انهيءَ کان سواءِ، ڪي ڪارڪن خاص ڪمن لاءِ به مقرر
هوندا هئا- مثلاً اخبار نويس، ۽ وقائع نگار، جي
پنهنجن علائقن جون ضروري خبرون وڏيءَ خبرداريءَ
سان مرڪزن ۾ پهچائيندا هئا؛ يا اگهه مقرر ڪندڙ، جي
سڀني جنسن جي اگهن جون رپورٽون موڪليندا رهندا
هئا.
زمين جي ڪيفيت. زمين جا عام طرح سان ٽي قسم ڄاتا
ويندا هئا، ۽ ٽنهي جي پيدائش مان سرڪاري حصي جي
مقرري الڳ الڳ هوندي هئي. پهرئين قسم جي زمين اها
هئي، جا درياءَ جي ٻوڏ وقت سيراب ٿيندي هئي ۽ ان ۾
زياده محنت کان سواءِ فصل تيار ٿي ويندو هو؛
سراسري پيداوار زياده هوندي هئي، ۽ ان مان پيداوار
جو ٽيون حصو ورتو ويندو هو. ٻئي قسم جون اهي
زمينون هونديون هيون، جي درياءَ جي ڪناري کان
پرانهيون هجڻ سبب، ٻوڏ جو پاڻي پهچي نه سگهندو هو؛
انهن کي ننڍن وڏن واهن جي ذريعي سيراب ڪيو ويندو
هو ۽ بٽئيءَ وقت پنجن مان ٻن کوڙن جي حساب سان
هاريءَ کي وصول ڪيو ويندو هو. ٽيون قسم باراني
زمين جو هو: هنن زمينن جا فصل برسات تي ٻڌل هوندا
هئا، ۽ هاري پيدائش جو صرف پنجون حصو ڏيندا هئا.
ڪي زمينون مقاطعي تي پڻ ڏنيون وينديون هيون، ۽ في
جريب يا في ايڪڙ جي حساب سان انهن لاءِ نقد رقم
مقرر ڪئي ويندي هئي.
سرڪاري حصي وصول ڪرڻ جو طريقو. هارين کي اختيار
هوندو هو ته وڻين ته پيدائش پاڻ رکن ۽ نقد رقم
خزاني ۾ پيارين، يا وڻين ته جنس ڏين: جنس جي وصول
ڪرڻ لاءِ ڪيترائي طريقا رائج هئا.
1.
هڪ نيم سرڪاري ماڻهو، بيٺل فصل کي ڏسي، ٻڌائيندو
هو ته هيتري جنس ڏني وڃي.
2.
هاري سمورو فصل کَري تي گڏ ڪندو هو، ۽ ان مان
سرڪاري حصو الڳ ويندو هو.
3.
ٻنين ۾ بيٺل فصل ورهايو ويندو هو. هيءُ طريقو عام
طرح زميندار اختيار ڪندا هئا، جي سرڪاري خزاني ۾
نقد رقم جمع ڪرائيندا هئا، ۽ هاريءَ کان فصل جو
حصو وٺندا هئا. سرڪاري حصي ڪڍڻ کان پوءِ ڪار پرداز
سرڪاري حصو انهيءَ وقت وڪڻي ڇڏيندا هئا، يا سرڪاري
اناج- گهر ۾ جمع ڪرائي، اُن جي رقم حساب ۾ جمع
ڪرائيندا هئا.
مقاطعا. زمينون مقاطعي تي به ڏنيون وينديون هيون-
يعني مختلف ماڻهو سرڪاري واجبات جو فيصلو ڪري،
زمين جي وڏن وڏن ٽڪرن جي آبادي پنهنجي ذمي کڻندا
هئا. هو مقرر ٿيل رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندا
هئا ۽ پوءِ هارين کان زمين آباد ڪرائيندا هئا.
اوهين ڪتاب ۾ پڙهي چڪا آهيو ته ڪلهوڙن رئيسن به
شروع ۾ مختلف علائقا مغل ڪار پردازن کان مقاطعي تي
ورتا هئا. مقاطعيدار پنهنجي پيدائش وڌائڻ جي وسيلن
جو خود ذميوار هوندو هو. مغلن جي اصطلاح ۾ زمين جي
مقرر اگهه کي ”ضبطي“ ۽ مقاطعي کي ’نسق‘ چوندا هئا.
