صبح جو روانا ٿي ويا.
مير فتح خان جڏهن هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن
پنهنجن سڀني هم خيال ماڻهن کي چيائين ته ’اسان کي
به ساڻن هلڻ کپي: جيڪڏهن افغان سردار سان مير
عبدالله خان جي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ٻڌنداسين ۽
جيڪڏهن جنگ جي تياري ڏٺي سون، ته روڪينداسين.‘
فريئَر نامي جو بيان.
فريئَر نامي جو بيان آهي ته فتح علي خان مير سهراب
خان کان راءِ پڇي، ۽ ساڳئ وقت مير غلام علي خان کي
چيائين ته ’اسان کي مير عبدالله خان سان هم رڪاب
جنگ لاءِ هلڻ گهرجي، زياده ظلم برداشت ٿي نٿو
سگهي.‘ غلام علي خان جواب ڏنو ته ’جيڪا اوهان جي
مرضي آهي، منهنجي به اهائي راءِ آهي.‘ اهڙيءَ طرح
ان وقت ئي تياريءَ جو حڪم ڏنو ويو. ٻئي ڏينهن تي
لشڪر وٺي روانا ٿيا. مير فتح خان جڏهن هيءَ خبر
ٻڌي، تڏهن ڏاڍو پريشان ٿيو---- سلام لاءِ مير
عبدالله خان وٽ پهتو. مير جواب ڏنو ته ’اسان اوهان
جي راءِ مطابق صلح ڪيو هو؛ نتيجو اهو نڪتو، جو
غريبن تي مصيبتون نازل ٿيون!‘ فتح خان جواب ڏنو ته
’اوهان جو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته هيءَ رباني تقدير
هئي، جا آخر پوري ٿي. مدد خان جو ظلم حد کان لنگهي
ويو آهي. فساد جو جيڪو مادو گڏ ٿي چڪو آهي، تنهن
جي دوا تيز تلوار کان سواءِ ٻي ڪا به نه آهي‘.
مير جي هدايت.
مير عبدالله خان جڏهن ڏٺو ته مير فتح خان به ساٿ
ڏيڻ لاءِ تيار آهي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو؛ ليڪن صاف
صاف چئي ڏنائين ته ’اوهان وڏا عقلمند ۽ تجربيڪار
آهيو، آءٌ پڇڻ گهران ٿو ته رعيت اوهان جو ڪهڙو
گناهه ڪيو هو، جو غلط راءِ ڏيئي مٿس مصيبتون نازل
ڪيوَ؟ ماڻهو تباهه ٿي ويا. دشمنن کان سواءِ اوهان
جي دانائپ جو ڪنهن کي ڪو فائدو نه پهتو. سڀاڻي موت
اوهان جي ۽ منهنجي سر تي ايندو، تڏهن هيءَ هوشمندي
۽ دورانديشي منهنجي توڙي اوهان جي ڪهڙي ڪم
ايندي—احڪم الحاڪمين جي اڳيان عقل بيڪار ٿي وڃي
ٿو. جيڪڏهن اڄ به اوهان پهرينءَ راءِ تي قائم
آهيو، ته بهتر آهي ته جتي ويٺا آهيو، اتي ئي ويٺا
رهو.‘
مير فتح خان جواب ڏنو ته ’اوهان جي هدايت صحيح
آهي. ٻڍاپي سبب منهنجا حواس درست نه آهن. منهنجي
ڪري ماڻهن کي نقصان پهتو، اهو خدا جي طرف کان مقرر
هو. هندن ۽ مسلمانن کي جيڪي ڪجهه ڀوڳڻو هو، سو
ڀوڳي چڪا. اڄ به ڳالهه ٻولهه سان معاملات کي
سلجهائي سگهجي ٿو.‘ اهي لفظ ٻڌي، مير عبدالله خان
خاموش ٿي ويو.
مدد خان جي نالي پيغام.
