انتظام. ميان سرفراز جي معزوليءَ کان پوءِ حڪومت
ٽالپرن جي قبضي ۾ اچي چڪي هئي، ليڪن هنن ان طرف
بلڪل توجهه نه ڏنو. جڏهن حيدرآباد جي خزانن جون
ڪنجيون مير فتح خان ٽالپر جي اڳيان پيش ٿيون، تڏهن
هن چيو ته ’آءٌ هي ڪنجيون نه وٺندس: اسان جو سردار
مير بجار آهي، اهو ايندو، پوءِ جيڪو وڻيس سو ڪري.
مون جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، سو انهيءَ خيال سان نه ته
مال ۽ دولت حاصل ڪريان، بلڪ مون فقط پنهنجي خاندان
جي بزرگ ۽ ڀاءُ جو بدلو وٺڻ چاهيو ٿي.‘
”فريئر نامي“ جو بيان. ”فريئرنامي“ ۾ لکيل آهي:
راجہ ليکهي وا الله بخش جهنجن ڪليد خزانہ پيش مير
فتح خان حاضر ڪرند- مير صاحب موصوف گفت ڪہ من
برائي خزائن و دفائن دودمان ڪلهوڙه نيامده ام بلڪہ
خون خواهي شهيدن خود آمده ام – الحمد الله ڪہ
اميدم بہ ڪام رسيد- حالا مير بجار خان ڪہ سردار
تمامي بلوچان و مايان و مختار الدولہ جزو و ڪل
امورات سندهه است‘ درين جا از حرمين شرفين زاد هما
الله شرفاً و تعظيما‘ مراجعت خواهند فرمود‘ هرچہ
خواهش او خواهد بود خواهد ڪرد.
[1]
(راجا ليکي ۽ الهه بخش جنهن خزاني جون ڪنجيون فتح
خان جي اڳيان حاضر ڪيون، تڏهن مير صاحب چيو ته آءٌ
ڪلهوڙا خاندان جي خزانن ۽ ڊفينن لاءِ نه، بلڪه
پنهنجن شهيدن جي بدلي وٺڻ لاءِ آيو هوس. خدا جو
شڪر آهي جو پنهنجي اميد پوري ٿي. هاڻي مير بجار
خان حرمين شريفين کان ايندو، پوءِ جيڪي وڻيس سو
ڪري. اُهوئي اسان جو ۽ سڀني بلوچن جو سردار آهي، ۽
اهو ئي سنڌ جي سمورن معاملن جو مختيار آهي.)
”فتحنامي“ جو بيان به اهو ئي آهي.
[2]
ناقابل فهم روش. مير فتح خان ٽالپر جي هيءَ روش
سراسر ناقابل فهم آهي. مير بهرام ۽ مير صوبدار
شهيد ٿي چڪا هئا، ۽ مير بجار خان سنڌ کان ٻاهر هو:
اهڙي وقت مير فتح خان ئي سنڌ جي بلوچن جو رئيس ۽
رهنما هو. هن شهيدن جي خون جو بدلو ورتو. خدا آباد
جي قلعي تي ڇاپو هڻي سرفراز کي اتان ڀڄائي ڇڏيو ۽
سندس ڀاءُ محمود کي تخت تي ويهاريو، حيدرآباد جي
قلعي تي حملو ڪيو ۽ سرفراز کي گرفتار ڪري جيل ۾
وڌو: انهيءَ مان ڪنهن به قدم کڻڻ ۾ پاڻ مير بجار
جي انتظار جي ضرورت نه ڄاتائين، پر راجا ليکيءَ کي
ڪابه سزا نه ڏنائين- حالانڪ هو تمام وڏو ڏوهاري هو
۽ سرفراز کيس حقيقي مجرم ٺهرايو هو: خزاني کي به
پنهنجي نگرانيءَ ۾ نه ورتائين، بلڪ راجا ليکيءَ جي
قبضي ۾ ڏيئي ڇڏيائين- حالانڪ خزانو نڪو سرفراز جو
هو، نه راجا ليکيءَ جو ۽ نه فتح خان جو، بلڪ ملڪ ۽
قوم جي امانت هئي. فتح خان يقيناً بهادر هو.....
بيغرض به هوندو هو، پر هو دانشمنديءَ ۽
دورانديشيءَ کان عاري هو، اڳتي هلي ان جون وڌيڪ
شهادتون ملنديون.
