هنر
’هنر‘ فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: فَنَّ، ڪاريگري.
ڪاريگر جو ڪيل ڪم، تڏهن ظاهر ٿيندو، جڏهن ڪري
ڏيکاري. مثلاً پٿر، ڪاٺ ۽ مِٽي، جڏهن اصلوڪيءَ
حالت ۾ آهن، تڏهن انهن ئي نالن سان سڏجن ٿا، پر
جيڪڏهن ڪاريگر انهن شين کي پنهنجي اٽڪل ۽ استاديءَ
سان ڪا موزون شڪل ڏئي ته اهو سندس ’هنر‘ چئبو. بلڪ
ان مان ٻيءَ بڻايل موزون حالت جو نالو آهي. جئن
’پٿر‘ مان تراشيل شڪل آهر ’بُت‘، ’روهِي‘، ’روهڙو‘
وغيره، ’ڪاٺ‘ مان ’ڏوئي‘، ’گهڙامنجي‘، ’صندل‘
وغيره، ۽ مٽيءَ مان ’مَٽ‘، ’ڪُنو‘، ’دلو‘ وغيره
نالا ڏيئي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح شاعر ۽ سگهڙ به
لفظن، جملن ۽ بيتن ۾ ڪا رمز رچي، ’هنر‘ جي معنيٰ
رکندا آهن.
(الف) هنر جي بيتن جو گهاڙيٽو (لفظ، جملا ۽ بيت)
لفظ: ريوڙي، سُرهاڻيون، مَڪائي ۽ يَڪتارو.
’ريوڙي‘ کائڻ جي شيءِ آهي، لڪن ’هنر‘ ۾ معنيٰ ٿيندي: ريوڙي = ري
= سواءِ، بغير + وڙي = قربي، وَڙَ واري. وڙ = قرب،
لائق. تنهنڪري ’ريوڙي‘ معنيٰ ٿيندي: ري وڙي، بي
وڙي، بي قُربي.
’سرهاڻيون‘ ظاهر معنيٰ خوشبودار شيون، ليڪن هنر ۾ معنيٰ ٿيندي
سُرهاڻيون =۔ سُر = آواز + هاڻيون = واريون.
تنهنڪري معنيٰ ٿيندي: سُرَ واريون، ڳائِڻُيون، سُر
جَهلائڻ واريون.
’مڪائي‘ اناج جو قسم آهي، جنهن کي ’ڀُٺِي‘ به چون، ليڪن هنر ۾
معنيٰ ٿيندي: مڪائي = مَ = نه + ڪائي = ڪابه. ڪابه
نه.
’يڪتارو‘ ساز جو قسم آهي، ليڪن هنر ۾: يڪتارو = يَڪ = هيڪ +
تارو. هڪ تاري يا اکِ وارو. اشارو ’راڻي‘ ڏانهن.
مٿين مثالن مان ظاهر ٿيو ته لفظ جي اصل معنيٰ ڇڏي ٻي ورتل آهي،
جا ئي ’هنر‘ جي معنيٰ چئبي. ٻيو اهو به ظاهر ٿيو
ته لفظ سڌا سنوان ڀَڄي پيا ۽ ڪنهن به وڌيڪ حرف جي
گَڏ گَڏاءَ بغير پوري معنيٰ رکن ٿا.
جملو 1- ساڙيهه ڏي سومرا
2- مارئي کائي ماڳ تي
3- منهنجو حال ٻروچ کي
4- واري سُرڪ پين ها
1- ’ساڙيهه ڏي سومرا‘، ظاهري معنيٰ: اي سومرا، اسان وطن ڏي (سُر
عمر مارئي). ليڪن هنر ۾ معنيٰ ٿيندي: ساڙيهه ڏي =
ساڙِي + هڏي. مارئي ٿي عمر کي چوي ته ”اي سومرا،
تو منهنجي هڏي هڏي ساڙي ڇڏي آهي.“
ساڳين لفظن ۾ ڀَڃِي، ٻيا نوان لفظ ٺاهيا ويا آهن، جن مان ’هنر‘
جي معنيٰ نڪري ٿي.
2- ’مارئي کائي ماڳ تي.‘ ظاهري معنيٰ ته: مارئي پنهنجي ماڳ مڪان
تي وڃي کائي پيئي. هنر ۾: مارئي کائي ماڳ تي = مار
= نانگ + ئي + ماڳ = مڪان، هنڌ، جاءِ. مارئي پاڻ
کي پِٽي چوي ٿي ته: ”شل، نانگ کائي وڃي ها ته جئن
اُتان يعني پنهنجي ماڳ تان هِت عمر وٽ نه اچان ها.