متفرقا محصول. زمين جي ڍل يا پيداوار جي حصي سان
گڏ ٻيا به محصول رائج هئا: مثلاً رستن ۽ ٻيلن جا
محصول، ۽ ڪن ٻين شين تي محصول- جئن ته لوڻ، قلمي
شورو، آفيم يا چونگيءَ جو محصول. واضح هجي ته ان
زماني ۾ جنسون تمام سستيون هونديون هيون. لوڻ جي
مڻ جي قيمت هڪ پيسي کان وٺي ٽن پئسن تائين هوندي
هئي. ڳائو گوشت ڏيڍ آني سير وڪامندو هو، ۽ ٻاڪرو
گوشت ٻين اڍائي آنين سير جي حساب سان وڪامندو هو.
سورت ۾ چانور گهڻو ڪري سوا رپئي مڻ وڪامندا هئا؛
خود سنڌ ۾ اناج جي سستائيءَ جي هيءَ حالت هئي جو
ڪن وقتن تي اُن جي وڪڻڻ ۽ پيسن وصول ڪرڻ ۾ سخت
تڪليف ٿيندي هئي. ”گلدستہ نورس بهار“ ۾، اناج جي
سستائيءَ جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
صنعت ۽ هرفت. صنعت ۽ حرفت متعلق سنڌ جي هر هڪ حصي
جي حالات ڪٿي به بيان ٿيل نه آهن؛ ليڪن ٺٽي ۽ ڪن
ٻين شهرن بابت ڪي اطلاع بابت سامهون رکي اندازو
ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ان زماني به هنر ۽ ڪاريگريءَ
جي اعتبار کان تمام مٿانهون درجو رکيو ٿي. مثلاً:
1.
ٺٽي ۾ چاليهه هزار ٻيڙيون ۽ جهاز ڪِرائي تي هلندا
هئا.
2.
بافتو، شالون، تارڪشيءَ جون لونگيون، ريشمي ۽ سوٽي
ڪپڙا نهايت اعليٰ درجي جا ٺهندا هئا.
3.
ٺٽي ۾ جيڪي ڇيٽون تيار ٿينديون هيون، تن کي شوقين
ماڻهو تمام پري پري کڻي ويندا هئا.
4.
ڪپڙي جي صنعت نهايت اعليٰ پيماني تي پهتل هئي.
5.
ساري هندستان ۾ بهترين پالڪيون ٺٽي ۾ ٺهنديون
هيون، ۽ ٻن ڦيٿن واريون ڏوليون به جهڙيون هتي
ٺهنديون هيون، تهڙيون ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٺهنديون
هيون.
6.
سنڌ ۾ چمڙي جي رڱاوت جو فن به ڪمال تي پهتل هو.
7.
نادر شاهه جي حملي وقت ٺٽي ۾ چالهه هزار ڪپڙي اُڻڻ
وارا ڪوري رهندا هئا.
هيءُ فقط سرسري ڪيفيت آهي. سنڌ جي پراڻي هنر ۽
ڪاريگريءَ جا نمونا اڄ به هر هنڌ موجود آهن. مثلاً
زين پوش، شطرنج جو سامان، لونگيون، سوسيون، کيس،
غاليچا، جنڊيءَ جا روغني هندورا، پلنگ، وغيره؛ ڀرت
۽ ڇر جو ڪم، جنڊيءَ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، جتيون ۽
زريءَ جو ڪم. نئين تمدن ۾ هن هنر ۽ ڪاريگريءَ جي
سرپرستي تمام گهٽجي ويئي، انهيءَ ڪري هي هنر ۽
ڪاريگريون پنهنجي پهرينءَ حالت ۾ قائم رهي نه
سگهيون.
واپار. سنڌ کان چانور، ڪڻڪ، نير، چمڙو، هڏا، تيلي
ٻج، ڪپهه ۽ اُن وعيره شيون ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليون
وينديون هيون. سموري اتر هندستان ۾ راجپوتانا
وغيره لاءِ ضرورت جو سامان سنڌ جي بندرن تي ڪٺو
ٿيندو هو ۽ پوءِ اتان هر هنڌ موڪليو ويندو هو.
جهڙيءَ طرح بحري تجارت جو مرڪز ٺٽو هو، اهڙيءَ طرح
بري تجارت جو مرڪز سترهين صديءَ ۾ شڪارپور هو.
