معجزا
معجزو عربي مُعجزة، جنهن جي معنيٰ اهو ڪم، جنهن جي ڏسڻ سان
انسان هڪدم مڃڻ تي عاجز ٿي پوي يا ائين کڻي چئجي
ته اهو ڪم جو انساني قوت کان ٻاهر هجي.
الله تعاليٰ وقت جي تقاضا آهر، نبين کي معجزا عطا فرمايا جن جي
ذريعي هنن ڪيترائي عقل کان مٿي ڪم ڪري ڏيکاريا ته
جيئن وقت جي نبي کي ماڻهو، خدا جي طرفان (پيغمبر)
موڪليل سمجھن. جيئن حضرت موسيٰ جي وقت ۾ جادو جو
زور هو ته الله تعاليٰ کيس ٻين معجزن سان گڏ ’عصا‘
وارو معجزو به عطا فرمايو، جنهن ڪري ڪفارن جا ڪنڌ
ڪيرائي وڌائين، اهڙيءَ طرح حضرت عيسيٰ کي ٻين
معجزن سان گڏ مُردن کي زنده ڪرڻ وارو معجزو به عطا
ٿيل هو. اسان جي نبي آخر زمان کي به ڪيترائي معجزا
– شق القمه وغيره – عطا ٿيل هئا ته جيئن سندن
ڏيکارڻ سان ڪافر راهه راست تي اچن. ”نبي“ جي لغوي
معنيٰ آهي خبر ڏيڻ وارو. پيغمبر. پر ”نبي“ ۽
”رسول“ ۾ وري فرق آهي،. نبي تي ڪتاب نازل هئڻ
لازمي نه آهي، مگر ’رسول‘ صاحب ڪتاب هوندو آهي.
شاعرن، ’معجزي‘ سان گڏ ’ڪرامت‘ جو به بيان ڪيو آهي جنهن جي معني
آهي تعجب خيز ڳالهه ڪرڻ يعني اهڙي ڳالهه، جا ڏسندڙ
جا ڪپاٽ کولي ڇڏي، ڪرامت عربي ”ڪُرامة“
(مادو:ڪَرمَ =) فياض يا سخي ٿيڻ، ڀلا جيڪڏهن ڪنهن
اَڙيل جو ڪهن وٽان ڪم ٿئي، ان کي وڌيڪ ٻي ڪهڙي سخا
ٿي سگهي ٿي! جناب بادشاهه پيران پير رحه جو ٻڏل
ٻيڙي تارڻ وارو‘ حيرت انگيز ڪارنام، ڪرامت تحت ڪيو
۽ مالڪن کي ساٿ سلامت مليو. ان کان سواءِ وڌيڪ ٻي
”ولي“ جي ڪهڙي ڪرامت يا سخا ٿي سگهي ٿي! ’معجزي‘ ۽
’ڪرامت‘ ۾ هي فرق آهي – ’معجزو‘ فقط نبين تائين
محدود آهي ۽ ’ڪرامت‘ ولين ۽ درويشن تائين، جمال
شاعر به ا.ئين چوي ٿو ته:
ڏور ڏٺ ڳولڻ، آهي ڪم سَپُورن جا
هنر ۾ حرفت گهڻي، تنهن وَڌ دراها
سينگار سياڻپ ٿو گهڙي، ڪي هجن ڳولاوا
معجزا نبين جا ٿيا، ڪرامتو وَليا.
جيتوڻيڪ ’معجزا‘ نبين جا ۽ ’ڪرامتون‘ ولين جون آهن پر عقيدتمندي
جي وَهه ۾ وَهندي شاعر بي نياز ٿيا؛ جنهن ڪري
’ولين‘ ڏانهن ’معجزا‘ منسوب ڪرڻ لڳا.
