سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:21

باب پنجويهون

حڪومت ۽ عوام

ڪلهوڙن جي هر دلعزيزي. حڪومت جي هر دلعزيزيءَ جو سڀ کان وڏو دستاويز هيءُ آهي ته ملڪواسين جي دل مان جيڪو آواز نڪري، اهو حڪومت جي حق ۾ هجي: ڪلهوڙن جي هر دلعزيزيءَ جو هن کان وڏو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو جو هنن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان سٺ پنجهٺ سالن بعد، جن به انگريز مبصرن سنڌ کي ڏٺو، انهن کي ڪلهوڙن جو اثر ۽ رسوخ زنده محسوس ٿيو ٿي، مثلاً، پوسٽنز جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو:

1.                  هن جماعت  (ڪلهوڙن) کي وڏي تقدس ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو. عوام جي دلين کي مرعوب ڪرڻ لاءِ دنيوي طاقت سان گڏ مذهبي رجحان به شامل ٿي ويو. ملڪ ۾ اڃا اهڙا ڪيتڪرائي اهڃاڻ موجود آهن، جن هن ٻطرفي اثر جي پائدار نشانين جي شهادت ڏيئي رهيا آهن. [1]

2.                 ڪلهوڙن جو اثر درجي بدرجي گهٽبو ويو، يا چوڻ گهرجي ته هن خاندان جي زوال کان پوءِ انهن جي اثر کي دٻايو ويو: ۽ هيءُ ڳالهه مشڪوڪ آهي ته ٽالپر شروع ۾ يا ان کان پوءِ ڪنهن به موقعي تي عوام ۾ اهڙو ئي هر دلعزيز هئا. [2]

3.                 ٽالپر ملڪ جا فاتح هئا، ۽ هنن حڪومت انهيءَ بزرگ جماعت کان ڦري هئي، جنهن جي ياد مسلمانن جي سڀني طبقن ۾ حد درجي عزيز هئي [3].

جيسائين ڪا حڪومت پنهنجي سموري ڪاروبار ۾ ملڪ واسين جي ملڪي مسئلن ۽ معاملن جي حقيقي طور نمائنده نه هجي، سا حڪومت اهڙي هر دلعزيزي حاصل ڪري نٿي سگهي جو مٽجي وڃڻ کانپوءِ به ان جي خوشگوار ياد دلين ۾ برابر تازي رهي. ڪلهوڙا حڪومت جي چڱي هجڻ لاءِ، هن کان وڏو ڪهڙو دستاويز ٿي سگهي ٿو؟

سنڌين جي دينداري. ڪابه اهڙي لکيل حقيقت نٿي ملي، جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته ڪلهوڙن جي دور ۾ عام ماڻهن جي حالت ڪهڙي هئي. هن کان ويهن – پنجويهن سالن بعد انگريزن جي اچ – وڃ شروع ٿي ۽ مختلف لکيتون تيار ٿيڻ لڳيون. انهن لکيتن کي سامهون رکي، ڪلهوڙن جي دور متعلق پنهنجي دماغ ۾ هڪ اهڙو نقشو مرتب ڪري سگهون ٿا، جو زياده کان زياده قرين صحت هجي. برنز پنهنجي ڪتاب ”سفرنامه بخارا“ ۾ لکي ٿو:

سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي جا چيز هڪ اجنبيءَ جو توجهه سڀ کان وڌيڪ پنهنجي طرف ڇڪي ٿي، اها هيءَ آهي ته عرب جي پيغمبر (صلي الله عليہ وسلم) جن مذهبي علمن کي واجب ٺهرايو، ۽ هتي سڀ ماڻهو ان جا پوريءَ شدت سان پابند آهن. نماز جي مقرر وقتن تي،هر هنڌ، حقير کان حقير ۽ غريب کان غريب، مڪي معظم جي طرف منهن ڪري، نماز پڙهندو نظر ايندو. مون هڪ ملاح کي ڏٺو، جو درياءَ جي وهڪ کي سامهون ٻيڙيءَ کي وڏي طاقت ۽ محنت سان ڇڪڻ ۾ مصروف هو؛ جڏهن نماز جو وقت آيو تڏهن پاڻيءَ ۾ پسيل ۽ گپ سان ڀريل، ڪناري ڏانهن هليو ويو ته جيئن خدا جو فرض پاڻ مٿان لاهي. ننڍي کان ننڍي ڳوٺ ۾ به مؤذن جي صدا بلند ٿيندي رهي ٿي، جو مومنن کي نماز لاءِ سڏي ٿو. جن مسلمانن جي ڪنن ۾ هيءَ صدا گونجي ٿي، اهي هڪدم پنهنجن ڪمن کي ڇڏي ڏين ٿا ته جيئن الحمد جي خاتمي تي آمين چوڻ ۾ شريڪ ٿي وڃن. [4]

