گرفتاريءَ جا تفصيلات. ٽوپڻ مل لکيو آهي ته
`مرادياب
خان کي جوانيءَ جي نشي جو غرور هو. هن، نصرپور سان
لاڳو لاهيءَ جي ويجهو هڪ شهر پنهنجي نالي سان
ٻڌارايو هو. هيءَ شهر سنڌو درياءَ جي اٿل سبب غرق
ٿي ويو. هن جي حڪومت واري دور ۾، ساري ملڪ ۾،
بدانتظامي عام ٿي ويئي هئي.حڪومت جا ڪارندا پيسا
وٺي ويندا هئا ۽ کانئن ان متعلق ڪو به پڇا ڳاڇا
ڪرڻ وارو ڪونه هو. ملڪ ۾ بيچيني ڏينهون ڏينهن
وڌندي رهي آخر گرفتارين جي نوبت آئي، جنهن جو
تفصيل هيءَ آهي ته رات جي وقت قلعي جو گهيرو ڪيو
ويو، صبح جو جڏهن دروازو کليو، تڏهن سردار بجليءَ
جهڙي تيزي وانگر اندر گهڙي ويا ۽ مرادياب خان ۽
سندس ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو. پوءِ کيس اهل عيال
سان گڏ ٻيڙين ۾ ويهاري، شهدادپور موڪليو ويو.`
”انشاي عطارد“ جو پيش ڪيل خط. ” انشاي عطا_رد“ ۾
هڪ درخواست شامل آهي، جا ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾
سرائي فقيرن طرفان افغانستان جي بادشاهه کي موڪلي
ويئي هئي. ان ۾ مرادياب خان جي معزوليءَ جو پڻ ذڪر
هو. درخواست جي تعلق رکندڙ حصي جو مفاد هيءُ آهي:
ڪلهوڙا خاندان جا سڀيئي حاڪم، حڪومت جي فرضن جي
بجاآوريءَ سان گڏ روحاني پيشوائن جا حقوق به
باقاعدگيءَ سان ادا ڪندا هئا. روزانو مريدن ۽
معتٽدن جي تربيت ۾ ڪوشان رهندا هئا.
محمد مرادياب خان از رسم و آئين خاندان خويش
منحرف گرديده راه رسمي را ڪہ شايان شان خاندان
عاليہ عباسيہ نہ بود پيش گرفتہ_ جميع فقيران و
سرڪرد گان ايلات بلوچ و جاٽ مجتمع گرديده،
باتفاق يڪ ديگر صلاح و صواب سنجيده، مرحوم
ميان غلام شاهه رابہ مرشديء خويش قرار داده از
دست بوسي و مريدي آنجناب مشرف شده، زمام اختيار
ملڪي و مالي بدست او سپرده سود در تقيدم خدمات
شاهي بجان ڪوشيده اند[1]
محمد مراد خان پنهنجي خاندان جي آئين ۽
طريقي کان منحرف ٿي ويو، هن اهو رستو اختيار
ڪيو جو هن جي وڏي مرتبي واري عباسي خاندان
جي هر گز شايان نه هو. انهيءَ تي سمورا فقير ۽
بلوچ پاڻ ۾ گڏ ٿيا، ۽ سڀني مصلحتن تي غور ڪرڻ
کان پوءِ، اتفاق راءِ سان ميان غلام شاهه مرحوم
کي پنهنجو رهنما بنايو، ۽ سندس مرشديءَ سان
شرف حاصل ڪيو. ملڪي ۽ مالي اختيارات جي
واڳ _ ڏور هن جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ شاهي
خدمات جي بجاآوريءَ ۾ پوريءَ طرح ڪوشان رهيا.
