سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :2

 

پرولي

 

’پرولي’، لوڪ ادب جي صنفن مان پياري پر اهميت واري آهي؛ جنهن کي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا، شوق سان ٻڌن ۽ ڀَڃن. ڳجهارت جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي. پروليءَ کي هندي ۾ ’پهيلي‘، پراڪرت ۾ ’پَهيلِيا‘، پالي ۾ ’پَهيليڪا‘ (1) ۽ سنسڪرت ۾ ’پرَهيلِڪا‘ چون. ’پرهيلڪا’ ٻن لفظن جو ميل آهي: پرَ + هيلِڪا. ’پرَ‘ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معني آهي، ’چڱيءَ طرح سان‘ ’هيلِيڪا‘ جو ڌاتُو يا بنياد آهي: هِل = وِندرائڻ، تنهنڪري پرولي جي معنيٰ ٿيندي چڱيءَ طرح سان وندرائڻ.

وِڌگيهّ مُک منڊُن ۾ ڌرمداس پروليءَ جي وصف هن طرح ڏئي ٿو (2).

”اهو جملو، جنهن ۾ ٺاهيندڙ ڪا معنيٰ رکي، جا سندس ذاتي معنيٰ کان ڳجهي هجي ۽ جِتي ٻاهريون ۽ اندريون مطلب ڪيو وڃي. اها آهي پرولي.“

جارج ڪِرسٽل، پروفيسر يونيورسٽي ايڊنبرا جي خيال موجب (3):

”پرولي جو سرچشمون، انسان جي عيني مشاهدو آهي، ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجي آسپاس وارين مختلف شين کي ڏسي ٿو، جن مان ڪي شيون هڪ ٻئي جون هم شڪل ۽ هم مثال ٿينديون آهن. ڏسڻ وارو هڪ جهڙائي ۽ ٺهڪندڙ وصف کي، هڪ سوالي شڪل ڏيئي پيش ڪري ٿو.“

هندي شبد ساگر وارو لکي ٿو (1).

”ڪنهن شي يا موضوع (وِشيه) جو اهڙو بيان ڪيو وڃي، جو ٻيءَ شي يا موضوع جو بيان پيو لڳي ۽ گهڻي سوچ ۽ ويچار  کان پوءِ ان سان لڳايو وڃي تنهن کي چئجي پرولي.“

وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو؛

”پرولين جي رچنا ۾ گهڻو ڪري ائين ڪيو ويندو آهي جو جنهن شي جي پرولي ٺاهڻي هوندي آهي، ان جي شڪل، خاصيت، ڪم وغيره کي ڪنهن ٻيءَ شي جي شڪل، خاصيت ۽ ڪم بڻائي بيان ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري  ٻڌڻ واري کي ڪجهه دير تائين اها شي پرولي جو موضوع معلوم ٿي ويندي آهي، پر سڀئي خاصيتون جدا جدا هنڌن سان لڳائڻ کانپوءِ هو اَوسر سمجھي ويندو ته انهي جو اشارو ڪنهن ٻي شيءَ ڏانهن هوندو آهي“

پرولي قديم وقت کان دنيا جي هر خطي ۾ هلندي رهي ٿي، ليڪن مختلف نالن سان سڏجي ٿي .(2)

”اردو، هندي ۾’پهيلي‘، پنجابي ۾’بجھارت‘، پشتو ۾ ’آڙ‘ بنگالي ۾ ’ڌاندا‘، دکني ۾ ’مسئلا‘، سنسڪرت ۾ ’پرهيلڪا‘، فارسي ۾ ’چيستان‘، عربي ۾ ’لُغڙ‘، انگريزي ۾ ’رڊل‘ (Riddle)، فرانسيسي ۾ ’ڊيوِنيٽي‘ (Divenette)، اسپانوي ۾ ’استرويجو‘ يا ’گربائو‘ (Acirtijo or Garbilo)،لاطيني ۾ ’اينگما‘ (Aenigma)، جرمني ۾’ريستل‘ (Retsel) اٽلي يا  رومن ۾ (Indvienello) ۽ چيني ۾ ’مي يو‘(meyou)چون.