هڪ دورانديش سردار جي حيثيت ۾، کيس يا ته
ڪوبه قدم نه کڻڻ کپي ها ۽ مير بجار جي انتظار ۾
رهي ها، يا جڏهن قدم کنيائين ته مير بجار جي اچڻ
تائين سمورن معاملن جو مختيار بنيو رهي ها، ۽ راجا
ليکيءَ ۽ ان جي ساٿين کي قيد ڪري ها. فتح خان نڪو
ترسڻ گوارا ڪيو، ۽ نه وري پنهنجي ڪاروائيءَ کي
مڪمل ڪيو. انهيءَ روش جو ڪو به پهلو معقول ۽ محڪم
نه آهي. تڏهن، ڇا ائين سمجهو وڃي ته حالات جو جيڪو
نقشو سوانح نگارن پيش ڪيو، اهو نامڪمل هو؟- يعني
فتح خان جي حيدرآباد پهچڻ تائين راجا ليکي
ايتريقدر مضبوط ٿي چڪو هو جو فتح خان کي پنهنجي
مرضيءَ مطابق قدم کڻڻ جي همت نه ٿي ۽ انتظام کي اڌ
۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو. ٿي سگهي ٿو ته راجا ليکيءَ
پنهنجين عيارين سان ڪيترن اڪابرن کي پاڻ سان شامل
ڪري ورتو هجي، ۽ فتح خان جي لاءِ ترسڻ کان سواءِ
ٻيو ڪوبه چارو نه رهيو هجي. تاريخ جي صفحن ۾
انهيءَ بابت ڪو اشارو به موجود ڪونهي ۽ اها به
حقيقت آهي ته فتح خان ڪو زياده دورانديش ماڻهو نه
هو.
خزاني جي بربادي. راجا ليکيءَ جڏهن ٻڌو ته فتح خان
خزاني سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن نهايت
خوش ٿيو. هن پنهنجي پٽ تاجي کي ميان محمود خان جي
حڪومت جو مختيار بنايو. ۽ خزاني کي پنهنجن حوارين
۾ بيدريغ ورهائڻ لڳو. مثلاً الهه بخش جنجهڻ، پيروز
پتافي کوسو، وغيره. سوانح نگارن لکيو آهي ته کوسي
جو ڌنڌو چوري ۽ ڦرمار هو. مير بهرام جي موجودگيءَ
۾ انهيءَ ڌنڌي کي جاري رکڻ جو ڪوبه امڪان ڪونه هو،
انهيءَ ڪري پيروز ۽ سندس قوم جا ماڻهو مير بهرام
جا دشمن بنجي پيا هئا. بهرحال، راجا ليکيءَ پنهنجن
ساٿين کي گڏ ڪيو، ۽:
هر يڪ را چندان سيم و زر دادڪہ در خيال ايشان نمي
گنجيد و وقت شب محمود خان را برداشتہ برجائلآ ڪہ
چار سو آب داشت، در آن جا پناه برد و نہ دانست ڪه
پئلآ بدي بدي ست – اگر بر آسمان برود سزائلآ اعمال
خود خواهد يافت[3]
(هرهڪ کي ايترو سون ۽ چاندي ڏنائين، جو سندن خيال
۾ به نٿي اچي سگهيو. رات جي وقت محمود خان کي
اٿاري اهڙي هنڌ تي وٺي ويو، جنهن جي چئني طرفن
پاڻي هو؛ اتي وڃي پناهه ورتائون. هن کي اهو ياد ئي
نه رهيو ته برائيءَ جي بدلي ۾ برائي ئي ٿيندي آهي،
جيڪڏهن ڪو آسمان تي ئي هليو وڃي، تڏهين به پنهنجن
عملن جي سزا ضرور لوڙيندو.)
”فتحنامي“ جو به اهوئي بيان آهي ته راجا ليکيءَ
پنهنجي پٽ تاجي کي مدارالمهام بنايو، سندس دل ۾
ميربجار جي هيبت سمايل هئي. مددگارن کي پيدا ڪرڻ
لاءِ مال ۽ دولت لٽائڻ لڳو، ۽ خزاني کي خالي ڪري
ڇڏيائين. فتح خان خاموشيءَ سان اهي حالتون ڏسندو
رهيو؛ پوءِ لشڪر وٺي وڃي پنهنجي مرڪز ۾ رهيو، ۽
مير بجار جو انتظار ڪرڻ لڳو. راجا ليکي اونداهيءَ
رات ۾ محمود خان کي ساڻ ڪري اهڙي هنڌ وٺي ويو،
جنهن جي چئن ئي طرفن پاڻي هو.[4]
سرفراز خان جي شخصيت. سرفراز خان بابت ”فريئر
نامي“ ۾ لکيل آهي:
محمّد سرفراز خان حاڪملآ بود دانش مند و فضيلت
پرور-در علم و شعر فهمي يڪتائلآ روزگار بود وقدر
شعراء و علماء ڪما ينبغي بجا مي آورد.
[5]
محمد سرفراز خان دانشمند ۽ فضيلت وارو حاڪم هو.
علم ۽ شعر فهميءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.عالمن ۽
فاضلن جي مناسب عزت ۽ احترام ڪندو هو.
هيءُ ٽالپر خاندان جي هڪ فرد جي شهادت آهي: ”الفضل
ما شهدت بہ الاعداء“ (دشمن جي گواهي افضل آهي).
سندس علم ۽ فضل جون ٻيون به شهادتون موجود آهن.