يقين سان اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته آيا روحاني تربيت
مان مراد اهو طريقو آهي، جو پيرن ۽ سيدن وٽ توجهه
۽ حال جو سلسلو مروج آهي يا ڪو ٻيو مقصد آهي. ليڪن
ظاهريءَ طرح اهو ئي معلوم ٿو ٿئي ته مرادياب خان
پنهنجي والد يا ڏاڏي وانگر زهد ۽ تقوا جو گهڻو
پابند نه هو. هن اهي سڀ مشاغل اختيار ڪياهئا، جن
جو زڪر عظيم الدين ٺٽوئيءَ ” فتحنامي“ ۾ بيان ڪيو
اهي. هيءُ بيان جيئن ته ڪلهوڙا حڪومت جي ان وڏي
مرتبي فرد جو آهي، جو شروع کان ئي حڪومت جو نهايت
ذميوار ڪارڪن مڃيو ويندو هو. ۽ محمد مرادياب خان
جي معزوليءَ کان ڪيترا سال پوءِ، هيءُ بيان مرتب
ٿيو. انهيءَ ڪري هن جي درست مڃڻ ۾ ڪابه هٻڪ نٿي ٿي
سگهي.
اولاد ۽ وفات. مرادياب خان جا ٻه فرزند هئا، هڪ جو
نالو حسين علي ۽ ٻئي جو نالو عباس علي هو. هي ٻيئي
فرزند ميان غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ بيگناهه
مدت جي آهي ۾ ڏنا ويا هئا. اها حقيقت اڳتي هلي
مناسب موقعي تي بيان ڪئي ويندي. خود محمد مرادياب
خان به ڪجهه مدت جيل ۾ گذاري، ۽ پوءِ آزاد ٿي
شهدادپور کان نوشهري پهتو، جتان پوءِ خدا آباد
پراڻيءَ ۾ پهچي ويو، ۽ غالباً شوال، 1171هه (جون،
1757هه ۾ وفات ڪيائين. غلام شاهه 1171هه ۾،
روهڙيءَ جي لڙائيءَ ۾ ڪامياب ٿي، عيدالفطر جي نماز
روهڙيءَ ۾ ادا ڪري سيوهڻ طرف روانو ٿيو. ان زماني
۾ محمد مرادياب خان بيمار هو. غلام شاهه به پنهنجي
ڀاءُ جي تيماداري ڪئي، ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾
مرادياب خان فوت ٿي ويو.
باب ٻيو
غلام شاهه ۽ محمد عطر خان
الهه آباد جو بنيادي پٿر. ميان غلام شاهه کي حڪومت
جي مسند تي ويهاريو ويو، ليڪن انهيءَ مقصد لاءِ
افغاني درٻار کان سند حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه
چارو نه هو، ۽ جيڪڏهن سند حاصل نه ٿئي ها ته ميان
غلام شاهه مسند تي قائم رهي نه سگهي ها. هڪ مهيني
کان پوءِ مرادآباد کي درياءَ گهري ۾ آڻي ورتو ۽
ميان غلام شاهه کي شهر ڇڏي ٻاهر نڪرڻو پيو.پنهنجي
والد جي آباد ڪيل شهر محمد آباد وٽ ميان صاحب هڪ
نئين شهر جو بنياد وڌو ۽ ان شهر جو نالو ”الهه
آباد“ رکيو.
سرائي سردار آهستي آهستي ميان غلام شاهه وٽ گڏ ٿيڻ
لڳا. مراد ياب خان جو سڳو ڀاءُ احمد خان خداآباد ۾
هو. هن، ميان غلام شاهه، کي تسليم نه ڪيو ۽ مراد
ياب خان جي معزوليءَ کان انتظامي صورتحال ۾
بهتريءَ جون جيڪي تدبيرون رکيون ويون هيون، سي
ظاهريءَ طرح پوريون نه ٿيون.
محمد عطر خان. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته محمد عطر
خان ان وقت يرغمال طور افغاني درٻار ۾ موجود هو.
