ناشر طرفان
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ اڳيان جيڪي مقصد ۽ مرادون رهيا آهن
انهن مان هڪ وڏو مقصد آهي، سنڌي ٻوليءَ کي ترقي
وٺرائڻ جي ڏس ۾ سنڌي زبان ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب
ڇپائي پڌرا ڪرڻ ۽ ٻيو وڏو مقصد آهي سنڌ جي لوڪ
ورثي جو ماڻهن ۾ تعارف ڪرائڻ. انهيءَ کان سواءِ
سنڌالاجيءَ جي اڳيان اهو به مقصد رهيو اهي ته سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ مختلف موضوعن تي ڊگرين لاءِ پيش
ٿيندڙ ٿيسز کي ڇپائي، محققن جي همت افزائي ڪجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو هيءُ ڪتاب مٿي ڄاڻايل
ٽنهين مقصدن جو پورائو ڪري ٿو.
هن ڪتاب جو فاصل مصنف عبدالڪريم سنديلو نه رڳو لوڪ ادب، پر لغت
جي فن جي باري ۾ به وڏي ڄاڻ رکي ٿو. انهيءَ لحاظ
کان سندن هيءُ ڪتاب وڌيڪ جامع ۽ مستند بڻجي وڃي
ٿو. اصل ۾ هيءُ ڪتاب فاضل مصنف پي ايڇ ڊي جي ڊگري
حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيسز طور يونيورسٽي آف سنڌ جي سنڌي
شعبي ۾ پيش ڪيو هو.
اسان سندن هيءُ ڪم وڏيءَ محنت سان ڇپائي اوهان اڳيان آندو آهي.
هاڻي انهيءَ محنت جو قدر ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي.
مهتاب اڪبر راشدي
انتساب
’لوڪ ادب‘ جي سنوپري سپورنج ’علم لغات‘
جي ماهر محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي نالي، جنهن ’سنڌي زبان‘ سان
نينهن نباهڻ خاطر، ساري سنڌ
جو ترو تانگهي، ’سنڌي ادب‘
کي اوچي پد تي
پهچايو آهي.
- سنديلو
ٻه اکر
”منهنجو پيچ پنهونءَ سان ازل لاڪون آهه“ جي مصداق، ’لوڪ ادب‘
سان منهنجو نينهن جو ناتو ننڍپڻ کان هو. لاڙڪاڻي
جي تَر ۾، مرحوم جلال ڀُٽو نه رڳو جهونن جهونجهارن
۽ سَنوپَرن سَپورنجن مان هو، پر وڏو سگهڙ پڻ هو،
جيتري ڪچهريءَ جي سڌ ٻڌ هن کي هئي، اوتري شايد ئي
ڪنهن کي هئي، ’ڏور‘ جو ته شهه ڪاريگر هو. وڏي ڳاله
اها ته جيڪي هن فن جا شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريا هئا يا
سندس وقت ۾ حال حيات هئا، تن سڀني جو ڏس پتو پئي
ڏنائين. جلال رنگريز، جو ’لوڪ ادب‘ جي فن ۾ بي
مثال ۽ باڪمال شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي، ۽ جنهن
جي جاءِ رهائش هڪ معمو بڻجي چڪي هئي، تنهن جو ڏس
پتو به هن ئي ڏاهي ڏنو هو.
جيئن ته جلال ڀٽو پاڙيسري هو، تنهن ڪري منهنجي ساڻس گهري ۽
گهاٽي واقفيت ٿي ويئي. منهنجي شوق کي ڏسي مون کي
وڌيڪ ڪيڙِڻَ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن به ڪچهريءَ تي
ويندو هو ته مون کي ضرور وٺي ويندو هو. جڏهن
ڪچهريءَ وارا ڪنهن مسئلي تي اختلاف راءِ رکندا هئا
ته مڙئي منهن سگهڙ جلال ڏانهن ڦيرائيندا هئا ته
ڪهڙي ٿو فتويٰ ڏئي! مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته
غزه جون 1947ع کان سندس صدري خزاني مان قيمتي موتي
ميڙيندو رهيس. سندس سڄي ڏور مون وٽ محفوظ آهي.