مثلاً، عارف باالله حضرت شاهه فقير الله علويءَ جي
خطن مان ٻه خط سندس نالي آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو
ته سرفراز خان وقت جي عالمن ۽ عارفن کان نهايت اهم
علمي سوال پڇندو هو، ۽ انهن جي خدمت ۾ ڪابه ڪوتاهي
نه ڪندو هو، شاهه فقير الله جي دل ۾ جيڪو سندس قدر
۽ درجو هو، سو خطن ۾ کيس لکيل لقبن مان واضع ٿي
سگهي ٿو:
زبدهء محبانءِ خاص، و نقاوهء ارادت مندانِ خاص
الخواص، عزيز دلهاي دروشانِ دعاگو، انيسِ قلوب،
دعا گويانِ، يڪ دل و يڪ روي، مهبطِ انوارِ عظمت،
محورِ فلڪِ حشمت، عالي جاه، رفيع جائگاه، محبِ
صادق الاراده ميان محّمد سرفراز خان
[6]
زبدء محبانِ اهل الله، خلاصہء مخلصان فقراء، عاڪف
باب الله، عالي جاه، رفيع جائگاه، محبِ صادق ميان
محمّد سرفراز خان سلمہ الله تعاليٰ و ابقاہ.[7]
خطن جو مطلب. انهن خطن مان هيٺيون مطلب ظاهر ٿئي
ٿو:
سرفراز خان هڪ دفعي پنج سو رپيا، هڪ دفعي هڪ هزار
رپيا، ۽ ٻه دفعا سؤ سؤ رپيا، شاهه صاحب جي خدمت ۾
موڪليا. هيءُ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو وقت
جي عالمن ۽ صوفين کي انهيءَ نموني نذرانا موڪليندو
رهندو هو. شاهه صاحب جي تحرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته
اهي رقمون خلوص سان اهل الله جي خدمت طور ڏنيون
وينديون هيون.
هڪ دفعي شاهه صاحب ٻه گهوڙا تحفي طور سرفراز خان
کي موڪليا هئا.
هڪ خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته سرفراز خان دعا ۽ تصرف
جي باري ۾ سوال ڪيو. شاهه صاحب جواب ۾ لکيو ته اهل
الله تجليات جلاليہ ۽ جماليه ٻنهي کان لذت حاصل ڪن
ٿا؛ خوشي توڙي رنج، ٻنهي حالتن ۾ هڪجهڙا رهن ٿا.
آنچہ او ريخت بہ پيمانہ. مانوشيديم،
اگر از خمرِ بهشت است و گر بادهء خام.
علي شير ”قانع“ جو قصيدو. مير علي شير ”قانع“ جي
قصيدن جو جيڪو قلمي نسخو منهنجي نظر مان گذريو، ان
۾ هڪ قصيدو ميان سرفراز خان جي ساراهه ۾ آهي، جنهن
مان فقط چند شعر نموني طور هتي ڏجن ٿا:
زهلآ بہ ملڪ و ولايت امير پاڪ نهاد
سپهر شوڪت و شان و محيط انس و وداد
جهان خديو سرفراز خان عباسي
ڪہ يافت سندهه بہ عهدش ز عدل نو بنياد
ولي وقت بود سند را خديو بهين
ڪزو ولايت اَبا گرفت نو ارشاد
مدام راتبہ داران بزم انعامش
ڪشند جام عطا دلجہ دلجہ تا بغداد
قصيدي جي آخر ۾ هڪ شعر مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”قانع“
زياده قصيدا ميان صاحب جي مدح ۾ لکيا هئا:
جهان نواز خديو! منم ڪہ در مدحت،
هميشہ داد سخن داده ام از طرز و داد.
قصيدي مان هيءُ به ظاهر ٿئي ٿو ته ميان سرفراز جي
دور حڪومت ۾ علم ۽ فضل جو قدر ۽ درجو ڪمال تي پهچي
چڪو هو ۽ فهيم جا صاحب ۽ دانشمند گهڻي انداز ۾
سندس بارگاهه ۾ اچي گڏ ٿيا هئا:
ز قدر دانيءَ آن بحر فضل و ڪانِ ڪرم،
رواج يافة جنسِ سخن ڪہ داشت ڪساد؛
ز در گهت ڪہ گود مرجع ذوي الافهام،
براي اهل ڪمال است بس خجسة معاد.
[8]
حيرت تي حيرت. حيرت آهي ته اهڙو فضل وارو سمجهو
حاڪم، راجا ليکيءَ جهڙي شخص جي سخن سازيءَ جي دام
۾ ڪيئن ڦاسي پيو، جو هن مير بهرام جهڙي مخلص ۽
حڪومت جي پراڻي رڪن کي، ۽ ان جي پٽ کي، ناحق قتل
ڪرايو، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي لاءِ خوفناڪ مصيبتون
پيدا ڪيون!
سرفراز جي عمر جا باقي ڪجهه مهينا قيد ۾ گذريا.
