ٽيهه اکري
’ٽيهه اکري‘ کي ’سي حرفي‘ به چوندا آهن. ٽيهه اکري = ٽيهه + اکر
= حرف + ’ئي‘ نسبتي علامت. يعني ٽيهن اکرن (حرفن)
واري (صنف). سي حرفي = سي (فارسي) = ٽيهه + حرفي =
حرف (اکر) + ’ي‘ نسبتي علامت يعني ٽيهن حرفن واري
(صنف). عربي ’الف ــــ بي‘ جا جملي اکر اٺاويهه
آهن: ا، ب، ت، ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص،
ض، ، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ل، م، ن، و، هه، ي. ليڪن
استادن، ٻارن کي ’الف همزه‘ (۽) ’لام قينچي‘ (لا)
يعني ’لام‘ (ل) ۾ ’الف‘ (ا) گڏي ’لا‘ صورت ٺاهي،
ٻئي حرف (ء ۽ لا)، ’هه‘ کان پوءِ وڌائي جملي ٽيهه
حرف يا اکر ڪيا، جنهن ڪري ’سي حرفي‘ يا ’ٽيهه
اکري’ سڏجڻ ۾ آئي.
ڪي ’ٽيهه اکريون‘ اهڙيون آهن، جن ۾ ٻه اکر ’لا‘ ۽ ’ء‘ ڪونهن
يعني جملي ’اٺاويهن اکرن‘ تي آندل آهن. ڪن ۾ وري
’اٺاويهن اکرن‘ مان به گهٽ اکر آندل آهن. پر لوڪ
ادب جي محاوري مطابق اهي سڀ ’ٽيهه اکريون‘ چئبيون.
تنهن ڪري ’ٽيهه اکري‘ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته
اها صنف، جنهن ۾ نظم، عربي ’الف بي‘ جي اکرن (پوءِ
ٽيهه هجن يا اٺاويهه يا گهٽ) موجب نمبروار چيل
هجي.
’ٽيهه اکرين‘ جي مواد مان معلوم ٿو ٿئي ته نظم جي سِٽا ساڳي نه
آهي. ڪن ۾ هرهڪ اکر تي هڪ مصرع، ٻه مصرعون، ته ڪن
۾ ٽي ڪن ۾ چار، پنج، ڇهه بلڪ وڌيڪ مصرعون به آندل
آهن. هن نظم ۾ مصرعن جي ڪا بندش ڪانهي، بلڪ شاعر
آزاد آهن ته هرهڪ ’اکر‘ تي هو ڪيترن به مصرعن جو
بند ٺاهي سگهن ٿا. پر اها پابندي لازمي آهي ته
جيترو تعداد مصرعن جو پهرين ’بند’ ۾ هوندو، اوترو
باقي ’اکرن‘ جي بندن ۾ هئڻ لازمي آهي. البته ’الف
اشباع‘ واري قافيي ۾، هرهڪ ’اکر‘ تي چيل مصرعن جو
تعداد مقرر نه هوندو آهي، پر استاد سگهڙ جلال ڀُٽي
ٻڌايو ته اهي به مقرر مصرعن جا بند هئڻ کپن.
شاعرن جڏهن به ’ٽيهه اکري‘ چئي آهي، تڏهن گهڻو ڪري هرهڪ ’اکر‘
کان سواءِ، ساڳئي ’اکر’ وارو ’لفظ‘ ضرور ڪم آندو
آهي ته جئن ’تجنيس حرفي‘ پيدا ٿيڻ ڪري، نظم کي
وڌيڪ سوادي ڪري سگهجي. مثلاً:
الف ــــ اڄ کنياتل وڃ.
تي ــــ تون کنياتل، ٻولج کُلي
ضواد ــــ ضرور نه اُڏج اڳي.