مدد خان کي جڏهن معلوم ٿيو ته مير عبدالله خان جنگ
جي ارادي سان نڪري پيو آهي، تڏهن ڏاڍو پريشان ٿيو.
مشيرن سان صلاح مشوري کان پوءِ حڪم ڏنائين ته ”شهر
کان ٻاهر نڪرو، شهر ۾ ويٺي ڪجهه به ٿي نٿو سگهي،
هر تدبير ٻاهر نڪري اختيار ڪري سگهجي ٿي.‘ ٻئي
ڏينهن، هو خداآباد مان روانو ٿي ويو.
مير عبدالله خان تيزيءَ سان هن جو پيڇو ڪيو. جڏهن
سندس لشڪر مدد خان جي لشڪر کان ڇهن ڏينهن جي پنڌ
تي اچي پهتو، تڏهن مير، الهداد جي هٿان هڪ خط مدد
خان کي موڪليائين، جنهن جو مضمون هيءُ هو:
’اي ناميارا سردار! مون تنهنجي قول تي اعتقاد ڪيو.
منهنجي نظر تنهنجي سرداريءَ تي هئي، مگر تنهنجي
قول جي سچائي ڪئي؟ تو پهريائين ڇا چيو، ۽ پڇاڙيءَ
۾ ڇا ڪيو؛ تنهنجو ظاهر ڇا هو، ۽ باطن ڇا نڪتو؛
تنهنجي فوج ملڪ تي ڪهڙو ظلم ڪيو! خدا طاقت انهي
لاءِ عطا ڪري ٿو، ته ماڻهن سان مهربانيءَ جو
برتاءُ ڪيو وڃي. ڪنهن وڏي جي لاءِ اهو جائز نه آهي
ته هو ڪنهن ننڍي تي زبردستي ڪري. توتي خدا احسان
ڪيو، تون ان جي بندن تي احسان ڪر. سڀئي ماڻهو هڪ
خدا جا بندا آهن، ۽ ان غيور خدا کان ڊڄڻ گهرجي.‘
ٻي روايت.
”فريئر نامي“ ۾ انهيءَ خط جو مضمون هن طرح بيان
ٿيل آهي: اي نامدار، مون تنهنجي واعدي تي ڀروسو
ڪيو، ليڪن ان ۾ دوستيءَ جو ڪوبه پهلو نظر نه آيو.
تو پهريان ڇا چيو، ۽ آخر ۾ ڇا ڪيو؟ جيڪو طاقت وارو
آهي، خدا ان کي اختيار ڏئي ٿو؛ ليڪن انهيءَ لاءِ
ته هو خدا جي خلق تي لطف ۽ عنايت ڪري، نه انهيءَ
لاءِ ته ظلم ۽ ڏاڍ سان پيش اچي. تو نڪي خدا جو خوف
ڪيو، نه رسول جو ڪو لحاظ ڪيو، غريبن ۽ ضعيفن تي
اهڙو ظلم ڪيو، جو حجاج جو ظلم به ان اڳيان ڪجهه نه
آهي.
مدد جو جواب.
مدد خان مير جو خط پڙهندي ئي بيحد شرم کان ڪنڌ کڻي
جهڪايو، ۽ پنهنجي خاص ماڻهن هٿان جواب ڏياري
موڪليو:
اي مير، مون تنهنجو پيغام پنهنجي ڪنن ۾ سمائي ڇڏيو
آهي. تون جوانمرديءَ ۾ شينهن کان به وڌيڪ آهين؛
نيڪ طبعيءَ ۾ ٻين کان به اڳرو آهين. مان رعيت مٿان
ظلم ڪرڻ جو خواهان نه هوس؛ عبدالنبيءَ جنهن رقم
ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، سا هن نه ڏني، بلڪ رسد جو به
بندوبست نه ڪيائين—مجبوراً مون کي لٽمار ڪرڻي
پيئي—خدا جي بارگاهه ۾ ان کان ئي پڇا ڳاڇا ٿيندي.