اهو ڪچهريءَ جو ’سلو انگوران ڀلو‘ ته اڳيئي اندر ۾ اُسريو هو،
جنهن کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ موقعا تاڙيندو رهيس
ته جيئن وڌي وڻ ٿئي: جتي به ڪچهري ٿيندي هئي اُتي
ضرور ويندو هوس. اتر سنڌ ۾ ڪاڪي پوٽا ڳوٺ (تعلقو
ڳڙهي ياسين ــــ ضلعو سکر) ۾ سگهڙن جي ”دُڻي“ هئي،
جتي پري پري جا سگهڙ، پکين جيان پرواز ڪري اچي
پَرگَهٽ ٿيندا هئا. اها ئي هڪڙي دُڻي هئي، جتان
’سينگار‘ مليو. سنڌ جو وڏو سگھڙ مرحوم جانڻ کٽي
خانپوري (تعلقو شڪارپور- ضلعو، سکر) ’ڏور‘ جو شهه
مور هو. اهو ئي زنده شاعر ڏٺم، جنهن وٽان ڏور، هنر
دوراهي ۽ سينگار جا پنهنجا ٻڌل بيت مليا. اهڙي طرح
11ـ11-1947ع کان 8-9-1949ع تائين سانگھڙ ۽ سنجھورو
تعلقن جو اسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ هوس،
جنهن ڪري وقتاً فوقتاً اسڪول جي معائني توڙي
سالاني امتحان سانگي هر اسڪول ۾ وڃڻ ٿيندو هو، جتي
واندڪائي جي وقت ۾ ڪوڏين سان ڪچهريون ڪندو هوس
چوٽياريون ، واگھين جي پٽ شيخ محمد وساڻ فقيرن جو
ڳوٺ، ڀيرومل ، غلام حسين مريءَ جو ڳوٺ ۽ ڄام ٽنڊو
مري ، سانگهڙ تعلقي ۾ مورن جي ڪچهري جا مرڪز رهيا
ساري سفر ۾ سگھڙ رئيس جاڙو خان مري ، ڄام نندي
وارو ساڻ هوندو هو، کڏڙو ڳاڙهو بنگلو مير حسن شر
جھول، ڪُرڪليون مريد هنڱورو ڄام نواز علي ۽ جعفر
لغاري(1)
سنجھوري تعلقي ۾ مرڪز رهيا انهن مرڪزن کان سواءِ
جتي به سگھڙ جي ٻاڦوڙ پسوندي هئي ته اتي وڃڻ ۾
ويرم ئي نه ڪندو هوس سيد روشن علي شاهه ڪرمپوري
(ضلعو حدرآباد ) ۽ پير بخش پنهور ملدسيي (تعلقو
شهداد پور) جي تعريف ٻڌي سندن ڳوٺ مارڪا ڪرڻ ويس.
جلال رنگريز ۽ ٻين سگھڙن جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ دادو ضلعي جو چپو
چپو ڪري گھميم ڳوٺ رئيس غلام رسول خشڪ بَٺِي ڳوٺ
نبي بخش لنڊ، حاجي خان، ڇِني، شاهه حسن ڪوٽ چاڪر،
شادڻ،
واهي پانڌي، جھانگارا باجارا، پٽ گل محمد، قصبو وغيره ڳوٺن مان
ڪيترائي قلمي نسخا ۽ قيمتي مواد ملي ويو، ايڏي وڏي
مواد کي ترتيب ڏيئي ڪجهه مواد مان 1951ع ۾
’وينجھار‘ شايع ڪرايم، جنهن تي سنڌ ادبي صلاحڪار
بورڊ ڪراچي کان پهريون نمبر انعام ٻه سئو روپيا
مليو”سنڌ جو سينگار“ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد ڇاپايو.’ڏهس نامون‘ 1969ع ۾ شايع ٿيو
جنهن تي کليل انعامي چٽا ڀيٽي ۾ ، سنڌالاجي، سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد طرفان پهريون نمبر انعام پنج
سئو روپيا مليو.