هن کي جڏهن مرادياب خان جي معزوليءَ جي خبر پهتي،
تڏهن درٻار کان سنڌ جي حڪومت جو پروانو پنهنجي
نالي ورتائين. هوڏانهن مرادياب خان جي سڳي ڀاءُ
احمد يار خان، خدا آباد ۾ ويٺي محمد عطر خان جي
لاءِ لشڪر جي تياري شروع ڪري ڏني. جيڪي سرائي
سردار، ميان غلام شاهه جي ملازمت اختيار ڪري چڪا
هئا، تن کي جڏهن معلوم ٿيو ته احمد شاهه ابداليءَ
حڪومت جون واڳون محمد عطر خان کي ڏيئي ڇڏيون آهن،
تڏهن پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيا ۽ ملازمت ڇڏي ڀڄڻ
لڳا. انهيءَ حالات ۾ ميان غلام شاهه 25-
صفر 1171 هه ( 8 نومبر، 1757 ع) جو، ملڪ ڇڏي
جيسلمير وڃڻ لاءِ سفر جي سامان ٺاهڻ جي تياري ڪئي.
” جواهر عباسيہ“ جي بيان مطابق مير بهرام ٽالپر به
ڪامنا( جيسلمير) وٽ علحدگي اختيار ڪئي. باقي فقط
فوج جا چند ماڻهو، راجا ليکي ۽ چند جان نثار ميان
غلام شاهه سان گڏ رهيا.
ڀائرن ۾ اختلاف. ميان عطر خان جڏهن سنڌ جو رخ ڪيو،
تڏهن عام خيال هيءُ هو ته مرادياب خان کي ٻيهر
مسند تي ويهاريندو. هن جي اچڻ جي سلسلي ۾ احمد يار
خان جيتري تياري ڪري ڇڏي هئي، سا انهيءَ خيال سان
ڪئي هئائين ته جيئن سندس معزول ٿيل ڀاءُ کي ٻيهر
حڪومت ملي وڃي. ليڪن جڏهن محمد عطر خان آيو، تڏهن
مرادياب سان ملڻ کان سواءِ ئي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته
’هن کي خداآباد ۾ رهڻ گهرجي‘. هن افسوسناڪ حرڪت،
محمد عطر خان کي سڀني جي نظرن ۾ ڪيرائي ڇڏيو. مگر
جيئن ته هو شاهي فرمان جي بنياد تي حاڪم بنيو هو،
انهيءَ ڪري لاچار سڀئي سندس پاسي ٿيا.
عبرت جو ڪتاب. هتان وري هڪ دفعو حالات تي غور
ڪريو ته ٻاهرينءَ. مداخلت، سنڌ ۾ ڪيترا نازڪ
حالات پيدا ڪري ڇڏيا هئا:
مرادياب خان کي سڀني اتفاق راءِ سان حڪمران چونڊيو
هو، ۽ هو ابداليءَ جي جيئن پوءِ زياده دولت جي
مطالبن ڪرڻ سبب حڪومت کان بيزار ٿي پيو.
مرادياب خان کي معزول ڪري غلام شاهه کي حڪمران
بنايو ويو. ليڪن هن کي افغاني درٻار کان سند نه
ملي سگهي.
محمد عطر خان پنهنجي صلاحيت يا ملڪ واسين جي اتفاق
راءِ جي بنياد تي نه، بلڪ افغاني درٻار ۾
موجودگيءَ جي سبب مسند حاصل ڪئي.
04 درٻارين ۽ سردارن جي هيءَ حالت هئي، جو جنهن
شخص کي هنن پنهنجي نظرن ۾ اهل ڄاتو ٿي، ان جي
بجاءَ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي مسند ملي ٿي، ته هو
پنهنجي پهرين فيصلي تي پشيمان ٿي، الڳ ٿي ويا.
05. ملڪ اهڙيءَ طرح بدامنيءَ ۽ خانه جنگيءَ سبب
تباهه ٿي رهيو هو، افغاني درٻار انهيءَ کان بلڪل
بيپرواهه هئي؛ ۽ وڌيڪ دولت جي مطالبن لاءِ سندس
دامن هر وقت ڦهليل رهندو هو. ۽ اهو به انهيءَ
نموني ته زياده کان رقم ڏيو ته اطمينان سان
ويهو___ ٻيءَ صورت ۾ حملي جي تلوار هر وقت ڳچيءَ
مٿان لٽڪيل سمجهو.