ٻنهي شهرن ۾ وڏن وڏن واپارين جون تجارتي ڪوٺيون
هونديون هيون، ۽ انهن ۾ وڏن وڏن واپارين جون
تجارتي ڪوٺيون هوندوين هيون، ۽ انهن جا گماشتا
ايراني نار، بحر قلزم، بحر روم ۽ هندي وڏي سمنڊ جي
بندرن تي موجود هوندا هئا.
مغلن جي دور جو نقشو. مسٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي لکي ٿو
ته مغلن جي عروج واري دور ۾ هن عظيم الشان
شهنشاهيت، عام حيثيت سان جيڪو امن امان قائم ڪيو،
ان مان سنڌ کي چڱو فائدو حاصل ٿيو. هن دور ۾ سنڌ
جي هنر ۽ ڪاريگريءَ به وڏي ترقي حاصل ڪئي، ۽ واپار
پڻ دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويو. ٺٽو ان وقت ۾
بين الاقوامي تجارت جو مرڪز بڻجي ويو. هتان جي
تاجرن ۽ واپارين صوبي جي مصنوعات کي ويجهو توڙي
پرانهون روشناس ڪرايو. معلوم ٿئي ٿو ته خود مغلن
به سنڌ جي تجارت کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ خاص دلچسپي
ورتي. هن دور ۾ وڏن وڏن فرنگي تاجرن – پورچو گيزن،
انگريزن ۽ ڊچن- سنڌ ۾ پنهنجا ڪارخانا قائم ڪيا.
والٽر هئملٽن جو بيان. والٽر هملٽن جو ڪتاب سن
1820ع ۾ ڇپيو ويو- جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت کي ختم
ٿئي گهٽ وڌ پنجٽيهه سال گذري چڪا هئا. هن ڪتاب ۾
سنڌ جو جيڪو نقشو پيش ڪيو ويو آهي، اجمالي طور ان
تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي. هن نقشي مان به سنڌ جي
پس منظر جو هڪ حد تائين اندازو ٿي سگهندو:
1.
سنڌ جي زراعت جو مدار بارش تي آهي يا واهن جي
ذريعي آبادي ڪئي وڃي ٿي. درياهه جي چاڙهه تي اناج
۽ ٻيون جنسون پوکيون وڃن ٿيون. سال جي باقي حصي ۾
نير، ڪمند ۽ هئڊ وغيره جي آبادي ٿئي ٿي.
2.
ملڪي پيداوار مان هيٺيون چيزون ذڪر ڪرڻ جي لائق
آهن: چانور، گيهه، چمڙو، کلو، شارڪ مڇيءَ جا کنڀ،
پوٽاس، قلعي شورو، هنڱ، مڃٺ، ٺٽي جو ڪپڙو، گهوڙا،
نير، تيلي ٻج، ڦٽڪي ۽ مشڪ. ان کان سواءِ ملتان جا
گهوڙا، تجارت لاءِ گهرايا وڃن ٿا.
3.
ٻاهرين ملڪن مان هيٺيون شيون سنڌ ۾ اچن ٿيون: ٽين،
لوهه، شيهو، فولاد، هاٿيءَ جا ڏند، يورپ جون ٺهيل
شيون تلوارون، غاليچا، ريشم، کنڊ، مصري، قرمچي،
پان، ڪارا مرچ، دالچيني، ڦوٽا، لونگ، جعفر، موتي،
ايريو.
4.
سنڌ مان شارڪ مڇيءَ جا کنڀ ۽ گوشت، گيهه، پوٽاس،
قلمي شورو، چمڙو، کلون، السيءَ جو تيل، سرنهن جو
تيل، ڪڻڪ، هنڱ، مڃٺ، کونئر، باداميون، رنڱاوت جون
شيون، پستا، اکڙوٽ، شالون، ڪپڙو، ڪپهه، زعفران ۽
ڇيٽون ٻاهر موڪليون وينديون هيون.
5.
سنڌ جي رهاڪن جو قد وچولو آهي، جسم مضبوط، رنگ
سانورو، اکيون ۽ وار ڪارا، ڏند غير معمولي طور
عمدا ۽ مضبوط، ۽ مٿي جا وار ڊگها آهن. پٽڪا تمام
وڏا ٻڌن ٿا؛ ڪن پٽڪن ۾ اسي گز ململ جا به اچي وڃن
ٿا. مسلمان گهڻو ڪري سني ۽ حنفي فرقي جا آهن. انهن
۾ مذهبي تعصب بلڪل ڪونه آهي.