هيءَ ان وقت جي حالت هئي، جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت کي ختم ٿئي پنجيتاليهه کن ورهيه گذري چڪا هئا. هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ واسين جي دينداري سڀني کي ممتاز ۽ نمايان نظر آئي ٿي.

معاشي معيار. هندستان جي مختلف حصن ۾ وقت بوقت ڏڪار پوندا ٿي رهيا؛ ليڪن سنڌ کي فقط ان زماني ۾ ڏڪار سان واسطو پيو، جڏهن مدد خان افغان فوج وٺي عبدالنبيءَ جي امداد لاءِ آيو هو، ۽ هن ملڪ جي مختلف حصن ۾ باهه ۽ خون جون لهرون ڊوڙائي ڇڏيون هيون. ظاهر آهي ته اهڙين حالتن ۾ نه ڪوئي شخص پنهنجي ڪاروبار ۾ اطمينان سان مشغول رهي سگهيو ٿي، ۽ نه وري ٻنيون ٻارا حملي آورن جي دستبرد کان بچي سگهيا ٿي. هن واقعي کان سواءِ، ڪلهوڙن جي دور ۾ اناج جي سستائيءَ جون شاهديون هر هنڌ ملن ٿيون. ڪن وقتن تي اناج ايترو ته سستو ٿي ويندو هو، جو مختلف پرڳڻن مان مقرر رقم ملتان جي نواب کي موڪلڻ ۾ مشڪلاتون پيش اينديون هيون [5]. اناج چڱي اگهه تي وڪرو نه ٿئي ته رقم ڪٿان هٿ اچي؟

اناج جي سستائيءَ جو سبب هن کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهيو ٿي ته پيداوار زياده هئي، جنهن ڪري ماڻهن کي خريداريءَ جي ضرورت ئي محسوس نٿي ٿئي. اسان جي زماني ۾ معيشت جا معيار جاچيا وڃن ٿا- مثلاً آمدني ڪيتري ٿي، ۽ في ماڻهو ڪيترو خرچ آهي. ڪلهورن جي زماني جو مقرر معيار اسان جي سامهون ڪونهي؛ ليڪن هي ظاهر آهي ته زندگيءَ جون ضرورتون ان دور ۾ سهڻي طريقي سان پوريون ٿينديون هيون، ۽ ماڻهو مجموعي طرح مطمئن ۽ فارغ البال هئا. ڪلهوڙن جي هردلعزيزيءَ جو هڪ وڏو سبب هيءُ به هو ته هنن امن جو بندوبست ڪيو، جو مدت کان ناپيد هو، ۽ عوام جي لاءِ روزگار جي سلسلي ۾ نهايت مفيد مشغلن جو انتظام ڪيو.

خوشحاليءَ جون ثابتيون. سورلي لکيو آهي ته سنڌ انهن خوش نصيب علائقن مان آهي، جتي کڻي برسات نه به پوي، تڏهن به ڪا خاص تڪليف پيش نٿي  اچي؛ انهيءَ ڪري جو سنڌ هڪ درياءَ جو پيدا ڪيل ملڪ آهي، جنهن جي پاڻ سان کڻي آندل مٽيءَ مان، درجي بدرجي، هيءُ علائقو وجود ۾ آيو آهي. ۽ اهو درياءُ، پنهنجو زندگي بخش پاڻي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي، باقاعدگيءَ سان پهچائيندو رهي ٿو، جيتوڻيڪ ان جي بخشش هر سال هڪجيتري عظيم القدر نه هجي [6].

