سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 17

باب اوڻيهون

مير عبدالله خان جو قتل

مدد خان جي عياري. گذريل باب ۾ ٻڌائجي چڪو آهي ته مدد خان سان جنگ ڪرڻ جي باري ۾ ٽالپرن ۾ اختلاف پيدا ٿي چڪو هو: مير عبدالله خان جنگ جي تياريءَ ۾ لڳل هو، ۽ فتح علي خان ۽ سهراب خان ساڻس گڏ پنهنجون جانيون نثار ڪرڻ لاءِ تيار هئا؛ ليڪن مير فتح خان، بادشاهيءَ جي غلط تصور هيٺ اچي، جنگ ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو هو، ۽ عمرڪوٽ طرف روانو ٿي ويو. انهيءَ صورتحال، مير عبدالله خان ۽ سندس ساٿين کي به مجبور ڪيو ته هو ڪنهن حفاظت واري هنڌ ويهي انتظار ڪن ته حالتون ڪهڙو رخ ٿيون اختيار ڪن. هو انهيءَ خيال سان دين ڳڙهه ڏانهن هليا ويا.

مدد خان کي ميرن جي وچ ۾ تفرقي اختلاف جو جڏهين اطلاع مليو، تڏهين ڏاڍو خوش ٿيو. هن مير فتح خان کي چاپلوسيءَ ۽ خوشامد سان پنهنجي پاسي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٽالپرن ۾ اهو ئي سندس مطلب جو ماڻهو هو. اهو ويچاري، مدد خان عمرڪوٽ جو رخ ڪيو. جڏهن ويجهو پهتو، تڏهن مير فتح خان کي پيغام موڪليائين ته ’اوهين وڏا دانشمند آهيو؛ سنڌ جي ميرن ۾ اوهان جهڙو دور انديش ۽ عاقل ٻيو ڪوبه ڪونهي؛ مون وٽ هليا اچو، ته آءٌ اوهان جي هر آرزو پوري ڪندس.‘ مير فتح خان جڏهن هيءُ نياپو ٻڌو، تڏهن جواب ۾ چوائي موڪليائين ته ’آءٌ اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، بشرطيڪ مون کي پورو اطمينان ڏياريو وڃي.‘ مدد خان پنهنجي طرفان نواب جنگ کي، ۽ ميان عبدالنبيءَ جي طرفان محمد حسن کهاوڙ کي، موڪليو ته هو اتي وڃي فتح خان کي پورو اطمينان ڏيارين. ٻئي وڪيل عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پهتا. گفتگوءَ کان پوءِ انجام اقرار ٿيا، ۽ مير فتح خان بيڌڙڪ مدد خان وٽ پهچي ويو. هو کيس وڏيءَ عزت سان پيش آيو، ۽ ڳالهين ۾ ساڻس ”ڀاءُ“ جي خطاب سان ڳالهائيندو رهيو. پوءِ ٻنهي روهڙيءَ ڏانهن رخ ڪيو.

چند منزلن کان پوءِ، مدد خان جي روش بلڪل بدلجي ويئي، ۽ هو پنهنجي اصلي رنگ ۾ ظاهر ٿي ويو: فتح خان کي چيائين ته ’تون باغي آهين؛ بغاوت جي جرم جي معافي ۽ هن گرفت مان آزادي انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهي ٿي، ته ٻه لک رپيا جرمانو ڀري ڏي!‘ هيءُ ٻڌندي ئي مير فتح خان جون اکيون کلي وييون، ليڪن هو ان وقت بيوس هو؛ عزيزن کان وڇڙي چڪو هو، ۽ فوج کان به الڳ ٿي مدد خان جي گرفت جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو هو، سو مجبوراً کيس ٻه لک رپيا جرمانو قبول ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ مدد خان حڪم ڏنو ته ’مير عبدالله خان، مير فتح علي خان، غلام علي خان ۽ سهراب خان کي خط لکي هتي گهرائي وٺ؛ جيڪڏهن نه، ته منهنجي هٿان تنهنجي جان سلامت نه رهندي!‘

فتح خان پنهنجي سادگيءَ ۽ خوش فهميءَ تي ملامت ڪرڻ لڳو، ليڪن هو فتح خان جي حڪم کي ٽاري نٿي سگهيو. آخر، روهڙيءَ پهچي، مير صاحبن کي گهرائڻ جا خط پڻ لکي ڏنائين.