مٿين مثال ۾ ’ٽيهه اکري‘ جا ’اکر‘: الف (ا). تي (ت)، ضواد (ض)
آهن، جن کان پوءِ لفظ: اڄ، تون ضرور ڪم آندل آهن
ته جئن تجنيس حرفي پيدا ٿئي.
جيڪڏهن شاعرن کي ’ٽيهه اکري’ سان، اهڙو ڪو موزون لفظ نه مليو
آهي ته انهيءَ مصرع ۾ ئي مناسب جڳهه تي اهو لفظ
(تجنيس حرفي وارو) ضرور استعمال ڪيو آهي.
بي ــــ تون ٻُڌ بِرهه جي بات
ثي ــــ تون ثابت کَٽُ ثواب
زي ــــ ٻُڌ زاري، عشق اولاڻو.
مٿين مثال ۾ ’بي‘ اکر سان ’برهه‘ لفظ ڪم آڻي، ’تجيس حرفي‘ کي
قائم ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ’ثي‘ اکر لاءِ
’ثابت‘ ’زي‘ اکر لاءِ ’زاري’ لفظ ڪم آندل آهن.
ڪن شاعرن منڍ ۾ ’ٽيهه اکري‘ جا ’اکر آڻڻ بدران انهن اکرن سان
شروع ٿيندڙ لفظ شروعات ۾ ڏنا آهن. غالباً مخدوم
عبدالله ”واعظ“ پهريون ئي شاعر هو، جنهن ائين ڪيو
(1).
مثلاً:
آهيم الله ۾ آسرو، سدا منجهه سرير
باري تون بغداد ۾، ميران محي الدين
تابع تو دير ٿيو، ماڻهو مَلڪ پَري
ثابت ثنا تنهنجي، مِڙي ڪئي ملڪن
مٿين مثال ۾ ’الف‘ اکر بدران ’آهيم‘ لفظ ڪم آندل آهي. اهڙيءَ
طرح ’ب‘، ’ت‘، ’ث‘، اکرن بدران ’باري’، ’تابع’
’ثابت‘ لفظ ڪم آندل آهن، پر تڏهن به ’تجنيس حرفي‘
جو خيال رکيو ويو آهي.
ڪي ’ٽيهه اکريون‘ اهڙيون آهن، جن جو پهريون ’اکر‘ ۽ مصرع جي لفظ
جو پويون ’اکر‘ ساڳيو آهي مثال:
الف ــــ لڳ الله جي، ڪر داد منهنجو سرورا
بي ــــ برايون عمر ڀر ڪيڙيون آهن مون بي حساب
مصرع جو پهريون ’اکر‘ الف (ا) ۽ پوئين لفظ (سرورا) جو پويون اکر
الف (ا) ساڳيو آهي. اهڙيءَ طرح پوئين مصرع ۾ آهي.
’ٽيهه اکري‘ جي سٽا مان معلوم ٿو ٿئي ته هيءَ صنف، ويجهڙي زماني
يعني ڪلهوڙن جي دور جي پيداوار آهي، ڇاڪاڻ ته
فارسي ۽ عربيءَ ۾ ساڳي صنف موجود آهي. تنهنڪري
ائين پيو ڀانئجي ته اسان جي استاد شاعرن، عربي ۽
فارسي ’سي حرفين‘ کان متاثر ٿي، پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ
سان ٽيهه اکريون جوڙيون. جئن مٿي ڏيکاريل آهي ته
ڪن ’ٽيهه اکرين’ جا بند پنجن مصرعن ته ڪي ڇهن
مصرعن تي ٻڌل آهن. تنهنڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو
ته عروضي شعر وانگر، سنڌي شاعرن به مخمس ۽ مسدس
بندن تي ٽيهه اکريون جوڙيون. باقي ’الف اشباع‘
واري قافئي تي ’ٽيهه اکريون‘ نج سنڌي روپ جون
سمجهڻ کپن، پر تڏهن به بنيادي طرح سنڌ جي پيدائش
نه آهن.