”تاريخ طاهري“ ۾ ٺٽي متعلق ڄاڻايل آهي:

هن شهر جو بنياد اهڙيءَ نيڪ ساعت ۾ رکيو ويو هو جو هتان جي رهاڪن کي ڪڏهن به مصيبت ۽ تڪليف سان واسطو نه پيو. جيڪي ڪجهه کين ميسر آهي، انهيءَ تي قانع آهن، ۽ پنهنجو ڪاروبار امن ۽ راحت سان ڪندا رهن ٿا. جنهن سستائيءَ ۽ خوشيءَ جو دور چالو آهي، اها ڪڏهن به ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڏٺي نه ويئي آهي، ۽ نڪي ڏسڻ ۾ ايندي. [7]

هن مان ظاهر آهي ته ماڻهو مجموعي طرح مطمئن ۽ خوشحال هئا؛ ۽ ٺٽي جي مقابلي ۾ اتر سنڌ جي زرخيزي تمام گهڻو وڌل هئي.

عوام جي حالت. اناج جي سستائيءَ کي سامهون رکندي، هيءَ دعوا تعجب جهڙي نه سمجهڻ گهرجي ته عوام جي حالت سڌريل هئي. اسان جي زماني ۾ ڪاريگرن جي جاءِ مشينن والاري آهي: مختلف يورپي ملڪن وڏا وڏا ڪارخانا قائم ڪيا، ۽ دور دراز ملڪن مان ڪچي مال جون جنسون کڻي، مختلف قسم جون شيون گهڻي انداز ۾ ٺاهي، جهازن وسيلي هر هنڌ پهچائي، دولت سميٽڻ لڳا. ان کان اڳ هر ملڪ جي ڳوٺن ۾ ڪاريگر مختلف شيون ٺاهيندا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح سان ملڪواسين جون ضرورتون پوريون ٿينديون هيون. سنڌ جي ڳوٺاڻن ۾ به قسم قسم جا هنر رائج هئا. ڪي چيزون ايتريءَ گهڻائيءَ ۾ تيار ٿينديون هيون جو ٻاهرين ملڪن ڏانهن به موڪليون وينديون هيون. هيءُ سمورو انتظام انگريزن جي دور ۾تبديل ٿي ويو. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ پنهنجين عام ضرورتن جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪن کان وڏيءَ حد تائين بي نياز هئي. هيءُ به انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام پنهنجيءَ جاءِ تي مطمئن ۽ فارغ البال هئا.

اناج توڙي ضرورت جون ٻيون شيون سستيون هونديون هيون؛ انهيءَ بنياد تي ملازمن جا پگهار، مزدورن ۽ ڪاريگرن جي اجرت به زياده نه هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، ٺٽي جي تجارتي ڪوٺيءَ جي حفاظت لاءِ ڏهه سپاهي رکيا هئا، ۽ انهن کي پنج رپيا في ماڻهوءَ جي حساب سان پگهار ملندو هو. سپاهين کي عام طور چار رپيا ماهيانو ملندو هو، سوارن کي اٺ روپيا ملندو هو؛ لباس ۽ جنگ جو سامان انهيءَ کانسواءِ هو [8]. هيءَ حالت ڪا سنڌ لاءِ مخصوص نه هئي، بلڪ هندستان جي سڀني حصن ۾ اها ئي حالت هئي. اسان جي اڄوڪي دور جي تمام وڏن پگهارن ۽ معاوضن جا عادي ماڻهو شايد پنجن رپين ماهوار کي بلڪل بي حقيقت ڄاڻن؛ ليڪن هو مختلف جنسن جي اگهن جو مقابلو جيڪڏهن پنهنجي دور جي اگهن سان ڪندا، ته مرڳو پنهنجن پگهارن جي ٿورائيءَ جي اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا !

اجرت ۽ اناج. پگهارن ۽ جنسن جي اگهن متعلق هڪ نقشو مسٽر ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب مان پيش ڪيو وڃي ٿو، جو حال جي حقيقت کي واضح ڪرڻ لاءِ هر اعتبار سان مناسب ٿيندو.

