جيجل لولي: ماءُ جي ٻچي لاءِ پيار فطري آمر آهي. سياري جون
ڊگهيون ۽ ٿڌيون راتيون ۽ اونهاري جا ڊگها ۽ گرم
ڏينهن جاڳي به ٻچي کي مٺي ننڊ ڏياريندي. ٻار جي
خدمت ڪرڻ ۾ کيس ڪنهن به تڪليف جو خيال نه ٿيندو.
ٻار جي خدمت ڪرڻ ۾ کيس ڪنهن به تڪليف جو خيال نه
ٿيندو. هر وقت اهوئي سوچيندي ته ٻچڙو خوش رهي.
جيتوڻيڪ عورت جون گهڻيون ئي ڪمزوريون آهن، جهڙوڪ:
هار سينگار، پريتم جو پيار وغيره، پر ماءُ ٿيڻ کان
پوءِ ٻچڙو ئي هن جي حقيقي ڪمزوري آهي. ٻچي کي ڪجهه
ٿيو ته ماڻس جو اڳئي ساهه سُڪي ويندو. سڀڪجهه سر
تي سهائڻ ۽ هر شيءِ کي وسارڻ لاءِ تيار ٿي ويندي،
پر ٻچي مٿان ڪک نه سهندي! ماءُ چاهيندي ته ٻچو عقل
جو وِير، خاندان ۽ ڳنڀير ٿئي. ماءُ چاهيندي ته ٻچو
وَني ماڻي، ڦَلي ۽ ڦُولي ۽ ڪُرَ جو ڪَرُ مٿي ڪري.
اهي تمنائون، اهي جذبا، اهي احساس، اهي اُمنگ، اهي
اُڌما دنيا جي هر ملڪ جي عورت جي سيني ۾ سانڍيل
رهن ٿا. جي سَمي پَئي، يعني ماءُ ٿيڻ کان پوءِ
عملي صورت يعني لولي جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
جيتوڻيڪ لولي سادي ۽ معمولي پئي لڳندي، پر منجهس
جا دٻيل سِڪ، دلي تمنا ۽ گهري معنيٰ سمايل رهي ٿي،
تنهن جو صحيح معنيٰ ۾ اندازو ٻچي جي ماءُ ئي لڳائي
سگهندي. لولي ڏيندي هن کي جيڪو حظ حاصل ٿيندو، سو
ٻئي کي هرگز نه ٿيندو؛ ڇاڪاڻ ته لولي، ٻار لاءِ
گويا دعا جو تعويذ آهي؛ لولي، ٻار لاءِ الاهي رحمت
آهي؛ لولي، ٻاجهاري ٻولي آهي، جنهن جو مطلب، قدر ۽
قيمت کان فقط ٻچي جي ماءُ کي بخوبي واقفيت هوندي
آهي.
عورت ڪيڏي به لڄاري هجي، پر ماءُ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سندس لال
جڏهن سندس جهوليءَ جي جُهولي ۾ لڏي ٿو، تڏهن پاڻ
مرادو ئي جهونگارڻ شروع ڪري ٿي؛ تان جو حجاب جو
پردو پري ڪري، سُريلي آواز سان لولي ڏيڻ شروع ڪري
ٿي. اهو ڇا آهي؟ اهو آهي ماءُ جو ٻچي لاءِ سالن
کان سانڍيل سڪ جو ساز! اهو آهي ماءُ جي ٻچي لاءِ
اَٿاهه سڪ جي ساگر جو تيز وهڪرو، جنهن جون ڇوهيون
ڇوليون، ماءُ جي منين محبت کي زور سان لڳن ٿيون ۽
هو وري لولي ڏيندي، دل کي کوليندي اهڙي ته مست ۽
بست ٿي وڃي ٿي، جو ٻچي کان سواءِ هن کي ٻيو ڪجهه
نظر نٿو اچي.
’لولي‘، قديم صنف آهي. ائين ڀانئجي ٿو ته جيئن ئي عورت، ٻچي جي
ماءُ ٿي آهي، تيئن ئي لولي وجود ۾ آئي آهي. ’لولي‘
کي هندي ۾ ’لوري‘ ۽ سنسڪرت ۾ ’لولا‘ چون
(1).
’لولا‘ جو ڌاتو يا بنياد آهي لَل = کيڏائڻ
(2).