’چيستان‘ (چه+است+آن) جو سنڌ ۾ ڪنهن وقت، خصوصا علمي طبقي ۾ بنهه زور هو. پنهنجا ٺاهيل ’چستان‘ توڙي ٻين جا هڪٻئي کي ڏيندا هئا اڃا تائين ڪيترن فارسي خواندن کي چيستان ياد آهن جي گذريل علمي دلچسپي جو قوي دلال آهن. مثلاً

(1) جُفتي ز کبوتران آبلق

     پرواز با آسمان ڌمايند

 

هستند جدا جدا مُعلق

وز خانه خود برون نيايند

(خسرو)

 

(2) جوڙو ابلق ڪبوترن جوڏس

گڏ اڏامن ٻئي سي اُڀَ تائين

 

بند آهن جدا کُڏين اندر

ته به کُڏين کان وڃن نه سي ٻاهر +

(قليچ)

(3) يکي مرغ ديدم نه بال و نه پر

نه بر آسمان و نه زير زميِ

نه از رحم مادر نه پشت پدر

هميشه خورد گوشت ِ آدمِي =ڳڻتي

]هڪ پکي ڏٺم، جنهن کي نه عضوو ۽ نه پر

ماءُ پيءُ کان سواءِ پيدا ٿيو آهي

نه آسمان تي (سندس رهڻ جي جاءِ آهي)

۽ نه زمين تي. هميشه انسان جو گوشت کائندو آهي[

اهو سلسلو ڪلهوڙن جي دور تائين عروج تي رهيو، ڇاڪاڻ ته پارسي جو زور هو.” پارسي، گهوڙي چاڙهسي“ مشهور پهاڪو هو، تنهن ڪري عوام پارسي ۾ ڏنل چيستان کي پنهنجي پر ۾ پارسيون سڏڻ لڳا.

”ڏين پارسيون پاڻ ۾، ايزان بليشي،“(شاهه)

]ايزان بليشي (بلوچي) = انهي کي اِتي ئي ڇڏ.[

انهي وقت ’پرولي‘ به هئي ، مگر علمي طبقي ۾ ايتري مقبول نه هئي جئن وقت گّرندو رهيو تئن چيستان به ڍرا ٿيندا ويا ، ۽ انهن جي جاءِ تي ’پرولي‘ پير کوڙيندي ويئي، تان جو ’پرولي‘ جو پڙلاءُ جهرجھنگ پوڻ لڳو.

پرولي پهريائين ڪنهن چئي، ڪٿي ۽ ڪڏهن، تنهن ڳالهه جو ڳُرُ ڳولڻ، ائين آهي جئن جر مان سئي ڳولڻ. پروفيسر نعيم الدين لکي ٿو (1)

”هيءَ انهن جهور پوڙهين جي زبان آهي، جي هر روز رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي پٽن، پوٽن، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي، ڪُنري ڪرائي پروليون ڏينديو هيون“

سيد يوسف بخاري لکي ٿو(2)

”هي ٻڌائڻ ته قطعا محال آهي ته پروليءَ جو موجد ڪير هو ۽ اهو ڪهڙو زمانو هو بوجن رولينڊ(Rolland) کي پرولين جو بهترين ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. هن جو ديباچو گاسٽن پيرس (G. Paris) لکيو هو، جنهن جو تت هي آهي ته؛ قديم وقت ۾ پرولين ڀڃندڙن کي وڏن دانشورن ۾ ليکيو ويندو هو، ٻيو اهو ته پرولين جو سنگ بنياد جھونين چوڻين ۽ جھنگلي ماڻهن ۽ جانورن جي ڳالهين تي رکيل آهي؛ يا هئين کڻي چئجي ته اڳاٽين چوڻين ۽ جھنگلي ڳالهين ۾ پرولين جو وجود ملي ٿو. اهي ئي چوڻيون ۽ ڳالهيون اڳتي هلي، لفظي مناسبت سان گڏ، سوال ۽ جواب جي صورت ۾ اچي، هڪ قسم جي پرولي سڏجڻ ۾ آئي“.