فتح خان جو ڇوٽڪارو. اوٺي سوار خط کڻي روانو ٿي ويو. مدد خان، فتح خان کي هڪ حفاظت واري تنبوءَ ۾ ويهاريو، ۽ پنجاهه افغان سپاهي مٿس پهري لاءِ مقرر ڪيا. ظاهري طرح آزاد ٿيڻ جي ڪابه صورت باقي نه رهي هئي؛ ليڪن فتح خان، غور ۽ فڪر ڪري، پنهنجي ذهن ۾ هڪ تجويز ڳولي ڪڍي. انهيءَ ۾ جان جو خطرو ته ضرور هو، پر ساڳئي وقت بچي نڪرڻ جو امڪان به هو. يقيني موت جي مقابلي ۾، بچڻ جو امڪان بهرحال ترجيح جي لائق هو. هن پنهنجن همراهن مان چند سوارن کي وڏي آواز حڪم ڏنو ته ’فلاڻن فلاڻن ڳوٺن ۾ وڃو، ۽ فلاڻن فلاڻن هندو سيٺين کان پيسا وصول  ڪريو، ته جيئن سردار جي خدمت ۾ ٻن لکن جي رقم جلد کان جلد پيش ڪئي وڃي. رسد لاءِ اناج جون جنسون به گڏ ڪري پاڻ سان کڻي اچو.‘ ڳجهيءَ طرح انهن کي هدايت ڪيائين ته فلاڻي هنڌ فلاڻي وڻ جي هيٺان تيز رفتار گهوڙا تيار ڪري بيهجو.

رات ٿي، پهريدار سمهي رهيا. مير پنهنجي هنڌ تي پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي سمهاريو؛ ۽ پاڻ، پهريدار جو ويس پائي، تنبوءَ مان نڪتو. گهوڙي تي سوار ٿيڻ کان پوءِ، کيس پڪڙڻ محال هو. اهڙيءَ ريت مدد جي چالبازي بيڪار ٿي ويئي؛ ۽ ميرن مان جيڪو سردار مدد خان جي برخلاف لڙڻ ۾ پس پيش ڪرڻ وارو هو، اهو به، مدد خان جي ظلم ۽ واعدي خلافيءَ جو تلخ تجربو ڪري، پنهنجيءَ راءِ کان دستبردار ٿي ويو.

مدد خان جي واپسي. مدد خان، فتح خان جي ڀڄي نڪرڻ جو احوال ٻڌي، چوطرف سوار ڊوڙايا، مگر هو هٿ نه آيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ معلوم ٿيو ته هو پنهنجن ڀائرن وٽ پهچي ويوآهي. هاڻ مدد خان کي يقين ٿي ويو ته ميرن طرفان اڳرائي ڪرڻ ۾ ڪابه دير نه ٿيندي؛ انهيءَ ڪري هو روهڙي مان روانو ٿي اُٻاوڙي پهچي ويو ۽ مير عبدالله خان کي خط لکيائين، يا ”فريئرنامي“ جي بيان مطابق- وڪيل ذريعي پيغام روانو ڪيائين ته ’فتح خان اوهان جي خدمت ۾ منهنجون تمام گهڻيون شڪايتون ڪيون هونديون، مگر انهن کي درست نه ڄاڻجو. هو منهنجي اصلي مقصد کي سمجهي نه سگهيو. مان اوهان جي ملاقات جو خواهان هوس، ۽ چاهيم ٿي ته عبدالنبيءَ کي خود اوهان جي حوالي ڪريان. هينئر به منهنجي اها ئي آرزو آهي. اوهين منهنجيءَ ڳالهه کي مڃو، ته جيڪر اختلاف ختم ٿي وڃي. اوهان جي شڪ شبهي دور ڪرڻ لاءِ، قرآن مجيد موڪلي رهيو آهيان. موجوده خرخسو ۽ فساد مٽجي وڃي، ته مان بادشاهه جي اڳيان سرخرو ٿيندس‘.

مير وٽ جڏهين هيءُ پيغام پهتو، تڏهن جواب ڏنائين ته ’مون کي جيڪي ڪجهه چوڻو هو، سو چئي چڪو آهيان. ساڳيءَ ڳالهه کي ورجائڻ اجايو آهي. سردارن کي گهٽ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جوانمردن جو شيوو آهي ته هو جو ڪجهه چوندا آهن، انهيءَ تي قائم رهندا آهن. جيڪڏهن مون کي بادشاهه جو لحاظ نه هجي ها، ته مان پاڻ اچي سمورا معاملا درست ڪري ڇڏيان ها‘.

