(11)
وَهه سينگار، ڪِيتا ميڏي يار، عجب اَسرار، کُليا ديدار
حُسن هُٻڪار، هزار
کاکر ڇا، مُدا مٽ نا، پِريان جي پا، عجائب آ،
مطيع متاع، متارا
سندءِ چمڪار، بِجل بيزار، گگن ۾ گار، کڙِي بردار،
ڪري پُوڪار، پڪارا
اُلٽيس انگ، سِيني سُچ تنگ، ڪُجا ٻيا رنگ، ٻولائن ٻنگ،
وجهن سي وَنگ، وَرارا
هونٺ هنڊول، پسي ٿيا گول، سندن ڇا ٻول، ڪوئل ڪول،
ڪري ناٻول؛ سنگارا
سڄڻ دلبند، جڏهن ڪن خند، دَهن ۾ دَند، موتي شرمند،
سدا پاند، بچارا
هنجهن ۾ هور، ڏسي ساٽور، مُڙي ويا مور، ڪُنجل ڪمزور،
سڄڻ شهزور، قرارا
رَمي رايَلَ، ڏسي سي ڳل، سر منجهه جبل، حشر هل هل،
ڪري ڪَر ڳَل، قطارا
آکي ”طاهر“، وسيعت وَر، دلبر ڌَر، گِهري مون گهر،
ڀلارا ڀر، قدم قرارا.
کاکر = (بروهڪي) = باهه. مدا = هرگز. مٽ = برابر. متاع مال (؟)،
حُسن. متارا = خوش (؟). باهه جي روشني به محبوب جي
پيرن برابر نه آهي. جيڪي حُسن ۾ هاڪارا آهن، سي به
محبوب جي حُسن اڳيان عاجز آهن (؟). گگن = ڪڪر. گار
= گُم. بردار = نوڪر، محبوب جي حُسن جي چمڪ اڳيان
بجليءَ به پنهنجي بيزاري ڏيکاري يعني مقابلو ڪري
نه سگهي. دربانن وانگر بيٺي پڪاري ته محبوب مون
کان زياده چمڪ وارو آهي. الٽيس = اُلٽي پيس. هِت
معنيٰ ڇاتي ٻاهر نڪري پيس. سچ = پستان. ٻولائن =
للڪارن. ٻنگ = وَنگ، وڪڙ، پيچ. محبوب جا سخت پستان
بدن تي اُڀا هئا، جي پيا للڪارين. ڏسندڙ کي گويا
وَنگ پيا پون. سندن چپ هنڊوي جهڙا ڳاڙها هئا ته،
محبوب تان اَول گهولَ پئي ويا. سندس آواز به ڪوئل
کي ريٽي ڇڏيو. خند = کِلن. هور = ڀو، ڊپ. ڪنجل =
هاٿي. رمي = وڃي. رايل = ڪونج، ڪرڳل = آواز. محبوب
جي ڳچي ڏسي، پنهنجي لاءِ حشر مچائي ڏنو ۽ هڪدم جبل
۾ لِهي وئي ۽ پئي آواز ڪري. وسعت ور = طاقت وارو.
حُسن ۾ شهزور. دلبر ڌر = دلبر (منهنجو) آڌار آهي.
ڀر = ڀرجهلو، دل جو ڏڍ، آٿت. ڀلارا.... قرارا ـــ
اهي سهڻا محبوب، پنهنجا قدم کڻي مثل منهنجي گهر
اچن.
(12)
مِهر اَتي مهتاب رهن، مشتاق صنم دي رُوءِ اُتي
سُنبَل، وَينس، وِسيِهَر وِهسن مُشڪ مُعَطّر مُوءِ اُتي
پَونسَٽ ڦوڙ ڦَساوي ڦَندا، گوش گِره گيسُوءِ اُتي
سَروَ، سَمن، صدخجل، صنوبر، قَد دِي صفت سُوءِ اُتي
لکَ لُقمان، افلاطون ڦِردي؛ کِير صنم والي خُوءِ اُتي
بلبل، ڀَنور بيراڳي ڦِردي، باس بَدن دِي بُوءِ اُتي
خِجل ڪَبڪ طائوس رهن؛ جان جانب ٽِلدا جُوءِ اُتي
”شاه محمد“ شالا هووين، ڪَلب پريان دِي ڪُوءِ اُتي.
مهر = سج. مهتاب = چنڊ. صنم ۔= محبوب. وينس = نانگ جو قسم.
