خوشحاليءَ جون شهادتون.
هاڻ انهن سياحن جي بيانن تي نظر وجهڻ گهرجي، جن
ڪلهوڙن جي حڪومت جو آغاز کان ٿوري مدت اڳ سنڌ کي
ڏٺو، يا خود ڪلهوڙن جي دور بابت نقشا پيش ڪيا:
1. سترهين صديءَ جا
انگريز واپاري: هتي هر قسم جي کائڻ جي شين جي
گهڻائي آهي، ۽ ٻيون چيزون، هندستان جي هر حصي کان
وڌيڪ سستي اگهه تي، ملي وڃن ٿيون. مڇيءَ ۽ ميوي جي
به گهڻائي آهي- ٻئي چيزون ايتريون سستيون وڪامن
ٿيون جو جيڪڏهن ڪو ٻڌي ته يقين نه اچيس. ڪڪڙ چئين
پئسن، رڍ ------اگهه پنج آنا في مڻ هو--------
گيهه ۽ کائڻ جون ٻيون شيون ----------------.
()
پورچو گيز سياح منريق.
بکر جي ------------- وڻن جا جهڳٽا آهن. مارڪيٽ
جنسن سان ڀريا پيا ---------- قدم قدم تي ڳوٺ،
زمين زرخيز، زراعت عمدي، آبادي ------- فقط سيوهڻ
جي ويجهو هڪ ننڍي ٽڪري کي الڳ -------------
گهرجي، جو ڌاڙيلن جو پناهگاهه آهي.
()
3. منوچي: ملڪ ۾ اناج
تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو؛ گيهه به تمام گهڻو موجود
آهي ۽ مسقط ڏانهن موڪليو ويندو آهي. بکر جي زمين
تمام زرخيز آهي ۽ نهايت عمدو اناج پيدا ڪري ٿي.
()
4. هئملٽن: ڪڻڪ،
چانورن، گهوڙن ۽ چوپائي مال جي ملڪ ۾ تمام گهڻائي
آهي. ماڻهن کي ڏڪار جي مصيبتن سان ڪڏهن به واسطو
نه پيو آهي. گوشت تمام عمدو ملي ٿو ۽ گهڻو ٿئي ٿو.
گيهه تمام گهڻي تعداد ۾ ٻاهر موڪليو وڃي ٿو
().
5. پاٽننجر: ملڪ ايڏو
خوشحال آهي جو جڏهن نادر شاهه پنج لک فوج سان سنڌ
تي حملو ڪيو، تڏهن ٺٽي جي حاڪم، ميان نور محمد
ڪلهوڙي فوج ۽ خيمي بردار جي مهمانداري شاهاڻي
طريقي سان سورهن ڏينهن تائين ڪئي، ۽ ڪنهن به چيز
جي ڪميءَ جو ڪو ذري ماتي به احساس نه ٿيو.
()
6. رابرٽ ارسڪن: سن
1757ع تائين سنڌ هڪ چڱيءَ ۽ امن پرور حڪومت جي هٿ
هيٺ هئي. هتي اناج ۽ زندگيءَ جي ٻين گهڻين ضروري
شين جي گهڻائي هئي، جئين هميشه هئي.
()
7. ڪيلنڊر: سنڌ
جيتوڻيڪ هڪ مختصر علائقو آهي، ------ قدرتي طور
زرخيز آهي. هي تمام خوشحال ۽ آباد هو، -------- اڄ
کان پنٽيهه سال کن اڳ بدقسمتيءَ سان موجوده حڪمران
خاندان جي هٿ هيٺ اچي ويو، ۽ آهستي آهستي پؤڻو
پوندو ويو. ()
آدمشماري.