’معجزن‘ ۾ الله تعاليٰ جي حمد ۽ پيغمبر ﷺ جي ساراهه بعد، گهُربل
حقيقت بيان ڪندا آهن، ’ڪرامتن‘ ۾ وري مٿين ڳالهه
کان علاوه اصحابن يا ولين جي ڪيل حيرت انگيز
ڪارنامي جو ذڪر ڪندا آهن. هي سڄو بيان نظم ۾
هوندوآهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نهايت سهڻو لکي
ٿو ته: لوڪ ادب جي اصطلاح ۾ ’معجزو‘ اهو نظم آهي،
جنهن ۾ قدرت جي ڪرشمي، نبي جي معجزي، اصحاب سڳوري
يا وليءَ جي ڪرامت جي بيان ذريعي ممدوح جي صفت ۽
ثنا ۽ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار مقصود هجي
(1).
’معجزو‘، ’ڏور‘ جو مرڪزي مواد آهي، جنهن کي خيال ۾ رکي شاعر ۽
سگهڙ ڏور جي گهڙت گهڙيندا آهن. ’ڏور‘ ڪڏهن به
’معجزي‘ جي حقيقت کان ٻاهر ٿي نٿي سگهي. جو ڪجھ
معجزي ۾ بيان ڪيل هوندو آهي، اهو عين بين لڪائي يا
تمثيل ذريعي ڏور ۾ پيش ڪندا آهن.
سنڌي زبان ۾ پهريون ’معجزو‘ ڪنهن چيو ۽ ڪڏهن، سو تحقيق طلب آهي؛
البته مواد مد نظر ائين چئي سهگبو ته ٺٽوي بزرگن
يعني شاعرن، معجزن کي پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾
پئي ڳايو آهي.
* * *
معجزو هرڻيءَ وارو
(مخدوم عبدالله ٺٽوي)
مخدوم عبدالله عرف ميان موريو ولد ميان عبدالقادر، پنهنجي وقت
جو جيد عالم ٿي گذريو آهي. سنڌ جي مشهور عالم۽
سنڌي ٻوليءَ جي پهرين آئيويٽا ٺاهيندڙميان
ابوالحسن ٺٽوي جو ڀاڻيجو هو. مخدوم عبدالله ٺٽي ۾
1140هه مطابق 1732ع ۾ ڄائو. سموري تعليم پنهنجي
مامي جي زير نظر حاصل ڪيائين سندس تقرير ۾ وڏو
تاثير هو؛ جنهن ڪري خلق سندس وعظ شوق سان ٻڌندي
هئي، انهيءَ ڪري کيس ’ميان عبدالله واعظ‘ به چوندا
هئا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو همعصر هو ۽ ان کي
خواهه ان جي تصنيفات کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو
هن ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جملي اٺ ڪتاب تصنيف ڪيا
اٿس:1- ڪنزت العبرت، 2- بدرا المنير، 3- غزوات، 4-
نورالابمار، 5- صفت بهشت، 6- قمر المنير، 7- سڱ
نامون، 8- تفسير يوسف(1).
’قمرالمنير‘ ۾ آنحضرت ﷺ جن جا اخلاق، اعمال، اقوال ۽ معجزا بيان
ڪيل آهن. هت سندس هڪ معجزو ’هرڻي وارو‘ ”قمر
المنير“ ڪتاب مان ڏجي ٿو. اهو ڪتاب قاضي محمد
ابراهيم ابن قاضي نور محمد پُلبندري، مطبع معموره
– بمبئي، سال 1954ع ۾ ڇاپايو.
پُڻ گذر ڪيو گوهر ڪڏهن، صحراءَ ڏنهن سڄڻن،
تا هرڻي ڪيا حضرت کي، سڏڙا سين شوقن،
پائي جا ڦاهيءَ ۾، ڪئي محڪم مارين.
چيائين کي چاڳلي، منجهان معذرتن.
چي: پِرين ڪڍو ڦاهيءَ کان، مونکي سين مهرن.
موڪل ڏياريوم ماريءَ ڪنا، ڪڍي ڪوُڻاٺين.
ته اچان پياري ٻچڙا جي ٿا بک مَرن،
تيئن ماريءَ جي موڪل ري ڪڍي ڪريمن،
موڪل ڏنائين مهر سين ته وڃي وٽ ٻچن.
