سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :21

 

مناظرو ڏيڏري ۽ اٺ جو

(محمد*)

[ڏيڏريءَ اڳيان اُٺ لنهي ٿو ۽ هڪل ڪري چيوس ٿو ته ڀڄي پري ٿيءُ ته لتاڙجي نه وڃين! پنهنجو نڪ چيو ڏس. پيٽ ڏس. انهيءَ تان ڏيڏريءَ کي مٺيان لڳي ٿي، اُٺ گي چوي ٿي ته ”اٺ لوڳو، لوڳي ذات. کُرن ڦاٽو، چپن چيريو وغيره وغيره چوي ٿي ۽ وري سلنڊي کي دانهن ڏئي ٿي. تنهن کان پوءِ اٺ ۽ ڏيڏريءَ جو پاڙي وارا پرچاءُ ڪن ٿا.]

 

تهميد

(1) غفور، غفار، غني، ڌڻي، مولو نه محتاج

صاحب ڏانهن سڀني جو آهي احتياج

قادر ڪاڻون نه سهي، نه ٻئي جو ڪانيارو

سٻاجهو سَڀين پَرين مولو موچارو

حبيب جنهن هاشمي قريشي رسول

مير محمد مصطفيٰ مجتبيٰ قبول

حرمت تنهن حبيب جي سائين ڪج شفا

صبر ڏي سچ سين، لاهي حرص هوا.

صبر سونهارو اٺ کي، ڏنو جو ڏاتار

پنجين ڏينهن پاڻي پئي، ڪَهندي منجهه قطار

نه تنهن کي اوسيڙو اُڃ جو، نه تنهن گوندر گاهه

سو هونگاريو هليو وڃي، سامهون سرور شاه

جهيڙو تنهن سين جو ڪيو، سُڻو ڏيڏريءَ

سا سُڃِي سِٺي سڀ ڪنهن، جهوري آيس جيءَ

ڪَنا ڪوڙي ڪِرڙي، رکين تون رهمان

جي لائي چائي چُرٽ ڪري شرماڻي شيطان

ڪري ڪُوار ڪَرهي، واکاڻي کي وِٺ

سُچ سُڃاڻي نه لهي؛ ڪُوڙي ڪري سِٺ

ڏينهن کُٽي ڏيڏري، جهيڙا جا لائي

وچور تنهن جي سڀ ڪو سُڻي ڇوٽائي

اُٺ چِپِي ڪا ڏيڏري، ڳالهه تنهن جي ڪن

ته واٽ وچ تي ڏيڏري ويٺي هئي ڪَهَنِ

ته مٿان آيو اُٺِ، چِيچِي ٿي چيهان ڪري.

ڏيڏري

(2) تڏهن اُتي اُڀي ٿي، اُٺ کي ڏنائين اوڀالو:

جمل اي جاهل تون، ڇو اچين ٿو اُتالو

ٻوڙا، اکيون ٻَڌي، چَپَ لاڙي مَ هلو

لبَ لوڏيندڙ، دوڏر، اوهين نِهٺا نه هلو

پيٽ پِنڊِ پِيلو، نڪ چِٻو ۽ چپٿرو.

 

 

اُٺ

(3) مان مَڃر مَيو چران، ويٺي ويران وڌيڪ

مونکي ڏيئي مهڻو، ڪرين فڪر منجهه غرق

پنڊيءَ جيڏو پيٽ اٿئي، ٺوڙهي آهين ٺَڪ

ڦَڪ مٿارئون ڦَڪَ، ڀريان مان ڀُرٽن جا.

ڏيڏري

(4) اوڳا اُٺ! اوڳي ذات! وَل وَل وجهين وات

کُرن ڦاٽا، چپن چيريا، ڏئين ڳچيءَ ڳات

جبل جيڏي جُوءِ ۾، ٿو پائين جهاتيون جهات

پيٽ نه ڀرجئي پانهنجو، ٿو رڙين ڏينهان رات

گهوگهاوَل جا گهات، چَريَنِ جئن چرندو رهين.

اُٺ

(5) آءٌ پڻ انهيءَ ماڳ تي، اُوڇَل بيٺو آهيان

چَران وَران چوگان ۾، ليڳڻان لاڻِن تي لاهيان

بار غبار ڀِٽن تي، ڏئي سُٽ سِينو ساهيان

مِٺ، مَڳ، مستِي گهڻي، ٿو ڳورو ڳالهايان

ڪيئِي گَرڙيُون گَنوايان، تو جهڙيون

جهجهريون جهڪيون.