پرولين جي اهميت

اسان کي خبر آهي ته ٻار کي راند، رهاڻ، روپ ۽ راڳ مان مزو ايندو آهي. پرولي ٻار لاءِ راند به آهي ته رهاڻ به آهي، رنگ به آهي ته روپ به آهي، ۽ ساڳئي وقت گويا راڳ به آهي تنهن کانسوءِ پرولين جا ٻول اهڙا ته انمول آهن جو جڏهن به ان طور ۽ طريقي، لئي ۽ لهجي ۾ پيش ٿين ٿا، تڏهن زندگي جو رس بڻجي، ڪن جي ذريعي دل تائين پهچي دکي دل جو دارو بڻجن ٿا، جيڪڏهن اهڙي پرفضا ماحول ۾ پروليون ڏيندي، ٻارن جي ذهني قوت ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ جو نڪتو، پيش نظر هوندو ته مقصد برصواب ٿيندو. تنهنڪري ٻارن جي ذهني نشونما لاءِ هيٺيون ڳالهيو خيال ۾ رکجن:

1- انعامي لالچ جو اظهار ڪرڻ. پرولي ڏيندي ٻارن کي چئجي ته جيڪو سڀ کان اڳ پرولي ڀڃندو، سو عقل جو وير ٿيندو، ۽ وڏي هوندي وزير ٿيندو. ائين چوڻ کان پوءِ جڏهنن پرولي ايندي، ته باز ۽ چڙيءَ وارو ڪم ٿي ويندو. پنههجي ذهني ڪونتل کي ايترو ته ڪڏائيندا، جو ذري گهٽ مهار به هٿن مان ڇڏائي ويندن. رڳو خيالي انعامي لالچ تي لڳي، ذهن کي تيز ڪرڻ لڳندا.

1- ڌمڪي جو اظهار ڪرڻ: پرولي ڏيندي، ٻارن کي ڌمڪي ڏجي ته جيڪڏهن اوهان پرولي نه ڀڳي ته اوهان جي ناني ڪاڻي ٿيندي جيئن ته:

(الف) آٺَ ڪاٺ جا، نائين نوڙي

   جيڪو نه ڀڃي، تنهن جي ناني ٺوڙهي =(کٽ)

آڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جو

جيڪو نه ڀڃي، پٽ ڳوهه جو = (ڏاٽو)

(ب) گل گلاب جو، پن ميندي جو

 جيڪو نه ڀڃي، سو پٽ مڱيندي جو = (ڪانڊيرو)

ڪيڏي نه ڌمڪي ۽ ڪيڏو نه طعنو! ان کان بچڻ لاءِ ٻار تڪڙو تڪڙو عقل ويڙهائيندا رهندا اهڙين پرولين جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ٻار کي دل شڪستو بڻائجي، پر برعڪس ان جي انهن کي پست همتيءَ کان روڪڻ ۽ انهي ويچار کانپو۽ جواب ڏيڻ تي آماده ڪرڻو آهي، يعني ننڍي وهي کان وٺي منجھن پوري طرح  سمجھڻ ۽ سوچڻ جي هير وجھڻ ته جئن وڏي هوندي سندن مشاهده جي قوت جي طاقت تيز ٿئي. ڊاڪٽر بيگم شائسته سهروردي اڪرام الله ان باري ۾ لکي ٿي (1)

”پرولين جي زبان ڏاڍي سادي ۽ عام فهم آهي بارن ۾ قوَّت مشاهده ۽ غور ڪرڻ جو مادو پيدا ڪري ٿي“

بهرحال پرولي جي ايجاد کان پوءِ، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي خيال موجب ان کي ڏٺو، ته ڪن وري هيٺين طرح پرولي مان پنهنجو مقصد لڌو.