3- ’منهنجو حال ٻروچ کي‘. سسئي چوي ته: ”منهنجو حال، پنهل ٻروچ
کي معلوم آهي، ليڪن هنر ۾ معنيٰ ٿيندي: منهنجو حال
ٻروچ کي = حال = هاڻي، هينئر. ٻروچ کي = ٻَرو =
تَپُ + چکي. منهنجو تَپُ به نه چکيندو.“ مارئي عمر
کي چوي ٿي ته، ”جيڪي طعام ڏين ٿو، تن کي منهنجو
ٻرو به نه چکيندو.“
ساڳين لفظن کي هڪٻئي سان گڏي، نئين معنيٰ ورتل آهي ۽ ڪوبه وڌيڪ
لفظ وڌل نه آهي.
4- ’واري سرڪ پن ها‘. جي ظاهري معنيٰ آهي ته وري پاڻيءَ جي چڪي
پين ها. ليڪن هنر جي معنيٰ ۾ هن طرح سِٽا بيهندي:
واري سرڪ پين ها = واري = ورائي، وري + سِر =
سِسِي + ڪَپين = ڪپين، وڍين. ورائي سِرُ ڪَپين ها.
مومل ٿي راڻي کي چوي ته ”اي راڻا، جيڪڏهن مون سان ٻيو ڪو گڏ ستل
ڏٺو هوءِ ته هڪدم سر ڪپي ڇڏين ها.
ساڳين ئي لفظن مان نوان لفظ ٺاهي، هنر جي معنيٰ ورتل آهي.
بيت
هنر جي ڪن بيتن مان هڪ هڪ مصرع ڏجي ٿي.
1- مارُن سان وهان، ڪڏهن ڪنديس ڪينڪي
2- گَڏهيون گَڏهيون تون چوين، تو وَڙ کانچ امير
3- ٻڪريون تنهنجو سومرا، اوڳارين اِهي
4- ساري سڀ ڄمار، مّجني پيچ پيو
1- ظاهري معنيٰ: مارئي چوي ته ”پنهنجي مارن (مائٽن) سان ڪڏهن به
وهانءُ (شادي) نه ڪنديس.“ حالانڪ مارئي، ائين
چوندي ڪانه. هنر ۾ معنيٰ ٿيندي: مارن = مارن
موچڙن. مارئي چوي ته ”اي عمر مارن موچڙن سان
وهانءُ ته ڪونه ٿيندو آهي. سيڱ آهن سيهندي جا.“
2- ظاهري معنيٰ: ”گڏهيون گڏهيون چوڻ“ =نازيبا الفاظ ڳالهائڻ،
بدشد ڳالهائڻ. مارئي، عمر کي چوي ٿي ته ”اي عمر،
تون مونکي هيون گڏهيون چوين ٿو. اي امير، اهو ته
خراب ماڻهن جو وڙ آهي. عمر بادشاهه هو، تنهنڪري
شايانِ شان الفاظ استعال ڪندو. ڪڏهن به گنده دَهني
نه ڪندو. پَرائي ڄائي، جا هن جي قبضي ۾ آئي، تنهن
کي اهڙا گٿا لفظ ڪيئن چوندو؟ تنهنڪري ’هنر‘ جي
معنيٰ هن ريت بيهندي: گڏهيون گڏهيون = گڏ = مِلاءِ
+ هِيون = دل. گڏ هيون گڏ هيون = هيون، هنيون سان
گڏ، دِلِ، دِلِ سان ملاءِ يعني پيار ڪر. ”اي عمر!
تون چوين ٿو ته پيار ڪر، ليڪن اوپري عورت کي ائين
چوڻ، تو امير جو وڙ نه آهي. اهو کانچن ۽ خراب
ماڻهن جو وڙ آهي.
3- ظاهري معنيٰ: اي سومرا، تنهنجون ٻڪريون اوڳارين ٿيون. مارئي
اهڙيون دلبريءَ جون ڳالهيون ڪيئن ڪندي؟ هنر جي
معنيٰ ۾ الفاظ هيين بيهندا: ٻڪريون = ٻه + ڪريون،
ڪرَ، ڪٽنب. اوڳارين = او + ڳارين = جهورين = او،
جهورين. مارئي ٿي چوي ته ”اي عمر، تون چوين ٿو ته
هِتِ به پنهنجو ڪٽنب ٺاهه يعني شادي ڪر. هڪ ڪرُ
اُتي آهي، تنهنڪري هِتِ ٻيو ڪرُ ڪيئن ڪنديس؟ عمر،
تنهنجون اهي ڳالهيون، او، ڳارين ٿيون.