ايترن ڪتابن شايع ٿيڻ کان پوءِ به هن موضوع تي لکڻ پڙهڻ جو
سلسلو جاري هو، ۽ پاڻ وٽ ڪافي مواد سهڙيل هو،
جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سردار، سالار، سر مهري،
سرواڻ ۽ سنڌ جي عظيم تعليمي ماهر ۽ مفڪر سائين
غلام مصطفيٰ شاهه صاحب طرفان هڪ آمر ڪارنامي يعني
سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي جي نئين نظام جو اعلان ٿيو، تڏهن
منهنجي ساهه به سَٽ ڏني ته ساڻيهه سنڌ جي مٺڙي
ٻولي ۾ پنهنجي پسند جي موضوع” لوڪ ادب“ تي پي ايڇ
ڊي لاءِ ڇو نه ڪو تحقيقي مقالو لکان سنڌ يونيورسٽي
کي اهڙي درخواست پيش ڪيم ۽ مقالي لاءِ پنهنجو
محبوب رهنمان پروفيسر مولانا ثلام مصطفيٰ قاسمي کي
مقرر ڪيم سنڌ يونيورسٽي جي ڪاربردارن قدرداني ڪري
اها گھر قبول ڪئي ۽ پي ايڇ ڊي جو موضوع ” لوڪ ادب
جو تحقيقي جائزو“ لکڻ لاءِ مليو
هينئر سموري مواد کي وري نئين سر ويهي سوڌيم اڳ جيڪو ڪم ٿيل هو
سگھڙن ۽ ٻڌيسرن جي گويا امانت با سلامت پيش ٿيل
هو. ليڪن هينئر تحقيق ۽ تاريخ جي تهه ۾ وڃڻو هو،
تنهن ڪري وري هڪ ڀيرو ڌر ڀاڳين جي ڀاڻن ۽ وَنهين
جي وٿاڻڻ تي وڃڻ لاءِ ساريءَ سنڌ جو ترو تانگھيم.
’ ڳوڙهن‘ ۽ سينگار لاءِ نئوڪوٽ (ضلع ٿرپارڪر) وڃڻو
پيو تنهن کان سواءِ ڇاپي ڪتابن- سنسڪرت هندي، سنڌي
۽ انگريزي جي مدد وٺڻي پئي ليڪن مطالعي مان معلوم
ٿيو ته ڪنهن به ڪتاب ڇنڊ ڇاڻي اهو فيصلو ڪيو آهي
ته فلاڻي صنف ڪهڙي خطي جي پيداوار آهي ۽ ڪهڙي وقت
وجود ۾ آئي، جيئن ته لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو وٺڻو
هو. تنهن ڪري ڪجھ مواد ۽ آيل انگن اکرن جي اهڃاڻن
۽ اشارن سان ته ڪجھ ڪتابن جي سُرَسهي ڪرڻ مان، ته
ڪجهه وري ٻڌ سڌ جي بناءِ تي سڀني صنفن جو تاريخي
۽ تحقيي جائزو ورتم بنده جي خيال ۾ هي پهرين ڪوشش
آهي جو هڪ ئي هنڌ سڀني چاڙهن جو ڇنڊي ڇاڻي زڪر ڪيو
ويوآهي.
ڪچهري ۾ ٻئي مواد سان گڏ، ڳجھارت گھڻي هلندي آهي در حقيقت
’ڳجھارت‘ جو بنياد ئي ’ پرولي‘ تي ٻڌل آهي، پرولين
تي پهريون ڪتاب”ڪاويهَ دَرش“ شيري ڍنڍي جو آهي
(1)،
جو عيسوي ڇهه صدي جي چوٿين جوٿ ۾ شايع ٿيو جنهن جو
انگريزي ترجمو شري آرـ سي ـ مشر (R-C
Mishir)
ڪيو آهي
(2).