هيءُ جيتوڻيڪ ٽالپرن جي ابتدائي دور جو نقشو آهي،
ليڪن يقين آهي ته ڪلهوڙن جو دور يا ان کان اڳ جي
دور جو نقشو به هن کان ڪو گهڻو مختلف نه هوندو.
ڪلهوڙن جو ظهور. اهو ئي ملڪي پس منظر هو، جنهن ۾
ڪلهوڙن جو ظهور ٿيو. جنهن حد تائين ملڪ جي انتظامي
ڍانچي جو تعلق آهي، ممڪن آهي ته ڪن صوبن ۽ علائقن
۾ مقامي ضرورت کي سامهون رکي ڪا جزوي ترميم ڪئي
ويئي هجي، پر عام صورت گهڻو ڪري اها ئي ساڳي
هوندي.
هيءُ به ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته جڏهن ۾ مغل حڪومت تي
زوال آيو ۽ ملڪي انتظام ۾ خرابيون پيدا ٿيون، تڏهن
ملڪي خوشحاليءَ جا وسيلا به اصلي حالت ۾ قائم رهي
نه سگهيا- خصوصاً سنڌ کي تمام ڳرو نقصان رسيو.
اوهين ڏسي چڪا آهيو ته ڪلهوڙن کي حڪمرانيءَ جو
موقعو ان وقت مليو، جڏهين بدانتظاميءَ جا دردناڪ
نتيجا هر هنڌ ظاهر ٿي چڪا هئا. انهن حالتن کي
سامهون رکندي، انهن جي تعميري ۽ اصلاحي ڪارنامن جو
اندازو ڪرڻ گهرجي- جن جي سرسري ڪيفيت ايندڙ صفحن ۾
پيش ٿيندي.
باب چوويهون
ملڪي وحدت جي بحالي ۽ آبادڪاري
پهريون ضروري قدم. ڪلهوڙن لاءِ سڀ کان پهريون ۽
بيحد ضروري ڪم هيءُ هو ته هو سنڌجي جاگرافيائي
وحدت کي وري وجود ۾ آڻين، جيڪا گهڻيءَ مدت کان ٽٽي
چڪي هئي ۽ غالب فاتحن جي هنگامي آرائين سبب ان جي
مختلف حصن جون سرحدون بار بار بدلجنديون ٿي رهيون.
هن حقيقت ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جڏهن ميان يار محمد
خان شاهي منصب ۽ سيويءَ ۽ گنجابه جي حڪومت حاصل
ڪئي، تڏهن ان وقت کان طي ڪيو ويو هو ته آهستي
آهستي سموريءَ سنڌ کي هڪ مرڪز جي ماتحت جمع ڪرڻ
گهرجي. اوهين جيڪڏهن چاهيو ته هن جو مطلب هي به
ڪڍي سگهو ٿا ته يار محمد خان پنهنجي حڪومت جي
دائري کي زياده کان زياده وڌائڻ ۽ وسعت ڏيڻ چاهيو
ٿي، ۽ اهو مقصد هن جي فرزند نور محمد جي به سامهون
رهيو؛ ليڪن سنڌ جي سمورن حصن کي هڪ هنڌ ملائڻ جي
صورت، هونئن به، هن کان سواءِ ڪهڙِ هئي ته حڪومت
جي دائري کي وڌائڻ جي مطلب کي خاص نصيب العين
بنايو وڃي.
واضح هجي ته سنڌ جو نالو انتظامي ڪاغذن ۾ باقي نه
رهيو هو، ۽ ان جي بجاءِ بکر ۽ ٺٽي جون سرڪارون جي
وجود ۾ اچي وييون هيون، هڪ سرلار، ملتان صوبي سان
ملي چڪي هئي، ۽ ٻي هڪ الڳ انتظامي يونٽ بنيل هئي.