باقي رهيو اوهان سان منهنجو واعدو، سو آءٌ ڪيترائي
دفعا حضور ۾ درخواستون موڪلي چڪو آهيان ته اوهان
کان سواءِ ٻيو ڪوبه سنڌ جو انتطام نٿو ڪري سگهي؛
اتان کان جواب آيو آهي ته اوهان کي جيڪي انتظام
وڻي سو ڪريو، ليڪن هي ضروري آهي ته مقرر خراج
باقاعدي ادا ٿيندو رهي: اوهان جيڪڏهن مون کي واعدو
ڏيو، ۽ خاطري ڏياريو، ته مان شاهه جي روبرو اوهان
جي طرفان ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
جيڪڏهن اوهان سچي دل سان اسان جا دوست آهيو، ته
مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير فتح خان کي
پاڻ سان وٺي مون وٽ اچو، ۽ پنهنجي لشڪر کي روانو
ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت، اطاعت گذاريءَ سان، اوهان
جي عزت ۽ مرتبو تنهان ئي وڌي ويندو، ۽ اوهان جا
دشمن ذليل ۽ شرمسار ٿيندا. هيءُ منهنجو خيرخواهيءَ
جو مشورو آهي، آئيندي اوهان جي مرضي.
مير جو فيصلو. مير جواب ۾ مدد خان کي صاف چوائي
موڪليو ته ’تنهنجي فوج منهنجي برادريءَ جي ماڻهن
تي مشتمل آهي، انهن کي اهڙي وقت ۾ الڳ ڪري نٿو
سگهجي؛ جيڪڏهن الڳ ڪندس ته بگڙي پوندا.“ عين
انهيءَ موقعي تي مير فتح خان چئي ڏنو ته ’اسان کي
سردار جو حڪم مڃڻ گهرجي.‘ مير عبدالله خان جڏهن
هيءَ صورتحال ڏٺي، تڏهن چيائين ته ’لڙڻ‘ اسان جي
لاءِ مشڪل نه آهي؛ ليڪن اسان ۾ بي اتفاقي ٿي پئي
آهي، تڏهن بهتر آهي ته اسين الڳ ٿي وڃون: مير فتح
خان ڀل مدد خان وٽ هليو وڃي، کيس اتان جيڪي ڪجهه
حاصل ٿيندو سو اسين به ڏسنداسين.‘
مير عبدالله خان، مير فتح علي خان، مير غلام علي
خان ۽ مير سهراب خان لڙائي لاءِ نڪري پيا؛ فتح خان
۽ باگو فقير، پنهنجي ماڻهن کي ساڻ ڪري، عمرڪوٽ
هليا ويا.
سنڌيءَ ۾ پهاڪو.
مدد خان جو ظلم ۽ ڏاڍ سنڌي زبان ۾ هڪ پهاڪو بنجي
ويو—چوڻي آهي: ”مدد ٿو اچئي“ هيءُ پهاڪو اهڙي
موقعي تي چيو ويندو آهي، جڏهن ڪا خوفناڪ مصيبت اچڻ
واري هجي. مسٽر آڏواڻي لکيو آهي ته مدد خان جي
لُٽمار ۽ خونريزي مدت تائين سنڌين کي ياد رهي. هن
جو نالو ٻڌي چهرن تي زردي ڇائنجي ويندي هئي، ۽ بدن
ڏڪي ويندو هو. ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ عام طرح اها
چوڻي استعمال ڪئي ويندي هئي.
ظلم ۽ ڏاڍ جون شهادتون.
مدد خان ظاهريءَ طرح سان عبدالنبيءَ جي حمايت ۾
سنڌ واسين تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو، ان جو اجمالي
نقشو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته انهن
بيانن سان سنڌ جي برباديءَ جي پوري ڪيفيت واضح ٿي
نٿي سگهي، فقط سرسري نقشو سامهون اچي ٿو.