’ٽيهه اکري‘ جو بنيادي مقصد: مدح، مناجات، التجا، هدايت، نصيحت،
محبت ۽ مجاز آهي. بهرحال ’ٽيهه اکريون‘ سنڌي ادب
جو سرمايو آهن، جن ۾ وندر وِرونهه هڪ پاسي آهي ته
ٻئي پاسي وري دل جي اُڇل ۽ اور، التجا ۽ عرض آهي
ته من نه من، ڪٿان نه ڪٿان، مقصد پوري ڪرڻ لاءِ ڪا
وِيهِي پئجي وڃي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
*
الف اَلَک من ۾، ڪيو ڪاپڙين
سي حرف ڌاران هيڪڙي، پيو ڪين ٻُجهن
فرض فنا في الله جو، عين عبادت اُن
قل هو اَلله اَحد ٿا منجهان پرت پڙهن
سعادت سَرين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بي ئون برتن ناهه ڪو، کِدا تان نه کڻن
نه گلوبند نه گودڙي، نه ڌاڳو ڌڙڪين
چَڪر چمڙو چيلهه تي، ٻهڳڻ ڪين ٻڌن
تَرڪُ الدّنيا واجبَّ اي عبادت عارفن
ٻيون ڏيئي ٻَن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
تي ئون توشو توِڻ کان، ڌُريان نه ڌارين
ڏکيا سکيا ڏينهڙا، گَهٽ اندر گهارين
توڪل ڪيائون تُرهو(1)،
ٻي وائي نه وارين
قُل هو اَلرَّحمٰنَ آمنا بِہ، اِتي اختيارين
پر چڱي پاريَن، گُر کي گڏيا گودڙيا.
ثي ئون ثابت سندرو، تن جوڳين کي جَڙيو
تن حرف سڃاڻي هيڪڙو، پرت منجهان پڙهيو
’لامقصود فِي الدّارينِ اِلاهُو‘ گهٽ ۾
گهاٽ گهڙيو
لاهوتين لطيف چئي، اندر الف اڙيو
جن کي من ۾ محب مڙيوسي گر کي گڏيا ڪاپڙي.
جيم ئون جوڳيڙنِ جي، جان نهاريم جُوءِ
عقل اَت اوڇون ٿيو، هوءِ هليا سامهان هوءِ
مونکي ان مذڪور جي، بامن نه پيئي بوءِ
’اَلحُبّ لِله والبۡغضُ لِله، اِي خاصي سندين خُوءِ
وڃي روبروءِ، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
حي ئون حال پرائيو، تن اديسين احوال
نانِهه ڪيائون نفس کي، ڪري جانِ زوال
’[1]لن
تَنالُوا البِۡرَ حَتيٰ تُنعِقّو‘ پاڻ ڪيائون
پيمال
نانگا ٿيا نهال، گر کي گڏيا ڪاپڙي
خي ئون خشِيتَ خوف ۾ ڪيائون ڪيني کي قتلام
ڊڄن ڊراءَ الله جي، ڪَهَن ڪونه ڪلام
اِن اّلّذينَ بَخشَون رَبّهُم بِالۡغَيبَ اِي پروڙج پيغام
خطرو لاهي خام، گُر کي گڏيا گودڙيا.
دال ئون دونهون درد جو، دل ۾ دَکائينِ
آڻيو آگ عشق جي، چقمق چهٽائين
جيءُ پنهنجو جوش ۾ ٿا پلپل پچائين
’اَلعشق نار يُحرق ماسِوي الله‘ اِي ماتم مچائين
خطرا سڀ کائين، گر کي گڏيا گودڙيا.
ذال ئون ذڪر رب جو، ويل نه وسارين
سناسي سبحان کي، سدائين سارين
تسبيح جي ترار سين، مُلحد کي مارين
’جَزاوُهُم عِندَ رَبّهم‘ اتي اختيارين
پر چڱي پارين، گر کي گڏيا گودڙيا.