يوناني پرولين جو مشهور مجموعو ڊمانڊ جوئس (Demand
joyous)
1411ع ۾ شايع ٿيو
(3).
تنهن کانپوءِ فرانسيسي پروليون، پئرس ۾ گِلي بيز (Gille
beys)
جي اهتمام سان 1886ع شايع ٿيون
(4).
هن مقالي ۾ شري ڊنڊي جي حملي پرولين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ، ڇاڪاڻ
ته ڪيترين سنڌي پرولين ۽ ڳجھارتن جي جڙ ئي اهي
پروليون آهن اهڙي طرح سينگار تي راجا هَري ڀرتري
جو ” شرِنگار شتڪ“ نظر اچي ٿو
(1)، جنهن کانپوءِ هندي ۽ سني ۾ وک وڌائي
ويئي آهي. اسان وٽ ڳجهارت، سينگار ۽ ڏهس جي صنف اُتي پهتل آهي.
جتي دنيا جي ڪابه صنف پهچي نٿي سگهي. جيترو لغوي
مواد انهن صنفن مان ملي ٿو. اوترو دنيا جي ڪابه
صنف، پنهنجي ملڪ جي لغت کي ڏيئي نٿي سگهي. اهو
سمورو ذڪر مقالي اندر، واسطيدار بابن ۾ ڪيل آهي.
’لوڪ ادب‘ جي مختلف صنفن تي ڪيترن ئي اديبن قلم کنيو آهي: ڪوڙي
مل چندن مل کِلڻاڻي، ڳجهارتن جو ڪتاب 1901ع ۾ شايع
ڪرايو. ڊاڪٽر دائود پوٽي 1936ع ۾ ”سرها گل“ ۾ ڪن
صنفن جو زڪر ڪيو آهي. ماستر الهه بچائي سمي جو
1942ع ۾ ”سير ڪوهستان“ ظاهر ٿيو، جنهن ڪافي
مقبوليت حاصل ڪئي. عبدالحسين شآهه موسوي ۽ مسٽر
محمد ابرهيم عباسي، ٻه ٺاهوڪا ڪتاب ”سڳنڌ“ ۽
”سرهاڻ“ ميدان تي آندا. جوان بخت ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، ”ٻيلاين جا ٻول“ ۽ ’لوڪ ادب‘ اسڪيم تحت،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد کي ڪيترا ئي قيمتي ڪتاب
لکي ڏنا آهن، جن مان ڪي شايع ٿيا آهن ۽ ڪي اڃا زير
طبع آهن. بنده به هن ڏس ۾ ڪي ڪتاب لکيا آهن، جن جو
ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
ايتري مواد هوندي به، واڌو مواد لاءِ سنڌ جون مشهور لائبرريون
ڏٺم ته متان ڪو ڪارگر ڪتاب ملي وڃي. پروفيسر مخدوم
اياز حسين قادري جي وساطت سان ڪراچي يونيورسٽيءَ
جا قيمتي ڪٻٽ اُٿلايم، مَلڪ محمد جاسِي وارو پراڻو
ڇاپي نسخو ”پڌ ماوت“ ملي ويو، جنهن مان من موافق
مدد ورتم. ”جواهرِ خُسروي“ به اتان ئي مليو، جنهن
مان قصد ۽ مراد جا موتي چُڻيم. سنڌ يونيورسٽي
لائبرري توڙي سنڌالاجي لائبررين مان به هڪ اڌ ڪتاب
پَڙ پيو. نيشنل لائبرري خيرپور مان به ٻه چار
حوالا مليا. گورنمينٽ بي ــــ ٽي ڪاليج سکر جي
لائبرري مان ملڪ محمد جائسي تي هڪ دوهن جو ڪتاب
مٺي ويو، منهن مان پڻ ڪي ڪڻا مليا. انهن لائبررين