مير بجار هن کي ٻيهر حڪمران بنائڻ چاهيو ٿي- جيئن
اڳتي هلي معلوم ٿيندو- ليڪن عبدالنبيءَ، جو ڪلهوڙن
جي حڪومت توڙي سنڌ جي برباديءَ لاءِ گهڻي قدر
ذميدار آهي، سرفراز ۽ خاندان جي ڪن ٻين فردن کي
نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيو، جيڪي حڪومت ۾
سندس ڪامياب حريف بنجي سگهيا ٿي.
سوانح نگارن لکيو آهي ته هو خوش ذوق شاعر هو،
خصوصاً سنڌي زبان جو تمام وڏو سخنور هو، ۽ سنڌي
شاعريءَ ۾ لغت ۽ مناجات جي شروعات هن کان ٿي؛ پر
تلاش جي باوجود مون کي سندس ڪلام ملي نه سگهيو.
زراعت ۽ تجارت. زراعت جي ترقيءَ جو سلسلو سرفراز
خان جي دور ۾ به چالو رهيو. حيدرآباد ضلعي ۾
”سرفراز واهه“ جي نالي سان جيڪو واهه موجود آهي،
سوپاڻ کوٽايو هئائين.
انگريزن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سرفراز جي
دور ۾ سنڌي جي تجارت کي وڏو ڌڪ لڳو، انهيءَ ڪري
انگريزن پنهنجي واپاري ڪوٺي بند ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر
سورلي انگريزي ڪوٺيءَ جي بند ٿيڻ بابت حالتن جي
ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پراڻا خط به ڏٺا هئا، جي بمبئيءَ
حڪومت جي حفاظتخاني ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر موصوف لکي
ٿو:
”ڪوٺيءَ بند ڪرڻ جو وڏو سبب هيءُ هو جو سرفراز خان
افغانستان جي بادشاهه کي وڪرو ٿيندڙ، (انگريزن جي)
اوني ڪپڙي تي پنجاهه سيڪڙو محصول عائد ڪيو هو.
ڪمپنيءَ جڏهن ان کي معاهدي جي خلاف ڄاڻائيندي
احتجاج ڪيو، تڏهن حڪم واپس ورتو ويو.“
[9]
ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي مجلس جي صدر کي اطمينان نه
ٿيو. هن جو رايو هيءُ رهيو ته جنهن ملڪ جي حڪومت
مستقل مزاج نه آهي، ان حڪومت ۾ تجارتي حالتون اهڙي
صورت ڪڏهن به اختيار ڪري نٿيون سگهن، جو وڌيڪ
ذميداريون قبول ڪرڻ مناسب سمجهيون وڃن.
سوال آهي ته جڏهن محصول وارو مٿيون حڪم واپس ورتو
ويو، تڏهن انگريزن کي وڌيڪ ڪهڙي تڪليف هئي جو ڪوٺي
بند ڪري ڇڏيائون؟ احتجاج ٿيندي ئي حڪم واپس وٺڻ،
انهيءَ حقيقت جو ثبوت آهي ته سرفراز خان کي سڀني
معاهدن جو پورو خيال هو. حقيقت هيءَ ٿي معلوم ٿئي
ته انگريزي مال جو وڪرو گهٽ ٿي ويو هو، ۽ جيڪو
نفعو هو اڳ ۾ ڪمائيندا هئا اهو هاڻي نٿي ملين،
انهيءَ ڪري پنهنجي تجارتي ڪوٺي بند ڪري ڇڏيائون.
هڪ بي بنياد بيان. ڊيوڊ سيٽن لکيو آهي ته ”سرفراز
خان، مير بهرام ۽ مير صوبدار جي قتل کان پوءِ هڪ
ماڻهوءَ کي مسقط ڏانهن موڪليو ته مير بجار جو به
ڪم پورو ڪري اچي. انهيءَ وچ ۾ نصير خان بروهي سنڌ
پهچي ويو. هن سرفراز خان کي معزول ڪيو، ۽ ان جي ٻن
ڀائرن- عبدالنبي ۽ محمد خان، غلام شاهه جي پٽن- کي
حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو.
[10]
ظاهر آهي ته بيان جو آخري حصو بلڪل بي بنياد ۽
مهمل آهي: نه نصير خان بروهيءَ سرفراز خان کي
معزول ڪيو، ۽ نه ئي عبدالنبي سرفراز جو ڀاءُ ۽
غلام شاهه جو پٽ هو؛ هو سرفراز جو چاچو ۽ غلام
شاهه جو سوٽ هو.
عبدالمجيد جوکئي جو بيان. عبدالمجيد جوکئي ميان
سرفراز خان بابت جو ڪجهه لکيو آهي، ان جي سرسري
ڪيفيت هيءَ آهي:
1. ميان سرفراز خان جو نالو هڪ ايراني مغل هو.
2. ميان جي مسند نشينيءَ وقت ذڪر لائق هي امير
هئا:
مير بهرام، الهه بخش جنجهڻ، راجا ليکي، ڄام فيروز،
محمد حسن کهاوڙ، فريد ساميتو، سڌاري اوتيوان، روحل
جويو، ث روحل کوسو.