مراد ياب جو معاملو. ”تحفته الڪرام“ جو بيان آهي
ته، جڏهن محمد عطر خان آيو، تڏهن احمد يار خان
نوشهري ۾ سندس انتظار ڪري رهيو هو:
در اوائل ربيع الثاني محمد مراد رسيده-
توقع او
و سرائيان آن بود ڪہ اين ڪار را عطر خان هر آئينہ
جهت بردر ڪردہ است-
از آنجا ڪہ نشجا ڪہ حڪومت
سخت غرض آلود است، عطر خان آمدن بردر شنيده
بي ملاقات او حڪم ڪردتا بخدا باد نشاندند-هر
چند ازين ادا از نظر جملہ افناد، اما چون مقرر
ڪردہء شاه بود، چار و ناچار باوي ساختند[2]
(محمد مراد ربيع الثاني جي شروعات (ڊسمبر،1757ع) ۾
نوشهري پهتو، هن ۽ سرائي سردارن کي توقع هئي ته
عطر خان هر حال ۾ سڀ ڪجهه پنهنجي ڀاءُ لاءِ ئي ڪيو
آهي، ليڪن حڪومت جو نشو هميشه غرض آلود هجي ٿو.
عطر خان ڀاءُ جي اچڻ جي خبر ٻڌي ته ملاقات ڪرڻ کان
سواءِ ئي حڪم ڏنائين ته ” هن کي خدا آباد ۾ رکيو
وڃي “ هن حرڪت کيس سڀني جي نظر ۾ ڪيرائي ڇڏيو. مگر
جيئن ته بادشاهه طرفان مقرر ڪيل هو، تنهن جي
مجبوريءَ سڀئي سندن ساٿ ڏيندا رهيا.)
” سڀني جي نظرن ۾ ڪيرائي ڇڏيوـ “ جو جملو معنيٰ
خيز آهي. هن مان ظاهر آهر ته سرائي به ٻن ٽولن ۾
ورهائجي چڪا هئا: هڪ ٽولو مرادياب خان جو حامي هو،
۽ ٻيو مخالف ـ مخالفن غلام شاهه کي پنهنجو مددگار
سمجهيو ۽ موافقت رکندڙ ٽولي، محمد عطر خان جي آمد
کي پنهنجي ڪاميابي جو مقصد ڄاتو ـ ليڪن ٻنهي ڌرين
جي خواهش خلاف عطر خان ڪامياب ٿي ويو ؛ جيتوڻيڪ هن
جي ڪاميابي بلڪل عارضي هئي ـ
حڪمرانن جي مجبوري
محمد عطر خان حاڪم ته بنجي ويو ، ليڪن انهي اسڪنجي
سان ڪهڙي طرح ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهيو ٿي، جنهن
مراد باب خان کي حڪومت ڪرڻ کان بيزار ڪري ڇڏيو هو
ـ ملڪ سخت حلاڪت ۾ مبتلا هو ، زراعت ۽ تجارت جا
سلسلا درهم برهم ٿي چڪا هئا ـ اڳين حملن جي خوف
سببان ماڻهو هڪ هنڌ گهر ڪري ويهي نٿي سگهيا ـ
افغاني درٻار طرفان هڪ ٻئي پٺيان پيسن جي تقاضا
جاري هئي ـ جيڪي افغاني ڪارندا خراج جي وصولي تي
مقرر هئا، اهي تڪبر ۽ غرور جي پاڳلپاڻي ۾ خود ملڪ
جي والي جي بيزتي ڪندي به سوچ ويچار نه ڪندا هئاـ
مظلومن جي آهن سان ساري ملڪ جي فضا اونداهي ٿي چڪي
هئي ـ انهي حالات ۾ محمد عطر خان پنهنجي حڪمراني
تي لعنت وجهڻ لڳو
[3] ـ
ميان غلام شاهه جي سرگذشت ـ
غلام شاهه جيسلمير کان بيڪانير پهچي ويو ۽ اتان هڪ
معتبر وڪيل کي محمد مبارڪ خان ثاني، رياست
بهاولپول جي نواب وٽ ڏياري موڪليو ته منهنجي لاءِ