اهو چوندي، ساٿين کي حڪم ڏنائين ته ’تيار ٿي وڃو؛ ۽ مدد خان جي وڪيل کي هيءُ جواب ڏيئي رخصت ڪريو ته ”خبردار ٿيءُ، اسين اچي رهيا آهيون. جيڪڏهن توکي اسان جو اشتياق آهي، ته انتظار ڪر.“ [1] ”فريئرنامي“ جو بيان آهي ته عبدالله مدد خان جي موڪليل وڪيل جي بيعزتي ڪئي، کين لشڪر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ اهو به چيائين ته ’فريب ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ نڪي خدا کي پسند آهي، نڪي رسول پاڪ کي؛ جيڪڏهن بادشاهه جي ادب جو لحاظ نه هجي ها، ته اوهان جو اهڙو علاج ڪريان ها، جو ساري عمر ياد رکو ها‘. وڪيل جڏهن روانا ٿي ويا، تڏهن مير فتح علي خان کي چيائين ته ’ادب جو لحاظ گهڻوئي ڪيوسين، هاڻ جنگ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي.‘ [2]

عبدالنبيءَ جو صلح ڪرڻ.مدد خان، عبدالنبيءَ کي به حالت تي ڇڏي روانو ٿي ويو. مير عظيم الدين بلڪل درست لکيو آهي ته ’بدنيت کي هميشہ بڇڙائيءَ سان ئي واسطو پوي ٿو؛ نه ڌاريو! انهيءَ جي ڪم اچي ٿو، نه وري پنهنجو. جيڪڏهن انسان اعليٰ اخلاقن سان سنيگاريل آهي، ته يوسف وانگر انهيءَ جو کوهه ۾ ڪرڻ به عزت جو باعث بنجي وڃي ٿو‘.

”فريئرنامي“ ۾ لکلي آهي ته مدد خان جو هن مير عبدالله جو پيغام ٻڌو، ته انهيءَ ئي ڏينهن درياءُ اُڪري افغانستان ڏانهن روانو ٿي ويو:

آن بوم شوم هر جا ڪہ سايہ انداز شد از شومي

خود آن بوم را پر از زقوم گردانيد- عبدالنبي

رابي يارو مددگار گزاشت بلڪہ ند بيمانش راپا،

بہ زنجير ڪرده بہ همراه خود برد- مدد خان خوب

مدد گاريء آن بي مددگار نمود عبدالنبي ازين

بازيءَ روزگار عذار در ورطہءَ حيرت فرو رفت. [3]

هن منحوس چٻري جو پاڇو جنهن به هنڌ تي پيو، اتي نحوست کان زمين دوزخ جي برابر بنجي ويئي (ويران ٿي ويئي.) هن عبدالنبيءَ کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو؛ بلڪ هن جي ساٿين کي پيرن ۾ ٻيڙيون پارائي، پاڻ سان وٺي ويو. مدد خان هن بي يار و مددگار جي چڱي مدد ڪئي. عذار عبدالنبي، زماني جي چڪر سببان، حيرت جي ڪُن ۾ ٻڏي ويو.‘

جڏهن هو بي يارو مددگار رهجي ويو، تڏهن هڪ طرف نواب بهاول خان، والي رياست بهاولپور، کي عرض ڪيائين ته اسان جو صلح ڪرايو؛ ۽ ٻئي طرف باگي فقير کي مير ڏانهن روانو ڪيائين. بهاول خان، پنهنجي ڀا5 سردار خان ۽ هڪ عزيز فضل علي خان کي مير ڏانهن روانو ڪيو. مير فتح خان به صلح جو وسيلو بنجي ويو. آخرڪار عبدالنبيءَ هڪ قرآن شريف تي چٽيءَ طرح لکي ڏنو ته ’جيڪڏهن آءٌ مير سان دغا ڪريان، ته خدا مون کي ٻنهي جهانن ۾ نامراد رکي.‘

مير قرآن شريف ڏسندي ئي، چُمي کڻي مٿي تي رکيو؛ ۽ مير فتح علي خان کي چيو: ”آءٌ هن انجام تي قائم ٿي ويس؛ پنهنجي ڏاڍي، پيءُ ۽ چاچي جي پيروي ڪندس، ۽ سندن ئي نقش قدم تي هلندي هن فاني جهان مان سفر سڌاريندس. منهنجا ٻچا- بهرام خان ۽ غلام حسين- يتيم رهجي ويندا، اهي تنهنجي حوالي ڪريان ٿو، ۽ خدا کي سونپيان ٿو.‘ ائين چوندي ئي، عبدالنبيءَ جي خيمه گاهه ڏانهن هليو ويو. عبدالنبيءَ سندس عزت ۽ تعظيم ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. ٻئي ڏينهن پاڻ به مير جي تنبوءَ ۾آيو ۽ معافي وغيره ورتائين. اهڙيءَ طرح، ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿي ويو.مير عبدالله خان انتظام سنڀاليو، ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا خدا آباد هليا ويا. [4]