پاڻ ويهي رهيو ڦاهيءَ وٽ مهندار مرسلن.
جانسين اچي هرڻي، پياري ٻچڙن.
تاني ماري جاڳي ماڳهين جان ڏٺوسين اکين.
تان پسي نه هرڻي ڦاهيءَ ۾ ڪڍي ڪَوڻاٺن.
تئين کجڻ کامڻ کَپڻ لڳو، اهي منجھ جگرن.
ڪري شڪايت شڪار جي پُڇي کي پرين.
چي: ميان! شڪار مون ڪيو هيءُ ڏاڍي ساڻ ڏکن.
ڪارڻ قوت عيال جي جي ٿا بک مرن.
سوموڪل ڌاران منهنجي، ڇوٽِي ساڻ هٿن.
ڪڄاڙي کي تو ڪڍئو، ڪنا ڪوڻاٺن.
(1)
تڏهن ڪئي هرڻي جي حق ۾ شفاعت سڄڻن.
چي: اُوءَ نان ايندي موٽي، سگهي پيار ٻچڙن.
ڪري قول اسانکي ويئي وٽ وَلَدَنِ
(2)
پر ڇڏ تون ميان شڪارُ ئي ته ڇٽين ڪنا سورن.
اڳيان هَول هلاڪتون جي سٽيائون سڄُن.
(3)
تت ٿيندين محتاج اسانجي سندن شفاعتُن.
تئن ماري ٿيو ملول گهڻو، سڻي ڳالهه سندين.
ته ڪنهن پر شڪار ڇڏيان، جو جهليم جھجھٻين ڏکن.
ڪارڻ قُوت عيال جي پائي منجھ ڦاهين.
اڃان اِنَ اَندوه ۾ تان حڪم سين ڌڻين.
هلي آئي هرڻي، پاڻَهي پيش پرين.
سجدو اچي سيد کي ڪيائين سين ڪوڏَن.
پُڻ سلام چيائين سِڪَ سين مٿي مَحبوبن.
تِئن ماري، پَسي مجزو، سندو سُپريَن،
آيو پَرينَدهن اِ خلاصَ ، وِسَهي ويساهَن.
لٿا شڪ شڪاريءَ کي وَهم وجودنِ.
ڪيائين تصور قلب ۾ حاضر ڪِري هِين.
چوڻ لڳو ِچتَ ۾، اِنَ پَريِسين عَجيَبن.
ته جانور جي جھنگ جا، مڃَن ۾ سَهڙَن.
ڀوڻَن سدائين برَ ۾ ماڻهن سيِن نه ملَن.
سي چکي ساءُ ڦاهيءَ جو موٽي ڪين اَچن.
هيِ تان پسِجي پاڪ و ڪو منجھان مقبولن.
وعدي ڪارڻِ جنهنجي وَحشي وريو اچن.
هاڻ پڄان پانداِنَ جو، دامن جھليان دوستن.
ته اُبهان مان عذاب کان، ڇٽان ڪَنان سُورن،
جرڳو ٿين جَنتَ جو،حرمت حَبيبن.
تئن آندائين اسلام کي منجھان محبتن.
ضامِن جھليائين جنتَ جو، کي پاڪيزي پرِين.
هرڻي ڏيئي حضرت کي چٽو ڪِتَنا سورن.
اَجو ٿيو عذاب کان برڪَت ڀلارن.(1)
هرڻي ڇُٽي هلاڪتا، بچائي. ڀلَن.
سرهي ٿي سرير ۾ آپر عجيبن.
ڊڪي ڊوڙ نڪِڻين، جچي سين نازن.
ڪري سلام سيد کي، ڪلمان چئي ڪوڏن.
تيلانهن تنهن، ماڳ جي هاڻ ماڻهو زيارت ڪَن.
مسجد غزالة تنهن لکي، منجھ ڪتاب ڪَهن.