3. ميان جي دل ۾ هيءَ ڳالهه ويهي هئي ته مير بهرام
جي هوندي کيس اطمينان سان حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه
ملندو، ۽ ڪي ڪم عقل ماڻهو انهيءَ راءِ ۾ ساڻس شامل
هئا؛ انهيءَ ڪري ميان، ڄام فيروز ٽالپر سان عزازت
جو رستو پيدا ڪيو ۽ هن کي ٽالپرن جي سرداري
ڏنائين؛ ان کان پوءِ مير بهرام کي قتل ڪري
ڇڏيائين.
4. مير بجار خان انهيءَ زماني ۾ حج تي ويل هو. مير
فتح خان، مير سهراب خان ۽ ٻيا ٽالپر سردار هن
واقعي کان گهڻو غمناڪ هئا، پر ظاهري طرح ميان
سرفراز وٽ اچ وڃ جو سلسلو جاري رکيائون. انهيءَ وچ
۾ مير فتح خان کان رشتي جي گهر ڪئي. هن ضبط ڪندي
چيو ته ’جيڪڏهن خدا کي منظور آهي ته مون کي ڪهڙو
عذر ٿي سگهي ٿو، پر شرط هي آهي ته الهه بخش جنجهڻ
۽ راجا ليکي به اهڙا ئي رشتا قبول ڪن.‘
5. آخر سڀني تي واضح ٿي ويو ته ميان سرفراز خان کي
قيد ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي.
6. سرفراز اهو ٻڌي، چند خدمتگارن سان گڏ، قلعي جي
دريءَ مان ڀڄي نڪتو. جهنگل مان ٿيندو، درياهه تي
پهتو ۽ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي حيدرآباد هليو ويو.
7. ماڻهن هن جي جاءِ تي سندس ڀاءُ کي تخت تي
ويهاريو، جنهن جو نالو اسان ’محمود خان‘ بڌايو
آهي، ۽ عبدالمجيد جوکئي ان جو نالو ’محمد خان‘
لکيو آهي). سرفراز کي حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو.
8. ميان علميت ۽ قابليت ۾ تمام وڏي پايي جو هو، پر
زماني جي گردش سبب هن وڏن جي نصيحت تي عمل نه ڪيو
۽ عقل کان ڪم نه ورتائين.
[11]
محمود خان جي حڪومت. سرفراز خان جي معزولي ۽ قيد
ٿيڻ کان پوءِ، محمود خان حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو.
هن پنهنجا سمورا اختيارات راجا ليکيءَ جي حوالي
ڪري ڇڏيا. راجا جي ئي حڪم سان ميان عطر خان، ميان
غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي قيد ٿيا. هن پنهنجي پٽ
تاجي کي، حيدرآباد جي نوابيءَ سان گڏ، سمنڊ کان
وٺي ڪڇ جي سرحد تائين سموري علائقي جي حڪومت ڏيئي
ڇڏي.
جڏهن مير بجار آيو، تڏهن راجا سوچيو ته محمود خان
ننڍي عمر جو آهي، انهيءَ ڪري کيس تخت تان لاهي
ميان غلام نبيءَ کي ملڪ ۽ حڪومت جو والي بنائڻ
کپي.
[12]
ظاهر آهي ته جيڪي، ڪجهه مٿي بيان ٿيو آهي، تنهن
مان ڪي ڳالهيون قبول ڪرڻ جهڙيون ڪينهن. مثلاً، مير
فتح خان يا ٽالپران ظاهريءَ طرح اڳيون رستو قائم
رکيو، ۽ ميان سان پنهنجو تعلق نه ٽوڙيو؛ جڏهن ٻيا
ماڻهو برخلاف ٿي پيا، تڏهن ان کي تخت تان لاهي
ڇڏيائون.
سرفراز جو ديوان. هي ڪتاب مڪمل ٿي چڪو هو ته
سرفراز خان جي ديوان جو پتو پيو، ۽ ان جا ڪجهه
فارسي شعر هٿ آيا، جن مان چند تاريخون گذريل صفحن
۾ نقل ٿي چڪيون آهن. هيءُ ديوان ٽالپرن جي ڪتبخاني
۾ موجود آهي. ان مان ڪلام جو نمونو هن باب جي آخر
۾، ضميمي طور درج آهي. سرفراز خان جو تخلص ”شهادت“
هو؛ ڪڏهن ڪڏهن ”سرفراز“ تخلص به ڪم آڻيندو هو.
ضميمو
سرفراز خان عباسيءَ جو چونڊ ڪلام
(حڪيم محمّد صادق صاحب عباسيءَ کان مليل)
هستي موهوم دنيا سرائي بيش نيست،
وين طلسمِ زندگاني هم حباني بيش نيست.
اسپ و فيل و تاج و تخت و اعتبارِ اين جهان،
مي نمايد هر چہ در چشمِ تو خوابي پيش نيست.
در جهان از شوق، دل سامانِ آبادي مخواه،
بي گمان معموره او جز خرابي بيش نيست.
