سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :20

 

مناظرو فقير ۽ بخيل جو

(رمضان واڍو +)

[مناظري ۾ سائل ڪنهن بخيل کي الله جو نالو وجهي سوال ڪري ٿو. بخيل چويس ٿو ته ”پنهنجي خدا کان گهر.“ تنهن تي فقير چويس ٿو ته ”سخي، سائل کي ڏسندي خوش ٿيندو، پر بخيل ڪنڌ هيٺ ڪري ڪرڪندو.“ بخيل چويس ٿو ”فقير، تون خدا جو در ڇڏي ٻين دردن تي ڇو ٿو ڀٽڪين؟ توکي گهرجي ته فقير فاقو سهه، پرڪنهن کان نه گهر. تون ته ٿلهو متارو آهين. ڪم ڪرڻ کان ڪوڙا بهانا ڪيو، ڳچيءَ ۾ ڳانا ٻڌيو گهمندو رهين ٿو. پر ٻڌاءِ ته ’فقيري‘ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ جيڪڏهن سچ پچ تو ۾ فقيريءَ وارو لڇڻ آهي ته در در جا ڌڪا نه کاءُ.“ فقير چويس ٿو ته ”مون ۾ فقيريءَ جا سڀ لڇڻ آهن. تون ياد رک ته هي جهان فاني آهي ۽ نيٺ آخرت ڏانهن هلڻو آهي. ڏنو، ٻنو آهي. جيڪي هت ڏيندين، اهو ئي هُت ڪم ايندءِ.“ بخيل محسوس ڪري ٿو ته فقير حق تي آهي، تنهنڪري پيرين پئي معافي وٺي ٿو.]

سائل

’يا ڪريم‘ چئي، سوال ڪيو سائل صفا

”ڏي نانءَ مولا جي، ته نبِي ڏيئي نغما“

بخيل

سائل صبح جو ڪر صاحب کي صدا

پَنجَ ڪڻِي پِن پاڪ پنهنجي کان خدا. (1)

فقير

سخيءَ جو سائل اڳيان ٿو منهن مرڪي سدا

بخيل ڪريو هيٺ ڪنڌ ڪُرڪي اَدا.

بخيل

در ڇڏي ربّ جو ڪرين ڇو ٻئي در واڪا؟

چائين ”فقير، ته ڪڍ فقر ۾ فاقا“

فقير

اَلۡمال وَلۡبنُونَ زِينتَ الحيلوت الدّنيا“ (2)

’صدقو وَڌِ، بلا رَدِ، قول محمد مصطفيٰ.

بخيل

ٿيو فقير، ڳچيءَ ٻڌين سچا ڳانا

ٿلهو متارو ڪم کان ڪرين ڪَچا بهانا.

فقير

اَلَّ سخي حبيب الله وَلَو ڪانَ پِاسقا

اُلبخيل عَدوالله وّلَو ڪانَ زاهدا. (1)

بخيل

اي فقير، فقيريءَ جي آهي معنيٰ ڇا؟

في، قاف، يي، ري، ايءُ لکيائون ڇا لاءِ؟

فقير

في ــــ فاقو، قاف ــــ قرب، ڇنڻ پيارا

بي ــــ ياد، ري ــــ ربّ کي، ايءٌ پختي پچارا.

بخيل

آهي لَکڻُ تو منجهه نه، پوءِ وجهين ٿو مُدا؟ (2)

سگهو سڻاءِ سائل، معنيٰ ايءَ جدا

فقير

رازق سڀ رسائي مانيءَ ٽُڪرا

سڻ ”والله اُلغني وَ اَنۡتم الفُقۡرا.“ (3)

بخيل

ڇو فقير، در در جهليو ٿاٻا ڌڪا؟

مليوَ ته خوش ٿيو، نه ته ٿيو ٿا ڦڪا.

فقير

بخيل کان ربّ رکي، ايءَ آهي آفت بلا

روز حشر، کاڻو کائيندو ست کلا.

 

 

بخيل

ڍارا هڻين، ٻيا ڪرين ڪُوڙ ڪذاب (1)

پاڪيون هڻيو جان کي ڏئين عذاب.

فقير

بدبخيل، تو ۾ ناهي هڪ ثواب

جو سخيءَ کان شوم ڀلو، تُرت ڏئي جواب.

بخيل

دٻليون ڪُوڙيون کڻيو ڏيئين جلاب

مَڪر مَنڊيو، چوائين ته آهيان گل گلاب (2)

فقير

اي بخيل! آهي فرض توتي حج واجب

زڪوات ڏي، ڇو مال سان رکين قرب؟

بخيل

بخيل چوي: چائنٺ مٿي ٻڌين ته چَبَ (3)

ڪُتو ڦاڙيندءِ، پِن پري ٿي، نانءَ رَبَ.