* * *
معجزو حضرت جابر اصحابي وارو*
(سيد خير شاهه)
قدرتاً ڪلتار جي، تون ڏس رضا رحمان جِي
بي سُتون بازي بنايا، جنهن زمين آسمان جي
ڪُل جوڙي جوڙ ڪيائين مَلڪ، جيِنَ انسان جي
ٿي هَويدا هر دوعالم منجھ صفت سبحان جي
ڪيائين پنهنجو محبوب مشرف، پاڪ پيدا پيغمبر
(2) ڪنهن ڏينهن ڪامل ڪئي ڪچهري، منجھ مصطفيٰ
سو نبي الله ويٺو، ساڻ صحابن پُرضيا
جابر انصاري ڪئي دعوت، چيس مرسل مرحبا
پوءِ وري ويو جاءِ تي جابر وٺي وهلو رضا
سئو سڏائي ٿو ڪهائي دراڳيون دُنبا ٻڪر.
(3) پڙ ٻه جابر جا ننڍا، تنهن ڪوس ٿي ڪسندي ڏٺو
هڪ سرس هو، ٻيو نرس ننڍو، مڙنون مِٺو،
وڏي نينگر ننڍي کي راند ۾ ڪوٺي ڪُٺو.
حڪم سبحان الذي، اڄ واءُ وڇوڙي جو وٺو.
ڀاءَ ڪهايائين ڀاءُ کان، هٿ ۾ ڏئي خوني خنجر
(4)
خبر انصاري کي ٿي، اڄ ڪم قضا
ڪهڙو ڪيو
قصد مان مان ڪيهر اُٿي سو ڪڍي ڪڙي ڪاهي پيو
پٽ ڀَڄي پيءُ کان پري ڪوٺي چڙهي قابو ٿيو.
پيءُ ڀانيو پُٽ کي وٺان، نينگر ٽپو ڏئي پَٽ پيو
پي پيالو موت جو، سو پڻ سڌاڻو سر سفر.
(5) کڻي کٽولي تي وجھي ٻئي گهر نيائين نونهال
قهري ڪم قادر ڪيا، جو آه قدرت جوڪمال
پنهنجي عورت کي چيائين: غم ماري ڪر پائمال
اڄ گهوٽ ايندو گهر اسان جي زبدة حق ذوالجلال،
سيد و سرور دوعالم، خاتم و خير البشر.
(6)
ٻاڦَ ٻاهر جي ڪڍيئه، ظاهر زبانان ڪا ذري
ته کاڄ کيندا ڪينڪي، بيدل ٿيندا نُور اَنوري
سچو سيد انبياء جو دين دنيا جي دري
ڪندو اسان تي ڪارڻي واهر وسيلو وَڙ وري
لِک لکائج ڪيم ڪي، ڪوڏِيل مَان ڏک ۽ ڏمر.
(7)
تڏهن چيس عورت: اڄ اسان وٽ پير پاتا جي پريان
وک وک مٿئون تنهن مصطفيٰ جي سئو پٽن صدقو ڪريان
اصل کان اهلبيت ڏي آءٌ نيڪ نيت ٿي ڌريان
هٿ گهڙو، سر سينهون پاڻي پيغمبر جو ڀريان
مان پورهيت سڏن، ايڏو ٿئي اعليٰ آجر.
(8)
صبر جو سندرو ٻڌي، زال زودون بردبار
فرش فرشيليون وڇايا، برد رَنگي لال زار
گلم گاليون زير باليون، بلخيون زرنگار
ٿي ڇٽيا ڇنڪار گلابي مشڪ خوشبويون هزار
چو طرف ڇنڊيا هئا عطر عنبير ۽ عنبر،
(9)
ٿي پڪا پڪوان پاڪيزا پلائون ٻوڙ سان
ساڳ سيرا سالنا جابر جوڙايا جوڙ سان
درست دوپيازا، دم پختا، ٺهيا ٺاهور سان
نانَ حلون هنڌ ڀريا کارڪن و کوڙ سان
مصريون ميوا، مربا، ٻيا شهد ۽ شيرا شڪر.