4- ظاهري معنيٰ: سڄي ڄمار مجني کي (عشق ـــ ليليٰ جو) پيچ پيل
هو. ’هنر‘ جي معنيٰ ۾: پيچ پيو = پي + چِپيو =
چيڀاتيو. مجنون سڄي عمر ليليٰ جي عشق ۾ پَئي چِپيو
۽ ڳريو.
مٿين مثالن مان صاف ظاهر آهي ته ’هنر‘ جي معنيٰ، لفظ، جملي يا
مصرع واري نه بلڪ ٻي آهي، جا ئي شاعر ۽ سگهڙ جي
اصل مدعا آهي. اهي معنائون ڪڏهن سڌيون سنيون، ڪڏهن
لفظن ڀڃڻ سا، ڪڏهن لفظن جي حرفن کي پاڻ ۾ ملائڻ
سان (جئن مٿي ڏيکاريل آهي)، ڪڏهن حروف علت (الف، و
۽ ي) گڏڻ يا ڪڍڻ سان، ته ڪڏهن حرفن جي جاين جي بدل
سدل سان (جئن هيٺ ڏيکاريو ويندو) نڪرنديون آهن.
1- ٽوپيون، پٽيون شال، ڏسان، توٻرا دلِن تي
2- ٻاجهري ميان سومرا، جوئر هٿ مَ لاءِ
3- سوئا، پالڪ تو کان وئي، ڄاتهءِ نٿي ڄاڻ
4- کيمون ڏِسي، کيتو چوي، موچاري ناهه
1- ’ٽوپيون‘ ۾ ’الف‘ اڳيان رکبو ته ٿيندو ’اٽوپيون’ = اَٽر
پِيون. اَتو سُرڪيون. مارئي پنهنجي غربت جو ذڪر
ڪري ٿي. جئن اَٽي ۾ پاڻي پوي ۽ پٽڙو ٿي پوي، تئن
پٽڙو ڀتُ سرڪيون توٻرا = تو + ٻرا = تپَ، توکي
تپَ. دلن = دلين. اي عمر، توکي دلين تي ٻرا ويٺل
آهن. يعني مون ڏانهن توکي تپَ چڙهيل آهن، جو نٿو
ڇڏين.
2- ٻاجهري = ٻاجهه = مهر + ري = سواءِ. جوئر = جوءِ + ور = وَرَ
واري. اي سومرا، منهنجي تو سان مهر ئي ڪانهي. تو
وَرَ واري عورت کي هٿ نه لاءِ.
3- سوئا ۽ پالڪَ وکر آهن. سوئا = سا، اها. پالڪ = پلڪ گهڙِي. سا
پلڪ تو کان هلي وئي. تو انهيءَ ڳالهه کي چڱيءَ
طرح نه سمجهيو. مومل راڻي جي قصي ڏانهن اشارو آهن.
مومل چويس ٿي ته ”اها گهڙي گذري گذري وَيهءِ، جو
ڏَسين ها ته ڪير گڏ ستل آهي.
4- ’کيمون‘ ۽ ’کيتو‘ ٻئي نالا آهن. ظاهري معنيٰ: کيمون ڏسي،
کيتو کي چوي ٿو. هنر ۾: کيمون = مونکي. کيتو =
توکي. موچاري = مو = مئو + چاري = خابرو، قاصد.
مارئي چوي ته ”جنهن خابرو مونکي ڏسي توکي ٻڌايو،
سو اڃا مئو ناهي؟
پهرئين مثال ۾ ’الف‘ ۽ ’ي‘، ٻئي ۾ ’و‘ حرف گڏيا ويا آهن. ٽئين ۾
’و‘ ۽ ’الف همزه‘ حذف ڪيا ويا آهن ۽ چوٿين ۾ لفظن
کي اڳي پوءِ ڪيو ويو آهي.
هنر جي ڪن بيتن ۾ وري لفظن جي اعرابن جي مٽ سٽ ۽ لفظن جي حرفن
کي ساڳئي اُچار واري حرف سان بدل سدل ڪرڻ سان اصل
مقصد کي پهچبو آهي.