ري ئون
(1)
راضي روح ۾، مٿي ربّ رضا
مڃيائون محبت سين قادر جي قضا
’رضي الله عَنهم وَرّضُواعَنہُ‘ جوڳين اِيءَ جزا
ڏيئي ساهه سزا، گر کي گڏيا گودڙيا.
زي ئون زاهد زُهد سين، پختا ٿيا پَچي
ڪڍي ڇڏيائون ڪُر مان ڪوجهي ڳالهه ڪچي
اُبٺا عبادت ۾ مانجهي مرد مچي
وَما خَلَقَتُ الۡجِنَّ ولا نِس، اِلاّ
لِيَعبدُونَ، سُڻيو سُڌ سَچِي
اُڪنڊ سان اچي، گر کي گڏيا گودڙيا.
سين ئون سهجون سيج تي، ساهي ڪين سمهن
نيڻ نه هيريائون ننڊ سين، خوشيون خواب نه ڪن
جاڳڻ سندو جيءَ ۾، وِرد ويراڳين
”اَلنّومُ علي المُحِبّ حرامءٌ“ اِي ڪلام
ڪيائون ڪن
اهڙن اهڃاڻن، گر کي گڏيا گودڙيا.
شين ئون
(1)
شريعت جا تابع ٿيا تمام
تن کي طريقت جِي منَ ۾ ميخ مدام
هلڻ حقيقت ۾، معرفت مقام
”اِن الذين آمنُوا و عَملُوا الصلحتِ“ آهي تن آرام
جنت پيتائون جام، گر کي گڏيا گودڙيا.
صاد ئون صبر سِکيا، ڌُريائون ڌُڻي
اُبٺا انهيءَ ڳالهه تي، حُزن منجهه هڻي
”اِذحا يوفَيّ الصبرونَ“ سَرها ٿيا سڻِي
وڏي ڀَون ڀُني، گر کي گڏيا گودڙيا.
ضاد ئون ضلالت کان پاسي ٿيا پَري
منجهه مُراقبي مشغول ٿيا، ڪامل قلب ڪري
’فَلَهُم اَجَرءٌ غير مَمنون‘ سامين سڃ سري
پائمال ٿيا پري، گر کي گڏيا گودڙيا.
طوئي ئون طالبن کي ڪو جو پَهه پيو
جنين پر ڀُڻن ڀڄندا، ٻيون ٻَنِ ڏيو
فرض فنا في الله جو، اُتَن عين ٿيو
طلب الله ڪُلَ فريضة، نانگن اِي نِهو
سڃاڻي سِهو، گر کي گڏيا گودڙيا.
ظوئي ئون
(1)
ظاهر ذوق سين، پنجثي ڪن پورا
هلن واٽ سماع ۾، ڳاڙي ڳل ڳوڙها
سنياسي ”سيد“ چئي پُورب ۾ پُورا
هُواللهُ الواحد القهارُ، سامي منجهه سورا
ٿي چاڪن سين چُورا، گر کي گڏيا گودڙيا.
عين ئون عارفن جي آهي ڳالهه عجيب
پاڻهي کائين گهٽ کي پاڻهي تن طبيب
وٺن واٽ وچڙي، ڪيو نِرت نجيب
اَل اِيمانُ بَين الخَوفِ والرَ جاءِ، هلن رات حبيب
ٿيا قادر کي قريب، گُر کي گڏيا گودڙيا.
غين ئون غربت جندڙي، سدا سنياسن
ڊڄو ڊراءِ الله جي پورب منجهه پچن
ريءَ رخصيت رام جي، ٻيو ڪين ٻُجهن
’اِن اللهَ هُو الرزاقُ‘ سامين سَڏ سُڄَن
جوڳي جنگ جّلن، گر کي گڏيا گودڙيا.