آدمشماريءَ متعقل به قياس جي بنيادي تي حساب لڳائڻ
کان سواءِ ٻيو ڪو چاروئي نه آهي؛ انهيءَ ڪري جو
ڪوبه مستند ماخذ سامهون ڪونهي، جنهن تان ڀروسي سان
انگ اکر اخذ ڪري سگهجن. هن سلسلي ۾ مسٽر ڇٻلاڻيءَ
جي استدلال جو طريقو گهڻو معقول آهي. موصوف جي
بيان جو هڪ بنياد هي آهي ته آباد زمين جي بنياد تي
ڪيو وڃي ته آدمشماري اندازاً ڪيتري هوندي. پوءِ
چوي ٿو ته
اسين ڏسي چڪا آهيون ته مغلن جي
حڪومت جي شروعات ۾ آباد زمين پندرن لکن ايڪڙن کان
گهٽ نه هوندي، ۽ ابتدائي ڪلهوڙن (ميان يار محمد
خان ۽ ميان نور محمد خان) جي دور ۾ ويهن لکن ايڪڙن
جي اعليٰ درجي تي پهچي چڪي هوندي. جيڪڏهن
آدمشماريءَ ۽ آباد زمين جو تناسب تي ۽ ٻه رکيو وڃي
ته مغلن جي دور ۾ سنڌ جي آدمشامري ويهن لکن کان
مٿي، ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ ٽيهن کلن جي لڳ ڀڳ هوندي().
موصوف
جي بيان جو ٻيو بنياد هي آهي ته پهريائين شهري ۽
پوءِ ڳوٺاڻي آدمشماريءَ جو اندازو ڪيو وڃي، جنهن
بابت مختلف بيانن م اشارا ملن ٿا. مثلاً، ٺٽي جي
آدمشماريءَ جو اندازو اڪثر ماڻهن پيش ڪيو آهي. هڪ
بيان هي آهي ته اتي پنجاهه هزار جايون هيون.
جيڪڏهن هر ڪٽنب جي سراسري پنجن ماڻهن تي شمار ڪئي
وڃي ته ٺٽي جي آدمشماري اڍائي لک ٿئ ٿي. هئملٽن
لکيو آهي ته ٺٽي جو شهر ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل
ويڪرو هو: ساڍن چئن چورس ملين م اڍائي لک ماڻهن جو
هجڻ بلڪل قرين قياس آهي. نصرپور به تمام وڏو شهر
هو. ان کان سواءِ بکر، سکر، روهڙي، سيوهڻ، خداآباد
۽ حيدرآباد به چکا وڏا ڳوٺ هئا. جيڪڏهن انهن سڀني
ڳوٺن جي آدمشماري ٿوري ۾ ٿوري چار لک به فرض ڪئي
وڃي، ۽ سنڌ جي آدمشماريءَ جي معلوم انگن اکرن جي
تناسب مطابق، سمجهي وڃي ته شهري آدمشماري سموري
آدمشماريءَ جو چوڏهن سيڪڙو ٿئي ٿي، ته ان حالت م
به ڪلهوڙن جي دور جي آدمشماري ٽيهن لکن کان گهٽ
نٿي ٿئي. مطلب ته
سنڌ جي آدمشماري مغل حڪومت جي
شروعات ۾ ويهن لکن جي لڳ ڀڳ هئي، ۽ ’ابتدائي
ڪلهوڙن‘ جي دور ۾ ٽيهن لکن جي تعداد تي پهچي ويئي.
()
باب اڻٽيهون
صنعت ۽
تجارت
تمهيد
صنعت ۽
حرفت:
صنعت و
حرفت ۽ تجارت جي ترقي هن ڳالهه تي ٻڌل آهي ته ملڪ
۾ ضرورت جو ڪچو مال گهڻائيءَ ۾ پيدا ٿيندو هجي، ۽
ان کي هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه تائين پهچائڻ ۾ زياده
تڪليف ٿئي. سنڌ ۾ ٻئي شرط پورا ٿيا ٿي، ان ڪري
صنعت ۽ حرفت به شروع کان ئي چڱي ترقي حاصل ڪئي ۽
واپار ۾ به وڏو واڌارو آيو. ڪپهه هتي قديم زماني
کان وٺي پيدا ٿيندي هئَي، لهذا ڪپڙي جي صنعت
پنهنجي ڪمال اوج تي پهچي ويئي. چمڙي، ان ۽ ڪاٺ جي
به ڪمي ڪانه هئَي. سنڌونديءَ جي وسيلي ٻيڙيون ۽
ننڍا جهاز اتر کان ڏکڻ ۽ ڏکڻ کان اتر ڏانهن ايندا
ويندا هئا ۽ انهن جي ذريعي سامان به هر جڳهه
پهچائي سگهبو هو.