1- صاحب خاتون، هي کاڄ منهنجي من نه وڻن
2- دِلا دَکيُون دُور ڪر، مان ڏسان تَسڙا
3- ڪُنا ڪر ڪينڪي، ڪرن ڪنن تي
1- هنر جي معنيٰ ۾: صاحب خاتون = صاحب + خا = کا ۔= تون = صاحب،
کاءُ تون. مارئي چوي ٿي ته ”اي عمر، اهي کاڄ مون
کي نٿا وڻن، تنهنڪري اي صاحب، تون کاءُ.“
2- دِلا = دَلا. دَکيون = دو + اکيون = ٻئي اکيون. تڙا = ته سڙا
= سڙان. اي دَلا، (ٻئي) اکيون پري ڪر، جئن ڏسان
ٿي، تئن سڙان ٿي.
3- ڪّنا = ڪِنا، خراب، بڇڙا. اي بڇڙا، بڇڙايون نه ڪر. اهي
ڳالهيون (شادي جون) منهنجي ڪن تي نه آڻ (سر
مارئي).
پهرئين مثال ۾ ’خ‘ ۽ ’ک‘، ساڳئي اچار واري حرف جي تبديل آندل
آهي. ٻئي ۽ ٽئين ۾ اعرابن جي مٽ سٽ ڪيل آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪچهريءَ ۾ اهڙا به ’هنر جا بيت‘ پيش ٿيندا آهن، جو
’غيب جي گِدُو چوي، خبر خاوند کي‘ جي مصداق گهڻو
منجهيل هوندا آهن. ڪٿان به سُرَ جو دَهو ئي نه
پوندو اهي ۽ نه وري مٿئين اصول آڻڻ سان به ڪو پرو
ئي پوندو آهي. سڄاڻ سپورنج آزمودي جي آڌار تي ۽
ڪجهه هنياءَ جي سڄائيءَ تي هڻي هنڌ ڪندا آهن. پر
وٽن اهو اصول پيش نظر هوندو آهي ته اصل لفظ جو
آواز، هنر واري نئين لفظ سان ٽهڪي اچي. مثلاً: 1-
سُٿڻَ ڀائي = سر ٿڻ ڀائي. اصلوڪن لفظن ”سٿڻ ڀائي“
۽ هنر وارن لفظن (سو ٿڻَ ڀائي“ جا اُچار قريب قريب
ساڳيا آهن.
2- بلاشڪ بادشاهه، اڳ نه ٻُڌيون. (امام بخش شر)
(= بي لائق، بادشاهه، اڳ نه ٻڌوسون.)
3- دريائن سان سومرا، ٻيڙيون نه ڪجن. (امام بخش شر)
(= دَرِ آين سان سومرا، ٻيون آڙيُون نه ڪجن.)
4- چِڙِي ڏير چڙهي ويا، آڙِي ڪنهن نه اُتوءِ. (اميد علي)
(چِڙِ ڏير چڙهي ويا، آءٌ ڙِي ڪنهن نه اُتوءِ.)
هنر جي بيتن ۾ به ائين ئي ٿيندو آهي. جيئن هيٺيون بيت، ته:
هجر تي يا قُبي کون، چريو ڀونئرن نِيو
دَستن دُغائي ڪئي، کوها هرَ وِڌو
ڪهون سوداگر آيو، وَنئري سان ڪاڍو
ته زال چوي اي مون ڏيو، ته سوَ نِمن جا ڏيان.
هنر جي معنيٰ هن طرح نڪرندي:
حضرت يعقوب کان چوري ڀائرن نِيو.
دوستن (ڀائرن) دَغا ئي ڪري کوهر (کوهه) ۾ وِڌو
ڪهان (ڪٿان) سوداگر آيو، ونئري (رسي) سان ڪڍيو
زليخا چوي اي مون ڏيو، ته سوَ انعامن جا ڏيان.
شاعر ۽ سگهڙ پنهنجي ڪلام کي پوشيدو رکڻ لاءِ، ڪن لفظن ۽ جاين تي
مام مڙهيندا آهن ته جئن ڳولا، سنئين لِڱين ڪچهريءَ
مان گوءِ کڻي نه اُٿن، بلڪ وِساڻل لڱن سان،
موڳائيءَ جي حالت ۾ ڪچهري برخواست ڪري اُٿن.
ڪچهريءَ جو دستور آهي ته جيڪڏهن ’هنر‘ يا لوڪ ادب
جي ڪابه صنف، ڪچهريءَ تي بيهي وئي، يعني ڳولا،
ڳولا ڪري نه سگهيا ته اها ڏيندڙ جي ’ساري‘ چئبي.