امن ۽ اطمنيان سان رهائش جو بندوبست فرمايو وڃي ـ
محمد مبارڪ خان سفير موڪليو ته بنا ڪنهن تڪليف جي
هيڏانهن هليا اچو، هي گهر اوهان جو پنهنجو آهي ـ
اهڙي طرح ميان غلام شاهه بهاولپور ۾ وڃي ويٺو ـ
انهي وچ سنڌ جي حالت حد کان وڌيڪ خراب ٿي وئي ـ
” جواهر عباسيه “ جو بيان آهي ته
اراڪين ملڪ سنڌ از غفلت مزاجش (عطر خان)
بجان رنجيدند و رعايا از دست تطاول او بہ فغان
رسيد ند ـ پس هر يڪ امرا پنہان بخدمت ميان صاحب
عهدنامه ها نسوشتند ـ و هر همہ بجان ملتمس
تشريف شريف او گشتند ـ
[4]
سنڌ جي حڪومت جا امير ۽ ڪارندا محمد عطر خان جي
غفلت کان سخت ناراض ٿي ويا، ۽ هن جي ظلم سببا رعيت
آه وفغان جو هڪ وهڪرو بنجي وئي ـ اهڙي ريت سڀني
اميرن ڳجهي طرح ميان غلام شاهه جي خدمت ۾ عهدنامه
موڪليا ۽ سڀني عرض ڪيو ته اوهان مهرباني ڪري هليا
اچوـ
سنڌ ڏانهن ارادو ـ ميان غلام شاهه، محمد مبارڪ خان
سان مشورو ڪيو ۽ کائنس مدد گهري ـ محمد مبارڪ
پنهنجي عزيزن سان محمد فتح خان (محمد مبارڪ جو
حقيقي ڀاءُ) مهرو خان ۽ احمد خان فيروزاڻي ۽ محمد
ڄام علياڻي کي ميان غلام شاهه سان گڏ موڪليو ـ
ميان صاحب معتبر ماڻهو ملتان موڪلي سعد الله خان
بابي ، شير محمد خان ۽ ٻين افغانن کي چڱيون
پگهارون ڏئي پاڻ وٽ نوڪر رکيو، ۽ پوءِ روهڙي طرف
ڪوچ ڪيو ـ رستي ۾ بهادر خان علياڻي ۽ اختيار خان
مدواڻي مقابلو ڪيو، ليڪن نهايت بري شڪست کاڌائون ۽
پيش مان ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي روانا ٿي ويا[5]
ـ
روهڙي جي لڙائي ـ هيڏانهن عطار خان ۽ ميان احمد
يار خان سنڌ جي سموري لشڪر سان مقابلي لاءِ اچي
ويا ـ رمضان 1171 هه جي آخري تاريخ( 7جون 1758)
جو، روهڙي کان ٻاهر امرڪس واهه جي ڪناري تي
خونريزي لڙائي لڳي ـ ”جواهر“ جي بيان مطابق خون جو
درياهه وهي هليو هو ـ ميان عطر خان ۽ ميان احمد
يار خان جي فوج جا هزارين ماڻهو تلوار هيٺ اچي
ويا: ميان غلام شاهه جي ڌر جي اميرن راجا ليکي جو
ڀاءُ راجا خمره مارجي ويو، ۽ ميان غلام شاهه لشڪر
جي ٿورائي جي باوجود به مخالف ڌر کي نهايت بري
شڪست ڏني ـ مير بهرام ٽالپور جيسلمير ۾ ميان غلام
شاهه جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، سو عين لڙائي جي موقعي تي
ميان صاحب جي خدمت ۾ پهچي ويو ـ ميان سندس اڳوڻي
حرڪت کان چشم پوشي ڪندي، السلام عليڪم چوڻ ۾ کائنس
اڳرائي ڪئي ـ مير سيني تي هٿ رکي ، پنهنجي گناهن