’ڪاويه درش جو‘ جو حوالو ڏنو‍ ڏيندي، ‍‌ﷴ امين چڙيا ڪوٽي لکي ٿو (1)

”مجلس ۾، ڳجھي ڳالهه ڪرڻ لاءِ، ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ لاءِ پرولي نهايت ڪارآمد آهي.“

قديم وقت ۾ اهم رازن کي مخفي رکڻ لاءِ پرولين کي استعمال ڪيو ويندو هو بادشاهه به هڪٻئي ڏانهن پرولين ۾ پيغام موڪليندا هئا. مصر جي هڪ بادشاه، بابل جي بادشاهه ڏانهن هيءَ پرولي لکي موڪلي هئي.(2)

”هڪ وڏو مندر آهي، جنهن کي هڪ ئي ٿنڀو آهي. اُن ٿنڀي جي چوڌاري ٻارهن شهر آهن. هر شهر کي ٽيهه بند آهن، هر بند کي ٻه عورتون ٽيڪ ڏيئي بيٺيون آهن انهن عورتن مان هڪ ڳوري ۽ هڪ ڪاري آهي، جا ان جي چوڌاري چڪر هڻي رهي آهي ٻڌاءِ ته ڇا آهي؟“.

بابل جي بادشاهه جي طرفان ’ايسپ‘ ان پرولي جو جواب موڪليو هو ته:

”اهو مندر ’دنيا‘ آهي ۽ ٿنڀو ’سال‘ آهي.

ٻارهن شگر، ’ٻارهن مهينا‘ اهن، ٽيهه بند،

’ٽيهه ڏينهن‘ آهن، ۽ اهي ٻه عورتون ڏينهن ۽ رات آهن،“

سنڌ جي ادب ۾ به ڪيترائي مثال موجود آهن. سگهڙ جلال ڀٽي، اهڙو مثال ٻڌايو ته..(1)

پرئي خان جو دوست، سندس ٻني کان لانگھائو ٿيو. ڏ‎‎ٺائين ته پيهي تي ماڻهو ويٺو آهي، پر جهار ٿي پوک کي کائي! وڌي وڃي کانئس نالو پڇيائين، جنهن پنهنجو نالو آنب ٻڌايو. انب کي چيائين ته، پريو منهنجو دوست آهي، ڀلائي ڪري هي پيغام ڏجانس“:

”ادا پريا خان، پوک کي وڻ ٿو وڃائي وڻ ڪڍي جيڪڏهن ڦر رکين ته تنهنجي پوک پچائي.“

جڏهن پرئي خان کي پيغام پهتو، تڏهن مام معلوم ڪري ويو، ’انب‘ کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي پنهنجو ’پٽ‘  رکيائين، (وڻ= انب، ڦر=پٽ)

پرولي ۾ پيغام موڪلڻ بدران ڪڏهن ڪا شيءَ موڪليندا آهن جنهن جي بناوت  ۽ بيهڪ خوبي ۽ خاصيت کي ڏسي مام معلوم ڪري وٺندا آهن اها هڪ شيءَ يا هڪ کان وڌيڪ شيون، رومال يا ٻئي ڪنهن ڪپڙي ۾ ويڙهي، يا ڳنڍ ٻڌي موڪليندا آهن، ’نفحة اليمن‘ ۾ به اهڙو مثال نظر اچي ٿو(2) :

”هڪ سياڻي شخص جو گذر هڪ باغ جي ماڙي وٽان ٿيو، جتي هن خوبصورت ڇوڪري ڏٺي، جنهن جي حسن جو بيان نٿو ڪري سگهجي.

