سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:27

شڪار جا فني ماهر. مٿين ماڻهن مان شڪار جي سڀني فنن جو بهترين ماهر ابوالجوارح علي بن محمد نيشاپوري هو؛ باقي صاحبن مان هي سڀني فنن ۾ چڱي مهارت رکندا هئا، ۽ هيٺيان صاحب فقط ڪنهن هڪڙي خاص فن ۾ ماهر هئا:

1. شڪاري جانورن کي کاڌو ڏيڻ ۽

 انهن جون وٺيون سڃاڻڻ………………………خواجه ذڪي عراقي

2. بيماريون سڃاڻن…………………………………حاجي بيگ رومي

3. دوائون ڏيڻ………………………………………سرباد هندي

4. پکين جا کنڀ پٽڻ ۽

   انهن جا آکيرا ٺاهڻ………………………خواجه عبدالله خوارزمي

ملڪ شاهه، محمد بن قليچ نظاميءَ کي مقرر ڪيو ته فن جا اُهي ماهر جيڪي ڪجھ ٻڌائيندا وڃن، سو پوريءَ خبرداريءَ سان قلمبند ڪندو وڃي. ان طرح نئون شڪارنامو مرتب ٿيو، ۽ ان جو نالو ”صيد نامه ملڪ شاهه“ رکيو ويو.

”شڪار نامه ايل خاني“ ۽ صيدالمراد“. طغان تيمور خان ايل خانيءَ (1338هه- 1350هه)، ”صيد نامه ملڪ شاهه“ کي سامهون رکي، نئون ڪتاب مرتب ڪرايو، ۽ ان جو نالو ”شڪارنامه ايل خاني“ رکيو. ميان محمد دائود خان چوي ٿو ته هي شڪارنامو جھونيءَ ۽ پيچيدي فارسيءَ ۾ هو، مون ان کي نيئن سر لکيو: اهڙيءَ طرح هيءُ نئون ڪتاب تمام آسان فهم بنجي ويو. ميان صاحب پنهنجن تجربن جي بنياد تي هن ۾ اضافا به ڪيا آهن. سڀ کان وڌيڪ ذڪر لائق ڳالهه هيءَ آهي ته شڪاري جانورن لاءِ جيڪي دوائون تجويز ڪيل آهن، تن مان گھڻين دوائن جا نالا ڏيهي زبان ۾ لکيا اٿس، ته جئن شائقن کي هن ڪتاب مان فائدي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿئي.

هن حقيقت ۾ ڪوبه شبهه نه آهي ته ميان صاحب باريڪ بينيءَ سان هڪ هڪ نڪتي تي غور ڪيو، ۽ جيڪي ڪجھ اڳيان ماڻهو لکي ويا هئا، تنهن جو اکيون پوري نقل نه ڪيو، بلڪ خود هر ڳالهه جو تجربو ڪري صحيح احوال قلمبند ڪيائين. شڪار جي فن کان ڪو بنهه ناواقف ماڻهو به جيڪڏهن ڪتاب کي غور سان پڙهندو، ته ميان صاحب جي وسيع تجربي ۽ گھريءَ نظر جو کيس چڱيءَ ريت اندازو ٿي ويندو.

حڪيم محمد صادق عباسيءَ بيان ڪيو آهي ته ڪنهن صاحب کان ٻڌو هوم ته ميان دائود ڏکڻ سنڌ جي ڪنهن جھنگ ۾ باز ڇڏي انهن جا ٻچا ڪڍرايا هئا. هيءُ واقعو ٿيو هجي يا نه، پر شڪاري جانورن بابت ميان صاحب جي معلوماخت حد درجي حيرت انگيز آهي. لطف جي ڳالهه هيءَ آهي ته هو شڪار کي بيڪاريءَ جو مشغلو نه ڄاڻندو هو، بلڪ هڪ هڪ صاحبءِ فن جي حيثيت سان ان ڏانهن توجھ ٿيو هو. هن فن سان گڏ، طبابت ۾ مهارت هجڻ جو واقعو پڻ هن حقيقت جو روشن ثبوت آهي ته هو پنهنجو سمورو وقت مفيد ڪمن ۾ صرف ڪندو هو.