عبدالنبيءَ جو فريب. اهڙيءَ ريت، ملڪ ۾ ظاهري طرح نئين سر امن امان جي صورت پيدا ٿي ويئي؛ ليڪن عبدالنبيءَ جي دل ۾ اهي ئي وٽ پيچ اڳئين وانگر قائم رهيا، ۽ هو ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجي تباهي آڻيندڙ تدبيرن ۾ لڳو رهيو. هن جي ڪوشش هيءَ هئي ته مير کي سندس عزيزن کان الڳ ڪري کيس ماري ڇڏجي. ممڪن آهي ته مير جي دل ۾ به انهيءَ قسم جو انديشو موجود هجي. اهو ئي سبب آهي جو سندس فوج هر وقت ساڻس گڏ رهنديهئي. هن مدار المهاميءَ جو ڪم جاري رکيو. هڪ روايت مطابق انهيءَ حالت ۾ ڇهه مهينا گذڙي ويا.

مير ڪشت آنڪہ بي جرم اخوانِ خويش،

گسست آنڪہ گلهائ بستانِ خويش؛

(جنهن، سواءِ ڪنهن ڏوهه جي پنهنجا ڀائر ماري ڇڏيا ۽ پنهنجي باغ جي گلن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو؛)

نمود آنڪہ نامِ پدر بي نشان،

پسندد ڪجا نامِ نام آوران؟

(جنهن پنهنجي پيءُ جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو، اهو نامورن جي نالي کي ڪيئن پسند ڪري سگهي ٿو؛)

درين امر هر گز برو حرف نيست،

ڪشد از ڪجا آنڪہ در ظرف نيست؛

(هن باري ۾ هن تي ڪوبه اعتراض نه آهي: ٿانوَ مان اها شيءِ ڪيئن ڪڍبي، جا منجهس آهيئي ڪانه؛)

مگر مير بجار خدمت نمود،

چرا او در امرش عداوت نمود؟

(ڇا، مير بجار هن جي خدمت نه ڪئي هئي؟ پوءِ ان سان اهڙي عداوت ڇو؟)

ز بد جلوه گر جز بدي کي شود،

ضليل از ازل مهتدي کي شود؟

(بڇڙي کان بڇڙائيءَ کان سواءِ ڪجهه به ظاهر نٿو ٿئي؛ جيڪو ازل کان ئي گمراهه هجي، اهو هدايت ڪيئن حاصل ڪري؟)

جيئن ته مير عبدالله خان جو لشڪر ساڻس گڏ رهندو هو، انهيءَ ڪري عبدالنبيءَ کي پنهنجي مقصد پوري ڪرڻ جي ڪابه صورت نظر نه آئي- آخر هڪ رات جو، چالاڪيءَ سان، فقيرن جو ويس پائي، هڪ ٻن ماڻهن کي ساڻ وٺي، مير عبدالله خان جي رهائش واري جاءِ تي پهچي ويو ۽ وڃڻ سان ئي چيائين ته’مون کي ماري ڇڏ، وڻيئي ته قيد ڪر: جڏهن قرآن قسم کڻڻ کان پوءِ تو کي خاطري نه ٿي، تڏهن ٻي ڪهڙي صورت اختيار ڪريان- هاڻي آءٌ هٿين خالي تو وٽ هلي آيو آهيان، مون سان جيڪو سلوڪ مناسب سمجهين، سو ڪر. اوهين لڏي لشڪر سميت مون وٽ اچو ٿا، ته منهنجو روح فنا ٿي وڃي ٿو: مون کي ايندڙ موت جي خوف کان بچاءِ، ۽ هينئر ئي ماري ڇڏ‘.

عبدالله خان جو انجام. مير اهو ٻڌي نهايت پريشان ٿيو، ۽ خاطريءَ سان چوڻ لڳو ته ’جنهن ڏينهن اوهان قرآن مون وٽ موڪليو هو، ان ڏينهن کان آءٌ جان جي خوف کان آجو ٿي ويس: اوهين اطمينان ڪريو ته آءٌ آئيندي اڪيلو اوهان وٽ ايندس، ۽ سڀاڻي صبح سان ئي پنهنجي عزيزن ۽ لشڪر کي خداآباد (نئينءَ) روانو ڪري ڇڏيندس‘. اهڙيءَ طرح فتح علي خان، غلام علي خان، سهراب خان، الهيار خان، ٺاري خان ۽ ٻين سڀني ننڍن وڏن کي روانو ڪري ڇڏيائين؛ فقط مير فتح خان ۽ مرزي فقير کي ڪجهه بلوچ سردارن سان گڏ پاڻ وٽ رهايائين. ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به عبدالنبيءَ وٽ وڃڻ جي ضرورت پيئي ٿي، ته مير عبدالله خان هڪ ٻن ماڻهن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي به پاڻ سان نه نيندو هو.