هيءُ علائقو اهڙي هنڌ تي هو جو ايشيا جي اڪثر ملڪن
۽ يورپ کان خشڪيءَ ۽ بحري رستي جيڪي قافلا ايندا
هئا، اهي سڀ کان اول سنڌ پهچندا هئا. اهڙيءَ ريت
هن علائقي جو تعلق ساريءَ دنيا سان ٿي ويو، ۽ ساڳي
وقت هند ۽ پاڪ جي تجارت جو اهم مرڪز بنجي ويو ۽
تجارت سان گڏوگڏ هنر ۽ ڪاريگريون به ترقي ڪنديون
رهيون.
فرنگي
واپارين جي چٽاڀيٽيءَ.
سنڌ جي تجارت ۽ صنعت و حرفت جي واڌاري ۽ منافعي جي
هڪ شهادت فرنگي تاجرن جي چٽاڀيٽيءَ مان به ملي ٿي،
جا سندن وچ ۾ تجارت جي سلسلي ۾ پيدا ٿي. سڀني کان
اول هتي پورچو گيز پهتا، ۽ سندن مسلسل ڪوششون اهي
رهيون ته ٻي ڪابه قوم سنڌ جي ڪنهن به بندرگاهه تي
پنهنجا قدم نه ڄمائي. پوءِ انگريز آيا، جي ڪيتريون
تڪليفون سهي سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيءَ کولي ويهي رهيا.
هنن جون ڪوششون به اهي ئي هيون ته سمورو واپار
سندن ئي قبضي ۾ رهي. اوهان معلوم ڪري چڪا آهيو ته
هنن ميان غلام شاهه کان پروانا حاصل ڪيا هئا، تن
جو مقصد اهوئي هو. آخر ۾ ولنديزي آيا. جيڪڏهن
يورپي قومن لاءِ سنڌ جو تيار ٿيل مال خريدڻ ۽ يورپ
۾ نيئي وڪڻڻ چڱي مالي فائدي جو سبب نه هجي ها، ۽
ان ڪري سنڌ سان تجارتي تعلقات ۾ خاص ڪشش نه هجي
ها، ته هي واپاري هڪٻئي کي پوئتي هٽائڻ جي ڪوشش ڇو
ڪن ها؟
مسٽر ڇٻلاڻيءَ بلڪل
درست لکيو آهي ته سنڌ مغلن ۽ ابتدائي ڪلهوڙن جي
زماني ۾ پنهنجي صنعت ۽ حرفت، زراعت ۽ تجارت سببان
شهرت جي عروج تي پهچي ويئي هئي. پوين ڪلهوڙن جي
دور ۾، هن جي اها امتيازي خصوصيت گهٽجڻ شروع ٿي، ۽
ٽالپرن جي دور ۾ سندس گهٽجڻ جي رفتار تمام تيز ٿي
ويئي().
فرنگين
جون شهادتون.
هاڻ هن سلسلي انهن فرنگين جون چند شهادتون ملاحظه
ڪريو، جي ڪلهوڙا حڪومت جي آغاز کان ڪجهه مدت اڳ
آيا ۽ سندن بيانن ۾ ڪلهوڙا دور جي حالات جو خاڪو
پيش ٿيو:
1. هندستان ۾ پورچو گيزن جو سرڪاري سوانح نگار،
ائنٽونيو بوڪئرو: (Antonio
Boccaro)
سنڌ جي حڪومت ايتري خوشحال … ۽ ان جي تجارت ايتري
وسيع آهي، جو جيترا به جهاز ٻاهران اچن، انهن کي
مال مليو وڃي().