ويسهر = نانگ. وهسن = خوش ٿين. سنبل وينس الخَ
سنبل توڙي ڪارا نانگ، سندس عنبر پوءِ وارن تي
ٽِڙِي پيا خوش ٿين. پونمت = هڪدم، فوراً. ڦوڙ =
ڦُوڙي، کولي. گوش گره = وارن جو وَڪڙ، نُچُ. گيسو
= وار. پونسٽ ڦوڙ الخَ اُتي جو اُتي نُچ ۽ نُوچ
(سرڪڻ) سندس قدقامت کي ڏسي، سَؤ بار شرمسار ٿا
رهن. کير = دل جي ٻَهڪ، خوشي. لک لقمان الخ ـــ
لقمان توڙي افلاطون جهڙا ڪيئي دانشمند، پرين جي
خوش خوئي (خوش خيالي) تي حيران رهن ٿا. مطلب ته
جيڪڏهن لقمان ۽ افلاطون کي پنهنجي دانش ۽ اعليٰ
فهم جي خوش خيالي ۽ لاپرواهي آهي ته اهي به سندم
شاه خوبان جو خمار ڀريل خوئي ڏسي حيران آهن. بلبل،
ڀونر الخ ــــ بلبل ۽ ڀونر، اهي ٻئي واسَ جا
ڪوڏيا، سي سندس بدن جي گلابي بوءِ تي مَست ٿي ڦرن
ٿا. خجل، ڪبڪ الخَ جڏهن محبوب اڱڻ تي ٽِلن ٿا،
تڏهن ڊيل ۽ مور ٻئي شرمنده ٿيو پون. شالا هووين =
شال هجين ڪلب = ڪُتو. ڪوءِ = گهٽي، ڳَلي.
ڏهس
’لوڪ ادب‘ ۾ ’ڏهس‘ به هڪ صنف آهي، جا سنڌي سگهڙيائيءَ جو آڳاٽو
۽ نج نمونو آهي. لوڪ ادب جي اهائي هڪ صنف آهي، جا
مواد جي نقطهءِ نگاه کان بهه ٿوري، بلڪ نهايت
قيمتي آهي. جيترو لفظي ذخيرو هن صنف مان ملي ٿو،
اوترو ٻيءَ ڪنهن به صنف مان ملڻ مشڪل بلڪ ناممڪن
آهي. انهيءَ ڪري لغوي خيال کان، هيءَ صنف لوڪ ادب
جي جملي صنفن مان پهرين صَفّ جي مُهڙ ۾ بيهڻ جي هر
طرح لائق آهي.
’ڏهس‘ اصل ۾ آهي ڏَهَه + س. ’ڏهه’، سنسڪرت ’دَشن’ آهي. ۽ ’س‘
نسبتي علامت آهي. يعني ڏهن واري (صنف). اصطلاحاً:
اها صنف جنهن ۾ هڪ اسم جا ڏهن مختلف زبانن مان،
ڏهه هم معنيٰ الفاظ آندل هجن، جن سان محبوب جو
ڪنهن نه ڪنهن خوبي يا وصف کي ڀيٽي سگهجي. محبوب ته
خوبين جو ڀنڊار آهي؛ پر شاعرن انهن خوبين مان به
چونڊ ڪري، ڏهن مختلف زبانن جي لفظن سان سينگاري،
بيت جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. شاعرن ۽ سگهڙن، محبوب
جي جن خوبين يا وصفن کي بار بار ياد ڪيو آهي، تن
مان ڪي هِي آهن: وار، ڀرون، اک، ڏند، نڪ، چپ، ڳچي،
ڪمر، رفتار، گفتار وغيره انهن وصفن لاءِ، شاعرن
تشبيهي لفظ ڳوليا آهن، جي گهڻو ڪري هي آهن:
وار: نانگ، رات، ڀونر، ڪڪر، عنبر وغيرن.
ڀرون: ڪٽاري، خنجر، انڊلٺ، ڪمان، ڀونر وغيره.
اک: هرڻ، بادام، نرگس، ڪنول، خنجر ۽ ڪَٽورِي.
ڏند: موتي، ڏاڙهونءَ جي ڪَڻ، چنبيلي ۽ تارا.
چهرو: چنڊ، سج، کنوڻ، سونُ ۽ مَشعل.
نڪ: طوطو، انب جي ڦار ۽ ترار
چپ: گلاب جو پنگڙيون، هنڊول (مينهن وساڙو)، لالي، لعل ۽ مرجان.
ڳچي: ڪونج ۽ مور
ڪمر: شينهن، گَهرينڙِي، ڏينڀو ۽ ماڪوڙو.
رفتار: هنج، هاٿي، مور ۽ ڊيل.