’مائونٽ اسٽوئرٽ الفنسٽن“ 1809ع ۾ ڪابل ويو هو. هن
پنهنجي ڪتاب، ”سلطنت ڪابل“، ان کان پوءِ مرتب ڪيو
هو، جڏهن سنڌ جي انهيءَ تباهيءَ کي گهٽ وڌ ٽيهن
سالن جو عرصو گذري چڪو هو. هو لکي ٿو ته
مدد خان سڄي ملڪ کي تلوار ۽ باهه سان ويران ڪري
ڇڏيو هو. هن جي هيءَ لٽمار ايتري قدر شديد ۽ بي
پناهه هئي، جو هن مهم کان پوءِ خوفناڪ ڏڪار شروع
ٿي ويو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته ’ سنڌ کي هن واقعي مان
جيڪو نقصان پهتو، تنهن جي تلافي اڃا تائين نه ٿي
سگهي آهي.‘
يعني، مدد خان جي لٽمار سنڌ ۾ ايترو سَتُ نه ڇڏيو،
جو شيهن ورهين گذرڻ کان پوءِ به ان نقصان جي هرج
کان پاڻ ڇڏائي سگهي!
هڪ ٻي شهادت.
هڪ ٻي شهادت مان ظاهر آهي:
هن لٽمار کان سيدن جا ڳوٺ به محفوظ رهي نه سگهيا،
حالانڪ سڀ ماڻهو انهن جو غير معمولي اهترام ڪندا
هئا—عام رعيت جي حالت ته بيان ٿي نٿي سگهي. عام
توڙي خاص ماڻهو هن لٽمار جو نشانو بنيا، ۽ فقيرن
وانگر مانيءَ ڳڀي لاءِ در در تي ڀٽڪڻ لڳا—ائين ٿي
معلوم ٿيو، ڄڻ قيامت اچي ويئي!
ان کان پوءِ ڏڪار پيو—اهڙو شديد ۽ سخت ڏڪار، جو
وڏن پوڙهن به اهڙو ڏڪار پنهنجيءَ ڄمار ۾ نه ڏٺو نه
ٻڌو هو. سنڌ جهڙي زرخيز ملڪ ۾ جتي اناج جي هميشه
گهڻائي رهي، اتي رپئي جو ڏيڍ سير اٽو ملندو هو. هن
قحط ۾ هزارين ماڻهو بک جي وگهي موت جو شڪار بنجي
ويا.
عماد الملڪ جو مرثيو. عماد الملڪ هندستان جو وزير
رهي چڪو هو، ۽ مغل سلطنت کي برباد ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر
نه ڇڏي هئائين. سن 1780عيسويءَ ڌاري هو سورت ۾ هو،
۽ حج ڪري وري سورت ۾ موٽي آيو. هن جڏهن سنڌ جي
تباهيءَ جا دل ڏاريندڙ حالات ٻڌا، تڏهن نهايت
بيتاب ٿي ويو، ۽ هيٺيون مرثيو سندس انهيءَ غم جي
اظهار جو آئينو آهي:
در سنــــد چـــہ فتنہ و بلا شد،
گوئي ڪہ قيامتلآ بپا شد!
(سنڌ ۾ ڪهڙو فتنو برپا ٿيو، ۽ ڪهڙي مصيبت نازل
ٿي—معلوم ٿئي ٿو ته قيامت اچي ويئي؛)
آن سند ڪہ مامن ِ جهان بود،
الآ آه، چلآ گويمت چها شد؛
(جا سنڌ ساريءَ دنيا لاءِ امن جي جاءِ هئي. مان
توکي ڇا ٻڌايان ته ان جو ڪهڙو حال ٿي ويو؛)
هر خانہ بہ خاڪ شد برابر،
هر صاحب ِ دولتي گدا شد؛
(هر گهر لٽجي ويران ٿي پَٽُ ٿي ويو، هر دولتمند
ماڻهو ڦرجي فقير ٿي ويو.)