 

ڪتاب جو مضمون. ڪتاب ۾ هيٺين شڪاري جانورن جو ذڪر آهي: باز، باشو، شاهين، چرخ، مجري، خنافه، (چرخ جو هڪ قسم) شنقار، سنگ سنگ، طغرل.

هر جانور جون خصوصيتون جدا جدا بيان ڪيون ويون آهن- مثلاً رنگ ڪهڙو ٿيندو آهي، اکين جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي، ڪهڙن نورن ۾ ڪهڙا عيب ٿين ٿا، انهن جو اکيون کولڻ جو ڪهڙيون ترڪيبون آهن، جيڪڏهن بيمار ٿين ته علاج ڪهڙي طريقي سان ڪرڻ گھرجي، ۽ وري هر هڪ بيماريءَ جي پوري ڪيفيت لکي ان لاءِ نسخا پڻ ٻڌايا ويا آهن. شڪار جانورن بابت ڪابه ضروري ڳالهه ڇڏي نه ويئي آهي. انهن کي شڪار لاءِ تيار ڪرڻ جون تدبيرون ته انتهائي تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن.

جانورن جون خصوصيتون. هڪ هنڌ جانورن جون خصوصيتون تمام تُز لفظن ۾ لکيل آهن، جي هتي درج ڪرڻ لائق آهن:

            باز:            •       •   منظور نظر بادشاهان

            شنقار:         •       •   پرواز درڪار

            شاهين:        •       •   دلاور و بلند پرواز

            چرخ:           •       •   باتجمل و دوربين

            بحري:         •       •   سخت ڪوش و دلاور

            عقاب:         •       •   ڪوشنده

            هما:            •       •   مبارڪ و ڪم آزار

            بوم:           •       •   روز ڪور و بيمار

            باشہ:          •       •   چالاڪ و رنگين

            شير:           •       •   پر دل و غران

            پلنگ:         •       •   جنگ آور و ڪامران

            يوز:            •       •   ترش روي و خونخوار

            سگ:          •       •   شڪم بنده

            خر:             •       •   زشت آواز ناخوش

            استر:           •       •   شموس و بدخو

            تدرو:           •       •   بحالِ خويش نازان

            ڪلنگ:       •       •   زيرڪ و هشيار

            قاز:            •       •   غوغا ڪننده و شناور

            خرگوش        •       •   همہ روز در خواب و اندوهگين

            ڪلاغ         •       •   عاجز پر حذر از دشمن پرحذر

            خروس          •       •   خورشنده

            ڪبڪ:        •       •   خندان در ڪوهسا

            بوتيمار:        •       •   بر لب دريا نشستہ

            ڪنجشڪ:    •       •   عاجز و مسڪين

            گوزن:          •       •   بد دل و گريزان

            آهو:            •       •   سياه چشم و ڪم آزار

            خوڪ:          •       •   بي حميت و گنده

            شتر:           •       •   حمال و بار ڪش

            اسپ:          •       •   محبوب و مبارڪ رو

 

ڪتاب جو خاتمو. ڪتاب جي خاتمي ۾ ميان صاحب بلبل، طوطي، ڪبوتر ۽ ٻين پالتو پکين ۽ جانورن جي بيمارين جو احوال ۽ انهن جي علاج جون تدبيرون لکيون آهن، ۽ سڀني دوائن جا نالا ملڪي زبانن ۾ ڄاڻايا اٿس، ته جيئن انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. ان کان پوءِ گھوڙن جون بيماريون ۽ انهن جا علاج پڻ لکيا اٿس. ڪتاب جو هي حصو اسان جي ملڪ جي لاءِ جانورن جي علاج سان واسطو رکندڙ، هڪ تمام قيمتي ذخيرو آهي. ضروري آهي ته هن ڪتاب جي گھٽ ۾ گھٽ هن هن حصي جو ترجمو ملڪي زبانن ۾ ڪرائي گھڻي تعداد ۾ ڇپايو وڃي، ته جيئن عام ماڻهو منجھانئس فائدو حاصل ڪري سگھن.