2. ٿيونيوThevenot
: هن ملڪ ۾ لڏ پلاڻ ۽ آمدرفت
تمام زياده آهي- خاص ڪري ٺٽي جي شهر ۾، جتي
هندستاني تاجر ملڪي ماڻهن جون بنايل عجيب چيزون
ڪثرت سان خريد ڪن ٿا. هنن ماڻهن کي هر قسم جي فن ۾
حيرت انگيز مهارت حاصل آهي.
()
3. برنز: سنڌ جون ٺهيل
شيون دهليءَ جي بادشاهي دور ۾ بيحد پسند ڪيون
وينديون هيون. سال 1739ع ۾ جڏهن نادرشاهه سنڌ تي
حملو ڪيو، تڏهن هتان جي تجارت بلاشڪ نهايت وڏي
ترقيءَ تي هئي().
ڪلهوڙن جي آخري ۽
کانئن پوءِ جي زماني ۾ صنعت و حرفت ۽ تجارف ي جيڪو
نقصان رسيو، ان جي صببن جو ذڪر ناٿن ڪرو()،
ڪپتان ميڪ مرڊو()
ڊل هوسٽي()
۽ پاٽنجر()
جي بيانن ۾ آيو آهي؛ ليڪن هتي انهن سببن تي بحث
ڪرڻ اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي().
سوٽي
ڪپڙو.
مٿين عام ڪيفيتن کان پوءِ، مختلف اهم هنرن جو
سرسري نقشو پيش ڪرڻ ضروري آهي انهن مان سڀ کان اول
سوٽي ڪپڙن جو ذڪر ٿيڻ گهرجي. مسٽر ڇٻلائيءَ جي
بيان مطابق، مغلن ۽ ابتدائي ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺٽو
سوٽي ڪپڙي جي صنعت جو هڪ نهايت اهم مرڪز هو. ڪپڙو
اهڙو چڱو ٺهندو هو، جو ايشيا ڪپڙن ۾ سڀ کان چڱو
سمجهو ويندو هو ۽ هر، هنڌ ان جي گهر هوندي هئي.
فرنگي تاجر سنڌي ڪپڙي جا انبار کڻي ويندا هئا ۽
تمام گهڻو نفعو ڪمائيندا هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جي ڪارپردازن هڪ موقعي تي پنهنجن سنڌي ڪارندن کي
هدايت ڪئي ته سنڌ جو بافتو انگلستان ۾ سڀ کان
زياده وڪجي ٿو، ان ڪري مال رواني ڪرڻ وقت ان يافتي
جي مقدار وڌايو وڃي. 1669ع ۾ هيءَ حالت هئي جو سنڌ
جو ٺـهيل ڪپڙو ماڻهو زياده خريد ڪندا هئا، ۽
واپارين کي اهوئي خيال رهندو هو ته هيءُ ڪپڙو
زياده مقدار ۾ ملي ته خوب نفعو ڪمايون. ٺٽو،
نصرپور، سيوهڻ، ڪنڊيارو، در ٻيلو، بکر، سکر،
روهڙي، گنمبٽ، بوبڪ ۽ سن سوٽي ڪپڙي جا مشهور مرڪز
هئا. سنڌ جون ٺهيل ڇيٽون دنيا جي هر مارڪيٽ ۾ خاص
قدر ۽ قيمت جي نگاهه سان ڏٺيون وينديون هيو.
ائنٽونيو بوڪئرو جو
بيان آهي ته 1631ع ۾ فقط ٺٽي شهر ۾ ٽيهه هزار
آڏاڻا هئا. انهيءَ کان چند سالن بعد انگريز ڪارندن
ٻڌايو ته ٺٽي ۾ ٽي هزار ڪٽنب فقط ڪپڙن اُڻڻ جو ڪم
ڪندا هئا. هئملٽن جو بيان آهي ته ٺٽي ۾ 1696ع ۾
پليگ پيئي، تڏهن اسي هزارن کان زياده ماڻهو موت جو
شڪار ٿي ويا، جي ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙن اڻڻ جو ڪم ڪندا
هئا. پاٽنجر لکيو آهي ته نادرشاهه جي حملي وقت ٺٽي
۾ چاليهه هزار ڪوري لونگيون ٺاهيندا هئا. ٺٽي کان
پوءِ نصرپور جو درجو هو، جنهن ۾، انگريزن جي بيان
مطابق، هڪ هزار ڪٽنب رڳو ڪورڪي ڌنڌي ۾ مصروف هئا().