ڇوڪري هُن جو عقل ۽ فهم وڃائي ڇڏيو، پوءِ پنهنجي گهر موٽي آيو ۽ نفيس تحفو ۽ خط، پوڙهيءَ هٿان ڏياري موڪليائين، جنهن ۾ ديدار ڪرڻ جي تمنا سمايل هئي. جڏهن ڇوڪري خط پڙهيو ۽ تحفو ڏٺو، تڏهن قبول ڪيائين پوءِ شخص ڏي ٻانهيءَ هٿام عنبر، ۾ سوني دبليءَ ۾ وجھي، رومال ۾ ويڙهي، چوائي موڪليائين ته: هي خط جو جواب آهي جنهن وقت ان شخص کي رومال پهتو، اُن وقت ان جي مام معلوم ڪري نه سگھيو، جنهن ڪري حيران رهيو. انهي شخص جي هڪ صغير ڇوڪري هئي جنهن پنهنجي پيءُ کي انهي حيراني ۾ غلطان ڏٺو ۽ چيائين ته، ”اي بابا مان اها مام سمجھي ويس“، انهيءَ شخص چيو ته، ”پٽ، خدا جي واسطي مونکي سمجھاءِ. پوءِ هي شعر ٻڌي چيائين:

”اِهدَت لَڪَ عنبيّراَ جي جوفة

رـ ز مين التيبر خفي اللِحام

فالرز و العنبر معنيٰ هُما

رز هکذا مُختفياً في الظلام.

[مون عنبر جي ٻيڙي ۾ تنهنجي لاءِ تحفو ڪيو رومال ۾، سون جو ٻيڙو ويڙهيل پوءِ ٻنهي ٻيڙي ۽ عنبر جي معنيٰ(هيءَ آهي) ٻيڙو، اونداهي رات ۾ ڳجھو ٿئي.]

(عنبر ڪارو آهي، اشارو ’ڪاري رات‘ ڏانهن. اونداهيءَ رات ۾ ديدار لاءِ اچڻ گھرجي، رومال ۾ پڙهيل اشارو آهي لڪي ڇپي ۽ ويڙهجي سيڙهجي اچڻ ڏانهن، مطلب ته اونداهيءَ رات ۾ اچ.)

جڏهن دارا، سڪندر کان ڍل گهري ۽ سڪندر انڪاري ٿيو تڏهن دارا سڪندر کي ’ڏيڪي ڏڪر‘ ۽ تِرن جي ڳوڻ‘ موڪلي ڏني تِرن جيترو يعني تمام گهڻو لشڪر آهي(1).

خدا بخش حجام به اهڙي روايت ٻڌائي هئي(2)

”هوت موچي وڏو سگهڙ ٿي گذريو آهي، جنهن کي تر جا سڀ زميندار عزت ڏيندا هئا پيريءَ ۾ هڪ هنڌ ويٺو ڪچهري ڪندو هو، غربت کان تنگ اچي پنهنجي پٽ وڏيري (جو سگهڙ پڻ هو) ڏانهن مِٽي جي ننڍڙي گدڙي ۽ ليڙون ليڙون چولو ڏيئي روانو ڪيائين پريءَ ڪچهري ۾ وڏيري کي ٻئي شيون ڏنائين ڪچهري حيران ٿي ويئي ته هي ڪهڙو تحفو! وڏيرو مطلب سمجھي ويو ۽ هڪدم حڪم ڪيائين ته هن کي ڳوڻ ان جي  ۽ تاڪيو ڪپڙي جو ڏيو.“ ڪچهري ان جو سبب پڇيو وڏيري وراڻيو ته اسان جي دوست هيڻي حال مان هي پيغام موڪليو آهي يعني کائڻ لاءِ کيس داڻو ڪونهي ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڪونهي.

سنڌ ۾ به اهڙي هڪ تاريخي روايت قائم آهي ته (1). ٺٽي جي حاڪم ميراز ﷴ باقي پنهنجي التجا سان گڏ، وڌيڪ وضاحت خاطر اڪبر بادشاهه ڏانهن”نايو“ ۽ ”بيهه“ وغيره ڏياري موڪليو: يعني هتي جي ماڻهن جو گذر غريباڻو آهي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ سان بادشاهه کي ڇا حاصل ٿيندو!.“