کان علاوه راشدي (ڳوٺ ريلڻ، تعلقي لاڙڪاڻي) جي
مشهور جهوني لائبرريءَ ۾ ڪي ڏينهن ترسڻو پيو،
ڇاڪاڻ ته ڪٻٽ قيمتي ڪتابن سان ڀريل هئا. اُتان
’سينگار‘ جي باري ۾ گهڻو ڪجه مليو. جناب امان الله
شاهه راشدي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مولوي سيد روح الله
شاهه راشدي، نه رڳو دل کولي ڪتاب ڏيکاريا، پر خدمت
جا فرائض به پوريءَ طرح بجا آندا، جنهن لاءِ پنده
ٻيڻو ٿورائتو آهي. ”ڏهس“ جو گهڻي ڀاڱي مواد، سنڌ
جي ڄاتل سڄاتل ۽ مڃيل محقق، مورخ ۽ اديب جناب
پروفيسر مولانا غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي جن کان
مليو. پاڻ نهايت فراخدليءَ سان پنهنجا سمورا ناياب
نسخا منهنجي حوالي ڪيائون، جن مان رَڄُ جيتري مدد
ورتم. تنهن کان سواءِ جڏهن به مقالي جون جزون ٺاهي
کين ڏيکارڻ ويندو هوس، تڏهن پنهنجا سڀ ڪم پاسيرا
ڪري، مون سان ئي ڀال ڀلائيندا هئا. هيءَ هڪ وڏي
سخا آهي، جا اَبرءِ نِيسان کي به رشڪ ڏياري ٿي.
جيڪڏهن سندن هٿ هن ڪم ۾ هر وقت حامي نه رهي ها ته
ههڙو ڪٺن ڪم، اهڙو سولائي ۽ سِگهيرڙائي سان سُتَڙ
ڪري نه سگهان ها. خدا کين خوش رکي. آمين.
عزيزي الهداد صاحب چغتائي جو ٿورو، ٿورو نه آهي جو راشدي خاندان
جي لائبرري ڇاڻِڻَ وقت، سدائين ساڻ پئي رهيا. تنهن
کان سواءِ ٿڌيءَ ڪوسيءَ ۾ به ڪيترن ڳوٺن ڏانهن
گڏجي هليا. مهرباني لائق.
”ٿَلهــٖـي ۽ ٿوري، ويچاريءَ وڙ ڪندا.“
30-5-1973ع
خادم العلم
عبدالڪريم
سنديلو
لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو
لوڪ ادب
’لوڪ ادب‘ کي نج ’دهقاني ادب‘ به چئي سگهجي ٿو. اهو ’لوڪ ادب‘
ئي آهي جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي. جا
ڪنهن به/وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
هيءَ عوام جي احساسن ۾ جذبن، امنگن ۽ اڌمن جي
پونجي آهي. جا دميل ديڳ جيان لوڪ ادب جي جملي جنسن
(صنفن) جو هڳاءُ ۽ هڳسان ڏيندي پئي رهي آهي. جيئن
ديڳ کي گهڻو دمبو ته منجهس پيل چيز پائمال ٿي
ويندي پر جيڪڏهن وقت تي کولبي ته چيز چهري ۽ چٽي
ڏسجڻ ۾ ايندي تئن اسان جي ’لوڪ ادب‘ جي ديڳ به
ٿورو دير سان کلي آهي، جنهنڪري چيز جا ڀاڱا ڀيرجي
ويا آهن. جيتوڻيڪ انهن ڀيريل ڀاڱن کي ساڳين انڊن
تي آڻڻ لاءِ، انتهائي درجي جي ڪوشش ڪيل آهي، تاهم
ڪيترن هنڌن تي ڏڌ نظر اچن ٿا. بهرحال جو ڪجهه مليو
آهي، سو سون کان به سرس ۽ سوايو آهي.