ريشمي ۽
اوني ڪپڙو.
ريشمي ڪپڙن جي صنعت خاص طرح لونگين جي ديده زيب
صنعت به ترقيءَ تي هئي. ان کان سواءِ چمڪندوزي،
گلن واري اوني ڪپڙي، ڪيمخواب، ڪشيده ڪاريءَ، اڻاوت
۽ گلڪاري وغيره جي صنعت جا نمونا اڄ به ملن ٿا، جن
کي ڏسندي انسان هنرمندن جي ڪاريگريءَ تي حيران ٿي
وڃي ٿو. ٿرپارڪر ۾ اوني ڪپڙو نهايت عمدو ٺهندو هو،
خاص ڪري ٽيوپيون اعليٰ قسم جون ڄاتيون وينديون
هيون. انهيءَ کان سواءِ ڪمبل، خرزينون ۽ ٻوريون
نفيس نموني جون ٺهنديون هيون.
ٺٽي جي ڪاريگرن جو ذڪر اڪثر ماڻهن ڪيو آهي. برٽن
انهن ڪاريگرن جي زوال جو ماتم ڪندي لکي ٿو ته
جن پنج هزار آڏاڻن تي اهڙيون
شالون ۽ ريشمي لونگيون تيار ٿينديون هيون جو انهن
جو شهرت جي هاڪ ساري وچ ايشيا ۾ ڦهليل هئي، هاڻ
انهن جي نشانيءَ طور فقط هڪ درن آڏاڻا وڃي باقي
رهيا آهن().
چمڙي جو
سامان.
سنڌ مغلن ۽ ابتدائي ڪلهوڙن جي دور ۾ چمڙي جي صنعت
جي سلسلي ۾ به خاص شهرت جي مالڪ هئي. هتي چوپايا
جانور، رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ گهڻي انداز ۾ موجود هئا
۽ کلون تمام گهڻيون ملنديون هيون، انهيءَ ڪري هن
صنعت جو ترقي حاصل ڪرڻ يقيني ڳالهه هئي. مختلف
بيانن سان معلوم ٿئي ٿو ته کلون ٻاهرينءَ دنيا
ڏانهن موڪليون وينديون هيون، ۽ سنڌ جو چمڙو به
نهايت پسند ڪيو ويندو هو. فان آرلچ لکيو آهي ته
سنڌ جو
چمڙو هندستان جي ڪن بهترين چمڙن ۾ شمار ٿئي ٿو.
نرميءَ توڙي جٽاءَ ۾ به يورپ جي چمڙي کان گھٽ نه
آهي.
مسٽر
ڇٻلاڻي لکي ٿو:
مغلن ۽
ابتدائي ڪلهوڙن جي زماني ۾ چمڙي صاف ڪرڻ ۽ رنڱڻ جي
فن تمام وڏي ترقي ڪئي، ۽ هن فن جي ماهرن وڏيءَ
هنرمنديءَ ۽ ڪاريگريءَ جي نمائش ڪئي. منريق سنڌ جي
”دلپسند چمڙي“ جو ذڪر ڪيو آهي، جو ميز پوشن لاءِ
استعمال ٿيندو هو ۽ سينگار لاءِ ديوارين تي ٽنگيو
ويندو هو؛ بستري تي به ماڻهو چادرن وانگر وڇائيندا
هئا. هيءُ چمڙو نهايت ملائم هوندو هو ۽ گرمين ۾
ٿڌاڻ پهچائيندو هو. نشوتن چوي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو
چمڙو نهايت عمدي طريقي سان تيار ڪن ٿا؛ پوءِ ان تي
مختلف رنگن جي ريشم سان حد درجي جي ڪاريگريءَ سان
گل ڀرين ٿا… هندستان ۾ هن چمڙي کي تمام قدر جي
نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ۽ ان کي فرش تي نه بلڪ
بسترن ۽ ميزن تي وڇائيندا آهن.