”ٽالپوري عهد جو هڪ مثال آهي ته روهڙيءَ جو مير جان الله شاهه رضوي (فارسي زبان جو شاعر ۽ درويش) جهوڪ جي عارف شاه عنايت شهيد جو مريد هو، ۽ هر سال جهوڪ شريف جي زيارت لاءِ ايندو هو. شاه فصل الله قلندر جي سجاده نشيني واري دور ۾، هڪ سال پيريءَ سببان پهچي نه سگهيو. بزرگ ڏانهس سوکڙيون ڏياري موڪليون، جن ۾ هڪ ڪشتي به شامل هئي. مير جان الله شاه مام پروڙي چيو ته: اَبا، حڪم آيو آهي ته ٻيڙيءَ ذريعي پڻ اچو.“

مارئيءَ لاءِ به ائين مشهور آهي ته جڏهن پنهنجي ملڪ ملير آئي، تڏهن سندس مڱيندو کيت سڀن، کيس شڪي نظرن سان ڏسندو هو. هڪ دفعي هنداڻي مان ڳر ڪڍي، باقي خالي کوپو مارئي ڏانهن ڏياري موڪليائين. مارئي مام پروڙي وئي ته کيت سبين جي نظر ۾ منهنجو ست ۽ سِيل ختم ٿي چڪو آهي. چون ٿا ته مارئي اهو طعنو برداشت نه ڪري سگهي ۽ اتي جو اتي دم ڏنائين.

ڪڏهن ڪڏهن سالڪ ۽ درويش به سوال جواب جي شڪل ۾ ريجهه رهاڻ ڪندا آهن، جن کي پروليءَ جو درجو ڏيئي سگهجي ٿو. گرونانڪ صاحب جي خواهش موجب، بابا فريد رح جي سجاده نشين شيخ ابراهيم فريد ثاني، ساڻن جهنگل ۾ ملاقات ڪئي، سندن گفتگو جو نمونو هي هيو (1).

سوال گرو نانڪ: پڙهتي پڙهتي دند گهسلآ، کسلآ نه کيتي هو.

جواب شيخ ابراهيم:ايکو حرف پريم دا پڙهلآ، سو پنڊت هو

ستهلآ تيوڙي دور کر، پتا سڻين دهو.

سوال گرو نانڪ: صـــاحــب ديـــان دو حـــدان

کسنون پکڙان، کسنون چهڊان

جواب شيخ ابراهيم: صاحب کي دور حد

سچ نون پکر، کوڙ نون چهڊ

سوال گرو نانڪ: کلمان کهان تان کل پوي، بن کلملآ کل نانب

هندو کهان تان ماريان، مسلمان بهي نه.

جواب شيخ ابراهيم: دونهان تي پاني وار، پي جي پايو بهگوان

ايکو برهم پهچان، کي دتيا ناسي جان.

انهن ’سوال جواب‘ پرولين ۾ سُٺي ذهانت ۽ فِڪري مهارت جي ضرورت آهي.

مبين عبدالرحيم گروهڙي ڏي ڪنهن شخص چوائي موڪليو ته (2)

”مڙني موچارو، سو آهي ڪُڄاڙو؟“

گروهڙيءَ جواب ڏنو ته:

”هڪڙي صِحت سرير جي، ٻيو پِرين جو پاڙو.“

انهيءَ ساڳيءَ طرز تي ’مامي ڀاڻيجي‘ جون پروليون مشهور آهن.

چون ٿا ته هڪڙا ٻه شخص ـــ مامو ۽ ڀاڻيجو ـــ فقير هئا. مامو اکين کان جڏو، پر ڳالهين جو ڳهِير ۽ بي نظير سگهڙ هو. ڀاڻيجس ڪهڙي به پرولي ٺاهي اچي ڏيندو هو ته هڪدم ڀڃي ويندو هو. مثلاً (1)

هڪڙي ڏينهن ڀاڻيجي، ٻه ماڻهو، پيءُ پُٽ واٽ تي ويندا ڏٺا. جوان پُٽ گهوڙي تي ۽ پيءُ پوڙهو پنڌ! اهو حال ڏسي، پرولي ٺاهي، مامي کي آڻي ڏنائين:

”ماما سنهيءَ نه آيو سُٽ.“

چي ابا: هوندو ڪِنيءَ ڪاڙهه جو، اهو حرامي پُٽ.