...
آشيان بستم ز ناداني برنگِ عندليب،
اي خوشا، باد سحر گہ کز چمن آزاد رفت.
...
خوش آن گروه ڪہ با يادِ حق هم آغوش اند،
برنگِ پيڪرِ تصوير جملہ خاموش اند.
بعقل ڪل همہ داناي جلوه زات،
بچشم مردم ظاهر اگرچہ بي هوش اند.
...
ز ملڪِ لا مڪانت مي رسد پيڪِ طلب هر دم،
تو از غفلت بہ تسخيرِ بخارا و سر قندي.
...
مير روم از خود شهادت در طلب همچون سرشڪ،
از تو ام ڪافي براهِ عشق يڪ ايما بود.
...
(منقول از ”سنڌ زميندار“: مارچ، 1932ع)
گفتم ڪہ صبحِ وصل نمايان شود نشد،
شامِ درازِ هجر بپايان شود نشد.
يا چشمِ فتنہ باز بہ بيند بمن نديد،
يا لعلِ جانفزاي تو خنده شود نشد.
يا جان ز زخمِ تير تو آسمان رهد نرست،
يا سوچو گوي لائقِ چو گان شود نشد.
با اين شبِ فراق رود از ميان نرفت،
يا آفتابِ وصل نمايان شود نشد.
با ”سرفراز“ نالہ چو قمري ڪند نڪرد،
يا آن قد چو سرو خرامان شود نشد.
...
(منقول از ”نئين زندگي“ فيبروري، 1954ع)
تو اي مرغِ چمن، دل شاد مي ڪز،
بمرغانِ قفس هم ياد مي ڪن.
تو چون باگل نشيني هم نگاهي،
بدام افتادهُ صياد مي ڪن.
تو چو بر شاخِ گل باشي نوا سنج،
بيادِ ما دمي فرياد مي ڪن.
تو چون پرواز گيري در گلستان،
زبالِ بستہُ من ياد مي ڪن.
تغافل چند، اي سرو ’سرافراز‘،
ز بندم پا بلطف آزاد مي ڪن.
...
(منقول از ”بياض علي شير ’قانع‘“)
تغافل چند، چمشت را بسويم از وفا بڪشا،
گر از بهرِ وفا نڪشائي از بهر جفا بڪشا؛
چوروي نازنينت از ميءِ لعل شود گلگون،
سرت گردم بيادِ آن دو لعل دل ڪشا بڪشا.
...
هرگز نمي قتد نظرت بر مراد،
تا خاڪِ پاي دوست بچشمت نمي رسد؛
شڪرِ خدا گرت بزبان ورد دائم است،
بر خاطرت غبار ز زحمت نمي رسد.
....
”سرفراز“ از اهلِ سنده ڪس شعرت نمي فهد،
بہ بند اين دسة را بر اهلِ صفاهان بر.
...
دوش ديدم خجستہ دخترڪي،
ايستاده نباز در بر ڪي؛
دست بگر فتمش، بہ هندي گفت:
’چهوڻ دي هاتهه، چوريان ڪرڪي‘.
باب ڏهون
ميان غلام نبي خان
حالات جو نقشو. حالات جو جيڪو نقشو گذريل باب ۾
بيان ٿي چڪو آهي، ان کي ٻيهر مجمل طور سامهون رکو:
سرفراز خان کي تخت تان لاهي قيد ۾ وڌو ويو هو. هن
جو ڀاءُ محمود خان ملڪ جو حاڪم بنيو، پر ان جي
حيثيت شرطرنج واري بادشاهه کان زياده نه هئي.
فتح خان ٽالپر سمورن معاملن کان دستبردار ٿي
پنهنجي مرڪز ۾ وڃي ويٺو هو، ۽ مير بجار جي موٽي
اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو.
راجا ليکي حڪومت جي سڀني انتظامي ڳالهين جو مختيار
هو، ۽ خزانو به سندس حوالي هو. هن پنهنجي پٽ کي
محمود خان جو مدارالمهام بنايو، ۽ انهن سڀني
سردارن ۾ دل کولي خزانو ورهايائين، جي مير بجار ۽
ٽالپرن جي خلاف کيس مدد ڏيئي سگهيا ٿي.
راجا ليکي محمود خان کي کاهيءَ وٺي ويو، ته جيئن
ايندڙ بازيءَ ۾ ٽالپر ان کي مُهرو بنائي نه
استعمال ڪري سگهن.