هيءُ ”صيد المراد“ ڪتاب جي سرسري ڪيفيت آهي، جنهن مان ڪتاب جي حيثيت جو ڪنهن حد تائين اندازو ٿي سگھي ٿو. انگريز ليفٽيننٽ ڪرنل هيءُ ڪتاب انهيءَ خيال کان شايع ڪرايو هو ته جيئن شڪار جا شوقين منجھانئس فائدو حاصل ڪري سگھن؛ پر ڪتاب جي حيثيت ڪا ٺلهي اها ڪانه آهي ته امير ماڻهو ان کي پنهنجي تفريحي مقصدن لاءِ استعمال ڪن: ڪتاب جي فني حيثيت نهايت بلند آهي، ۽ ان سان گڏ پالتو پکين ۽ جانورن بابت جيڪو احوال منجھس شامل ڪيو ويو آهي، سو هڪ تمام قيمتي آهي.

طبي تصنيف. ڪن صاحبن کان معلوم ٿيو ته ميان محمد دائود خان طب جي فن ۾ به هڪ نهايت عمدو ڪتاب لکرايو هو؛ ليڪن ان ڪتاب جو اڄ تائين ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي، انهيءَ ڪري هن باري ۾ ڪجهھ به چئي نٿو سگھجي: البت هيءَ ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته ميان دائود جهڙي بلند علمي ذوق رکندڙ شخص طب تي به ڪو ڪتاب لکرايو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ طب جي فن ۾ ڪافي دسترس رکندو هو.

 

باب چوٽيهون

شاعري ۽ ادب

[1]

سنڌي شاعري ۽ ادب. جيتوڻيڪ، ٻين علائقن وانگر، سنڌ ۾ به اعليٰ درجي جا شاعر ۽ اديب گھٽ پيدا ٿيا، ۽ هيءَ ڳالهه اسان کي معلوم آهي ته علم جي عام صنفن جيان شعر ۽ ادب ۾ به رتبي جي بلندي سدائين محدود پئي رهي آهي، ليڪن هيءَ حقيقت هڪدم قبول ڪرڻ جوڳي آهي ته سنڌ ۾ شعر ۽ ادب جو ذوق به سدائين عام ۽ همه گير رهيو آهي. مثال طور، جيڪڏهن فقط ”مقالات الشعراء“ کي ئي ڏٺو وڃي ته واضح ٿي ويندو ته هر دور ۾ وچولي درجي جا شاعر ۽ اديب ڪثرت سان موجود رهيا آهن، ۽ اُهي ڪنهن هڪ شهر يا ڳوٺ تائين محدود نه هئا: بلڪ سنڌ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۽ باذوق ماڻهو پيدا ڪيا: انهن مان ڪي اهڙا هنڌ به آهن، جتي اڄ ڪنهن چڱي شاعر جي موجود هجڻ تي سچ پچ حيرت ٿيندي. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۽ ويچار جوڳي آهي ته سنڌ ۾ شاعرن ۽ اديبن جي گھڻائيءَ ئي مير علي شير ’قانع‘ کي ”مقالات الشعرا“ جهڙي ڪتاب مرتب ڪرڻ تي آماده ڪيو. ٻين هنڌن ههڙي قسم جا ڪتاب خير ڪي جوڙيا ويا هوندا.

مايه ناز اديب. هيءَ دعوا ته غالباً سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ واجبي نه سمجھي وڃي ته ابوالفضل ۽ فبضيءَ جي وڏن جو اصل وطن سنڌ ئي هو، ليڪن هن فخر جي حق بجانب هجڻ ۾ ڪنهن کي شڪ ٿي سگھي ٿو ته ابوالفتح ’قابل خان‘ جهڙو شهرهء آفاق اديب سنڌي ئي هو؟ ’قانع‘ لکيو آهي ته جنهن زماني ۾ لاهري بندر شهزادي اورنگزيب جي جاگير ۾ هو، تڏهن ابوالفتح ان بندر جي محررن ۾ شامل هو. ڪاپردازن کان حساب طلب ڪيو ويو، ته حساب درست ثابت ٿيو. ابوالفتح هڪ درخواست شهزادي جي خدمت ۾ پيش ڪري مدد لاءِ خرچ گھريو. اها درخواست شهزادي جي نظر مان گذري، ته خط جي مضمون کي ڏسندي ئي ابوالفتح کي منشگيريءَ جي جڳهه تي مقرر ڪيائين. اورنگزيب تخت نشين ٿيو، ته هن ابوالفتح کي ”قابل خان“ جو لقب ڏيئي مير منشي بنايو(1). واضح هجي ته اورنگزيب خود يگانو اديب هو. ويچار ڪريو ته قابل خان ڪيتري عظيم رتيب وارو منشي هوندو، جنهن جي اِنشاء جي اسلوب کي ڏسي کيس مير منشيءَ جو عهدو ڏنو ويو.