عبدالله خان ۽ فتح خان جي گرفتاري. اهڙيءَ ريت، جڏهن عبدالنبيءَ کي پنهنجي مقصد پوري ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن هن هڪ ڏينهن پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته هٿياربند ٿي مون وٽ پهچي وڃو. جڏهن مير عبدالله خان ۽ فتح خان درٻار ۾ آيا، تڏهن عبدالنبي پنهنجن ماڻهن کي ضروري هدايتون ڏيئي، پاڻ ٻئي هنڌ هليو ويو. اهي ماڻهو جڏهن مير عبدالله خان ۽ فتح خان وٽ پهتا، تڏهن کين چيائون ته ميان جي حڪم سان پنهنجا هٿيار اسان جي حوالي ڪريو. مير عبدالله خان اهو ٻڌندي ئي هڪدم تلوار تي هٿ رکيو. فتح خان چيو، ’معلوم ٿئي ٿو ته ميان اسان جو امتحان وٺڻ ٿو چاهي‘. مير عبدالله چيو ته، ’مان هن امتحان جي حقيقت کي ڄاڻان ٿو، ۽ تو کي به جلدئي اها حقيقت معلوم ٿي ويندي؛ ليڪن آءٌ قرآن تي قسم کڻي چڪو آهيان، ۽ اسان کي مظلوم ٿي مرڻو پوندو!. پوءِ هڪدم تلوار مياڻ مان ڪڍي حوالي ڪيائين. ميان فتح خان به پنهنجي تلوار پيش ڪئي. هٿيارن وٺندي ئي ٻنهي کي جيل ۾ وڌو ويو.

ميرن ۽ بلوچن جو قتل. عبدالله خان ۽ فتح خان کي قيد ڪرڻ سان گڏ، عبدالنبيءَ جا سپاهي ميرن جي تنبن ڏانهن ڪاهي ويا، جتي قريباً هڪ سؤ بلوچ موجود هئا. انهن ۾ مرزو فقير به هو، جو طبيعت جي ناسازيءَ سبب ليٽيو پيو هو. اڪثر ماڻهو کاڌي رڌڻ ۾ مصروف هئا. اوچتو مٿن گوليون وسڻ لڳيون. ڪيترا ماڻهو انهيءَ حالت ۾ مارجي ويا؛ باقي بلوچن مضبوطيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ٻن سَون ماڻهن کي ماري پاڻ به رباني رستو ورتائون.

مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان، قيد ٿيندي ئي، قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪري ڏني:

بياورد جلاد نا گاه تيغ،

بزد بر سرِ نوجوان هي دريغ.

(اوچتو جلاد تلوار کڻي آيو، ۽ بنا ڪنهن قياس جي نوجوان (عبدالله خان) جي گردن تي هنئي.)

چون مصحف بہ آن ضربش از ڪف فناد،

سرش هم بہ پهلوي مصحف فناد؛

(ڌڪ لڳڻ سان مصحف مبارڪ هٿن مان ڇُٽي ويو، ۽ سِسي به وڃي مصحف مبارڪ جي پاسي ۾ ڪِري؛)

بہ پيشآني مصحف از خونِ مير،

مصور شده ڪلمہءَ ’يا قدير‘؛

(مصحف مبارڪ جي پيشانيءَ تي، مير عبدالله خان جي رت  سان، ’يا قدير‘ جو ڪلمو نقش ٿي ويو؛)

ساڳيءَ ريت مير فتح خان جو سر قلم ٿي ويو [5]. عبدالنبي مير بجار کي قتل ڪرائي در بدر ٿيو هو ۽ سنڌ تي ناحق مصيبتون آنديون هئائين؛ هينئر وري پنهنجي محسن جي بيگناهه خون سان پنهنجي بدنصيبيءَ جي چٺي تي نئين مهر هڻي ڇڏيائين.

عظيم ٺٽويء جو قطعهء تاريخ. مير عظيم الدين ٺٽويءَ مير عبدالله خان، مير فتح خان ۽ مرزي فقير جي شهادت تي هيٺيون قطعو لکيو: [6]

باز آثار است در ارڪانِ عالم زلزلہ،

باز آثارِ، قيامت در جهان آمد پديد.