جو اعتراف ڪيو، ۽ هميشه جي لاءِ ميان صاحب جي دامن
سان وابسته ٿي ويو ـ
ٻيهر حڪومت جو دور ـ غلام شاهه فتح کان پوءِ
عيدالفطر روهڙي ۾ ڪئي ۽ اتان روانو ٿي سيوهڻ پهچي
ويو ـ هن زماني ۾ محمد مراد ياب خان گهڻو بيمار هو
ـ ميان صاحب سندس تيمارداري ڪئي ـ چند ڏينهن کان
پوءِ ميان عطر خان وفات ڪئي ـ شوال 1171 هه جي
ميان الهه باد ۾ وارد ٿيو، هتي صاحبزادو پنهنجي
سڀني تعلق رکندڙ ماڻهن سان والد جي خدمت ۾ پهچي
ويوـ چند روز الهه باد ۾ رهائش کان پوءِ، ميان
صاحب محمدآباد ڏانهن هليو ويو، ۽ سال جو باقي حصو
اتي گذاريائين ـ ميان غلام شاهه پهرئين دفعي
قريباً اڍائي مهينا حڪومت ڪئي هئي، (13ذوالحج،
1171هه کان 25 صفر 1171هه)ـ سندس ٻيهر حاڪم ٿيڻ جو
آغاز پهرين شوال 1171هه (جون 1758ع) کان ٿيوـ
عطر خان ۽ احمد يار خان ـ عطر خان ۽ احمد يار خان
روهڙي ۾ شڪست کائي سڌا قلات ۾ پهچي وياـ محمد نصير
خان قلات جو والي، ميان غلام شاهه جو دوست هوـ هن
ٻنهي صاحبزادن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيوـ ديوان گدومل،
سنڌ جي حڪومت طرفان شاهي درٻار ۾ وڪيل هو، هن،
صاحبزادن جي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيوـ محمد
نصير خان هڪ موقعي تي شاهي لشڪر جي مدد نه ڪئي هئي
ــــــ جواب طلب ڪيو ويو، ته هو مقابلي ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي ويوـ آخر افغاني فوج قلات تي گهيرو ڪيوـ
محمد نصير خان پنهنجي ڏوهه جي معافي گهري ـ هن
موقعي تي عطر خان ۽ احمد يار خان قيد مان آزاد ٿي
شاهي لشڪر ۾ شامل ٿي ويا ۽ ديوان گدومل جي ڪوشش
سان فرمان صادر ٿيو ته افغان سردار، عطر خان کي
پاڻ سان وٺي سنڌ وڃي، ۽ وڃي کيس سنڌ جي مسند تي
ويهاري، باقي احمد يار خان درٻار ۾ رهي ـ
غلام شاهه جڏهن اهي خبرون بڌيون، تڏهن هن ربيع
الثاني 1172 هه (ڊسمبر 1758) ۾ اورنگا بندر جي
سڀني رهاڪن کي گجي پهچايو، جو ان وقت ويران ٿي چڪو
هوـ هن پويان ان جو نالو ”شاهه ڳڙهه“ رکيو ۽ ان کي
پنهنجو مرڪز بنايوـ شاهه ڳرهه جي ڀر ۾، شاهبندر
نالي هڪ نئين بندر جو بنياد رکيو، ۽ اتي هڪ مظبوط
قلعو جوڙايوـ ان بعد پنهنجي اهل عيال کي، پنهنجي
پٽ سرفراز خان جي سنڀال هيٺ ڇڏي، پاڻ ڀائرن جي
مقابلي لاءِ نڪري پيوـ
سنڌ جي ورهاست ـ سنڌ کي ميان يار محمد خان ۽ ميان
نور محمد خان، گهٽ وڌ پنجٽيهن سالن جي ڪوششن سان،
ٽڪرا ٽڪرا ملائي متحد ڪيو هو، جو پوءِ نادر جي
