مولود
’مولود‘ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نئون ڄاول ٻار؛ ٻار جي
ڄمڻ جو وقت. سنڌي محاوري ۾ ’مولود‘ اُهو نظم آهي،
جو آنحضرت ﷺ جي ولادت يا سعادت جي مسرت ڀرئي موقعي
تي سندن شان ۾ چيل هجي.
اسان پنهنجي محبوب سرور ڪائنات، فخر موجودات حضرت محمد ﷺ جي
ولادت جو ڏينهن ٻارهين ربيع الاول ملهائيندا
آهيون؛ پر احترام وچان سارو مهينو ملهايو ويندو
آهي. جيئن ته اهو خوشيءَ جو مهينو آهي، تنهنڪري
شايد ’عرس‘ نالو پيو آهي. عام طرح ربيع الاول کي
’عرس‘ جو مهينو چوندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته هن مهيني ۾
آنحضرت ﷺ جن جو عرس ٿيندو آهي. پڙهيل طبقو ملهائڻ
واري ڏينهن يا موقعي کي ’عيد ميلاد النبي‘ چوندا
آهن.
مولودن ۾ حضرت محمد ﷺ جي ثنا ۽ ساراهه مکيه جز آهي، ليڪن هر
عقيدتمند شاعر پنهنجي فهم ۽ فڪر آهر مولود چيا
آهن، جن ۾ سندن روضي جي زيارت، فيض، بشارت لاءِ،
ازحد اشتياق ڏيکاريندا آهن. ڪڏهن وري معراج واري
موقعي جو رتبو بيان ڪندا آهن، ته ڪڏهن وري اصحاب
سڳورن سان ڪچهريءَ وارو ذڪر ڪندا آهن ته ڪڏهن سندن
ذات الصفات سان واسطو رکندڙ واقعا بيان ڪندا آهن.
مطلب ته مولودن ۾ مڙئي محبوب جي تعريف ۽ توصيف
هوندي آهي.
مولود، ٻار جي ولادت، طهر، شادي وغيره جي موقعن تي چوندا آهن.
پر جڏهن انسان مري ٿو، تڏهن به سندن جنازي سان گڏ
گهر کان قربستان تائين مولود چورايا ويندا آهن.
جيتوڻيڪ اهو ڪو خوشيءَ جو موقعو نه هوندو آهي، پر
ڇاڪاڻ ته اهو انسان (جيڪو مري ٿو) اسان وٽ الله
تعاليٰ جي امانت آهي، جو مرڻ بعد امانت با سلامت
رب جي حوالي ڪئي وڃي ٿي يعني خوشي انهيءَ ڪري چئبي
جو امانت (انسان) صحيح سلامت رب وٽ ويئي.
مولود، سنڌ ۾ ڪڏهن اُسريا؟ سو تحقيقي تهه ۾ آهي، پر مواد جي مد
نظر ائين ڪنهن ڪنهن حد تائين چئي سگهبو ته مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي پهريون شاعر آهي، جنهن حضور ﷺ جن جي
شان ۾، سنڌيءَ ۾ مولود چيا. تنهن کان پوءِ ٻين
عاشقن ۽ شاعرن مخدوم صاحب جي پيروي ڪئي آهي.
مولود هڪ ڄڻو به ڳائي سگهي ٿو ته هڪ کان زياده به. ڪڏهن ڪڏهن ٻه
ٽوليون هونديون آهن، جي واري وٽيءَ تي مولود
چونديون آهن. مولود ڳائڻ وقت ڪوبه ساز ڪم نه ايندو
آهي.
مولود جي مجلس ۾ اول کان آخرتائين جيڪي ڪجهه پڙهيو وڃي ٿو، تنهن
کي مولودن جي زبان ۾ ’شغل‘ سڏبو آهي. شغل ۾ مولود،
مدح ۽ مولودي طرز جون ڪافيون اچي وڃن ٿيون.
*
عبدالرؤف ڀٽي
[مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پراڻن هالن (ضلع حيدرآباد) ۾ 1682ع ۾ ڄائو.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ بلند پائي جو عالم
هو. سندس مولود اڄ تائين ساريءَ سنڌ ۾ ڳائجن ٿا.
سندس تخلص ”عاصي“ هو. 1752ع ۾ وفات ڪيائين.]
+)
ساريو سردار کي، نيڻ مون ڀِنا
1- سُرهو سڱ رسول جو، ٻيا مڙيئي ڪنا
ساريو........
2- موليٰ مٿاهين ڪئي، باري تنهنجي بناء
ساريو ........
3- ڄاڻو بيبي ڄام کي، مَرڪِي سا آمنا
ساريو ........
4- آءُ محمد عربي، عاصي آهِينِ ڊِنا.
ساريو ........
حسين ديدڙ
[محمد حسين ديدڙ، ڳوٺ ديدڙ ڳوٺ قنمبر ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو.
1803ع ڌاري ڄائو. پهريائين ميرن جي نوڪريءَ ۾ هو
پر پوءِ سڀ ٽَڳا ٽوڙي، مسجد ۾ درس تدريس جو ڪم ڪرڻ
لڳو. وقت جو وڏو شاعر ۽ فارسي دان هو. حمل لغاري
به سندس ڳوٺ ڪچهري ڪرڻ ويو هو. هن جي ڪلام جي
مجموعو ”ڪليات حسين ديدڙ“ جي نالي سان بنده جو
مرتب ڪيل، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپائي پڌرو ڪيو آهي.
1873ع ۾ وفات ڪيائين.]