يار محمد خان ۽ نور محمد خان جون ڪوششون. ارڙهين
صديءَ جي شروعات ۾ ميان يار محمد خان کي سنڌ جي
فقط هڪ صوبي جي انتظام ۽ بندوبست جو موقعو مليو-
ان ۾ بکر شامل نه هو؛ گويا بکر سرڪار جا به ٻه حصا
ڪيا ويا هئا. ان وقت ميان يار محمد آهستي آهستي
ملڪي وحدت جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ هيءُ ڪم
گهٽ- وڌ پنجٽيهن سالن جي اندر، ميان نور محمد خان
جي حڪومت جي دور ۾ تڪميل کي پهتو. ممڪن آهي ته اڄ
ان جي اهميت جو صحيح اندازو ڪري نه سگهجي، انهيءَ
ڪري جو اصل ڪارنامن تي ٻن صدين جو ڊگهو عرصو گذري
چڪو آهي، ۽ ميان صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي نادر افشار
ملڪي وحدت کي نئين سر ٽڪر ٽڪر ڪرڻ شروع ڪيو هو، ۽
سنڌ جو هڪ ٽڪرو الڳ ڪري بلوچستان سان ملائي
ڇڏيائين، ته ٻيو ٽڪرو دائود پوٽن کي ڏيئي ڇڏيائين:
پوءِ دائود پوٽن وارو حصو پهرين سڌيءَ طرح نادر جي
هٿ هيٺ رهيو ۽ آخر افغانن جي سنڀال هيٺ رهيو.
ان هوندي به، ميان يار محمد خان ۽ ميان نور محمد
خان، بکر سرڪار ۽ ٺٽي سرڪار جي جڳهه تي سنڌ کي
نئين سر هڪ جاگرافيائي حقيقت ۾ آندو. هيءَ وحدت
انهن مخلص بزرگن جي ڪوشش سان قائم ۽ استوار ٿي، جا
پوءِ وري مٽجي نه سگهي؛ جيتوڻيڪ ان جي حدن ۾
متواتر ردبدل ٿيندي پئي رهي. تاريخ جو هيءُ روشن
واقعو آهي ته ميان نور محمد خان جي دور ۾ توڙي ان
جي وفات کان پوءِ ملڪ جو نالو ’سنڌ‘ جي نالي سان
ئي سڏبو رهيو ۽ ان کان پوءِ ڪڏهن به بکر، ٺٽي يا
ڪنهن ٻئي نالي سان سڏجڻ ۾ نه آيو. ڪلهوڙن جو هيءُ
نهايت اهم ملڪي ڪارنامو آهي، جو هميشه سنڌ جي
تاريخ ۾ روشن رهندو. افسوس جو اڄ تائين ان جي
اهميت جو صحيح اندازو نه ڪيو ويو آهي.
ملڪي آبادي. ڪلهوڙن جي شروعات جيتوڻيڪ پيري
مريديءَ سان ٿي، ليڪن هو شروع کان ئي زمينداريءَ
ڏانهن خاص طرح متوجهه هئا، ۽ جيڪو به علائقو سندن
انتظام هيٺ اچي ٿي ويو، اتي واهه کوٽرائي، ان کي
آباد ڪندا ٿي رهيا. هن باري ۾ گهربل تفصيل مناسب
موقعن تي پيش ٿي چڪا آهن، جن جي دهرائڻ جي ضرورت
نه آهي. واهن کوٽائڻ، ۽ غير آباد زمين کي آباد
ڪري، زراعت کي ترقي ڏيارڻ تي سندن ايڏو توجهه هو،
جو اڄ به سنڌ جو ملڪ جن واهن جي ڪري آباد ۽ ررخيز
بنيل آهي، تن جي تعمير لاءِ شروعات ۾ جنهن حڪمران
وسيع پيماني تي ڪم شروع ڪيو، اهو ميان نور محمد
خان جهڙو دورانديش حاڪم هو.
ميان صاحب اتر سنڌ ۾ ٽي وڏا واهه کوٽايا، جن مان
ٻه واهه ويهه ويهه ميل ڊگها هئا ۽ هڪ واهه ڏهه ميل
ڊگهو هو. غير آٻاد زمينن کي آباد ڪرائڻ جو هيءُ
ڪارنامو ان زماني ۾ عمل ۾ آيو، جڏهن واهن کوٽائڻ
جي سلسلي ۾ انجنيئرنگ جو فن بلڪل ابتدائي حالت ۾
هو، ۽ اهي اوزار ۽ تجربا هئا ئي ڪونه، جن مان اسين
اڄ فائدا حاصل ڪري رهيا آهيون. حقيقت شناس هن
ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ته ڪلهوڙن جي هٿ هيٺ
واهن جو انتظام، ٽالپرن جي دور کان تمام بهتر ۽
صحيح هو.