’لوڪ ادب‘ تاريخ جي ضخيم ڪتاب مان نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ان جو جنم
اتي نٿو ٿئي؛ پر ان جو سرچشمو ’عوام’ آهي، جنهن جا
سينا انهن املهه ۽ الڀ خزانن جا ”امين“ آهن. عوام
جي زندگي سادي، تنهنڪري سندن ٻول به سادا؛ عوام جو
ماحول سادو، تنهنڪري سندن خيال به سادا؛ پر انهن
سادن ٻولن ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي، سا سندن
ٻَڌَ جو قوي دليل اهي. جيڪو به ٻول ٻوليندا، سو
چَٻي چِٿي، وِهڃائي وِيچاري، ڳَڻي پَهي ۽ ٽلي
سَلي؛ جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قَّوتِ مشاهده
عالِي پَئي للڪاريندي. اهي پُٺن اُگهاڙا، پيرين
پيادا، کُڙيءَ کِهَه لڳل، ليڙن لپيٽيل، سادي قُوتَ
قرار، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن
ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سِيني مان، ڪهڙا نه
مُلهه مَهانگا موتي ملن ٿا. هر ملڪ جي ادب جو
سينگار، اهي ئي ’لوڪ ادب‘ جا ماڻڪ، موتي، لعل آهن.
ارڙهين صديءَ جي جرمن مورخ ۽ فيلسوف جاهن گٽفي (Johann
Gottfi)
پهريون ڀيرو اها ڳالهه ظاهر ڪئي ته ”ڪنهن به قوم
جي ادب جو بنياد، عوام جي تخليق ۾ آهي
(1).“
’لوڪ ادب‘ معنيٰ عوام جو ادب يعني لوڪ جو ادب سو
ملڪ جو ادب (سنسڪرت ’لوڪ‘ = ماڻهو.) ’لوڪ‘ کي
انگريزي ۾ ’فوڪ‘ (Folk)
۽ جرمن زبان ۾ ’ووڪ‘ (Volk) چون. سنڌي ۾ ’لوڪ‘، انگريزي ۾ ’فوڪ’ ۽ جرمن زبان ۾ ’ووڪ‘ مان
اهو اندازو لڳائڻ غلط ٿيندو ته اسان جو سنڌي لفظ
’لوڪ‘ به ساڳئي ’فوڪ‘ ۽ ’ووڪ‘ جي ڪُل مان آهي. اها
هڪ اتفاقي مناسبت آهي. ’لوڪ‘ لفظ گهڻو آڳاٽو آهي.
انگريزي جو ’فوڪ لور‘ (Folk Lore)
گهڻو پوءِ وليم جان ٿامس 1947ع ۾ ايجاد ڪيو
(2).
’لوڪ ادب‘ کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پهريون نثري حصو
۽ ٻيو نظمي حصو. نثري حصي ۾ ’لوڪ ڪهاڻيون‘ اچي وڃن
ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ ’لوڪ شاعري‘. لوڪ ڪهاڻين ۾ نه
رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن
سُور ويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدردي جا سوين مثال
ملندا. اهي نه رڳو ريجهه رهاڻ ۽ واندڪائيءَ جي
وندر جو سهائيندڙ سامان آهي. پر پس پرده سمجهه ۽
سياڻپ جا سبق آهن. ’لوڪ شاعري‘ ۾ اولي، سهرا يا
ڳيچ، ٻيلڻ، ڇلڙا، سينگار، ڏهس وغيره اچي وڃن ٿا.
’لوڪ ادب‘ ڪڏهن کان اُسريو، ڪٿي اُسريو ۽ ان جو موجد ڪير آهي،
تنهن لاءِ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته جئن ئي اسان
هوش سنڀاليو آهي، تئن ئي پنهنجي احساسن ۽ جذبن جي
پڌرائي ڪندو رهيو آهي. اهي جذبا، اهي امنگ، اهي
احساس، هر خطي جي ماڻهن ۾ ماحول پٽاندڙ اُپجن ۽
اُسرن ٿا.