مير عبدالله بن بجار بن بهرام شير،

هي بہ تيغ خدع بر ميراثِ آبا شد شهيد.

از سر صدق و صفا آن سر گروهِ سرووان،

ڪرد سر را با دو سر قربانِ قرآن مجيد.

آن دوسر، يعني دو سرور، فتح خان و ميرز است،

هر دو ميرِ نامدار و هر دو پيرِ رو سفيد.

نوجواني هاي عبدالله دل را پاڪ سوخت،

ماجرايش هر ڪہ بشنيد از جگر آهي ڪشيد.

آن هزبر جنگ ڪاندر رزم گاهش هر زمان،

روح رستم مدح خوانِ دست و تيغش مي رسيد.

ديده ام حالات عالم در تواريخِ سلف،

هم ز اخبارِ قديم و هم ز آثارِ جديد.

اين شهادت هاي موروثي ڪہ اينجا واقع است،

از ڪجا جز خاندانِ مرتضيٰ جاي شنيد.

اين ستم ها کين زمان از ظالمان در سند شد،

جزبہ دشت ڪربلا چشمِ فلڪ هر گز نديد.

هاتفم سالِ شهادت گفت نالان صبح گاه،

واي واويلا، ”شهيد ابن الشهيد ابن الشهيد!“ (1196هه)

بر شهيدان باد رحمت از خداوندِ عظيم،

در بهشت از بهرِ شان هر روز بادا روزِ عيد. [7]

باب ويهون

هالاڻيءَ جي جنگ

ٽالپرن جو انتقامي جوش. مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان جي مظلوم ٿي مرڻ جي خبر جڏهن خداآباد پهتي ته محشر مچي ويو. مير فتح علي خان ته ايترو جوش ۾ ڀرجي ويو جو ڪنهن به مصلحت ۽ تدبير ويچارڻ بنا، چوڻ لڳو ته هينئر جو هينئر حملو ڪري ڏجي. مير سهراب خان جو رايو هو ته پهرين ٻارن ٻچن کي ڪنهن مناسب هنڌ پهچائڻ جو بندوبست ڪجي، تنهان پوءِ سانهه ستيءَ سان بدلي وٺڻ جي صلاح سوچجي. مير فتح علي خان چيو، ’سائين، اوهان کي جيئن وڻي تيئن ڪريو، مون کي ڇڏيو ڏي: منهنجو پير اصل پَٽ تي نٿو ٽڪي، ۽ دل پاري وارا بُلَ پيئي ڏئيم!‘ سهراب جواب ڏنو ته ’ڀائو، حالت اسان سڀني جي اها ئي آهي، دشمن کان وير وٺڻ بنا آنّ پاڻي حرام اٿئون، پر جيڪڏهن پٺيان راجپوت چڙهائي ڪري آيا، ته سوچيو ته ڇا ٿيندو! سياڻپ جو ڪم اهو آهي ته انسان سڀني پاسين ڌيان رکي. مير عبدالله خان جي يتيمن ۽ ٻئي سموري عيال کي دين ڳڙهه ٿانئيڪو ڪري، پوءِ پاڻ کي لڙائيءَ لاءِ نڪرڻ کپي.‘

مير سهراب جي تجويز. آخر ٽالپرن پنهنجا ٻار ٻچا ۽ ضروري سامان سڙو دين ڳڙهه پهتو ڪيو، ۽ پوءِ شهيدن جي خون جي بدلي وٺن لاءِ اُسهيا. ڪُل ڇهه هزار بلوچ هئا؛ سردارن مان مير فتح علي خان ۽ سهراب خان کان سواءِ غلام علي خان، ٺاري خان، باگي خان ۽ الهه يار خان جو ذڪر آيل آهي. مير سهراب خان کي عين آخري وقت اِهو احساس ٿيو ته لشڪر گهٽ آهي. هونئن به ڇهه هزار بلوچ عبدالنبيءَ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪونه هئا. هو ان کان تمام گهڻو لشڪر ميدان ۾ آڻي ٿي سگهيو؛ ۽ هو  ڇاڪاڻ ته ملڪ جو والي هو، تنهنڪري وٽس ساز سامان به وڌيڪ هو.

صلاح مصلحت کان پوءِ، مير سهراب کي اجازت ڏني وئي ته هو لشڪر ميڙڻ لاءِ دنگي ڏانهن وڃي، جتي بلوچن جي بستي هئي. تجويز اها هئي ته مير سهراب اتان نندي خان ۽ ٻين سردارن جو ڪٽڪ مدد طور وٺي اچي. انهيءَ انتظام لاءِ هفتي کن جو دير پوڻ جو امڪان هو. مير فتح خان جواب ڏنو:

مرا تڪيہ بر عونِ يزدان بس است،

مددگارِ من شاهِ مردان بس است.