ڏيڏري

(6) تڏهن ويئي ويچاري ڏيڏري، ڪهي ڪِرڙي پاس

منهن مٿو پِٽي ڪُٽي، مٿئون ٿِي مُياس

دّر ڪرڙي دانهون ڪري، ڪيهون ڪوڪارياس

در تنهين ڌَرڻو هڻي، ڀانِڻ ڏئي ڀيراس

ته ادا ڪرڙا قاضي! مونکي چانگي ڇاچياس:

’نَڪ ڦٿي، پيٽ پِنڊِي، مادي‘ چئي مٿاس

آهيان ملن اُداس، ڪو فصلو ڪر فڪر سان.

ڪرڙو

(7) نڪ موچاري، پيٽ پتلي، آهين ڪونج ڪنوار

هو کَريو لَتن لَڙيو، وتي وَڳان ڌار

ٺُولهو، ٺوڙهو، ٺومون، آهي ٺپرن سوڌوٺار

سدا رڙي ريهون ڪري، نانگو روئي جئن نار

سِڪندو گهمي ساٿين کي، ڪري پلپل پار

ليڙن جي لغار، ٿي مست ڪري ممڙن کي.

ڏيڏري

(8) تڏهن ويچاري ڏيڏري، آئي اُٺ ڳَري

منهن مّرڪيس، بوندَ بَرڪيس، ڪوڏئون قصو ڪري.

سڃا! رڙ پري ڪا مار پوندئي منهنجي.

اُٺ

(9) ڪوهه ڪهيئي ڪِرڙي، سا ڪني ڳالهه سڻاءِ

ڏيڏري، ڏيهه مري ويا، ڪِرڙو ڪانڌ ڪياءِ!

راڄن ۾ رڙندي وت، ڀلي خلق کلاءِ

ويڻن ساڻ وراءِ، گرڙِي گپن هاڻي!

 

 

ڏيڏري

(10) موڳا ماٺ ڪر، مونکي ويهي ڪرڙي واکاڻيو

توکي چيئين چريو، لتن لڙيو، سئونٽن ساڙايو

ٻيهر ٻهي ڪرڙي، مون سان ٻهڪي ٻولايو

اجهو اوڏهن آڻايو، لوڌيائين ٿي لتن سان.

 

اُٺ

(11)چي ڙي: موڳي! ميري، ماٺ ڪر مون لاءِ

جيڪو ساک سچي ڀري تنهن کي مرُ ماراءِ

ڌرمان ڌوتي ڇوري ڇوٽي، ڇرڪين ڇا لاءِ؟

پنهنجو پاڻ پساءِ، ڀل مُلڪن مرڪندي وت

ڏيڏري

(12)هوڏانهن حق پاڙيندي ههڙو، چُرئين چمرچور!

بار پسي بڙبڙ ڪرين، رکي هئين هور

ڏسند ئي منهنجا ڏاڏاڻا، ڀُڃي ڪندءِ ڀور

لفنگ، لچ، لغور! ماٺ ڪري وڃ ممڙا.

اُٺ

(13) اسان اُٺَ اُباولا، اُونگها، اونگهه اولي

ابتر آجهگهرون اُٺن جون جهڪ وڏا جهولي

ڏورانهين ڏينهن جون خبران ڏيون کولي

راهه ڇڏيون نه رولي، آهيون مست ملڪن ۾.

 

ڏيڏري

(14)کٿي جهڙي کل ٿي، چوانءِ سائر سچ

تون اُٺ اماڙو، منهن بڇڙو، هڏن ۾ هچ

ڇِرڪي وڃين ڇوهان، جڏهن ڏسين گچ

راتيان ڏينهان رَچُ، ناهي تو نهڙي ۾.

 

اُٺ

(15)ڪني، ڪُوڙي، ڪُپتي ڪوڙي ڪانه ڪياءِ

چوريءَ چنبا هڻين، قادر ڪن ڪپياءِ

وار نه اَٿئي وائِڙي، بدِ اُٿي بخشاءِ

سياري ۾ نه سنڀران، اونهاري ۾ آءِ

جهيڻي تو جهڙاءِ، ڪانه ڏٺي مون ڪاٿهين.