*
پاڪ پيغمبر بادشاهه، عاليشان عُظام
داور ڪيو دارين کي، تنهنجي هيٺ حڪام
1- حوران تنهنجا هاشمي، مَلن پيرَ مدام
خاص ملائُڪ خدمتي، اَڀن وارو عام
2- مُنجان تو ڏي مصطفيٰ، صبا هٿ سلام
ڪندين شال قبول تون پاڄيءَ جا پيغام
3- وِير وسيلا واهرو عالَم ڄام امام
ٻُڌي دانهون دلربا، ڪج ڪو غور غلام
4- اَجهو تنهنجو آسرو، تڪيو زور تمام
ڪڍو مير مريض کي، اچي دولہ! منهنجون دام
5- عاصي، عاجز احمدا لڳا تنهنجي لام
رکج هٿ حسين چئي، اچي سرور مٿان سام.
صاحبڏنو
*
مون کي نرمل نبي ڏيکاريو روضو رسول جو
1- مسجد مديني مير جي، جامع وڏي جنسار اَلو
نيلان، منارا نور جا، سونهن مٿي سينگار الو
2- جن کي لڳي جڙجان ۾، سي ڪيئن ڪنديون
ڪم ڪارالو
هَي هَي اٿن هوت ئي، روئڻ زارو زار الو
3- ڪُنَ ڪَپر درياهه جا، دهشت ٻُجهي درٻار الو
سنگت سلامت سيدا، پرور لنگهائج پار الو
4- روضو رصول الله جو، آهه انور وڏي اقبال الو
جن ڏٺو سي سڀ ڇُٽا، جُئون هلي هڪبار الو
صاحبڏنو چوي سيدا، تنهنجي اَجهي آڌار الو
ناقص نڌر آهيان، نبي نالي خدا جي نهار الو
رمضان واڍو
*
مٺا مير مرسل، اي سرور سگهارا
سوين تنهنجا اُمت تي آهين ٿورا.
1- اسان جو تون حيلو ۽ آهين وسيلو
حشر ۾ تون حامي، ڇڏائيندين ڇورا.
2- بخت اُنهن جو بالا، ڪيو رب تعاليٰ
سندس ئي عرش ۽ فرش اڏيل اوتارا.
3- گنگهار آهيان، توکي ٿو ستايان
ڏسان شال جيئري مديني منارا.
4- شڀ و روز واڍو سِڪي تو لَئي ڏاڍو
ٿئي ڪلمي ڪاڍو پَسَهه ٿين پورا.
* * *
لولي
’لولي‘ سنڌ جو عام ۽ پيارو گيت آهي، جو سنڌي توڙي سرائڪي زبان ۾
چيو ويندو آهي. لولين جي ٻَڌَ ۽ نفس مضمون مان
معلوم ٿيندو ته لوليءَ جو بنيادي نڪتو آهي جذبن،
اُمنگن ۽ احسان جو اظهار. يقين آهي ته اهو جذبو
پهريائين ماءُ کي ٻچي لاءِ ئي پيدا ٿيو هوندو.
تنهان پوءِ جيئن وقت گذرندو رهيو ۽ عشق ۽ عقل جي
جَنون ۽ دانش جا درياءَ وهندا رهيا، تئن لوليءَ جا
رنگ ۽ روپ به نرالا ٿيندا رهيا. ڪڏهن سهاڳڻ پنهنجي
سهاڳ کي ڏيساور تي ڏور ويندو يا رهندو ڏسي، پس
غائبانه مخاطب ٿي اندر جي اورَ اوريندي رهي ٿي ته
جئن سندن من مطمئن ٿئي ۽ وڇوڙي وارو وقت به
آسانيءَ سان گذري وڃي، ته ڪڏهن عاشق پنهنجي معشوق
جي دل ۽ دلبري ۾ ڦاسي، پنهنجي اندر جي اُڌمن جي
کول ڪندو رهي ٿو ته جئن سندس دل کي راحت ۽ طبع کي
فرحت حاصل ٿئي؛ ته ڪڏهن آنحضرت محمد ﷺ جن جي شان ۾
آسن ۽ اُميدن سان گڏ، پنهنجي حال زار جي ماجرا
بيان ڪندو رهي ٿو، ته ڪڏهن مرشد جي پيرن سدورن ڪرڻ
ڪري عورتون توڙي مرد، پنهنجي عقيدتمندي جو اظهار
ڪندا رهن ٿا. شاهه ڀٽائي رحه به سر سامونڊيءَ ۾
وَهُن جي وڇڙيل وَرن جو وستار اهڙي ته رقت آميز
هجي ۾ بيان ڪيو آهي، جو پڙهندي ڳچ ڳريو پون. سندن
سونهن ۽ سلايت جي ساک هن طرح ڀرين ٿيون:
1- سنهيءَ لَڪِ، نَڪِ سَنئين، ڪَجل ڀِنن نيڻ
سامونڊي مون سيڻ، ڪِ تو ڪالهه لنگهيا.
(شاهه)
شاهه صاحب عورتن کي عاشق بڻائي، سندن واتون وَر لاءِ طرحين
طرحين جا خيال ظاهر ڪيا آهن. هونءَ به جنهن رنگ ۽
ڍنگ، وَرن ۽ ڌَرن ۾ عورت آزي ۽ نيزاري، عاجزي ۽
انڪساري سان خيالن جي ادائگي ڪندي، سا مرد کان
هرگز پهچي نه سگهندي. اسان جي سنڌ جي شاعرن ۽
سگهڙن به لوليءَ کي مختلف قسمن ۾ ڳائي، عورت کي
عاشق بڻائي، پنهنجا اُمنگ ۽ اُڌما ظاهر ڪيا آهن.
|