(منهنجو ڀروسو خدا جي مدد تي آهي؛ منهنجي مدد لاءِ ’شاهه مردان‘ ڪافي آهي.)

”درين امر دادم ترا اخيتيار،

صلاحي ڪہ نيڪ آيدت پيش آر.“

(هن باري ۾ اوهين مختيار آهيو؛ جيئن چڱو سمجهو، تيئن ڪريو.)

مير سهراب آخر انهيءَ ئي ڏينهن دنگي ڏانهن روانو ٿي ويو. مير فتح علي خان مددي لشڪر جي انتظار بنان ئي دشمن جو رخ ڪيو، ۽ دين ڳڙهه کان اُٻاوڙي ٿيندو، ميرپور پهچي ويو [8].

پهرين لڙائي. ميان عبدالنبيءَ مير عبدالله خان جي قتل کانپوءِ ڌڱاڻي جتوئيءَ کي مختيار بنايو هو، ۽ کيس لاکاوت جي جاگير ڏني هئائين، جنهن جي آمدني ٽن- چئن لکن کان گهٽ نه هئي. [9] ڌڱاڻو، الهه بخش جهنجڻ جي پٽ غلام حسن ۽ پيروز ڪليريءَ کي وٺي، مقابلي لاءِ آيو. ساڻس ڏهه هزار فوج هئي. ميان عبدالنبيءَ ٽنهي سردارن- ڌڱاڻي، غلام حسين ۽ پيروز- کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته فتح علي خان وٽ هڪ هزار کان به گهٽ ماڻهو آهن، ۽ سهراب دنگي طرف ويل آهي، تنهنڪري فتح علي خان کي ختم ڪرڻ جو هن کان بهتر موقعو ڪوبه نٿو ٿي سگهي. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان عبدالنبيءَ جي جاسوسن جيڪي اطلاع آندا هئا، تن مطابق مير فتح خان جي لشڪر ۾ ان وقت ستن سون کان وڌيڪ ماڻهو ڪونه هئا [10] ”فريئرنامي“ لکيو آهي: ”گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار“ [11].

ڌڱاڻي وٽ توبون به هيون. تنبن ۽ شاميانن سان گڏ، هن باقاعدي بورچيخاني ۽ سامان ۽ هٿيارن وغيره رکڻ جو انتظام به ڪيو هو [12]. مير فتح علي خان وٽ فوج جيتوڻيڪ تمام گهٽ هئي، پر هن مير سهراب خان جي انتظار ڪرڻ بنا ئي، خدا جي مدد جي ڀروسي تي، حملو ڪري ڏنو ۽ ميان عبدالنبيءَ جي فوج گهڻي تعداد جي باوجود هار کائي ڀڳي. منجهن اهڙو ٽاڪوڙو پيو جو ڌڱاڻي جتوئي کي غلام حسن جهنجڻ جي خبر ڪانه هئي، ته پيروز ڪليري وري انهن ٻنهي کان ٽُٽي ٻئي پاسي نڪري ويو [13].

”فريئر نامي“ جو پيش ڪيل نقشو. ”فريئرنامي“ جنگ جو نقشو هن ريت پيش ڪيو آهي ته:

مير فتح علي خان دشمن جي ويجهو پهتو ته حڪم ڏنائين ته زور سان نغارو وڄايو. فتح جي انهيءَ نغارو جو آواز جڏهن دشمن جي ڪنن تي پيو، ته سردار هڪٻئي کي چوڻ لڳا ته ’هيءُ آواز ڪهڙو؟ مير فتح علي خان کي ته ايڏي طاقت ڪانهي جو ست سوُ ماڻهن سان اسان تي هلان ڪري: پَڪَ اسان جي آقا وڌيڪ مدد موڪلي آهي!‘ اهي ڳالهيون پئي ٿيون ته ايتري ۾ جاچوس خبر آندي ته اهو مير فتح علي خان اچي سهڙيو آهي. هنن به پنهنجون صفون درست ڪيون ۽ مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا. ايتري ۾ مير فتح علي خان جي لشڪر جا جهنڊا ڏسڻ ۾ آيا. توبن ۽ بندوقن جي جنگ سان ابتدا ٿي. آخرڪار بلوچ تلوارون ڪڍي اچي دشمن تي ڪڙڪيا. مري قوم وارن ڏاڍي بهادري ڏيکاري، پر دشمنن آخر شڪست کاڌي، ۽ مقابلي بدران ڀڄي جان بچائڻ بهتر ڄاتائون. ٽئي ڏينهن ميان جا ٽيئي سردار، رُلي ۽ پريشان ٿي، پنهنجي آقا (عبدالنبي) وٽ واپس پهتا [14].