في ئون فِڪر فراق ۾، آديسي آهينءِ
سڳا، سيليون، گريون جوڳي جَلائينِ
’اِنّ الذِينَ فَتَنُوالمئومِنين‘ سناسي ساهين
سنگت سنوارينِ، گُر کي گڏيا گودڙيا.
قاف ئون
(1)
قرابت ڪُڙمَ کان، ڇِني ڇڏيائون
لاهوت ۽ جبروت جا اُهڃ آندائون
مَلڪوت ۽ ناسُوت ۾، گهڙي گهاريائون
’فَبصَرُ ڪَ اليومَ حَديدءٌ‘ ايهين اُمائون
سڳر ساريائون، گر کي گڏيا گودڙيا.
ڪاف ئون ڪري ڪُرنسون، ٻڌي اُڀا ٻانهو
اُڀي اَلَک سامهون رتو رنائون
سنياسين سيد چئي مِليون مدعائون
’وَلَسوف يُعۡطيڪَ رّبُڪَ فترضيٰ چٽو چيائون
لائق لڌائون، گر کي گڏيا گودڙيا.
لام ئون سي لاهوت ۾، سَدا سَير ڪَرين
عِلم حِلم جا اِتَهين، اچڻو پَههُ پورينِ
لُڏيون لامڪان ۾ عشرت سان اورينِ
’وَلله‘ عَلي کُلّ شيءِ قدير چپن کي چورين
سامِيڙا سورينِ، گر کي گڏيا گودڙيا.
ميم ئون ملڻ حق جو اصل آديسينِ
جوڳئيڙا جهان ۾، اهڙي چال چَلن
لاهوتي ”لطيف“ چئي منجهان حُب هلن
’اِن الله بُحب اُلمُحسنينَ‘ خوشيان خواب نه ڪن
وِرد ويراڳين، گُرکي گڏيا گودڙيا.
نون ئون
(1)
’نانيءَ‘ هليا سامي سڀئيي
اُڪنڊ ۾ آديسن جي وِهڪ تن ويئي
سناسي سِڪڻ ۾ اوتين آرتوئي
’لاتَتحَرڪَ ذرةءٌ اِلا باذِن اِلله‘ ويسرين ٻي وائي
راول ريجهائي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
واو وئون ورق وصال جو، ويراڳي ورينِ
وَريُنِ واءُ وصال جو، اڪنڊ ۾ آهين
سناسي ”سيد“ چئي لوڪ ته لَکائين
والله غالِب عليٰ آمره، پَر چڱي پارين
لاهوتي لڏين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
هي ئون حرف حساب جو، پسڻ ٿين پري
وڃي وحدانيت ۾، هلن پير ڀري
ڳجهه اندر جون ڳالهيون ڪنهن سين ڪين ڪري
لا’يفُوتُ وَلايَمُوت‘ سامين ڪين سري
ڪڙو منجهه ڪڙي، گر کي گڏ ڪاپڙي.
الف آديسين کي سدا سُور چُرَن
اَندر تن آديسن جا محبت مچ ٻرن
اُلفت
(1)
عزيزي نانهه ڪا، نڪي جنگ هلن
’الله‘ لطيف بِعبادِه‘ آيت ايءَ پڙهن
سناسي سَهڙن، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
لائون لڏي هليا جوڳي مان جايَنِ
وٺن واٽ وچڙي، ڪنهن کي ڪين چون
منجهان مَهرا، مڙهيون، سي ڀئو ڪيو ڀانئين
ولقَدرُ خيرمِ وشَر مِن الله تعاليٰ انهين اُهڃاڻن،
ساميڙا سنڪنّ، گر کي گڏيا گودڙيا.
يي ئون يَرڪ مڪان ۾، هلن اُڀ سرا
سامي سفر هليا ڏورانهين ڏيها
اُهڃ آندائون اهڙا، جن ۾ ناهي ڊا
’فَاذِ ڪُروني اَذِڪرڪم ساميڙن سارها
جوڳي ويڙا جا، گر کي گڏيا گودڙيا.
* * *
|