        وري ڪلهوڙن جي دور ۾ منشي عبدالرؤف هڪ بلند پايي جو اديب ۽ منشي هو. جن ماڻهن سرڪاري لکڦڙهه ۾ فارسيءَ جي پراڻي، پُرتڪلف ۽ استعمال گڏيل انداز کي ترڪ ڪري لکڻ جي صاف، سليس ۽ سادي نموني کي فروغ ڏنو، تن ۾ منشي عبدالرؤف خاص طرح ذڪر لائق آهي. لطف جي ڳالهه آهي ته سادگيءَ ۽ سلاست جي باوجود منشي صاحب جي لکڻين جو اسلوب عالماڻو آهي، ۽ ان جي پيروي اُهوئي ڪري سگهي ٿو، جو عربيءَ ۽ فارسي جو يگانو ماهر هجي. هيءَ حقيقت منشي صاحب جي خطن جي مجموعي کي ڏسڻ مان واضح ٿي سگهي ٿو.

ادب ۽ شعر جي سرپرستي. ڪلهوڙن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ادب ۽ شعر جي سرپرستيءَ ۾ حتي الامڪان ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. بيشڪ، انهن جي دور ۾ شاعرن ۽ اديبن تي مغل شهنشاهن يا عبدالرحيم خان خانان جي وقت وارين بخششن ۽ نوازشن جا واقعا نٿا ملن. ان جو هڪڙو سبب هيءُ به آهي ته ڪلهوڙن وٽ مغل بادشاهن ۽ اميرن جهڙا مالي وسيلا موجود نه هئا. ٻيو هي به سبب ٿي سگھي ٿو ته ڪلهوڙن وٽ ادب جي سرپرستيءَ جو تصور مغلن کان مختلف هو. هڪڙي سرپرستي هيءَ آهي ته شاعرن ۽ اديبن جي قصيدن ۽ اديپارن تي وڏيون وڏيون مرحمتون انعام طور ڏنيون وڃن؛ ۽ سرپرستيءَ جو ٻيو طريقو هيءُ آهي ته سٺن سٺن شاعرن ۽ اديبن جي گذاري جو حڪومت پاران بندوبست ڪيو وڃي، ته جيئن اهي فارغ البال ٿي پنهنجن تخليقي مشغلن کي جاري رکي سگھن. ڪلهوڙن جي سرپرستي پهرئين قسم جي نه هئي، بلڪ ٻئي قسم جي هئي؛ تنهن هوندي به ان کي سرپرستي ئي چيو ويندو، ۽ ڪئين اديب ۽ شاعر انهيءَ سرپرستيءَ مان فائدو حاصل ڪندا رهيا.

ميان نور محمد خان. منشي عبدالرؤف پهريائين بختيارخان پنيءَ وٽ ملازم هو، ۽ ان کان پوءِ ميان يار محمد خان جو مير منشي بنيو. ميان نور محمد خان جي دور ۾ به هو ساڳيءَ طرح پنهنجي مير منشيءَ جي عهدي تي قائم رهيو، ۽ سندس وفات کان پوءِ منشي صاحب جو ڏوهٽو منشگيريءَ جي عهدي تي مامور رهيو؛ پوءِ ميان غلام شاهه جي دور ۾ وري منشي صاحب جي ڀاءُ اهو عهدو سنڀاليو.