انهيءَ ڪري بيتن ٻڌڻ وقت اها ڪوشش ڪندا آهن ته هنر
جي معنيٰ پرڀري پيل هجي ته جئن ڀڃندڙ، ڌَڪن هڻڻ
سان ٻه پهرَ گهٽائي ڪِينَ. جن هنڌن يا لفظن ۾ لِڪَ
رکندا آهن، تن کي ’بند‘ چوندا آهن. بيتن ۾ بندن جو
تعداد مقرر نه هوندو آهي؛ ڀل ڪيترا به بند
بيهارين. البت ايترو ڏٺو ويو آهي ته وِيهن بندن
کان وڌيڪ بيت نظر نٿو اچي.
’بند‘ جي معنيٰ آهي: آڏَ، روڪ، ٻنو، ڇهي يا ڇاٻَ. جئن پاڻي روڪڻ
لاءِ ’بند‘ ڏبو آهي ته پاڻي پنهنجو زور ڀڃي وجهي،
تئن ڳولا به بيتن جي بند سان پنهنجو خيال
ٽڪرائيندا آهن. پوءِ ڪڏهن ڀڃن، ڪڏهن نه ڀڄن ’پوئين
بند‘ کي ’پڳ‘ جو بند چون. پڳ ٻڌندي پوئين وَرَ يا
پيچ کي ’پڳ‘ وارو پيچ چئبو آهي، جو ٺاهي ٺاهي
ٻڌندا آهن. انهيءَ ڪري هنر جي بتن ۾ به پڳ واري
بند يا پوئين بند کي خيال سان بيهاريندا آهن.
(ب) نموني طور ڪي بيت
(1)
مارن پاس ملير ۾، ميان مڪڙي
دل منهنجي سومرا، ميان مڪڙي
هري پيئي هِنئين ۾، ميان مڪڙي
آهي ملڪ ملير ۾، ميان مڪڙي
ميان مڪڙي، ڏسندي، ملڪ ملير ۾.
(1. مڪڙي = مَ = نه + ڪڙي = ڪوڙي، تلخ. مان مائٽن ۾ ڪَڙِي نه
آهيان. 2- مڪڙي = مَ = نه + ڪڙي = قابو ڪئي. ميان
عمر، تو اڃا تائين منهنجي دل قابو نه ڪئي آهي. 3-
مڪڙي = جَنڊَ جي مڪڙي. جنڊ جي مڪڙي وجهي، آڪيڙا
چاڙهي، اٽي پيهڻ ڏانهن اشارو. 4- مڪڙي کٻڙن جو
ڦَر. اسان جي ملڪ ۾ ته مَڪَ آهي، جا کائيندا
آهيون. 5- مڪڙي = مَ = نه + ڪڙِي = پير جو زيور.
ميان، ملير ۾ ڪنهن کي به پير ۾ ڪڙي نه ڏسندين، جو
هو ويچارا غريب آهن.)
مٿئين بيت ۾ ’مڪڙي‘ لفظ جا ’پنج بند‘ رکيل آهن، پر مختلف معنيٰ
سان. بيت جو بند بند ڀڳو ويو آهي. اهڙي قسم جي هنر
جي بيت کي، جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ’ساڳيو بند‘ آيل
هجي، ’چِيروون هنر جو بيت‘ چوندا آهن. جئن ڊکڻ
سنواريل ڪاٺ کي راڱا ڏيئي چيريندا آهن، ته هڪ
ڪريون پٽيون يا دوڳيون نڪرنديون آهن، تئن هن قسم
جي هنر جي بيت م به لفظ گويا چيرجي، هڪَ ڪرا ٿي
نڪرن ٿا.
هن قسم جي بيتن جي قافين ۾ صنعت تجنيس سمايل هوندي آهي.
(1)
فارسيءَ ۾ به اهڙا ڪيترائي هنر جا بيت ملن ٿا:
اي آنکه سراپا همه نمکي
بر برگ گل تازه چکيده نمکي
جز شِير زپِستان ملاحت نمکي
پيغمبرِ خوباني آ ما نمکي
*
(نمڪي = نمڪ وارو، لطف وارو. نمڪي = موتي وانگر . نمڪي = چوسڻ.