غلام نبيءَ جي مسند نشيني. راجا خوب غور ۽ فڪر کان
پوءِ پنهنجيءَ پوزيشن کي مضبوط بنائڻ لاءِ هڪ ٻيو
قدم کنيو: هن سوچيو ته محمود خان جي حاڪميت کي
بچائڻ لاءِ، لڙائيءَ وغيره جون سموريون ذميواريون
کيس ئي برداشت ڪرڻيون پونديون؛- ڇو نه هن جي جڳهه
تي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي گاديءَ تي ويهاريو وڃي،
جنهن جي حمايت ۾ جانين ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو ۽ طاقتور
قبيلو تيار ٿئي! اهڙي حڪمران جي تلاش ۾، هن جي نظر
ميان غلام نبي خان تي پيئي، جو ميان نور محمد خان
جو فرزند هو، ۽ جنهن جي والده جوڻيجا قبيلي مان
هئي. فيصلي ڪرڻ کان اڳ غالباً، انهيءَ عورت سان
ڳالهه ٻولهه ڪري اهڙا قول قرار ورتا ويا هجن، ۽
مائيءَ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي هر ممڪن مدد ڏيڻ
جي لاءِ تيار ڪيو هجي. مطلب ته ميان محمود خان کي
مسند تان لاهي، ميان غلام نبي خان کي سنڌ جو حاڪم
بنايو ويو. اهڙيءَ ريت، راجا ليکيءَ ٽالپرن جيخلاف
پنهنجو مددگار ٽولو چڱيءَ طرح مضبوط ڪري ورتو.
جوڻيجن جي قبيلي سمجهيو ٿي ته سندن ڀاڻيجو گاديءَ
جو مالڪ بنبو ته پوءِ ملڪي انتظام ۽ ڪاروبار ۾
سڀني کان مٿانهين حيثيت کين ئي حاصل هوندي. بيشڪ
ان سلسلي ۾ قبيلي وارن لاءِ خونريز لڙائين جو خطرو
موجود هو، پر ملڪي اقتدار ۾ شرڪت خاطر کين مالي
توڙي جاني قربانين ڏيڻ ۾ ڪهڙو عار ٿي سگهيو ٿي؟
مير بجار جي خاتمي جون تدبيرون. مير بجار خان حج ۽
زيارتن کان فارغ ٿي مسقط پهچي چڪو هو ته کيس
پنهنجي والد ۽ ڀاءُ جي دردانگيز قتل جو اطلاع
مليو. اڳي ڊيوڊسيٽن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي
ته سرفراز، بهرام ۽ صوبدار جي قتل کان پوءِ هڪ
ماڻهوءَ کي مسقط موڪليو هو ته اتي پهچي مير بجار
جو خاتمو ڪري ڇڏي. پوسٽنز جو بيان آهي:
غلام نبي خان کي خوف هو ته مير بجار اچڻ سان ئي
ٽالپرن جي سرداري سنڀاليندو، ۽ اُهي اڳي ئي بغاوت
لاءِ سنڀريا ويٺا هئا. انهيءَ سبب ڪري، غلام نبيءَ
هر ممڪن تدبير سان مسقط جي حڪومت کي هن ڳالهه تي
راضي ڪرڻ گهريو ته مير بجار کي يا ته ختم ڪيو وڃي،
يا ته گرفتار ڪري سندس حوالي ڪيو وڃي. پر سندس
ڪوششون عرب تهذيب جي مهمان نوازيءَ واريءَ ممتاز
ترين خوبيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيون:
مير بجار خان لاءِ مهمان نوازيءَ جي آداب جي بجا
آوري نهايت اهتمام سان ڪئي ويئي، بلڪ چيو وڃي ٿو
ته جان جي سلامتيءَ سان گڏ ساڻس نهايت سهڻو برتاءُ
ڪيو ويو.
[13]
هيءَ ڳالهه ته وسهڻ جوڳي معلوم نٿي ٿئي ته سرفراز
خان ڪنهن ماڻهوءَ کي مير بجار جي مارائڻ لاءِ مسقط
موڪليو هو. مير بهرام ۽ صوبدار جي قتل کان پوءِ
کيس ايتري مهلت ئي ڪانه ملي سگهي، جو اهڙيءَ ڪنهن
تدبير تي عمل ڪري سگهي. ميان غلام نبي ڪيني پرور ۽
شرپسند ماڻهو ئي ڪونه هو، جو ڪنهن اهڙي قدم کي
جائز سمجهي ها. غالباً راجا ليکيءَ ملڪي انتظام تي
ضابطي رکندي ئي اهڙي ڪوشش ڪئي هجي. اها ڪوشش مسقط
جي حڪومت جي تعاون سان ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. مسقط
جي حڪومت نه فقط تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي، بلڪ
مير جي حفاظت جو اهڙو ته زبردست انتظام ڪيائين جو
ڪنهن کي به قاتلانه حملي جو موقعو ئي نه ملي
سگهيو.
مير بجار جو اچڻ. مير بجار مسقط کان جهاز ۾ سوار
ٿي ڪراچي پهتو، جا نادر شاه جي زماني کان قلات
حڪومت ۾ شامل هئي؛ ۽ پوءِ ڪراچيءَ کان قلات ويو.
نصير خان بروهيءَ سندس گهڻو آڌرڀاءُ ڪيو. استقبال
لاءِ ڪجهه اڳڀرو اچي کيس مليو، ۽ عزت ۽ شان سان
کيس پاڻ سان وٺي آيو. ڌرين جي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ
لاءِ هن مير سان پنهنجي پڳ بدلائي
[14]، ۽ سندس مدد
لاءِ فوج پڻ تيار ڪيائين.