هر تاجوري برهنہ سر گشت،
هر ماه سري برهــــنہ پاشد؛
( هر اهو شخص جنهن جي سر تي تاج پهريل هو، اهو
لباس کان محروم ٿي ويو؛ هر چنڊ جهڙي چهري وارو،
پيرن اگهاڙو ٿي ويو.)
تــــا نامــــوران به بنــــد رفــــتند،
سر رشتہء صبر ِ دل رها سد،
(ڪيترائي نامور شخص قيد ۾ پئجي ويا؛ دل جي هٿن مان
صبر جي واڳ ڇڏائجي ويئي؛)
مادر ز پسر، پسر ز مادر،
سر از تن و تن ز سر جدا شد؛
(ماءُ پٽ کان جدا ٿي ويئي، ۽ پٽ ماءُ کان وڇڙجي
ويو، ۽ سر ڌڙ کان جدا ٿي ويو، ڌڙ سر کان الڳ رهجي
ويو.)
منعم پئي مشتِ آرد يڪ سير،
سر گردان اِهمچو آسيا شد؛
(دولت مند مُٺ اٽي جي لاءِ جنڊ وانگر سر گردان ٿيڻ
تي مجبور ٿي ويا؛)
هر گل رخي را ز خارِ صحرا،
خونِ ڪفِ پاي خود حناشد؛
(گل جهڙي چهري واري هر شخص جي هيءَ حالت آهي، جو
جهنگ جي ڪنڊن لڳڻ سان خود سندن پيرن جو رت انهن
لاءِ مهندي ٿي پيئي.)
هر پرده نشين ڪُنجِ عصمت،
بي برقع و معجر و ردا شد؛
(عصمت جي گوشي جي هر پردي نشين عورت برقعي ۽ چادر
کان محروم ٿي ويئي؛)
زرها به نثارِ حفظِ جان رفت،
جانها بر آبرو فدا شد؛
(دولت جانين جي حفاظت لاءِ قربان ڪرڻي پئي؛ ۽
جانيون عزت آبروءَ جي بچاءَ ۾ فدا ٿي ويئون؛)
رفت از همہ هر چہ در گره بود،
زين گونہ فلڪ گره ڪشا شد؛
(جنهن به ماڻهوءَ جي ڳنڍ ۾ جيڪي ڪجهه هو، اهو
ويندو رهيو- آسمان انهيءَ طريقي سان گره ڪشائي
ڪئي.)
يڪ ظلم نشد ڪہ شد دو صد ظلم،
يڪ ڪار نہ شد ڪہ ڪارها شد؛
(هڪ ظلم نه بلڪ ٻه سو ظلم ٿيا؛ هڪ ڪم نه بلڪ ڪيئي
ڪم ٿيا؛)
بر اهلِ زمين عجب بلائي،
يڪ مرتبہ نازل از سما شد؛
(زمين واسين تي عيجب مصيبت، هڪ ئي دفعي آسمان کان
نازل ٿي؛)
دل خون شد زين ستمگري چند،
هر چند ڪہ جملہ از قضا شد؛
(انهن چند ظالمن جي هٿان دل خون ٿي ويئي؛ جيتوڻيڪ
چوڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو قضا جي حڪم سان
ٿيو؛)
بي ستري طرفہ آه صد آه،
بر سيّده ها و پارسا شد؛
(افسوس، ڇا چيو وڃي، سادات عورتن ۽ پاڪدامن عورتن
جي ڪيتريقدر اگهاڙپ ٿي.)
از اُمتِ مصطفيٰ چہ ظلمي،
امروز بر آلِ مصطفيٰ شد؛
(مصطفيٰ جي اُمت جي هٿان اڄ مصطفيٰ جي اولاد تي
ڪهڙو ظلم ٿيو؛)
امسال پس از هزار و صد سال،
احوالِ عراق رونما شد؛
(اڄ، يارهن سون سالن کان پوءِ، عراق جهڙي حالت
پيدا ٿي.)