’لوڪ ادب‘ جي وستار ڪندي، ’ڍولا مارو را دوها‘ ۾ ’لوڪ شاعريءَ‘
تي مسٽر سِجوِڪ حوالو ڏيندي، لوڪ گيت لاءِ لکي ٿو
(1):
”لوڪ گيت جي پيدائش، ادب (ساهت) جي پيدائش کان، ايتري قدر جو
آئيويٽا جي پيدائش کان به پهريائين آهي.“
مسٽر نظاماڻي، بولثهم جي راءِ هنن لفظن ۾ لکي ٿو
(2):
”اول اول ڪو هڪ ماڻهو ڪو گيت ڳائي ٿو يا چوي ٿو. ان بعد سندس
پويان جيڪي به ان گيت کي ڳائين ٿا، سي گيت جي انهن
ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏين، جيڪي کين ياد نه ٿيون رهن
يا کين پسند نه ٿيون پون...“
اڳتي هلي وري لارڊ وليم گِرم جي خيالن جي کول ڪري ٿو
(3).
”’لوڪ گيت‘ خودبخود وجود ۾ ڪونه آيا آهن. جيتوڻيڪ ڪنهن خاص
ماڻهو نه، پر عوام انهن کي ٺاهيو آهي. مگر انهيءَ
هوندي به مصنف جي شخصيت جو انهن ۾ نام ونشان به
ڪونهي.“
ڪوم حيدري وري هن خيال جو آهي:
(1)
”’لوڪ گيت‘ البت گهڻو پراڻا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾ ڪي اهڙا
به هجن، جن کي تقريباً ڇهه سَت سو ورهه ٿيا هجن؛
ليڪن لوڪ گيت زماني سان گڏ تغيرَ پذير ٿين ٿا. هي
وقت جي نديءَ ۾ پٿرن جي ننڍرن ذرن وانگر هلندا رهن
ٿا، ڪو ذرو ڪٿي اٽڪيو ته ڪو ڪٿي. ان نديءَ سان وري
جڏهن مختلف طرفن کان نديون اچي گڏجن ٿيون. تڏهن
اهي به پاڻ سان اهڙا ذرڙا کڻي اچن ٿيون. اهڙيءَ
طرح پراڻا لوڪ گيت متروڪ ٿيندا وڃن ٿا ۽ نوان نوان
گيت ظاهر ٿيندا رهن ٿا.“
مٿي ڏيکاريل آهي ته عوام سادو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي شهرت ۽
نام و نمود جو خواهان نه آهي. يقين آهي ته گيتن ۾
به انهيءَ سبب ڪري نالو نه آندو اٿن. تنهنڪري ائين
چوڻ مناسب ٿيندو ته گيتن جو مصنف خود عوام آهي.
’لوڪ ادب‘ پَلُرَ جي صاف پاڻي مثل آهي. جئن پَلُرَ جي پالوٽ
سببان، ٽڪر تي ڪرندڙ پاڻي تيزيءَ سان هيٺاهينءَ تي
هلندي، واٽ وارن وَرن وڪڙن سان ٽڪرندي، گَڙگَڙ جو
عجيب آواز ڪڍندي هيٺ ايندو اهي، تئن ’لوڪ ادب‘ به
عوام جي دلين مان نڪرندي، خيالن جي مختلف منزلن تي
ايندي، عجيب و غريب الفاظ کڻندي، تشبيهون ۽
استعارا آڻيندي ظاهر ٿئي ٿو. اهي الفاظ، اهي
اصطلاح، اهي تشبيهون، اهي استعارا طلسم جو ڪم ڏين
ٿا.
هز ايڪسيلنسي سر وليم ميرس، هندستاني اڪيڊمي الهه آباد جي
پهرئين جلسي ۾، پنهنجي افتتاحي تقرير ڪندي چيو ته:
جيتري قدر مان سمجهي سگهان ٿو ته ڳوٺاڻن گيتن ۽
راڳن ۾ ڪي اهڙا به گيت ۽ راڳ آهن، جن جي ٻولي
نهايت عمدي آهي ۽ اهي ئي دل تي وڏن اديبن جي ڪلام
کان زياده اثر ڪن ٿا
(1).