تلوار وري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيوـ ميان نور محمد خان
هن عظيم صدمي کان پوءِ ملڪي انتظام جو مالڪ
بنيوـــــــــ تڏهن هن جي سامهون سڀ کان وڏو مقصد
اهوئي هو ته ملڪ کي جيڪو نقصان پهچي چڪو هو، ان جي
تلافي جو جلد کان جلد بندوبست ڪيو وڃي ـ انهي وچ ۾
افغان حملي آور ٿيا، ۽ اهي سموريون ڪوششون پاڻي تي
چٽ وانگر ثابت ٿيون: سنڌ جا ٽڪر ٽڪر ٿي ويل عضوا
وري گڏجي نه سگهيا، جيترو هن کان اڳ سنڌ جو علائقو
ڪلهوڙا خاندان جي قبضي ۾ هوـ مگر افسوس جو ان تي
به ڀائرن جي ڪشمڪش ورهاست جو هڪ ٻيو طريقي شروع
ڪيوـ
هن اجمالي بيان جو تفصيل هن ريت آهي ته - محمد عطر
خان افغاني لشڪر سان سنڌ پهتو ۽ مقصود فقير پنهنجي
فوجي دستي سان گڏ، لشڪر جو هر اول بنيوـ افغاني
لشڪر جتان به لنگهيو ٿي ته ملڪ مان لٽ مار ڪندو
ويوـ چند ڏينهن ۾، هي سڀئي ماڻهو چاچڪان جي علائقي
۾ پهچي وياـ ڪجهه ڏينهن هن لشڪر ۾ ميان غلام شاهه
جي لشڪر وچ ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون ـ ميان عطر خان
کي ڪاميابي جي ڪا به صورت نظر نه آئي، تڏهن هڪ دم
صلح جو پيغام موڪلي ڏنائين ـــــــ گفتگو کان پوءِ
ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهايو ويو: هڪ حصو شاهه پور کان
نصرپور تائين، جنهن ۾ ٺٺو پڻ شامل هو، ميان غلام
شاهه کي مليو، ۽ باقي سنڌ جا ٻه رهيل حصا عطر خان
۽ احمد يار خان جي حوالي ٿياـ
هي ميان غلام شاهه جي حاڪميت جو ٽيون دور هو، جنهن
۾ قريباً سنڌ جا ٻه حصا سندس حڪومت کان ڪٽجي وياـ
فساد ٿيڻ جي نئين سر ڪوشش ـ ورهاست جو فيصلو
جيتوڻيڪ ملڪي نقطئه نگاهه کان نهايت افسوسناڪ هو،
مگر انهي طرح، امن جي هڪ صورت نڪري ٿي آئي جنهن
فائدو وٺي عام ماڻهو ڌنڌي ۽ روزگار ۾ مصروف ٿي
سگهيا ٿي ـ اهو اڳئي ڄاڻايل آهي ته ميان نور محمد
خان مرحوم جي سنڌ ڇڏي وڃڻ واري وقت کان عوام کي
ڪٿي به اطمنيان سان هڪڙي هنڌ ويهڻ نصيب نه ٿيو هوـ
مگر امن جون اهي ڪوششون به جٽادار ثابت نه ٿيون،
جنهن لاءِ ملڪي اتحاد کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو هوـ
رمضان 1172هه (مئي 1759ع) تائين ته ڪو به جهڳرو
پيدا نه ٿيو، پر پوءِ محمد عطر خان ۽ احمد يار خان
جي وچ ۾ اختلاف جي باهه ڀڙڪي اٿي ـ آخر افغاني
درٻار تي هي حقيقت واضح ٿي وئي ته محمد عطر خان
ملڪي انتظام سنڀالي نٿو سگهي ـ ميان احمد يار خان