ڌاتو مان ظاهر آهي ته لولي ٻار کي کيڏائڻ جو گيت
آهي.
ٻارن کي کيڏائيندي ڪڏائيندي، لولي ڏيندي، ننڊ کڻي ويندي آهي.
بِي. ڊي. مولگوڪر، لولي کي ’نِيند را گيت‘ (ننڊ جو
گيت)
(3)
۽ وي. ايس. آپٽي ’شَواپ گيت‘ (سمهارڻ وارو گيت)
(4)
سڏيو آهي. وليم مونير، ’لالن گيت (پيار جو گيت) ۽
شانيتڪ گيت (آرام ڏياريندڙ يا ريجهائيندڙ گيت)
(5)
۽ ڊاڪٽر فيلن وري ’پينگهي جو گيت! سڏيو آهي
(6).
بهرهال معلوم ٿيو ته لولي ٻارن لاءِ ئي گيت آهي،
جو موقعي محل پٽاندر ڳايو وڃي ٿو.
جڏهن ٻار، مائيءَ يا ماتا جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيندو آهي، تڏهن
ماتا سِيتلا جي اُستَتيءَ ۾ ’اوراڻو‘ ڏيندا آهن،
جنهن کي عام طرح ’لولي‘ چوندا آهن. درحقيقت
’اوراڻو‘ ئي ماتا لاءِ مناسب ۽ موزون لفظ آهي،
جنهن کي ’اما‘ سمجهي، مخاطب ٿي گيت چيو ويندو آهي.
مثلاً:
اوليءَ ۾ تون آسرو، اَما، ڏيندينءَ سَڏيءَ ۾ سڏ
دک وارن جا دک ٿي لاهين، غمن وارن سان گڏ
پپو ته اٿئي ننڍڙو ٻار
تنهن جي مٿان رکجانءِ هلڪو بار.
اهو ’اوراڻو‘ آهي، پر ڇاڪاڻ ته سريلي آواز سان آلاپڻ ڪري ٻار کي
هڪدم آرام اچي وڃي ٿو، تنهن ڪري ’اوراڻي‘ کي
’لولي‘ چون ٿا. ماتا جو مرض هروڀرو ننڍڙن ٻارن کي
نه، پر پوڙهن پڪن کي به ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙن موقعن
تي به ’اوراڻو‘ ڏياريندا آهن. پر ’لولي‘ ۾ بنيادي
نڪتو ’کيڏائڻ‘ جو آهي، جو پَڪن پِيٺن سان لڳي نٿو
سگهي. ٻيو ته ’لولي‘ ٻار کي ڪهڙي به وقت ڏيئي
سگهجي ٿي، پر ’اوراڻي‘ ڳائڻ لاءِ ماتا وارو موقعو
ئي مقرر ٿيل آهي.
دنيا جي هر خطي جي ماءُ ٻچي کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لولي ڏئي ٿي.
جيتوڻيڪ مادري اُمنگ هر ماءُ کي ٻچي لاءِ سمايل
رهن ٿا، پر تڏهن به ڪن لولين تي ماحول ۽ آبا و
اجداد جي روايات جو اثر نمايان آهي. مثلاً: پشتو
قوم جي ماءُ لولي ڏيندي چوي ٿي:
(1)
خدا توکي وڏي حياتي ڏئي
منهنجا پيارا، سمهي رهه
تنهنجو پيءُ جنگ ۾ ويو آهي
هو پنهنجي حياتي قربان ڪندو
اسان جي مادر وطن جي عزت ڪاڻ
جنهن تي دشمن چڙهي آيا آهن.
ڏسو پنهنجي روايات کي قائم ڪندي، ماءُ، ٻار ۾ به انهن ساڳين
جذبن قائم ڪرڻ لاءِ، ننڍپڻ کان ئي روح ڦوڪيندي رهي
ٿي. ٻچي جي ماءُ جو مطلب آهي ته اي ٻچا! تون پيءُ
وانگر وطن جي دشمن خاطر غيرت رک.
(2)
بلوچيءَ ماءُ جي لولي:
لولي منهنجي لاڏلي ٻچي کي
منهنجا لال مٺي ننڊ سمهي رهه
خدا ڪري منهنجو گل
پنهنجا هٿيار سنڀالي
يعني تلوار بندوق ۽ ڪٽار.