آبادڪاريءَ جا نتيجا. سنڌ صدين کان وٺي ڌارين جي
هٿ هيٺ رهندي ٿي آئي. اهي ماڻهو نڪي سنڌ واسين جي
ضرورتن جو صحيح اندازو لڳائيندڙ هئا، ۽ نه انهن
مان هيءُ اميد ٿي سگهي ٿي ته هو ملڪ واسين جي
بهبوديءَ لاءِ انهيءَ دلي همدرديءَ سان ڪم ڪندا،
جنهن جي توقع خود سنڌ جي فرزندن مان ٿي سگهي ٿي.
انهن حالتن جو نتيجو هيءُ نڪتو، جو سنڌ جون مختلف
قومون، پنهنجيءَ ڪِرت ۾ اطمينان سان مصروف رهجڻ
بجاءِ، هڪ قسم جي خانه بدوشي اختيار ڪرڻ تي
مجبورٿي وييون ۽ انهن ۾ چورين ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي عادت
پئجي ويئي. ڪلهوڙن ملڪي آباديءَ لاءِ چڱا وسيلا
موجود ڪري، هزارن ماڻهن کي کيتيءَ جي ڌنڌن ۾
لڳايو: ان طرح مختلف علائقا آباد ٿي ويا، جتي ڪٿي
ڳوٺ ۽ شهر بنجي ويا، ماڻهو مفيد ڌنڌن ۾ مصروف ٿيا،
۽ منجهانئن بريون عادتون مٽجي وييون هيون، ليڪن
انهن کي ڪن چڱن ڌنڌن ۾ لڳائڻ جو ڪوبه ذريعو مهيا
نه ڪيو ويندو هو؛ ڪلهوڙن بيروزگار ماڻهن لاءِ چڱا
ذريعا موجود ڪيا، ۽ اهڙيءَ طرح عوام ۾ امن امان جي
زندگي گذارڻ ۽ محنت ۽ مشقت سان روزي ڪمائڻ جي لاڙو
پيدا ٿي پيو.
امن امان جون شاهديون. ملڪ ۾ امن امان جون شاهديون
ڪلهوڙن جي ابتدائي زماني کان ئي ملن ٿيون. مثلاً
ميان يار محمد خان جي دور جو نقشو ملاحظه ڪريو:
خدا جي عنايت ۽ شهنشاهه جي اقبال جي برڪت سان رستن
جو امن ۽ رعيت جي بهبودي تمام اعليٰ درجي تي پهتل
آهي. مسافر توڙي مقامي ماڻهو پنهنجي پنهنجي
ڪاروبار کي لڳل آهن.
هڪ غير جانبدار مبصر لکي ٿو:
فتني ۽ فساد جي زماني کان وٺي اڄ تائين، ميان يار
محمد خان جي علائقن ۾ ايڏي پيماني تي امن قائم آهي
جو مسافر هر انديشي کان فارغ ٿي، رات ڏينهن امن
سان هر هنڌ اچن وڃن ٿا.
ميان نور محمد خان جي دور ۾ به اهائي حالت هئي.
بيشڪ ڪن موقعن تي بدامنيءَ جا واقعا به ظاهر ٿيا،
۽ اهي واقعا گهڻو ڪري انهن حصن ۾ پيش آيا، جي سڀ
کان پڇاڙيءَ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو حصو بنيا هئا.
هيءُ حقيقت پنهنجيءَ جڳهه تي بهرحال تسليم ٿيل آهي
ته ڪلهوڙن جنهن به علائقي کي سنڀاليو، ان ۾ جلد
کان جلد امن جو بندوبست ڪيو. صحيح طريقو اهو ئي هو
ته هو ماڻهن جي لاءِ مفيد ڌنڌن ۾ مصروف رهڻ جو
بندوبست ڪن ها، ۽ فقط سزائن ڏيڻ تي اڪتفا نه ڪن
ها- هنن ائين ئي ڪيو.