سن 1600ع ۾، عام مزور ٽي پئسا يا چار پئسا روزاني مزوري وٺندا هئا- يعني ڏيڍ، يا وڌ ۾وڌ  ٻه روپيا ماهوار ڪاريگرن جي اجرت رواني سواءِ ٻه يا اڍائي آنا هئي. 1751ع کان 1752ع ۾، يعني ميان نور محمد خان جي آخري دور ۾ عام، مزور کي روزاني ڏيڍ آنو ۽ ڪاريگر کي اڍائي آنا مزدوري ملندي هئي. هن حالت کي سامهون رکندي، هيٺئين نقشي تي نظر وجهڻ گهرجي:

زمانو                   مزور جو ماهيانو پگهار            ڪاريگر جو ماهيانو پگهار

سترهين صدي         ڏيڍ- ٻه رپيا                            ساڍا چار – پنج روپيا

سن 51-1752ع               ٽي رپيا                                        پنج روپيا

انهن پگهارن جي مقابلي ۾، سترهين صديءَ ۾ اناج جو اگهه پنج آنا في مڻ هو، ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ۾ ڏهه آنا في مڻ هو! [9]

انهن انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته سترهين صديءَ ۾ عام مزدور پنهنجي ماهياني پگهار مان پنج-ڇهه مڻ اَم جا خريد ڪري سگهيو ٿي، ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ به ۾ سندس خريدي طاقت قريب قريب اها ئي ساڳي هئي. سترهين صديءَ جو ڪاريگر پنهنجي ماهياني پگهار مان چوڏهن-پندرهن مڻ اَن خريد ڪري سگهيو ٿي، ارڙهينءَ صديءَ جي وچ ۾، هن جي خريدي قوت گهٽ ۾ گهٽ ساڍا نوَ مڻ هئي. پنجن ماڻهن جو ڪٽنب مهيني ۾ ڏيڍ مڻ کن اناج واپرائي سگهي ٿو، ۽ سڄي سال ۾ ارڙهن- ويهن مڻن مان چڱيءَ طرح پنهنجو گذارو ڪري سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾، عام مزور  کان وڌ ٽن مهينن جي پگهار مانج سڄي سال جو اناج خريد ڪري سگهيو ٿي ۽ سندس باقي مهينن جو پگهار اناج کان سواءِ، کاڌي پيتي جي ٻين چيزن، ڪپڙِ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري سگهيو ٿي. اڄڪلهه جي مقابلي ۾، ان زماني جون ضرورتون تمام ساديون هيون. هن کي خوشحاليءَ جو نقشو نه سمجهڻ گهرجي، مگر پوءِ به هن حقيقت کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته زندگيءَ جون ضرورتون نهايت سهڻي طريقي پوريون ٿينديون هيون.

رهڻي ڪهڻي. سنڌي ماڻهو هميشه کان جفاڪش رهندا پئي آيا آهن. ٻين ملڪن وانگر، انهن ۾ به طبقا موجود هئا ۽ اڃا تائين به آهن- مثال طور، وڏا وڏا زميندار، جاگيردار، وظيفي خور (انعام دار)، سادات ۽ علماءَ، جن کي عام ماڻهو به وڏيءَ عزت ۽ مرتبي جي نظر سان ڏسندا هئا ۽ حڪومت طرفان به انهن لاءِ انعام ۽ وظيفا مقرر ڪيل هئا. موجوده دور ۾ جيڪي طبقن ۾ تفاوت ۽ باهمي نفرت جا نمونا موجود آهن، سي ان دور ۾ ڪونه هئا. ڪلهوڙن جي زماني ۾ ته وڏي درجي وارن طبقن جو وجود يقيناً گهڻي قدر محدود هو. هي سڀ ماڻهو پاڻ ۾ محبت، احترام ۽ همدرديءَ جي رشتن ۾ ڳنڍيل هئا ۽ هڪ ڪٽنب جي حيثيت سان زندگي بسر ڪندا هئا.

ڳوٺن ۾ جايون عام طور ڪچيون هونديون هيون، جيئن اڄڪلهه به نه رڳو سنڌ ۾ بلڪ هر هنڌ آهن. زياده ماڻهو کيتيءَ جي ڌنڌي ۾ مصروف هئا، ۽ هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ ٿورا عام لباس سٿڻ ۽ پهراڻ هو، ۽ مٿي تي پَٽڪو، هندو ماڻهو ڌوتي، انگر کو ۽ پڳڙي پائيندا هئا. ٽوپين جو رواج گهڻو ڪري ٽالپرن جي زماني ۾ پيو- انهن جون ٽوپيون خاص نموني جون هونديون هيون. ڏاڙهيءَ سان گڏ مٿي جا وار ڊگها رکندا هئا. ايرانين ۽ هندن جي پيرويءَ ۾ ڏاڙهيءَ ڪوڙائڻ جو جيڪو سلسلو هندستان جي ٻِن ڀاڱن ۾ شروع ٿي ويو هو، سنڌ ان کان آخري وقت تائين حفاظت ۾ رهي- جيتوڻيڪ ايرانين جو  اثر سڀني کان اول سنڌ تي پيو هو- جنهن جو سبب هيءُ هو ته حڪمران طبقو دينداريءَ جي مٿانهن درجي تي فائز هو.