ميان نور محمد خان ديني خيالن جو ماڻهو هو. سندس سارو وقت ملڪي ۽ قومي ڪمن ۾ صرف ٿيندو رهندو هو. ظاهري طرح ته سندس طبيعت کي شعر ۽ شاعريءَ سان ڪا خاص مناسبت ڪانه هئي، تنهن هوندي به هو وقت بوقت ڪا طرح مصرع تجويز ڪري غزل لکرائيندو هو. مثلاً، ’قافع‘ لکيو آهي ته هڪ ڀيري ميان صاحب شيخ شڪر الله، ٺٽي جي ناظم، ڏانهن هيءَ مصرع موڪلي:

”سيہ چشملآ زهند آورد پيغام رمِ آهو.“

۽ فرمائش ڪئي ته هن جي اڳين مصرع موڪلي وڃي. شيخ شڪر الله اها مصرع ٺٽي جي شاعرن اڳيان پيش ڪئي هوندي. محسن ٺٽويءَ نه رڳو ان جي تضمين ڪئي، بلڪل سڄو غزل لکيو، جنهن جا ٽي شعر ”مقالات الشعراء“ ۾ ڄاڻايل آهن:

نگہ از زلفِ مشڪين تو شد دامِ رمي آهو

سيـــہ چشــــملآ ز هنـــد آورد پـــيــــغـــــــامِ رمِ آهــــــــــو

باين وحشت نگاهي چشم الفت از تومي دارد

بـــــــود آغـــــاز رمهــــــــاي تــو انجـــــامِ رمِ اَهــــو

زمين را چشمِ حيرت باز شد بهرِ تماشاي

بہ صحرا نقشِ پاننشست ازگامِ رمِ آهو(1)

محمد مرادياب خان. ميرزا معز اصفهانيءَ جي حالات ۾ لکيل آهي ته هو جڏهن 1166هه ۾ ٺٽي پهتو، ته سندس علم ۽ فضل جي مرتبي آهر قدرداني ڪندي:

ميان محمد مرادياب خان بہ آرزو و نياز تمام بہ حضور طليده بر مولوي محمد جعفر قربتش داد- يڪچندي مانده بہ معاييہ مصلحت وقت دامن خود را از دست مجالست ميان مذڪور پاڪ بر چيده از راه تهتهه بہ بندر بنبئي و از آن بہ طرف دکن شتافت.(2)

(ميان محمد مرادياب خان تمام خواهش ۽ نيازمنديءَ سان کيس پاڻ وٽ گهرايو، ۽ مولوي محمد جعفر شيرازيءَ کان به کيس وڌيڪ مقرب بنايو. معز ڪجھ عرصو اتي رهيو، ۽ پوءِ وقت جي مصلحت جي بنياد تي ميان صاحب جي ڪچهريءَ کان پاڻ کي جھلي ڇڏيائين، ۽ ٺٽي جي رستي کان بمبئيءَ ۽ اتان کان دکن هليو ويو.)

ميان کان مرزا معز جي الڳ ٿي وڃڻ ۽ سندس سنڌ کان دکن هلئي وڃڻ بابت بحث ڪرڻ غيرضروري آهيک ليڪن مٿئين واقعي مان روز روشن جيان ظاهر آهي ته جڏهن به ٻاهر کان ڪو ڪمال جو صاحب سنڌ ۾ ايندو هو، ته ڪلهوڙا حڪمران ان جي قدردانيءَ ۾ وس آهر ڪا به ڪوتاهي نه ڪندا هئا. ڪمال پروڙيءَ ۽ هنر نوازيءَ جو اهو سلسلو سندن آخري دور تائين بدستور قائم رهيو.

محسن. هاڻ مناسب معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙا دور جي چونڊ شاعرن ۽ اديبن جو سرسري احوال پيش ڪجي، ۽ انهن جي ڪلام جو نمونو پڻ درج ڪيو وڃي، ته جيئن پڙهندڙن کي اُن دور جي شعر ۽ ادب جو چڱيءَ طرح اندازو ٿي سگھي.


(1) ”مقالات الشعراء“، ص 22

(1) ”مقالات الشعرا“؛ ص 318

(2) ”مقالات الشعراء“، ص 327

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org