(10) قورمان، قهرا گلابي، مرغ برياني ڪباب
کيرڻيون ۽ فيرڻيون ٿيون، خاص کچڻيون بي حساب
عطر ڪي آچار فالود انهي تازا ثمر
(11) تڏهن هليا سرور کي سڏن جو صاحب تاج ولوا
هاشمي حضرت هليو جو عالم بدر الدجيٰ
جئن چنڊ کي چوگردا تارا، تئن ساڻن اصحاب ها
جتي پاتا پير پرين، سير سي سرها ٿيا
شوق شهه جي ذوق کان، آيا هلي حجر و شجر.
(12) تڏهن پيش پيغمبر ٿيو، جو ڪل شاهنشاه ٿيو
رب پنهنجو محبوب ڪيو، عاشق مٿس الله ٿيو
هڪ لک چوويهه هزارين؛ درهي درياهه ٿيو
جيڪا خاوند خلق تنهن سڀ جو بادشاهه ٿيو
سج چنڊ تارا، ڪتيون، ڪن ڪرنشون ڪوڙين قمر.
(13)
تڏهن آيو محمد ڄام عربي صحابن سان سڌير
چڙهي ويٺو چاڳلو، مَسند اُتي سو مَهه مغير
خلق خورشيد الاهي، ڪرم قادر ڪيو ڪشير
اڙين ۽ عاصين جو آهي داور دستگير
رحمةالعالمين آهي بادشاهه بَحر و بَر
(14)
تڏهن جوءِ جابر جي ۽ جابر پيا قدمن تي ڇڻي
نيو نرمل نور کي ٿا چمن پيرن جي پڻي
خونچن تي خوچا پوءِ کاڄ جا آيا کڻي
رب بنا ڪل ناهه ڪا، ته ڪا هن هيندي وڻي
جگر جابر جا، ڪسي پيا ٻئي پيارا پسر.
(15) سو سانڍي ساهه سان عاشق اُٿيو اعتبار سان
هٿ ڌئارڻ هيج سان، جابر اُٿيو جيءَ جان سان
چِلمچيون، ڪونرا چٽيل، جوڙي چڱي جنسار سان
هٿ ڌئاري دادلا، سرها ٿيا سردار سان
خاص کائڻ جو ڪيو، ارشاد اُت عربي آمر.
(16) تڏهن جبريل جناب ۾ وَحي وٺي آئيو
يا رسول الله! آن کي، سائين هيئن فرمائيو؛
پٽ ٻه جابر جا سڏي، هن وقت گڏ کارائيو
تانسين طعام کي، آهين هٿ هرگزمَ لائيو
جاسين اچن ٻارٻئي، سُڻ سردار عالم جا سڌر
(17)
تڏهن طلب جابر جي پٽن جي ڪئي حضرت هاشمي
ڪوٺي آچو پُٽ جابر جا ته کائن گڏ هَمي
چيو جابر يا حبيبي هِت نه آهن حاضري
نڪري ويا وادين اُتي، چرڪا ايندا رانديون رهي
آهِين واپرايو طعام کي، سهجان سيد سر بسر
(18)
تڏهن فرمائيو محمد مصطفيٰ خاتم الرسل:
اي جابر، هن حقيقت جي توکي ناهي ڪَل
وَحي آئيو اڄ اسان وٽ بحڪم لم يزل
ڪوٺي پٽ جابر جا ٻئي کارائيو هن مهل
ملڪ مولي جي ڏني هيءَ خاصي خوشخبر،
(19) تڏهن جوش مان جابر ويهي ڪئي حقيقت حال جي
جيڪا ساڻس ٿي گذري، ڳالهه تنهن سوالي جي
سڀ سڻايئين ماجرا، جيءَ جشي جنجال جي
يا رسول الله، ڏسو تقديرسڀ هن حال جي
چوڻ چارو ناهه ڪو آگي اڳيان هڪ انگ اکر
(20) ڪهي قريشيءَ اڳيان قصو ڪيائين آشڪار
۽ پڻ صحابي سڀيئي سڻي ٿيا بي قرار
تڏهن پيغمبر غمگين ٿيو سڻي سمجھي هي پچار
ست صحابيءَ جو ڏسو، ڪيائين نبيءَ تان جان نثار
اعتقاد عورت ڪيو، فِڪر فهمي درگذار.