اها لولي بلوچي ماءُ جي ترجماني ڪري ٿي، جنهن ۾ دعائيه لفظن سان
گڏ، وڏي هوندي پيءُ وانگر هٿيارن پنهوارن سنڀالڻ
جي ترعيب ڏئي ٿي.
(3) سنڌي (مسلمان) ماءُ جي لولي:
بسم الله سَت، تو ۾ اَلهه جي برڪت
بسم الله جي رَتي، توکي واءُ نه لڳي تَتي
توکي ڪوسا نه لڳن جهولا
رب ڏيکاري نه ڏينهن اَولا.
جيجل، معصوم مٺڙي لاءِ دعا جا ٻول ٻوليا آهن.
(4) سنڌي (پر سرائڪي ــــ ماءُ) جي لولي:
الهه ڏتا ٻچڙا، جهولي تي ٻهڻ والا
پينگهي دي لُڏڻ والا
سڪندر دي بختان دا،
سچا ٻانها رب دا، |
ثاني ڀي تون هَئِين
جاني ڀي تون هَئين |
تون قرآن پڙهڻ والا
جُهولي تي ٻَهڻ والا
پيگهي دي لُڏڻ والا
(5) سنڌي (پر هندو ــــ ماءُ) جي لولي:
پُٽ پهلوان ٿيندين،
گُڻِي وڏو گڻوان ٿيندين،
اها لال لولي ڏيانءِ |
مايا ۾ مهروان ٿيندين
ديالو دياوان ٿيندين
اها لال لولي ڏيانءِ. |
ٻچي جي ماءُ پنهنجي دل جي ترجماني هنن لفظن ۾ ڪري ٿي: اي ٻچا!
وِير ۽ جوڌو ٿيندين ۽ وڏو سخي ٿيندين. گهڻن ئي گڻن
جو مالڪ ٿيندين ۽ رحم ڪندڙ ۽ مهربان ٿيندين.
هر ڪنهن ماءُ پنهنجي پنهنجي جذبات آهر خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
شروعاتي بند گهڻو ڪري ساڳيا دعائيه رهن ٿا؛ باقي
خطي ۽ ماحول پٽاندر لولي ڏين ٿا.
لوليءَ جا لفظ سادا، پر سلوڻا؛ ننڍڙا، پر مٺڙا آهن. لفظ نه، پر
معنيٰ جا موتي آهن؛ لفظ نه، پر اُفق جا جوتي آهن،
جي ماءُ جي دل جي گهرائي ۽ اِنهماڪ مان نڪري ازخود
زبان تي اچي، ٻاهر موتين جي مالها ٺاهين ٿا. جي
ٻار کي ننڊ ڪرائڻ ۾ نه رڳو سحرا سامريءَ کان وڌيڪ
جادو رکن ٿا، پر ننڊ ڪرائڻ بعد ماءُ جي هردي جو
هار ۽ ساهه جو سينگار ثابت ٿين ٿا.
ننڍي ٻار جي طبيعت سڀاويڪ سادي، ۽ سنئين سنواٽي هوندي آهي. هن
لوليءَ کان سواءِ اڃا ٻيو ڪو ٻاهريون اثر قبول نه
ڪيو آهي. جڏهن ماءُ جا دل ڀِڄائيندڙ ۽ من موهيندڙ
ٻهڪندڙ ٻول، لوليءَ جي ٻوليءَ ۾ اچن ٿا، تڏهن ٻار
ايڪمنو ٿي ٻُڌي ٿو؛ جنهن ڪري ٿورڙيءَ ويرم ۾ سمهي
رهي ٿو. لوليءَ جي سريلي آواز تي ٻار اهڙو ته هري
وڃي ٿو، جو ڪڏهن ته سمهڻ سان ئي سمهي رهي ٿو. ڪڏهن
ائين به ڏٺو ويو آهي ته لولي بند ٿيڻ شرط، ٻار وري
روئڻ شروع ڪري ٿو؛ گويا ٻار طرفان اشارو آهي ته
لولي بند نه ٿئي! ان مان صاف ظاهر آهي ته ٻار لولي
ٻڌي ٿو ۽ ان کي پسند ڪري ٿو.