ماڻهو گهڻو ڪري چانور ۽ مڇي کائيندا هئا. ڪڻڪ جي ماني به اڪثر ڪري کاڌي ويندي هئي، ۽ غريب مانهو گهڻو ڪري ٻاجهري ۽ جوئر به کائيندا هئا. اميرن کي شڪار جو به خاص شوق هوندو هو، ۽ هو ۽ پکين جو گوشت کائيندا هئا. ڪلهوڙن غالباً چند شڪار گاهه ٺهرايا هئا، جن مان خداآباد جي ويجهو هڪ شڪار گاهه جو ذڪر ’نامه نغز‘ ڪيو آهي؛ ليڪن ٽالپرن جي دور وانگر شڪار گاهه جي گهڻائي ڪانه هئي.

ڳائڻ ۽ ڪهاڻين ٻڌڻ جو شوق عام هوندو هو. پوسٽنز لکيو آهي ته جن مزدورن کي واهن جي کوٽائي ۽ کلن صاف ڪرڻ جي ڪم تي لڳايو ويندو هو، انهن لاءِ اجرت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي دوران ۾ ڳائڻ جو به انتظام ڪيو ويندو هو. ان طرح مزدور ٻارهن ٻارهن ڪلاڪن تائين ڪم به لڳا رهندا هئا [10].

ڪلهوڙن جو لباس. ڪلهوڙا خاندان جي لباس متعلق ڪوبه بيان ملي نه سگهيو آهي. ميان عبدالنبيءَ جي اولاد راجن پور، ضلعي ديري غازي خان ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، انهن جي لباس جي هڪ خصوصيت جو ذڪر ”رؤساي پنجاب“ ۾ آيو آهي. ان مان خيال ٿئي ٿو ته اهو غالباً ڪلهوڙن جي خاص لباس هو. مذڪوره بيان مان ظاهر آهي ته اهي ماڻهو پٽڪو هڪ نرالي نموني سان ٻڌندا هئا، جنهن جي ٻنهي پاسي ڪنڊون، ۽ مٿي چپترو هوندو هو. [11]

هي ماڻهو حڪومت کان محروم ٿيڻ بعد به حڪمرانيءَ واري دور جي تڪلف تي قائم هئا. مثال طور، جيڪو شخص پنهنجي خاندان جو رئيس بنبو هو، ان جي ويهڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي مسند وڇائي ويندي هئي؛ هو جڏهن ان تي اچي ويهندو هو، تڏهن ملاقات لاءِ ڀل ته ڪهڙو به وڏو ماڻهو اچي، ته ان جي تعظيم لاءِ نه اٿندو هو [12].

فوج. يقين سان معلوم ٿي نه سگهيو ته ڪلهوڙن جي فوج ۾ باقاعدي ۽ مستقل فوج ڪيتري هئي، ۽ خاص ضرورت جي موقعي تي ڪيتري فوج جنگي ميدان تي آڻي سگهيا ٿي. هنن جون سرحدون چڱيءَ حفاظت جون محتاج هيون، ۽ هر سرحدي قلعي ۾ کين اهڙا فوجي دستا رکڻا پوندا هئا، جي اوچتيءَ ضرورت پيش اچڻ تي بچاءَ جو فرض پوريءَ ريت ادا ڪري سگهن. جيئن ته امن قائم ڪرڻ لاءِ هنن کي ملڪ جي مختلف حصن ۾، خاص ڪري ڪَڇ ۽ مارواڙ جي طرف به قلعا ٺهرائڻا پيا هئا، انهيءَ ڪري يقين آهي ته انهن قلعن ۾ فوج جو چڱو اندازو مقرر هوندو.