لوڪ گيت يا ڳوٺاڻي شاعري اجائي اينگهه ۽ الفاظي آڊَنَبَر کان
آجي آهي، ڇاڪاڻ ته عوام جا شاعر ٿلهو ڳالهائين،
ٿلهو هنڊائين ۽ ٿلهو کائين. هو پنهنجي دلي جذبي کي
ماحول مطابق، تهذيب ۽ تمدن جي روشني ۾ پيش ڪن ٿا،
جنهن جي جهونگارڻ ۽ هونگارڻ سان، نه رڳو مِٺي محبت
۽ سلوڻي سِڪَ جو ثبوت ملي ٿو، پر ٻُڌڻ سان دليون
به لطف اندوز ٿين ٿيون. انهيءَ لوڪ شاعري جي گيتن
۾ معصوميت سمايل آهي، ۽ ميٺاج ۽ مُڌرتا سمايل آهي.
’لوڪ گيت‘ جي اڀياس مان عوام جي زندگي جا مختلف پهلو نروار ٿين
ٿا. پروفيسر سِي. ايل. ڪٽرج چوي ٿو
(2).
”لوڪ گيتن جي اڀياس جي معنيٰ عوام جي شعر جو اڀياس ڪرڻو اهي، ۽
عوام جو شعر، فَني شعر کان علحدو آهي.“
ٽي. ايس. ايليٽ چوي ٿو
(3):
”عوام جي شاعري، پنهنجي زندگي، ماڻهن جي گفتگو مان حاصل ڪري ٿي
... هيءَ شاعري، شعور جو بلند درجو پيش ڪري ٿي، ۽
پنهنجي زبردست قوّت ۽ نازڪ احساس جي نمائندگي ڪري
ٿي.“
ع. م. سلام چوي ٿو
(1):
”’لوڪ گيت‘ بنيادي جبلي عالمگير انساني
جذبات جي ترجماني ڪن ٿا.“
’لوڪ شاعري‘ ڪيتري به پراڻي هوندي ته به نت نئين پئي لڳندي.
اُهو ئي لاءُ ۽ ساءُ، جو اڳ آيو هوندو سو هينئر به
پيو ايندو. لوڪ شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ اها
سوڌائي نه رهي آهي يعني منجهن گهٽ وڌايون ٿي ويون
اهن ته به معنيٰ ۽ مطلب، لذت ۽ لئي ۾ فرق نه آيو
آهي، ڇاڪاڻ ته لوڪ شاعريءَ ۾ عام شاخ مان تازو
گوشو ڦٽندو رهي ٿو.
بهرحال ’لوڪ ادب‘ عوام جو بهترين ترجمان آهي. عوام جي ڳڻُ ڳوت
جو آئينو آهي. لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي، جنهن جا
نمائندا عوام جا شاعر آهن. مطلب ته ’لوڪ ادب‘ ۾،
اڳين جي امانت سمايل آهي، جنهن ۾ اصليت ۽ صداقت
آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان دل کي راحت ۽ طبع کي فرحت
اچيو وڃي.
اُهج
الخ آخر تائين
ب بلوچي
برو بروهڪي
پا پالي
پرا پراڪرت
ح حديث
س سنڌي
سرا سرائڪي
سن سنسڪرت
ص صفحو
ع عربي
ع. ق عربي قول
ف فارسي
ق قرآن مجيد
هه هندي
؟ شڪ جي نشاني
. سنڌ جي مڃيل محقق ۽ مورخ محترم ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جو ڳوٺ
. ڊنڊي ”ڪاويه درش“، ڪلڪتو ايڊيشن 1862ع.
ڍنڍي، ”ڪاويه درش“، چو کنڀا ورناسي 1965ع.
. هري ڀرتري”سرنگار شتڪ“ٽيڪا ڪار بابو هري داس
ويديه مٿرا 1951ع.
|