نمڪي = نه مڪي يعني مڪي معظم جو نه، معنيٰ او
دلبر! تون لطف ۽ نمڪ سان ڀرپور آهين. جئن ماڪ جي
بوند، گلاب جي گل جي پنکڙِيءَ تي موتي ٺهي بيهندي
آهي، تئن تون به جلوو ڪڍيو بيٺو آهين، او دلبر!
تون سراپا لطف آهين. تو ملاحت مان کير پيتو آهي؛
تون حسينن جو پيغمبر آهين، پر نه مڪي معظم جو، ڇا
لاءِ ته اهو محمد صلعم آهي.)
مٿئين بيت ۾ ساڳيو بندُ هر مصرع جي پويان آيو آهي. پر ڪي اهڙا
بيت به ملن ٿا، جن جي مصرعن ۾ ساڳيو بند ٻه ٽي
ڀيرا ايندو رهي ٿو.
مثال 1- جتن ڪج جتن جو، آئيا ڪِ ايندا. (شاه)
(’جتن‘ ٻه ڀيرا ڪم آيو آهي، ليڪن مختلف معنيٰ سان. جتن =
خبرداري، ڊپ، احتياط. جتن = جتَ. اشارو پنهون جي
ڀائرن ڏانهن جي ڪيچ کان اچڻ وارا هئا.)
مثال 2. وَرَ چاڙهيون وَرَ ڪاڻ، وَرَ لئي چڙهي. (حمل)
(ور = سٿڻ جا وَرَ. ور چاڙهيون = سٿڻ جا ور کُنجيو يعني مڪمل
ڪوشش سان. ور = مڙس، ڪانڌ. ور ڪاڻ = ڪانڌ لاءِ. ور
= وَرَ وَڪڙ. ور چاڙهيون = واٽن جا ور وڪڙ ۽ جبلن
جون چاڙهيون. ور = مڙس، ڪانڌ.)
مثال 3. وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو. (شاه)
(ور = مڙس. ور = پيچ، ڏنگائي. ور = وَل ڇَل، ڇند مڪر.)
هنر جي بيتن ۾ ’تجنيس مرڪب‘ به نظر اچي ٿي.
(3)
(1)
ڪرهي ڪرهي سومرا! تو ڪوهه آندي ڪرهي
ورهي ورهي معلوم پنهنجا، ٿو ساهه سِڪي ورهي
پرهي پرهي سَگهي ڪينڪي، شل پيڪن ۾ پرهي
نرهي نرهي ناناڻن ري، ڪم ڪين ڪن نرهي
ڀانئي ٿي برهي، ڪوٽن منجهه ڪبير شاه چوي
(ڪرهي = ڪرِ + هِي = هيءَ ڪرِ. ڪرهي = ڪرَ = خبر + هي = اي،
ڪرهي = ڪرهون، اُٺَ. اي سومرا، هيءَ خبر ته ڪر، ته
تون مونکي اُٺ تي ڪيئن آندو؟ ورهي = وَر = ڀلِ،
ڀلي + هي (هيءَ مارئي). ورهي = وِندُري. ورهي =
ورهين، ورهين کان. هيءَ مارئي جا ورهين کان جدا
ٿيل آهي، سا پنهنجا مائٽ ياد ڪري، ڀلي روح
ريجهائي. پرهي = پرَ = ليڪن + هي (هيءَ مارئي).
پرهي = پلجي. پرهي = پلجي. پرَ هيءَ (مارئي) هِتِ
عمر وٽ پلجي نه سگهندي، شل پيڪن ۾ وڃي پلجي. نرهي
= نه + رهي = ٽِڪي ترسِي. نرهي = نرَ + هي = اي،
اي نرَ. نرهي = نر = مرد + هي. ناناڻن کان سواءِ
اي نرَ (سومرا)، هتِ رهي نه سگهندي. هي ڪم (جيڪو
تو ڪيو اهي) مرد نه ڪن. برهي = بر = بيابان، برپٽ
+ هي. هنن ڪوٽن کي برپٽ سمجهي ٿي.)
شاه ڀٽائيءَ به اهڙو بيت ڪم آندو آهي ته:
4- جا هڙَ اندر جيءَ، ساهڙ ڏني ساهه کي
ساهڙ ڇُڙي نه ساه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ
ساهڙ ميل سميع! ته ساهڙ ڇُڙي ساهه جي.
(*)
(هڙ = محبت جي ڳنڍِ. ساهڙ = ميهار. ساهڙ = اها محبت جي ڳنڍ.
ساهڙ = ميهار. ساهڙ = ميهار. سميع = ٻڌندڙ، ساهڙ =
اها محبت جي ڳنڍِ.)