جستم چو ’نظام‘ سالِ تاريخ،
از هاتف غيبم ندا شد:
(اي ’نظام‘، مون هن واقعي جي تاريخ معلوم ڪرڻ
گهري، تڏهن غيب جي فرشتي جواب ڏنو(.
ڪائي بدهُ اهل بيت، بشنو:
هيهات ڪہ سندِ ڪربلا شد.
(اي اهلبيت جا غلام، ٻڌ: افسوس، سنڌ ڪربلا بنجي
ويئي.)
هيگ جو بيان. ميجر جنرل هيگ لکيو آهي:
مدد خان- جيڪو اڄ تائين سنڌ ۾ بُرائيءَ سان مشهور
آهي- پنهجن فوجن کي هن وفادار صوبي ۾ من مانين
ڪاررواين ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو هو. هو اتر
کان ڏکڻ تائين ويو. جتان جتان لنگهيو، ڳوٺن ۽ شهرن
کي لٽيائين ۽ ساڙيائين، ۽ بنا ڪنهن قياس جي ماڻهن
کي قتل ڪرايائين- ايستائين جو آخرڪار وحشي پٺاڻ به
خونريزيءَ ۽ برباديءَ جي ڍائجي ويا. عبدالنبيءَ جي
بحاليءَ جو بندوبست ٿي ويو. تيمور شاهه جي فوج
واپس موٽي، ليڪن مدد خان جي تباهيءَ ڪري سنڌ ۾
خوفناڪ ڏڪار پئجي ويو؛ مٿان وري وبا جي منحوس
بيماري اچي پيئي، ۽ بدنصيب عوام کي جن مصيبتن سان
واسطو پيو، ان جو ڪوبه مثال سنڌ جي گذريل تاريخ ۾
موجود نه هو. ظاهر آهي ته عوام کي انهن جگهڙن ۽
ڇڪتاڻ سان ڪوبه تعلق ۽ ڪابه دلچسپي نه هئي، جا
لڙائي ڪندڙ سردارن جي وچ ۾ حڪمرانيءَ جي حرص جي
سلسلي ۾ ٿي رهي هئي.
مڃجي کڻي ته عبدالنبيءَ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو؛
ليڪن ڇا انهيءَ واعدي وفائيءَ جي ذميداري سنڌ جي
عام خلق تي عائد ٿي ٿئي، ۽ انهيءَ جي پوري ڪرڻ جي
صورت اها نه هئي ته عوام کي لٽيو ۽ ڦريو وڃي، قتل
ڪيو وڃي ۽ سندن گهرن کي جلايو وڃي؟ واضح هجي ته
سنڌ ڪو ڌاريو ملڪ نه هو، بلڪ ٽيهن پنجٽيهن سالن
کان ابدالي حڪومت جو خراج ڀريندو ٿي ويو، ۽ سنڌ
واسين جي حفاظت هر افغان سردار تي اهڙيءَ ئي ريت
واجب هئي، جهڙيءَ ريت خود افغانن جي حفاظت واجب
هئي.
))
”تاريخ بلوچستان“ ص 197-198 تاريخ مذڪور ۾
مختلف رئيس جي فهرست ڏني ويئي آهي، مثلاً مير
عبدالنبي رئيساڻي، سردار حاجي محمد خان
شهواڻي، مير جنگي سرپرهه، مير احمد خان مينگل،
وڏيرو بهادر خان بنگل زئي، احمد خان محمد شهي،
دينار ڪودري، ولانگو لهڙي، وڏيرو ميرو رند،
جلال خان ڊومبڪي، جلال خان مغيري، وڏيرو غلام
علي بلدي، مير يوسف خان زهري، مير نور محمد
موسياڻي، مير ولي محمد مينگل شاهي زئي، مير
رحمت، مير مراد خان، سردار شهباز خان، مير
فقير محمد، وڏيرو قيصر خان مگسي، وڏيرو قلاڻي
ديناري.
|