فقير

سڙيا سُتَ! دل سان ڪاڏي ڪاهي اُٺ آسپَ (4)

نه ته ڪاري واءُ ۾ ٿي ويندءِ سڀ غصب.

 

 

بخيل

ڦَندَ، ڦورو، طبيب! تنهنجا طَب

سَڄن کي انڌو ڪرين،ڏين اهڙو ڊَپ.

 

فقير

رکو ڦيڻو، ٻَرو ٻڻيو، آهي ايءٌ غضب

’ٽَڪو ڏنو، ٻرو ڇنو! آهي سو سبب.

بخيل

ڀَت، رَٻَ، رَهو کائين، سڀئي گڏيو ته گنب

اُگهاڙو ٿو ٿئين، سُسيءَ سان ته سِب

فقير

ڦاٽل لهرائي، نَئين ڏين، تنهنجو نسَب

فَن، فقيرن ڪُوڙ، سچ آهي ڪَسب (1).

بخيل

بازيون ڪرين، ڀولئو نچائين، ٻَڪر ٻه ٻه

جادو پڙهين دوزخ وجهندءِ ڏيئي دَٻَ.

فقير

ڦاٽي مرين، چانور، چڻا، چَونرا نه چَٻِ

تون بيک ڏي، ڌَري دنيا نه دَٻِ

بخيل

بَهين درن تي چڙهيو، وڏي آهين چٻَ

رڙيون ڪريو رليا روز گهرين رَٻَ

فقير

هڪڙي چوڻ سان نا ڏِين، چوائين لُٻَ

نا ڏِين،نا پاڻ کائين، ٻي جهلين اکين اُٻَ

 

بخيل

ڇو باهه سان ڏونرن مٿِي ڏيارين ڏَنڀَ

مُرلي کڻيو دستار ۾ ٿو کورين کَنڀَ

فقير

بنگلن مٿي ٿَلها ڏيارين ٿو ٿوڪ ٿنڀَ

ساه پاڻيءَ لاءِ ٿو ڏين، پوُري رکين ٿو روڪ سڀ.

صبر ڪر سائل! نه هڻ ڄاڙي گهڻي ته ڄِڀَ

مُلون ٿي ويهه مسجد ۾، ڇِت کي گهڻي ته ڇِنڀ

فقير

بِڀ ڀرين پانهنجو کايو ٽُڪر سَڻڀ

بُکئي کي نا ڀور ڏين ڪي ٽَڪر آڻڀ

بخيل

پَلَ تان پِني ڦيلهي، ’ڀري ڏيوم ڀت‘ (1)

ڪي مَڪون هڻني، ڪي لپاٽون ۽ لَت.

فقير

بدران لتن جي ملَڪَ هڻندن گرز هُتِ

قبر ۾ جُهري، جڏهن پُرزا ٿيندا جتِ.

بخيل

نه ڏيڻ جي آهي اسان جي اصل گتِ (1)

ناحق پٽين ويٺو، وڃائين ڪُل پتِ

 

فقير

’ترڪالدنيا واجب‘ بخيلَ، سُڻ تون بات (2)

لُٽِ موذي مال کي، وائي ڏيڻ جي وار وات.

بخيل

برتن ڀڃ ڀورا ڪري، اُٿي ڪر ٻي ڪار ڪِرت

واڍڪي، لوهارڪي، رک پوک سان هاري پرت.

فقير

ميڙي مَ رک مال کي، هوندين هميشه نا حيات

ڏي نانءِ رَبَ جي، موڳا ٿي ويندين مات.

بخيل

سوال سرسر ڪرڻ محض آهي حرام

پڙهي ڏس حديث ۾ عرب ٿو چوائين ڪرام.

فقير

وڌ ”بُخل“ کان بَگري کڻڻ ناهي منع (3)

فقيري مسيڪنيءَ مان نيٺ آهي نفع.

 

 

بخيل

آءٌ علم وارو آهيان، پرهان نماز سارِي

ڦيڪي فقيري علم ريءَ، جئن پرڻ منجهه واري (1)

فقير

دِگِرِيانَ جي پُٺن تي لکيل قرآن آهه (2)

سارو ڏينهن ڪِرفِٽي خوش ٿيو کاءُ.

بخيل

جهيڙي ڪرڻ واري کي ته آءٌ نه ڏيان

نياز سان وٺي وڃي ته آءٌ مڃان.

فقير

ڍائو مٿو جيسين کنهي، ڳالهائي ڳاهه

تيسين وَهيو وڃي بُکئي جو ته ساهه.

بخيل

اٺين ڏينهن اَچجان، ٻئي جمعي اڳي

ڏس فقير، تڪڙ ڪا طمع سان لڳي.

فقير

خيرات مونکي ڏي، ڪڍي دل مان ته کوٽُ

ڪندو لعل شهباز توکي هاني ڳاڙهو گهوٽ.