(ج) هنر جي بيتن جون ٻيون خاصييتون
1- بيت، ساڳي ئي قسم جي جنسن، وکرن، نالن وغيره تي ٻڌل هوندو.
مثلاً: بيت ۾ ’جانور‘ تي هنر ٻڌل آهي ته پوري بيت
۾ جانورن جا نالا هوندا. ’مڇيءَ‘ تي ته سڀ مڇين جا
نالا، ’پکيءَ‘ تي به سڀ پکين جا نالا هوندا. مطلب
ته ڪوبه اهڙو بيت نه هوندو، جو ان اصول خلاف ٻڌل
هجي.
مثال 1. رليون تنهنجون سومرا، سوڙين ڪينَ سمهان
فراسي پٽن تي، ڏسان مان ميان
وهاڻا وڻن ڪينڪي، چادرون چوان
پٿرڻيون ڏسان، پنهنجي ملير جون.
هن هنر ۾ خاص لفظ رليون، سوڙيون، فراسي، وهاڻا، چادرون ۽
پٿرڻيون ڪم آيل آهن، جن جي هنر ۾ معنيٰ هنر ريت
ٿيندي:
(رليون = رُليون. سوڙين = سو = هڪ سو + وڙين = قريبن، سو قرب
ڏيندين ته به تنهنجي ڪوٽ ۾ نه سمهنديس. فراسي = ڦر
+ سي = اُهي ڦرڙا. شل پٽن تي وڃي ڦرڙا ڏسان. وهاڻا
= وهه زهر + هاڻا = وارا. وهه هاڻا، زهر وانگر.
چادرون = چاهه + درون = اندرون = دل جي اندران. دل
سان چوان ٿي ته تنهنجون سڀ شيون زهر سمان آهن.
پٿرڻيون = پوءِ + ٿرڻيون، ٿرليون، ٿر واريون ـــ
ملير ملڪ جون شل مائٽياڻيون ڏسان!)
2- جيڪڏهن بيت ۾ شيءِ يا جنس جو ذڪر هوندو ته ان شيءِ يا جنس
سان واسطيدار لفظن، شين، يا جنسن جو ذڪر هوندو،
جئن ’صنعت مراعات النظير‘ ۾ ٿيندو آهي. مثلاً
ڪرڙيون کوهه تي، ڏوُنرا جَهل مَ سي
پسي ٻاٽي سومرا، ڪوئلي مَ ني
ماڻهو موڪلي ڏي، ته کيت کنڀاٽي وڃي.
هن بيت ۾ ڪرڙ وڻ جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ان سان واسطيدر لفظن ـــ
ڏونرا، پُسي، ٻاٽي، ڪوئلي ۽ کَنڀاٽي ـــ جو به ذڪر
آندل آهي، جن جي هنر ۾ معنيٰ هن ريت ٿيندي:
(ڪرڙيون = ڪي رڙيون، دانهون. ڏوُنرا = ٻانهن جا ڏورا. کوهه تي
رڙيون ڪيم ته ڏورن کان نه پڪڙ. پُسي ٻاٽِي = ٻُسي
ٻُٽي، هار سينگار کان سواءِ. ڪوئلي = ڪُ = خراب +
ويلي = وقت. ڪُمهلِي، بيگاهه. اي سومرا، هار
سينگار کان سواءِ بيگاه وقت تي نه نِين ها. کنڀاٽي
= کَنڀي، زوريءَ کڻي. اسان جي ملڪ ڏي ماڻهو موڪل
ته تنهنجي به کيت زوريءَ کڻي وڃي!)
(د) سر کان ٻاهر هنر
اُهي بيت جي ڪنهن به سر ۾ نه هجن، بلڪ ڪا ڏِٺِ، واقعو يا قصو
بيان ڪيل هجي. جيئن ته:
اَمر ئي سان آيو، ڏٺائين ڏوئي
اها ڏوئي، آهي ورهين جي.
(امر = خدا جو حڪم. ئي سان = عيسيٰ. ڏوئي = ڏوهي. امر سان حضرت
عيسيٰ آيو ۽ اها ڏوهدار جمجما سلطان جي سِرِي
ڏٺائين، جا ورهين کان پيل هئي.)
سٽاء ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان ’هنر‘ کي هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو:
’هنرن‘ جي اعليٰ ورڇ مطابق هر هڪ قسم مان نموني طور هنر هيٺ
شامل ڪيا ويا آهن.