ميان يار محمد هڪ موقعي تي، جڏهن قنڌار جي فتح لاءِ مغل درٻار ۾مشورا ٿي رهيا هئا، چيو ته آءٌ پاڻ ويهه هزار پيادا، سوار ۽ توبچي وٺي ايندس يا پنهنجي ڪنهن پٽ کي موڪليندس [13]. جڏهن دائود پوٽن سان پهرئين دفعي ڪشمڪش ٿي ۽ ميان يار محمد لڙائيءَ لاءِ ميدان ۾ آيو، تڏهن، ”جواهر عباسيه“ جي بيان مطابق، ساڻس ”سپاهِ گران“ ۽ ”فوج بيڪران“ هئي [14]. ميان نور محمد خان جي دور ۾ شڪارپور تي حملو ٿيو، تڏهن ”جواهر“ جو بيان هيءُ آهي ته ميان، مير شهداد ٽالپر کي اڳتي روانو ڪيو ۽ ان جي پٺيان پاڻ به لاڙڪاڻي پهتو: ان سان گڏ سٺ هزار سوار ۽ پيادا هئا. [15]

”نامه نغز“ ۾ ميان جي فرزندن، ويجهن عزيزن ۽ وڏن وڏن سردارن جي ذڪر ڪندي، ڪن جي لشڪر جو تعداد ٻڌايو ويو آهي- مثلاً محمد مراد ياب ۽ ان جي سڀني ڀائرن مان هر هڪ کي ٽيهه ٽيهه هزار فوج هئي خود ميان صاحب جي متعلق لکيل آهي ته خدا آباد ۾ رهندو هو:

در آن شهر عباسيء نامدار،

نشتسہ ابا لشکر صدر هزار.

(هن شهر ۾ نامور عباسي هڪ لک فوج سان ويٺو هو.)

انهن متفرق بيانن کي سامهون رکندي، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ڪلهوڙن جي فوج يقيناً زبردست هئي ۽ ان جو تعداد مجموعي طور هڪ لک کان گهٽ نه هوندو؛ ضڙورت جي موقعي تي، هو انهيءَ کان به زياده فوج ڪٺي ڪري سگهندا هوندا.

پوسٽنز لکيو آهي:

سنڌ جا ٺهيل هٿيار ۽ اوزار هندستان جي ٻين حصن جي ٺهيل کان هٿيارن تمام اعليٰ هوندا آهن- خاص ڪري بندوقن جون ناليون، جن ۾ دمشق جي نموني جيان خم ڏنو وڃي ٿو.... سنڌ جي تلوارن جا ڦر تمام وڏا، نيمل ۽ حد درجي تيز ٿين ٿا، ۽ انهن کي نهايت عمدي طريقي سان پائي ڏنو وڃي ٿو. [16]

فوج جي فداڪاري. ڪلهوڙن جي هردلعزيزيءَ جو نقشو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. فوجين جي فداڪاريءَ متعلق به ميان يار محمد خان جي شخصيت جي سلسلي ۾ چند شاهديون اڳي پيش ٿي چڪيون آهن؛ ليڪن موضوع جي مناسبت جي تقاضا هيءَ آهي ته انهن جي ٻيهر ورائڻ کي بيفائدو نه سمجهي، وري هڪ دفعو فوج جي اها خصوصيت  واضح ڪئي وڃي، جنهن ڪلهوڙن جي تعلق ۾ سنڌي فوج کي يگانگيءَ جي درجي تي رسائي ڇڏيو. مثلاً ميان صاحب چوي ٿو:

1.                  منهنجو لشڪر دنيائي فائدي کان مٿي آهي. ان کي هِن خادم الفقراء سان عقيدتمنديءَ جو تعلق آهي ۽ هيءُ تعلق وڏن کان وٺي پشت بشت هلندو اچي ٿو. هي ماڻهو جان نثاري ۽ جانفشانيءَ جي درجي تي پروانن وانگر بيتان ۽ مضطرب رهن ٿا. [17]