ڏيڏري

(16)ليُون، لاڻا چرندو ڦرندو، لڳئي ڪات، ڪنڊو

ته واڇن ۾ ويران ٿين، بُڙڪئي بول ڀنڊو

ٽنگن ٽينگا، ٽيلا ٽوپڻ، ڪو لڳئي سيگهه سُنڍو

گونڊا، آهين گُنڊو، اچي معافي وٺ مون کان.

اُٺ

(17) ماءُ ته منهنجي سوڀ سونهاري، سُرَهي سا اوڳارَ

پُڇ پوشيدا ڏاتار ڏنو، ٻيا مُلڪ مٿان وارَ

پاکڙا پٽن جا، ڪپڙا ڪيمخاب، سرس مٿان سينگارَ

هلان هِندوري جيئن، ٻُڌي هونگ مٿان هونگارَ

ڀلي ويهي ڀتارَ، جُهواڻ تي جُهولندو.

ڏيڏري

(18) ڪاريءَ کاڌا ڏيل ڏاگها، هڪ پنهنجو نه کاءِ

اسان مٿي اهڙيون تهڙيون ٽوڪون ڪيم ٺاهه

بڇڙا، بدو، بي ديدا! مون سان ڳورو نه ڳالهاءِ

کرڙي مٿان کاءُ، جبل ۾ جَهونگاري.

اُٺ

(19) پِٽيلَ، پڄندينءَ ڪينڪي ٿينديءَ خلق خوار

هزارين حيلا ڪرين، توڙي مٿو ويهي ڦار

چمڙي ڄائي، چچڙي، پئي روءٌ زارو زار

گندي، گم ٿي گار، نه ته هڻندوسانءِ هڏن ۾.

ڏيڏري

(20)   گرنگا، گِگرا، گوگڙو، ٺوڙها ويهه ٺڪي

ڏَر ماريا ڏاتر کان، شيطان ٿيءُ سڪي

ڀوڀر ماريائين ڀَڀَ ۾، واسڻ ڪاڻ وَڪِي

ٿي سُونڊ سَڪِي، گِگان ڏِئين گونچ کي.

پرچاءُ

(21)اَچي اُٺ ۽ ڏيڏريءَ کي پاڙي پرچايو

رسڻ سڀ ڪنهن گهوريو، نه خلق کلايو

ڪڍو رَنج روحن مان ٻئي ٻهڪي ٻولايو

صلح ڪريو، سڀ سُک ٿيو نه ڳورو ڳالهايو

ٻائي ڏيڏري، ٻول مَ گهڻو، اُٺ کي اَلايو

اُٺ ويچارو اوڳڙو، هاڻي خير گهرايو

ٻُڌو مرد مامرو، هاڻي بديون بخشايو

ميڙيو ملوڪ محمد چئي پُڻ ڀاڪر پارايو

ڪلمون پاڪ ڪهايو، لٿو ڏمر ڏيڏريءَ اُٺ جو.

* * *


* . محمد، ڏهه قصا ڇپائيندڙ منشي پوڪرداس شڪارپور ــــ سال 1892ع صفحي 40کان.

(2) . اوڀالو = مهڻو، طعنو، ڏوراپو. اتاولو = اتامرو، ورهڻ لاءِ تيار.

(3) . مڃر = ڪُنڊي وڻ جو ٻُورُ، ڪچڙا گونچ. ميو = اٺ. ڀرٽ = ڏُٿ جو قسم.

(4) . ڳات = لَهرو، گهمرو. گهو گهاول = گهوڙا ولِ.

(7) . وڳان = وڳ کان، وَنر کان. ليڙا = اُٺ.

(8)    ڳري = وٽ.

(11) . ڏرمان = مشهورڌوتيءَ جو نالو.

(12) . هور ۔= غم، ڳڻتي.

(14) . اماڙو = بي ڊولو.

(15) . توجهڙاءِ = تو جهڙي.

(16) . بڙڪئي = ڪِنو ٿييئي. بول = پيٽ. ڀنڊو = ڀانڊو. ٽينگا = ڊگها، گنڊو = خراب جو خراب.

(17) . ملڪ = گهڻا.

(18) . ڪاريءَ کاڌا =نانگ کاڌل، شل ڪاري (نانگ) کاوئي.

(20) . ڏر = ڊڄ.

(21) . اوڳڙو = موڳرو. گُهرايو = گُهرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org