هي ته انسان جو اَبهم ٻچڙو آهي، جو سريلي آواز کان سندس دل دماغ
پذير ٿين ٿا؛ پر تاريخ شاهد آهي ته گرنار جو گل به
چارڻ جي چنگ ئي ڇنو هو. مُرليءَ جي مڌر آواز تي
واسينگن به پنهنجا وَر ۽ ڦورَ ڦِٽا ڪيا. مطلب ته
هر ساهوارو پنهنجيءَ پر پٽاندر، مٺي آواز تي موهت
ٿي، بيوس ٿي وڃي ٿو. مرزا قليچ بيگ چوي ٿو
(1):
عرب ۾ راڳ تي هلي اُٺ تکو
کڻي بار ٻيڻو، اچي خوش نظر
۽ جوڳيءَ جي مرليءَ تي، هِت سنڌ ۾
لُڏي مست هاٿي، نانگ ڪئين سربسر
اثر راڳ جو جانور تي ٿئي
نه ماڻهوءَ تي ٿيو ته آهي اُوخَر.
شايد گڏهه تي اثر نٿو ٿئي!
دعائيه لولي:
جڏهن ٻار وڏو ٿئي ٿو، تڏهن به ماءُ لاءِ ته اهوئي ٻار آهي. توڙي
ٻارن جو پيءُ ٿئي، ته به ساڳي ڳالهه آهي. ماءُ ٻار
کي وڏو ڏسندي، ڪهڙا جذبا ظاهر ڪري ٿي، تن لاءِ
لوليون گواهه آهن.
لوليون گهڻو ڪري اڻ پڙهيل مائَن جي جذبن جو مجموعو آهي.
ٻهراڙيءَ جا پليل ۽ نپايل، تنهن ڪري سوچين به
پنهنجي حال سارو. سندن روزمره جون ڳالهيون ڍڳا
ــــ ڍور، هر ــــ ڦار، ٻني ــــ ٻارو، ڏُڌ ــــ
مکڻ، گاهه ــــ پٺو، وهانءَ ــــ وڌاءَ وغيره.
مثلاً: هڪ ماءُ چاهي ٿي ته سندس اکين جو آسابو،
وڏي هوندي وڏن وارو ڪُڙمت جو ڪم ڪري. چوي ٿي:
ناري دِي ڀر تي، هاري هرڙا ڪهيندا
سونيا پنجاليان، موتي ٻِجڙا ڇٽيندا
مٺي لولي ڏيوان، مارولولي ڏيوان
ڏسو ماءُ جي تمنا! چاهي ٿي ته سندس پٽ، ناري واهه جي زرخيز زمين
تي هر ڪاهيندو رهي. هر اهڙو هجي، جنهن کي جوٽڻ
لاءِ سوني پاڃاري هجي، ٻج ڇُٽڻ لاءِ موتي.
ماءُ، پٽ لاءِ ڪو عهدو طلب نٿي ڪري؛ ماءُ، پٽ لاءِ لقب نٿي
چاهي، فقط چاهي ٿي ته سکيو ستابو هجي (سوني
پاڃاريءَ ڏانهن اشارو) ۽ سٺو ٻج (موتين جهڙو صاف ۽
سٺو) پنهنجي گهران دران ڪڍي.
ڪڻڪان جو پَڪسَن، ڏاٽي ڪير وهيسي
اُڀي ديان خبران، اَلا ڪير پَهچيسي
مِٺي لولي ڏيوان، مارو لولي ڏيوان.
چوي ٿي: جڏهن ڪڻڪون پچي راس ٿينديون، تڏهن ڪير لُڻندو؟ جيڪي اتر
کان لاهيارا (لاب وارا) ايندا آهن، تن جون خبرون
ڪير اچي ڏيندو ته هينئر لاب وارا آيا آهن. پٽ!
اُهو تون ئي آهين جو سموري حقيقت کان واقف ڪندين.
ڪڻڪ پچڻ کان اڳ مينهن ضروري آهي ته جئن فصل مچي. اهو به عقيدو
آهي ته جيڪڏهن مينهن جمعي کان وسندو ته سانده اَٺ
ڏينهن اوهيرا ڪري وسندو. اهو خيال دل تي آڻيندي،
چوي ٿي:
اُڀي دِي ڪَڪري، تي لمي دا مينهن هي
ڀَلِي ڀَلِي آوي، اڄ جمعي دا ڏينهن هي
مِٺي لولي ڏيوان، مارو لولي ڏيوان
وڌيڪ اهو خيال ڏيکاري ٿي ته اتر کان ڪڪريون اٿيون آهن، پر ڦري
ڏکڻ کان وسن ٿيون. ڏکڻ وارو مينهن گهڻو ڪري نه
وسندو آهي، پر جي وسندو ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيندو
آهي.
ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا،جي هڻي ته جهوري
(پهاڪو)
ڪيڏي نه سچيتائي ته اتر کان مينهن نه وسي! اهو انهيءَ ڪري ته
اتر واري مينهن ۾ طوفان ۽ ڳڙي جو امڪان آهي، جنهن
ڪري فصل ناس ٿي ويندو آهي. اهڙي مينهن کي ’ٻڪروال‘
چوندا آهن
(1).
ٻه ٻه ڪندا آيا، ٻيهر ٻڪروال
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان ويا ٽهي مال.
سادن خيالن ۾ ڪيڏو نه دانائيءَ جو درس سمايل آهي! ماءُ، پٽ لاءِ
لولي ۾ وقتائتي معلومات جي ذهن نشينيءَ بعد،
دعائيه الفاظ ڪم آڻيندي رهي ٿي. ماءُ کان سواءِ
ٻيو اهڙي ڪير ڪري!
جيڪڏهن ماءُ، پٽ جي شادي خانه آبادي جو خيال ڪندي ته چابڪ جهڙي
چونڊيندي ته جيئن واهڻ وستيءَ ۾ وهواهه ٿي وڃي.
مهيري والا نينگرا، تيڏي مَهري ڪون تَنگ اي
آپ هَئين شهزادا، تيڏي وَنڙي پَتنگ اي
مارو لولي ڏيوان، مِٺي لولي ڏيوان
ماءُ پٽ کي مهريءَ سان (آسودو ڏسڻ چاهي ٿي.) اي مهريءَ وارا
ڇوڪرا! تنهنجو مهيري به سنجيل ۽ سينگاريل آهي ۽
پاڻ به شهزادو آهين، پر جيڪا ونڙي تنهنجي لاءِ
چونڊي اٿم، سا به پتنگ جيان پتلي ۽ پَٽ جهڙي آهي.
مَهري والا نينگرا، تيڏي مهري ڪون ڳانِي
جُڙي تيڏي جواني، سنهڙي دا ڪوئي ني ثاني
مارو لولي ڏيوان، مِٺي لولي ڏيوان.
چويس ٿي ته ”اي ڇوڪرا! تنهنجو مهري سينگاريل آهي. خدا توکي
جواني بخشي، جو چڙهي گهمين. تنهنجي ونڙي سنهڙي
آهي، جنهن جو ڪوبه مٽ يا ثاني ڪونه آهي.
مهري والا نينگرا، تيڏي مهري ڪون گاشا
ڪنوار نون ويکسين، ته ڦِر ويسئي ماشا
مارو لولي ڏيوان، مِٺي لولي ڏيوان.
وري به مهريءَ جي سينگار جو ذڪر ڪندي، چوي ٿي ته”اي پٽ! تنهنجي
ڪنوار، اهڙي ته حسين مهه جبين، پري پيڪر ۽ رشڪ قمر
آهي، جو ڏسڻ سان تنهنجا ماشا ئي ڦِري ويندا.
مهري والا نينگر، ڳِڍي آوين مٺائي
ڀاڪر مَئين پاوئين، پُٽ ڏيوئي ڀٽائي
مارو لولي ڏيوان، مِٺي لولي ڏيوان.
پچاڙيءَ ۾ پٽ کي سڪ وچان ڀاڪر پائي، دعا ڪري ٿي: ڀٽائي سائين
توکي پٽ ڏيندو. ائين به چويس ٿي ته ”مٺائي وٺي
اچجانءِ! ته تنهنجي پٽ جي ڄمڻ تي ورهائبي.“
ماءُ جا جذبا ڪهڙا نه سهائيندڙ ۽ ساهه سيبائيندڙ آهن. دعا ڪندي
نه ڌن گهري ٿي نه دولت؛ نه ٻني نه ٻارو؛ نه سون نه
سنگهرون! فقط هٺ سَڄي جي دعا: جواني ماڻين؛ پٽ
پيدا ٿئي ئي. تحقيق اهڙن اٻوجهه انسانن جي الله
ٻڌي ٿو.
* * *
|