2.                 اراتمند فقير ۽ عقيدتمند بلوچ، ڪي اڄ کان سچا مريد نه آهن، بلڪ انهن جي جان نثاري ۽ حق پرستيءَ جو جوهر پشتان پشت روشن هلندو اچي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي عزت، حياتي ۽ اولاد کي اراتمنديءَ جي راهه ۾ بيڌڙڪ قربان ڪريو ڇڏين. مان به انهن کي پنهنجي جان ۽ دل کان وڌيڪ پيارو سمجهان ٿو، ۽ خدا جو شڪر آهي ته انهن مان ڪنهن کي به شريعت جي قانون کان ٻاهر ڪڏهن به ڪو ڏک نه پهچايو ويو آهي. خدا نه ڪري، جيڪڏهن انهن کي اسان کان ڪا تڪليف به پهچي ٿي، ته ان تڪليف کي هو اسان خاطر خدنده پيشانيءَ سان ۽ نهايت صبر سان برداشت ڪن ٿا، هي انهن جي اعتقاد جي صحيح هجڻ جو ڪرشمو آهي. [18]

باب ڇويهون

ڪلهوڙا حڪومت جا امير ۽ اڪابر

معلوماتي ڪيفيت. ڪلهوڙا حڪومت جي سڀني اميرن ۽ اڪابرن جو احوال معلوم ٿي نه سگهيو. ڪن فوجي ۽ سياسي هستين جو ذڪر گهڻن هنڌن آيو آهي. هن دور جي ڪن عالمن ۽ فاضلن جا حالات مختلف سلسلن ۾ بيان ٿيا آهن. عالمن، صوفين، اديبن ۽ شاعرن جا حالات الڳ لکيا ويندا؛ هن بابت ۾ فقط فوجي ۽ سياسي هستين جا حالات ترتيبوار گڏ ڪيا ويا آهن، گويا هيءُ گلدستو مختلف ٻارين مان گل چوندي تيار ڪيو ويو آهي.

خاندان جا فرد. ڪلهوڙا خاندان مان جيڪي ماڻهو حڪومت جي سلسلي ۾ ذڪر لائق سرگرمين جا اڳواڻ بنيا، تن جو احوال ترتيبوار بيان ٿي چڪو آهي.

ڪن شخصن جون ساريون حياتيون گمناميءَ جي عالم ۾ گذريون. قياس هيءُ آهي ته انهن کي گذران لاءِ حڪومت طرفان وظيفا ملندا رهيا، ۽ هو انهيءَ حالت ۾ ئي وفات ڪري ويا. ڪن متعلق ڪجهه ڳالهيون مختلف بيانن مان ظاهر ٿين ٿيون. مثلاً، جنهن زماني ۾ ميان نور محمد خان پنهنجو وصيتنامو لکيو، ان زماني ۾ ان جي ڀائرن مان ميان محمود دائود، ميان غلام حسين ۽ ميان محمد خان يقيني طور فوت ٿي چڪا هئا: جيئن ته وصيتنامي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، ”برادرم مغفور محمد خان“؛ ۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”مرحوم المغفور غلام حسين“. ميان دائود خان جو ڪٿي به ذڪر ٿيل نه آهي؛ باقي ان جي فرزند محمد عليءَ جو ذڪر موجود آهي. ”نامهء نغز“ ۾ محمد عارف، عزت خان، اسلام خان، پيروز خان ۽ ڀائي خان کي عزيزن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حڪيم محمد صادق عباسيءَ، محمد اسلام ۽ محمد عارف کي ميان صاحب جا سڳا ڀائر ٻڌايو آهي. ظاهري طرح سان ”نامهء نغز“ جو بيان ئي زياده ترجيح جو مستحق آهي. ڀائي خان ان وفد جو اڳواڻ هو، جو ميان نور محمد وڏن قيمتي تحفن سان گڏ، هڪ دفعي احمد شاهه ابداليءَ جي درٻار ۾ موڪليو هو. ميان صاحب جي وصيتنامي مان ظاهر ٿئي ٿو ته محمد سلام خان جا پٽ شفيع ۽ شاهه محمد ۽ محمد عارف ۽ سائينڏنو به عزيزن ۾ شامل هئا.

مير علي شاهه ”شائق“ پنهنجي طويل قصيدي ۾، ميان عبدالنبيءَ جي ڀائيٽي شاهه محمد سان گڏ، خاندان جي هيٺين ماڻهن کي مشهور ڄاڻايو آهي: شفيع محمد، گل محمد، محمد وارث ۽ محمد باقر.