هن مان
زينون، گهوڙن ۽ اُٺن جا پلاڻ، ڍالون، دستانا،
پيتيون، جُتيون، پاڻيءَ جو مشڪون ۽ گيهه جا دٻا
ٺهندا هئا.
متفرق
صنعتون.
مٿئين خاص صنعتن کان سواءِ، ٻين سنهين سنهين صنعتن
جي ڪا حد ۽ شمار ئي نه آهي: مثلا ڪاٺ جو رنگن ڪم،
جنهن جا نادر نمونا اڄ به جتي ڪٿي هاٿيءَ جي ڏندن
جو ڪم، نهايت خوبصورت چمڪندڙ ٽائيل، جي ڪلهوڙن جي
ڪن عمارتن ۾ استعمال ٿيا؛ جنگي اوزار، جن جي تعريف
پوسٽنز جي بيان مطابق اڳ ۾ ئي نقل ٿي چڪي آهي.
اهي چيزون پوءِ جي زماني ۾ قائم رهي نه سگھيون.
حالات بدلجي ويا. فرنگي تسلط ماڻهن جي مذاق کي ئي
بدلائي ڇڏيو. ملڪي مصنوعات جي سرپرستي گھٽبي ويئي.
۽ ان سان گڏ اهي صنعتون به زوال ۾ اچي وييون. نيئن
دور ۾ جن چيزن فروغ حاصل ڪيو، اهي اجنبي حاڪمن جي
ملڪ مان اينديون هيون. ملڪي صناع ۽ ڪاريگر آخر ڇا
ڪن ها؟ جيڪي شيون هنن ٺاهيون ٿي، تن جا خريدار نه
رهيا؛ ۽ جن چيزن جي خريداري هئي، انهن جي ٺاهڻ جا
اسباب ڪونه هئا.
تجارت.
سنڌ قدرتي طرح اهڙي هنڌ هئي، جي انهيءَ سان ڪيترن
ئي ٻاهرين ملڪن جو سامان به هتان ئي ايندو ويندو
هو؛ جيئن خاص ڪري اتر هندستان جي سموري مال جي
ٻاهر موڪلڻ جو رستو سنڌ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه
هو. مارواڙ، بيڪانير، جيسلمير، ملتان، پنجاب،
ڪشمير، صوبو سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان بحري رستي
سان جيڪو سامان ٻاهر موڪليندا هئا، اهو پهريائين
سنڌ ۾ پهچندو هو، ۽ پوءِ هتان ئي جهازن ۾ سوار
ٿيندو هو؛ ۽ ٻاهر کان جيڪو مال انهن ملڪن جي ضرورت
لاءِ ايندو هو، اهو به سڀ کان اول سنڌ جي بندرن تي
لهندو هو. سنڌ جا بندر انهيءَ سبب ساريءَ دنيا ۾
مشهور هئا: مثال طور: ديبل، ۽ پوءِ جي زماني ۾
لاهري بندر، اورنگا بندر، شاهبندر، بستہ بندر ۽
علي بندر، جتان بصري، بندر عباس، هرمز، مسقط ۽
بحرين وغيره ڏانهن مال موڪليو ويندو هو. مختلف
هنڌان هي مال خشڪيءَ جي رستي قسطنطانيه يا مصر
ڏانهن روانو ٿي ويندو هو- ۽ پوءِ اتان يورپ ڏانهن
روانو ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ ريت انهن ساڳين رستن
سان ٻاهريون مال اسان جي ملڪ ۾ ايندو هو. هندستان
جي مختلف علائقن تائين سنڌ مان وڏا رستا ٺهيل هئا،
جن جي ذريعي تجارتي قافلا هميشہ ايندا ويندا رهيا
ٿي.
|