 

 

بخيل

اُٿي پانڌي، پنڌ پَئو، چِيچا ٿا لنون (1)

مٿان سياري جا سيءَ ٿا پون.

 

فقير

بناڻ کاڌي نه وڃان، توڙي رڙن ڍِينگا (2)

اڃا ملڪ هلي ٿو، ڪانه آهي ڀينگ

بخيل

تپ دانگي ڇهه مهينا اها دير ڪر

نيٺ اُٿي فقير ويندو پنهنجي گهر.

فقير

ويهه کُپي ٻارهن مهنا جيسين ٽڪر ملي

ڀينگئي هن بخيل تان مر لوڪُ پيو کِلي

بخيل

ڏسي بخيل، فقير کي کِلي ڏنو

پوءِ وري ڏسي پيسن کي، ويهي رُنو

فقير

بخيل نه ڪو ڪامل نه شاعر ٿيو

نه عارف، نه عالم، نڪو ظاهر ٿيو

بخيل تي نه سُئوسون قُبو ڪنهن تي

نه ميڙو نه مڃتا، نه رُتبو تنهن تي.

بخيل

فقير شاعر ٿيا ڪهڙا ڪهڙا

جن تي پڃرا ٻيا سِهرا سِهرا

جن تي شغل، جن تي مولود مداحون

جن تي ذڪر ويهي ڪن، بِيهو سَماهون!

فقير

جهڙو مخدوم ساهڙ، مخدوم نوح، شاه ڀٽائي

حسن ٻانگو، ڄام صاحب ڪري ڏس چٽائي

مخدوم شهباز، مخدوم بلاول، ڪي بهاءُ الدين

تَبريز، بُوعلي، ڪي قادر محي الدين.

بخيل

سچو آهين ادا، تون ڏيهه ۾ ڏِيو

اِئين چئي بخيل فقير کي پيرين پيو.

پرچاءُ

ٻئي پَرتا پاڻ ۾ ڳِراهٽيون پائي

ڀاڪر وجهي ڀائر ٿيا لِڱڙا سي لائي

ويرَ وڍيائون ”واڍو“ چئي، ٽوڪر سان ٽوڙي

رپيو روڪ ”رمضان“ چوي، ڏنو بخيل ڇوڙي

بخيل کان فقير جي آهي وَڌ عزت

ڇُٽا سي ڇِين کان ڪلمي جي برڪت.

 

* * *


+ . محمد رمضان عرف رمضان ذات جو واڍو، پنجموري تعلقي هالا (ضلعي حيدرآباد) جو ويٺل هو. ننڍپڻ کان ڪچهريءَ ۾ ويندو هو. جنهنڪري سگهڙن جي سنگ ۾ رهي، گهڻو ڪجهه پرايائين. جيتوڻيڪ سندس ايتري تعليم نه هئي، پر دماغ کليل هوس، جنهنڪري سگهڙپائي جي فن ۾ نالو ڪڍيائين. 1910ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس مداحون، مناجاتون، معجزا، مولود، ڪافيون ۽ سينگار جا بيت مشهور آهن. ’وفات نامون‘ ۽ ’لولي نامون‘ ـــ اهي ڪتاب مشهور اٿس. ”فقير ۽ بخيل“ جو مناظرو قلمي نسخي تان ورتل آهي. سال 1896ع.

(1) . پنج ڪڻي = در در جي خيرات. هت معنيٰ روزي.

(2) . المال ... ... الدنيا (ق) = مال ۽ اولاد دنيا جي زينت آهي.

(1) . السخي... ... زاهدا (ح) = سخي، الله جو دوست آهي، گرچه گنگهار آهي. بخيل، الله جو دشمن آهي، توڙي جو عبادت گذار هجي.

(2) . لکڻ = لڇڻ. مدا = مدعا، مطلب مراد.

(3) . والله... ... الفقرا (ح) الله تعاليٰ شاهوڪار آهي ۽ توهين فقير آهيو.

(1) . ڪذاب = دروغ گوئي، ڪوڙ ڳالهائڻ.

(2) . منڊيو = ٺاهيو، جوڙيو

(3) . چب = لالچ.

(4) . آسپ = گهوڙا.

(1) . ڪسب = ڌنڌو، پيشو.

(1) . پل = تڏي يا کَٽَ تي وڇايل تڏي وارو ڀَتُ، جو ديڳ مان تازو نڪتل هجي. ڦيلهي = پيالي.

(1) . گت = ريت، نمونو، طرح.

(2) . ترڪ الدنيا واجب = دنيا کي ترڪ ڪرڻ واجب آهي.

(3) . بگڙي = بَغلي، ڳوٿري.

(1) . پُرڻ = هلڻ.

(2) . دگريان = دِگِرانُ، پکيءَ جو نالو.

(1) . چيچا = ننڍي پکيءَ جو قسم.

(2) . ڍينگ = وڏي پکيءَ جو قسم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org