[1] . ”فتحنامو“، ص 179-186؛ مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“ جلد 2 ص 189-191، ۽ ”فريئرنامو“، ص 69-73. ”فريئرنامي“ لکيو آهي ته مدد خان کي جڏهن فتح خان جي بچي نڪرڻ جي خبر ملي، تڏهن اهڙي حالت ٿيس جو ڄڻ ته ڪنهن سندس اندر ۾ باهه ٻاري ڇڏي هجي.

[2] . ”فريئرنامو“، ص 73.

[3] . ”فريئرنامو“، ص 74.

[4] . ”فريئرنامو“، ص 74-76؛ ۽ ”فتحنامو“، ص 176-190. مير عبدالله جا اهي لفظ ته ’منهنجا ٻچا يتيم رهجي ويندا‘، ظاهريءَ درح درست معلوم نٿا ٿين. اغلب آهي ته قرآن شريف تي لکيل قسم نامو جڏهن ميرکي پهتو، تڏهن مير پنهنجي ساٿين سان شورو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪن چيو هجي ته عبدالنبيءَ تي اعتماد ڪري نٿو سگهجي، ۽ انهيءَ تي مير چيو هجي ته هاڻ هن قسم نامي کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ انجام کي خدا جي حوالي ڇڏڻ گهرجي؛ مان مارجي ويس، ته منهنجي ٻچن کي سنڀالجو.‘

[5] . ”فتحنامو“ ص 188-190؛ مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“، جلد 2، ص 191-193؛ ”فريئرنامو“، ص 76-79.

[6] . ”جواهر عباسيه“ ۾ لکيل آهي ته عبدالنبيءَ مظفر حبشي، لطف الله، شڪر الله ۽ اوڍي دربان کي قيدين جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيو هو. مير عبدالله خان ڏينهن جو قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هو، ۽ رات جو ٽي سؤ رڪعتون نماز پڙهندو هو. فتح خان به وڏو عابد ۽ زاهد ماڻهو هو، ۽ هينئر اڳي کان به وڌيڪ عبادت ۾ مشعول رهندو هو. عبدالنبيءَ هڪڙيءَ رات کين قتل ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. مير عبدالله خان سجدي ۾ هو ته سندس سر قلم ڪيو ويو. مير فتح کان رڙيون نڪري ويون؛ پر هو قتل ٿيڻ کان بچي نه سگهيو، ۽ صبر سان گذاري ويو- (ص252-253).

[7] . مير عظيم ٺٽويءَ جي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ واري قلمي ”ديوان عظيم“تان ورتل.

[8] . ”فتح نامو“، ص 197-202؛ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ”سنڌ جي تاريخ“، ج 2، ص 193-194.

[9] . ”جواهر عباسيه“، ص 225.

[10] . ”فتحنامو“، ص 204. انهيءَ ئي ڪتاب ۾ صفحي 201 تي ڄاڻايل آيه ته مير وٽ ڇهه هزار بلوچ هئا:

همي بود با مير ذوالاقتدار،

ز بلوچ حاضر همہ شش هزار.

”فريئرنامي“ به لشڪر جو تعداد ڇهه هزار ڄاڻايو آهي (ص 82). ”جواهر عباسيه“ ۾ آهي ته مير وٽ فقط پنج سؤ سوار هئا (ص 256). آءٌ اها ڳجهارت ڪانه سَلي سگهيس ته جڏهن ڇهه هزار ماڻهو موجود هئا ته پوءِ ميدان ۾ ڇڙا ست سوُ ڪيئن وڃي رهيا؟ هي حقيقت به واضح ڪري ڇڏڻ گهرجي ته مرزا قليچ بيگ صرف هڪري لڙائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ”فتحنامي“ ۽ ”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته ٻه لڙايون ٿيون. ”فريئرنامي“ به ٻن لڙاين جوئي ذڪر ڪيو آهي. اهو ئي ترجيح جوڳو آهي.

[11] . ”فريئرنامو“، ص 83.

[12] . ”جواهر عباسيه“، ص 256.

[13] . ”فتحنامو“، ص 204-210.

[14] . ”فريئرنامو“، ص 85 ۽ 86 هيءَ واضح ڳالهه ظاهر آهي ته بلوچن کي تلوار جي لڙائيءَ ۾ وڏو ڪمال حاصل هو. انهن هر هنڌ انهيءَ ڪمال سان فتح حاصل ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org