(21) جس
جنين جيءَ تي سٺي جور و جفا
آهه همدم جَس تنين کي، طرف حق جي ٿيا وفا
جس جنين سيد سڃاتو، سان از خود دل صفا
جَس وڃي جَس کي گڏيا، جي سڀا لهندا لقا
جس مٿي اولاد ان جي، جس تنين مادر پدر.
(22) تڏهن وڃي واحد وٺي، سيد ڏي آندا سلا
جيار پٽَ جابر جا ٻئي، آمر رب جي سان امام
ڪُل ڏسن قادر جي قدرت، هلي اتي خاص عام
تڏهن خوش ٿيو خيرالوريٰ سڻي پيغمبر پيغام
وَڏلجي لائق اچي ڪيو، مصطفيٰ مهرون نظر.
(23)
تڏهن آيو مرسل مير، معصومن وٽ
وري
قم باذن الله چيو پاڻ پيغمبر هٿ ڌري
نينگر ٻئي ننڊ مان اُٿيا ڪوڏ مان ڪلمون ڀري
پيءُ سندن سرهو ٿيو، مائڙي لايا ڳري
ٿيو مشرق معجزو، محبوب جو مشهور تر.
(24) تڏهن کاڄ کاڌو نرمل سان ٻارن ٻني
دار دنيا جو ڇڏي سفر سڌاريو هو جني
پانهنجي مائٽن کان ويا هئا سڱ ساياڪا ڇني
مئا جيئن جن جا ٿا طالع تني
وايون ورائي مصطفيٰ، قادر ڄاڻي جنهن جو قدر.
(25) تڏهن ٿيا شادمانا ۽ شروع شاديون ٿيون
جابر اصحابي جي گهر ۾ خانه آباديون ٿيون
جي هيون ويران ورهن، سي وسڻ واديون ٿيون
جن همايت هاشمي، تن ايڏيون امدايون ٿيون
وِين هم غم وَهلاجا مان، اُجا ٿيا خوفون خطر.
(26)
تڏهن دست دامن ۾ وجھي، وٺ نور نرمل جو نهو
آهي سردار سيد سدا، سڀني سڌر سهو
جن حمايت هاشمي تنهن جي اُمت غم ڪهو؟
ٻيو نه خاوند خلقيو، مثل ڪو مرسل جھو
حامي هر دو عالم، شافع روزِ حشر.
(27) ايڏا وڙ واحد وڏا، قادر قريشيءَ سان ڪيا
سبب سرور انبياءَ جي، ڪئي مئا ماڻهو جيا
جن کي حب حضرت نبي جي،سي مڙئي پار ٿيا
ويو ڏولائو ڏيل مان، وڃي سکن ۾ ساڪن ٿيا
هوندا هت هُتي منجھ دائم دنيا دين دار.
(28) آءٌ آپر عاجز آهيان منهنجا ٿيا ڪيئي جرم
ڏوهه ڏسي پنهنجا ڏاران، ڪو قريشي ڪر ڪرم
فضل ڪر في الحال مون تي خاص اي شاهه! منهنجو رک شرم
اتي رسولَ رسۡ، جتي ڪاهي نيندا منجھ قبر.
(29) ساڻ مڙني مومنن جي، ڏي چٺي ايمان جي
پَن پنان اولاد جي ۽ عافيت جند جان جي
خير خير شاهه ٿو گهري، ٻي جڳ احسان جي
سڀ ڇٽا ڪلمي جي برڪت، صدقي اُن سلطانَ جي
تنهنجي پناهه، تنهنجي پکر تون نبي نرمل نامور.
* * *
|