سنڌ جي مالي حالت. غير آبادي زمينن کي آباد ڪرڻ
سان ئي سنڌ جي آمدنيءَ ڪلهوڙن جي دور ۾ غير معمولي
ترقي حاصل ڪئي. ”آئين اڪبريءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو
ته اڪبر بادشاهه جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي مالي آمدني
قريباً ڇويهه لک رپيا هئي. ايلس جي بيان مطابق،
ڪلهوڙن جي دور ۾ مالي آمدني اسي لکن تي پهچي ويئي
هئي
. ٽالپرن
جي زماني ۾ مالي صورت وري گهٽجي ويئي. انهن جو سبب
ڪن صاحبن جي نز-يڪ هيءُ آهي ته ٽالپرن ڪيترين ئي
زرخيز زمينن ۾ پنهنجا شڪار گاهه بنايا هئا.
ڪوبه اهڙو بيان ملي نه سگهيو آهي، جنهن مان ظاهر
ٿئي ته ڪلهوڙن ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ ڍلن جو اگهه
وڌايو هو، يا انهن جي دور کان اڳ يا پوءِ ڍلن جا
اگهه گهٽ هئا. ترقيءَ جو حقيقي سبب هن کان سواءِ
بيو ڪوبه نه هو، ته ملڪ جي آبادڪاري تمام اوج تي
پچي ويئي هئي- ملڪ ۾ امن هو ۽ ماڻهو دلجوئيءَ سان
هنر ۽ ڪاريگريءَ، زراعت ۽ تجارت ۾ لڳل هئا. هيءُ
بيان ته اول ئي ٿي چڪو آهي ته ڪلهوڙن جي دور ۾
زمينن کي سيراب ڪرڻ جو انتظام ان کان پوءِ واري
دور کان گهڻو بهتر هو.
والٽر هملٽن جو بيان. والٽر هملٽن لکي ٿو ته:
ڪلهوڙن جي حڪومت جي دور ۾ سنڌ جي سالياني آمدنيءَ
جو اندازو اسي لک رپيا ڪيو ويو هو. 1809ع ۾ آمدني
گهٽجي وڃي ٽيتاليهن لکن تي بيٺي. سن 1813ع ۾ وري
وڌي ايڪهٺ لکن تي پهچي ويئي. جنهن مان ڪابل جو
ساليانو خراج ٻارهن لک رپيا ڪٽ ڪرڻ گهرجي؛ ۽ ان
مان ڏيڍ ڪروڙ (پندرهن لک پائونڊ) جي وڏي رقم اميرن
ڏانهن مسلسل بقايا رهندي اچي ٿي. ملڪ جي طبعي
وسيلا تمام بهترين آهن. جيڪڏهن حڪومت جي نظام ۾
اصطلاح ٿي وڃي ٿي ته هن ملڪ جا رئيس اتر ۽ اولهه
جي پاڙيسرين لاءِ حد درجي خطرناڪ بنجي وڃن؛ ليڪن
هيءُ صوبو جيتوڻيڪ هندستان جي حدن ۾ شامل آهي، ان
هوندي به هڪ تمام وڏي ريگستاني حصي هن کي هندستان
کان اهڙيءَ طرح ڪٽي ڇڏيو آهي، جو هو (هندستان) هن
جي (سنڌ جي) سياست ۾ ڪوبه حصو نٿو وٺي.
ٻئي هنڌ تي هن بيان ڪيو آهي ته:
چيو وڃي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪڪرالي مان ڇهه لک
رپيا سالياني آمدني وصول ٿيندي هئي، ليڪن هينئر ان
جي آمدني، گهٽجي گهٽجي، هڪ لک نوي هزار رپين تي
وڃي پهتي آهي.
سنڌ تي مصيبتون. نادر شاهه جي ڪاهه، آزاد سنڌ لاءِ
پهرين وڏي مصيبت هئي، جنهن ۾ ملڪ جي گڏ ٿيل دولت
نهايت بريءَ طرح سان لٽجي ويئي، ۽ آئيندي پڻ هر
سال سنڌ مان ويهه لک رپيا خراج طور ايران وڃڻ لڳا.
نادر جي قتل ٿيڻ تي هيءُ مصيبت ختم ٿي، ته ان سان
گڏ افغانن جي غلاميءَ جو زنجير سنڌ جي گلي ۾ پئجي
ويو. پوءِ جي خانه جنگين ۾ نه رڳو لٽمار جاري رهي،
پر ملڪي ڪاروبار تي به تباهيءَ جو دور ڇائنجي ويو.