انهي صورتحال مان فائدو وٺي پنهنجي پٽ کي يرغمال ۾
ڏنو، ۽ پاڻ سنڌ جي سرداري جو پروانو حاصل ڪيوـ
هوڏانهن ميان احمد يار خان سنڌ جو رخ ڪيو،
۽ هيڏانهن ميان غلام شاهه فساد جي تدارڪ لاءِ نڪري
پيوـ محمد عطر خان جڏهن هي احوال ڏٺو، تڏهن هوش گم
ٿي ويس، ۽ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويوـ احمد يار خان اڃان سنڌ
نه پهتو هو، انهي ڪري ميان غلام شاهه ساري سنڌ تي
قبضو ڪري ورتوـ
محمد عطر خان جو خط ـ ”تحفته الڪرام“جي بيان
مطابق، محمد عطر خان 2 شوال 1172هه (29مئي 1709ع)
جو ميان غلام شاهه جي نالي خط موڪلي ڏنو ته ” مان
هميشه جي لاءِ ملڪ ڇڏي وڃي رهيو آهيان، اوهين ۽
احمد يار خان جيئن وڻيو تيئن ڪريو“. ميان غلام
شاهه لاڙڪاڻي پهتو، ۽ جن کوسن سردارن افراتفري جي
دور ۾ خداآبا کي لٽيو ۽ برباد ڪيو هو، انهن کي سخت
سزائون ڏنائين ـ ڪن سردارن کي موت جي آهي ڏنائين،
۽ تاديب جي لاءِ هڪ فوجي چونڪي قائم ڪئي وئي ـ
پوءِ سيوهڻ پهچي، جوين ۽ نلي لڪ جي قلعي تي، جي
کوسن لاءِ پناهه جون جايون هيون، حملو ڪيائين ـ
اهڙي طرح ملڪ نئين سر ميان غلام شاهه جي قبضي ۾
اچي ويوـ هتان کان ميان صاحب جي حڪمراني جو چوٿون
دور شروع ٿئي ٿو. هن مان ان زماني جي ابتدا ٿئي
ٿي، جنهن مان ميان صاحب سنڌ جي کسجي ويل عظمت کي
بحال ڪرڻ جون گرماگرم ڪوششون ڪيون ـ انهي ڪري
ڪيترا ماڻهو کيس ڪلهوڙا خاندان جو بهترين حڪمران
ڄاڻڻ لڳاـ
سيٽن جو بيان . انهن حالتن متعلق ڊيوڊ سيٽن جو
بيان به توجهه طلب آهي ـ منجهس جيتوڻيڪ مختصر طور
اڳئين مطلب کي ئي ورائي ورائي پئي پيش ڪيو ويو
آهي، ليڪن بهرحال ان مطلب لاءِ تصديق ۽ تقويت جو
هڪ دستاويز آهي ـ هن جو مفاد هي آهي ته ميان غلام
شاهه 13 ذي الحج 1170هه جي مسند نشين ٿيو، ۽
مرادآباد جي سامهون الهه آباد نالي هڪ نئون شهر
ٺهرائي اتي رهڻ لڳو. مرادياب خان جي ڀاءُ احمد يار
کان سواءِ، ٻين سڀني اميرن کيس پنهنجو حڪمران
تسليم ڪيو.
مرادياب خان جي گوشي نشيني اختيار ڪرڻ جي خبر
ٻڌندي ئي، عطر خان ملڪ جو پروانو پنهنجي نالي حاصل
ڪيو. ۽ احمد يار خان سندس حمايت جو اعلان ڪيو.
سرائين هن ڳالهه جي بنياد تي عطر خان جي مخالفت
ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جو عطر خان کي افغانستان جي
بادشاهه پاڻ مقرر ڪيو هو. غلام شاهه، حالات کان
مجبور ٿي ريگستان طرف هليو ويو. مقصود فقير، عطر
خان جي پهچندي ئي، مرادياب کي قيد کان آزاد ڪري
ڇڏيو.
|