چون مير اين چنين ديد دادش قسم،
ڪہ من گرچہ مظلومم و بي ڪسم.
(مير بجار خان جڏهن هيءَ صورتحال ڏٺي، تڏهن مير
نصير کي قسم ڏيئي چيائين ته جيتوڻيڪ آءٌ مظلوم ۽
بيڪس آهيان.)
مدد خواه از ڪس نيم جز خدا،
نہ جستم درلآ جز درِ مصطفيٰ.
(پر خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به مدد نٿو چاهيان،
۽ رسول اڪرم صلعم جي دروازي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به
دروازي جي درڪار نه آهي.)
همي آيدم شرم زِ اندازه بيش،
ڪہ فوجي برم برسرِ ملک خويش.
(مون کي ان ڳالهه تي بيحد شرم اچي ٿو ته پنهنجي
ملڪ تي فوج وٺي چڙهائي ڪريان.)
اگر حق مدد مي کند فتح ماست،
و گر نوع ديگر رضائ خدا ست.
(جيڪڏهن خدا جي مدد شامل حال آهي ته فتح منهنجي
آهي، ۽ جيڪڏهن ٻي صورت پيش آئي ته اها پڻ خدا جي
راضا آهي.)
مرا با راضائ خدا جنت نيست،
ولي عرصہُ فضل او تنگ نيست.
[15]
(منهنجو خدا جي رضا سان مقابلو ڪونهي، يقين آهي ته
هن جي فضل جو ميدان تنگ نه آهي.)
2. ”فريئر نامي“ جو بيان آهي ته مير نصير خان
پنهنجي طرفان افسوس ظاهر ڪندي مير بجار خان کي
چيو:
من از تو شرمندگي مي ڪشم، ازين جهت ڪہ،
من جناب مير بهرام خان را بجائ والد مي داشتم
و از شنيدن خبر شهادتِ شان خواستم ڪہ انتقام
از ڪلهوڙه بگيرم، تو چرا رفيقم نمي ڪني؟ ازين
جهت عالم غم بر دلم هجوم مي آرد.
[16]
(آءٌ اوهان کان شرمندو آهيان ڇاڪاڻ ته آءٌ جناب
مير بهرام خان کي پنهنجي والد جي برابر سمجهندو
هوس، ۽ سندس شهادت جي خبر ٻڌي ارادو هوم ته ڪلهوڙن
کان بدلو وٺان: اوهين مون کي پنهنجو ساٿي ڇو نٿا
بنايو، منهنجي دل انهيءَ غم سان لبريز آهي.)
سيٽن جو بيان. سيٽن لکيو آهي ته مير بجار زابلستان
هليو ويو، جتي نصير خان کيس روڪيو، پر جڏهن مير
بچي نڪتو ۽ سنڌ ڏانهن آيو، تڏهن چشم پوشيءَ کان ڪم
ورتائين.
[17]
ظاهر آهي ته جيڪڏهن مير نصير خان مير بجار کي روڪڻ
جو خواهان هو ته هن کي پاڻ بچائي سنڌ پهچڻ جو
موقعي ئي نه ڏئي ها: جيڪڏهن مير بجار جي بچي نڪرڻ
تي چشم پوشيءَ کان ڪم ورتو، ته سمجهڻ گهرجي ته کيس
روڪڻ جو ارادو محض هڪ خيالي افسانو آهي.
صحيح حالات اهي ئي آهن جي ”فتحنامي“ ۽ ”فريئرنامي“
بيان ڪيا آهن. مير نصير خان کي مير بجار سان
همدردي هئڻ گهربي هئي، ڇو ته
مير بجار بلوچ هو: سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي جاءِ تي بلوچن
کي سرداري حاصل ٿيڻ سان، قومي نقطه نگاهه کان کيس
مرغوب ٿيڻ گهربو هو.
مير نصير خان جي خاندان کي ڪلهوڙن سان پراڻي دشمني
هئي. (هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ دشمنيءَ جا سمورا
واقعا تفصيل سان بيان ٿيل آهن.)
مير بجار خان جي سنڌ پهچڻ سان، بهرحال، ٽالپرن ۽
ٻين طبقن ۾ لڙائي شروع ٿي وڃڻ جو يقين هو. مير
نصير خان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ بي اطمينانيءَ ۽
بدامنيءَ جي حالتن پيدا ڪرڻ جو هر حالت ۾ خير مقدم
ڪري ها، ڇو ته ان طرح کيس پنهنجيءَ حڪومت جي حدن
کي وسيع ڪرڻ جو امڪان هو؛ يا گهٽ ۾ گهٽ خانه
جنگيءَ سنڌ جي قوت ۽ طاقت کي ضرور نقصان رسائي ها،
۽ مير نصير خان جي خيال ۾ اها حالت ڪنهن به صورت ۾
ناپسند ٿي نٿي سگهي.
|