ان هوندي به ميان غلام شاهه جي دور ۾ امن امان
قائم ٿيندي ئي دولت جي وار ڦير شروع ٿي ويئي، ۽
ڪيترا نوان شهر آباد ٿيا؛ ايتريقدر جو ڪن مؤرخن
ميان غلام شاهه کي ڪلهوڙا خاندان جو بهترين حڪمران
قرار ڏنو، حالانڪ هن جي حڪومت وسعت ۽ بهترين
انتظام جي لحاظ کان ميان نور محمد خان جي برابر نه
هئي. ميان غلام شاهه جون اکيون بند ٿيون ته وري
سنڌ کي امن امان جون چند گهڙيون به نصيب ٿي نه
سگهيون. ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ ملڪ جو جيڪو حال
ٿيو، ان جو دردناڪ نقشو اڳ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
برباديءَ جي هن خوني دور مان گذرڻ کانپوءِ، ملڪي
انتظام ٽالپرن جي هٿ ۾ آيو. کين حڪومت جي پرواني
حاصل ڪرڻ لاءِ تمام وڏيون رقمون ۽ نهايت قيمتي
تحفا افعاني درٻار کي ڏيڻا پيا: هن مان اندازو ٿي
سگهي ٿو ته سنڌ ۾ پنهنجي بگڙيل حالتن کي جلد کان
جلد درست ڪرڻ جي ڪيتريقدر صلاحيت هئي. جو بنياد
ڪلهوڙن جي ئي دور ۾ پختو ٿيو هو.
حاصل مطلب. جيڪي ڪجهه مٿي بيان ٿيو آهي، ان جو
خلاصو هيٺ ڄاڻائجي ٿو:
1.
ڪلهوڙن ٽيهن-پنجٽيهن سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي نئين
سر متحد ڪيو، ۽ بکر ۽ ٺٽي جي ”سرڪارين“ کي ختم
ڪري، سنڌ جو نالو ٻيهر زنده ڪيو. هي هنن جو نهايت
عظيم الشان قومي ڪارنامو آهي- جنهن جو اعتراف نه
ڪرڻ تاريخ جي روشن پهلوءَ کان انڪار جي برابر
ٿيندو.
2.
هنن ملڪ ۾ صحيح اصول تي امن قائم ڪيو: ملڪواسين کي
خانه بدوشيءَ ۽ لٽمار کان هٽائي، مفيد مشغلن ۾
لڳايو، ۽ اهڙيءَ طرح ملڪ جي آباديءَ جو انتظام
مدبرانه نموني ۾ سر انجام ڏنو. سنڌ جي آخري دور جي
تاريخ ۾ هي پهريون حڪمران طبقو آهي، جنهن انهي
سياست جو پايو وڌو، جنهن کي اصطلاح ۾ ”مربانہ
سياست“ چيو وڃي ٿو. سندن همه گير امن کي ڏسندي
اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، ته ملڪواسي هنن جي بهترين
انتظام سببان نهايت خوشحال ۽ مطمئن هئا.
3.
هنن واهه کوٽايا ۽ غير آباد زمينن کي آباد ڪيو.
سنڌ جي زرخيز زمين ۽ سنڌو نديءَ جي قدرتي دولت مان
پوري پوري فائدي حاصل ڪرڻ جي هيءَ پهرين ۽ ڪامياب
ڪوشش هئي.
4.
سنڌ کي عام طرح سان غريب ۽ غير آباد ملڪ سمجهيو
ويندو هو. ڪن ماڻهن ٽالپرن جي دور ۾ هن جي
آدمشماري زياده کان زياده ڏهه لک ٻڌائي آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ هيءُ ملڪ ايترو دولتمند بنجي ويو،
جو نادر کي ان جي خزاني مان لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ رپين جي
رقم هٿ آئي ۽ هر سال ٻاويهه لک رپيا خراج طور مٿس
مڙهيا ويا، حالانڪ سنڌ جون حدون پڻ گهٽايون ويون
هيون.
هي واقعات ڪنهن به طرح سنڌ جي غريبيءَ يا گهٽ
آباديءَ جا نه آهن. بلڪ خوشحاليءَ ۽ دولتمنديءَ جا
شاهد آهن.
|