ٽالپر. عزيزن کي پوءِ سڀني کان زياده ذڪر لائق ٽالپرن جو خاندان آهي، جنهن چئن پيڙهين تائين ڪلهوڙا حڪمرانن جون بهترين خدمتون انجام ڏنيون، ۽ آخر ۾ اهي ئي خاندان ڪلهوڙا حڪومت جو وارث ۽ جانشين بنيو. انهن مان مير شهداد،مير بهرام، ميربجار، مير صوبدار، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان جا حالات تفصيل سان بيان ٿي چڪا آهن. باقي فردن مان مير چاڪر، ڄام نندو ۽ مير شاهو خاص طور قابل ذڪر آهن. مير چاڪر ۽ ڄام نندو مير شهداد جا پٽ ۽ مير بهرام جا ڀائر هئا. مير شاهو، مير شهداد جي ڀاءُ شاهڪ جو پٽ هو. هي ٽيئي به مير بهرام وانگر سڀني جنگي مهمن ۾ شريڪ رهيا ۽ کين ميان نور محمد خان جا وڏا فوجي جرنيل مڃيو ويندو هو. هنن متعلق معلوم ٿي نه سگهيو ته ڪهڙي زماني ۾ وفات ڪيائون. ”نامهء نغز“ مان صرف ايترو پتو پوي ٿو ته مير چاڪر جو مرڪز شاهپور هو، ۽ مير شاهوءَ جا ٻه فرزند هئا- هڪ جو نالو مقصود خان ۽ ٻئي جو آلودو خان هو.

شاهه بهارو. ڪلهوڙن جي ٽالپرن فوجي جرنيلن مان شاهه بهارو خاص طور قابل ذڪر آهي. ميان يار محمد خان جي دور کان وٺي پنهنجيءَ وفات جي عرصي تائين سڀني وڏين لڙاين ۾ اڳرو رهيو ۽ زياده لڙائين ۾ سندس بهادريءَ سان ڪاميابيون حاصل ٿيون. هن، ڪيترائي قلعا ٺهرايا، هر هنڌ واهه کوٽايا، لاڙڪاڻي علائقي جو ناظم رهيو؛ ۽ پنهنجي انتظامي دور ۾ علائقي کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪيائين. سن 1148هه (35-1836ع) ۾ فوت ٿيو ۽ پنهنجي پـٺيان چار فرزند ڇڏيائين. ”نامهء نغز“ انهن مان هڪ جو نالو مقصود ٻڌايو آهي، ۽ ٻئي جو فتح خان، باقي ٻن جا نالا ڪٿان به معلوم ٿي نه سگهيا.

مختلف فرد. مشهور فوجي جرنيلن مان هيٺين جا نالا ڪيترن ئي هنڌن تي آيا آهن: بلاول، سلطان، خيرو، ڪمال ۽ ان جو پٽ ڀاڳت ۽ ڀائر، فتوحل، راڄوليکي، بلاول ليکي، غلام محمد کهاوڙ، تاجو ليکي، مراد ڪليري، جنهن کي ڪن هنڌن تي مراد گنجو به لکيو ويو آهي-، الله بخش ليکي، الله بخش جنجهڻ، پيروز ڪليري، محمد حسن کهاوڙ، محراب جتوئي، ڌڱاڻو جتوئي، پيروز خان ٽالپر، مرزو فقير، باگو خان، ٻالڪرام، ميرڪ محمد حسن احسن شيخ الاسلام هو.


[1] . پوسٽنز: ”سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 168.

[2] . پوسٽنز: ”سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 192.

[3] . پوسٽنز: ”سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 132.

[4] . برنز جو ”بخارا جو سفرنامو“، ص 1.

[5] . مثلا ”گلدسته نورس بهار“، ص 123.

[6] . ”شاهه عبداللطيف“، ص 109.

[7] . ”تاريخ طاهري“، ڊاڪٽر سورلي جي حوالي سان ص 110.

[8]  . سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، انگريزي، ص 148.

[9] . ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ص 148.

[10] . سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 36.

[11] ” رؤساي پنجاب“، جلد 4، ص 578.

[12] . ”رؤساي پنجاب“، ج 4، 578.

[13] . ”گلدسته نورس بهار“، ص 58.

[14] . ”جواهر عباسيه“، ص 90.

[15] . ”جواهر عباسيه“، ص 97.

[16] . ”سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 103-104.

[17] . ”گلدسته نورس بهار“، ص 59.

[18] . گلدستهء نور بهار“، ص 109.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org