پيءُ ڏٺو هوندءِ پيادو،متان گهوڙي چڙهيو پُٽ.

هڪڙي ڀيري ڏٺائين ته پراڻي ڀاڻ کي اچي باهه لڳي آهي. نانگ اُن مان نڪتو آهي، سو ڪيريءَ (مُنيءَ) تي چڙهي ويٺو آهي. چوڌاري جا باهه لڳي، سو نانگ سڙڻ لڳو. تڏهن پرولي ٺاهي اچي مامي کي چيائين:

”ماما ماريو ڏٺم مپ.“

چي ابا: ڀاڻ پراڻي باهه لڳي، متان ڪيري چڙهيو سڀ

تڏهن ماريو ڏٺُئه مپ.


(1) . اگّمهاپ پندت، ”انگلش پالي ڊڪشنيري“، دي پالي سوسائٽي ڪولمبو، 1955ع، ص 451.

(2) ايل ـــ آر ويديا، ”دي اسٽئڊرڊ سنسڪرت انگلش ڊڪشنيري“، مسز راڌا ٻائي سنگون، بمبئي، 1889ع، ص 485.

(3) . سيد يوسف بخاري، ”هماري پهيليان“، ادب منزل ڪراچي، 1965ع، ص 27.

(1).  شيام سندر داس ”هندي شبد ساگر“ ، ناگري پرچاڻي سڀا ڪاشي، سنبت 1929ع، ص 2015.

(2). ارشد مير” بجھ ميرا بجھڪا“، مڪتبه جديد پريس لاهور، 1972ع.

(1) . فرهنگ آصفيه حصه دوم- رفاه عام  پريس لاهور. 1908، ص 151+ ماهنام قليچ – پنج تن اماميه پريس حيدرآباد، فيبروري 1952ع

(2). فرهنگ آصفيه حصه دوم- رفاه عام  پريس لاهور. 1908، ص 151+ ماهنام قليچ – پنج تن اماميه پريس حيدرآباد، فيبروري 1952ع

(3). سنڌ جي مڃيل محقق ۽ مورخ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڳوٺ

 

(1). پروفيسر نعيم الدين، ”ڇند دکهني پهيليان“. هندستاني اڪيڊمي الهه آباد، 1932ع، ص 20

(2). سيد يوسف بخاري، ”هماري پهيليان“، اددب منزل ڪراچي 1965ع، ص 25

 

(1) .سيد يوسف بخاري، ”هماري پهيليان“، ادب منزل ڪراچي، 1925ع، ص 61

(1). محمد امين چڙيا ڪوٽي، ”لائي عمان موسوم بہ جواهر، خسروي“ مسلم انسٽيٽيوٽ علي ڳڙه، 1918ع، ص 134

(2).محمد امين چڙيا ڪوٽي، ”لائي عمان موسوم بہ جواهر خسروي“ مسلم انسٽيٽيوٽ علي ڳڙهه، 1918ع، ص 12

(1).ڪچهري جي تاريخ 28-12-1984ع

(2).شيخ احمد بن ﷴيمني شرواني،”نفحة اليمن“ سسعيد پريس ڪراچي، ص 5

(1) . نظامي، ”سڪندر نامه“، ڪانپور پريس 1324 هه ص 90

(2). ڪچهري جي تاريخ 29-3-1950ع، ڳوٺ ڪاڪي پوٽا، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور

(1). ڊاڪٽر بني نخش خان بلوچ ”ڳجھارتون“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1929ع، ص 4

(1). ارشد مير، ”بُجهه ميرابجهکا“ مڪتبه جديد پريس لاهور، 1972ع، ص 23 – 24.

(2). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”پروليون“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 19965ع، ص 6- 7.

(1) . الهڏنو، ”عجائب ڳجهارتون، حصو ٻيو“، شولداس تاجر ڪتب شڪارپور، 1914ع، ص 14 – 15.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org