1- سرائتا هنر ـــ رواجي
سر عمار ــــ مارئي
مڇي هيس مارن ۾، مون تي ٿِئين تون موهه
موراکيون منهنجون ڏسي، ڊوهَڙَ ڪيُهءِ ڊوهه
ڄرڪي جندڙي جوش مان، ٻيو لوهڙ تپي لوهه
ڪرڙيون اکيون تنهنجون ڏسي، پلو وجهان مان ڪوهه
سينگاري هيس سرتين ۾، هيءَ ڏاهيءَ ته ڪيو ڏوهه
ٿيلهي ٿينديس ٿَرَ ۾؛ ڇو ڏيکارين ڇوهه
پوپري پنهوارن ۾، آ مون لاءِ آنبوهه
عبدالرحمان چئي اندوهه، مارن کي آ ملير ۾.
(*)
هن هنر ۾ مڇين جا مختلف قسم ۽ نالا موراکيون، ڄرڪو، لوهڙ،
ڪرڙيون، پلو، سينگاري، ڏاهي، ٿيلهي ۽ پوپري آيل
آهن، جن ۾ شاعر عبدالرحمان لِڪ رکي آهي، ته
(مڇي = مان آڇِي يعني مان پاڪدامن هيس. ٿئين موهه = موهجي پئين.
موراکيون = مور اکيون يعني سهڻيون اکيون. ڊوهڙ =
ڊهه ڪندڙ. ڄرڪي = باهه لڳي. لوهڙ = باهه جو تئو.
ڪرڙيون = شوخ. پلو = پلاند. سينگاري = سينگاريل.
ڏاهي = عقلمند. ٿيلهي = ڌڪاريل. پوپري = پوءِ
پرين. پوءِ پرين پنهوارن ۾، منهنجي لاءِ حشام
ماڻهن جا گڏ ٿي ويا.)
صاحب خاتون، کاڄ هي منهنجي من نه وڻن
حليمان هتڙي اچي، ڦاٿس منجهه ڦَندن
خيريءَ سان خوش ٿي ڏسن، پار وڃي پيڪن
بچي وڃان هِن بند مان، عزت ساڻ اَمن
فاطمان فڪل سان، بصران سڪ ڀانن
سڀائي مون تي اچي ٿي، ملامت مهڻن
راڄي منهنجي راڄ جا ٿا نوري نار وهن
ڀائتي ڀرجهلو، منهنجا اوري شال اچن
ايمڻا اسان جي پار ڏي، کيت کُنڀيُون کائن
ڀاڳل ڳئي ميان سومرا، ٿيس عاجز منجهه عَملن
ڄامل ڄائي ڪين وِهان، مان اڙيس اولاڪن
ڀرائي هن ڀيڻ سان، شل رَتيءَ ڪين رُسن
نعمت ڀانيان ڏيهه جا، مون کي ڏونرا ڏيهه وڻن
مرادان جي من، سي شاهل محمد شال پسان.
(*)
(صاحبخاتون= صاحَب کاءُ تون. اي عمر سومرا، اِهي کاڄ تون کاءُ.
حليمان = هلي مان، مان هلي (اچي). مان اچي هت
ڦندن ۾ ڦاٿي آهيان. خيري = خير سان. فاطمان =
ڦاٿي مان، مان ڦاٿي آهيان. بصران = بس ران، وس
ران، وس ڪيان. ڀانن = ڀائن. مون کي ڪنهن فڪل يا
اٽڪل سان ڦاسائي آيو آهين. پر وڃڻ لاءِ وس ڪيان
ٿي، جو ڀائن جي سڪ لڳي آهي. سڀائي = سڀ ئي. سڄي
راڄ جي ملامت مون تي اچي ٿي. راڄي = راڄ وار.
نوري = نور مان، اکين مان. نار = لُڙڪ، ڳوڙها.
ڀائتي = ڀاءُ ته. ايماڻا = اي مڻَ، ڪيئي مڻ.
اسان جي طرف لفظ. ڄامل = ڄميل، ڄاول. جيڪا هُتِ
ڄائي آهي سا هت ڪين وهندي. ڀرا = ڀائر + ئي =
ڀائر ئي. شل ڀائر رتيءَ جيترو به ڪونه رُسن.
مرادان = اُميدون. شاهل = شال. محمد ديدڙ، پاڻ
کي ’شاهل محمد سڏيو آهي ته جئن هنر وڌيڪ وزنائتو
ٿئي.)
|