گفتار: ڪوئل ۽ ٻار جو آواز.
انهيءَ ڪري شاعرن نانگ، رات، ڀونر، هرڻ، موتي، چنڊ، سج، کنوڻ،
سونُ، طوطو، هنڊول، مرجان، ڪونج، شينهن، هاٿي، هنج
۽ ڪوئل جي اسمن لاءِ ٻين ٻولين مان هم معنيٰ الفاظ
ڳولي، ’لوڪ ادب‘ جي سينڌ سنواري آهي. جيڪڏهن ڏهس
(جي بيت) ۾ مختلف ٻولين جا ڏهه هم معنيٰ الفاظ
آندل آهن، پر انهن لفظن محبوب جي ڪنهن به خوبي يا
وصف سان ڪو تشبيهي واسطو نه آهي ته اهو بيت ’ڏهس’
۾ داخل نه آهي. مرحوم ۽ جلال ڀُٽي
(1)
ڏهَسَ تي تبادلهءِ خيالات ڪندي، اهڙا ٻه ٽي مثال
ڏيئي ڏيکاريا هئا، جن کي هُن ’ڏهس‘ نٿي ڪوٺيو.
مثال 1. جَبل، ڇپر، پربت، پهاڙ، ڪوهُه
ڳرِ، ميرُ، ڏونگر، ٽڪر، روهُه
مٿئين بيت ۾ ’جبل‘ جا ڏهه مختلف نالا، مختلف زبانن مان آندل
آهن، پر ڇاڪاڻ ته محبوب جي ڪنهن به خوبي يا وصف
سان ڪوبه تشبيهي واسطو نٿا رکن، تنهنڪري اهڙي بيت
کي ’ڏهس‘ نه چئبو.
مثال 2. آب، آف، آپ، جر، دِير
ما، پاڻي، آڀس، جل، نِير
انهيءَ بيت ۾ ’پاڻيءَ‘ لاءِ مختلف زبانن مان ڏهه نالا ڪم آندل
آهن. پرجئن ته محبوب جي ڪنهن به وصف يا خوبيءَ سان
سندن ڪوبه تشبيهي لاڳاپو ڪونهي، تنهنڪري اهو بيت
به ’ڏهس‘ جي دائري ۾ نه ايندو. پر ان جي برعڪس
مثال طور ٻيو بيت ڏيئي ڏيکاريائين ته:
هڪڙا پَينَ، ٻيا ڦُنَ، تيان تَلِيهَرَ، آلِيهَرَ
اُرگ، بِشِيهَل، راجُلا، سِسِيهَرَ، وِسِيهَرَ
اوکي اوٽَ عشق جِي، جتي واسِينگ وجهن وَرَ
اُتي ۾ ڏونگرَ، سسئي رکج ”صديق“ چئي.
مٿئين بيت ۾ ’نانگ‘ جا ڏهه نالا آهن: پين، ڦن، تليهر، اليهر،
ارگ، بشيهل، راجل، سسيهر، وسهر ۽ واسينگ.
جلال ڀُٽي اهڙي بيت کي ’ڏهس’ ئي ڪوٺيو، ڇاڪاڻ ته مختلف زبانن
مان نانگ جا ڏهه نالا آندل آهن، جن سان محبوب جي
ڪارن ڊگهن وارن سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.
مثال 3. زَر، ذَهب، سونُ، سُوَرۡن، ڪُنِدَن
طِلا، ڪَينچَن، خِيسُن،ڪَنڪَن، جِهينگن
’سونَ‘ جا ڏهه مختلف الفاظ مختلف زبانن جا آندل آهن، جن سان
محبوب جي ’چِهري‘ کي تشبيہ ڏيئي سگهجي ٿي. تنهنڪري
اهو بيت ’ڏهس’ جو چئبو. مطلب ته: ’ڏهس‘ لاءِ اهو
شرط اولين آهي ته آيل لفظ، محبوب جي خوبين يا وصفن
جي نمايان ترجماني ڪن.
’ڏهس‘ لوڪ ادب جي چِندُ ۽ چونڊَ جنس آهي. صاف ۽ سوَيلَ جنس آهي.
اَملهه ۽ اَلَڀ جنس آهي، اها پيچيده ۽ مضبوط مشين
آهي، جا مدت کان مختلف زبانن جي ادبي زمين کي
کيڙيندي ۽ کوٽيندي رهي آهي، جنهن ڪري ڪيترائي
انوکا الفاظ عمل ۾ اچي، سنڌي لغت ۾ وسعت آڻيندا
رهن ٿا. ڏهس جا الفاظ هُونءَ جيڪر تڙيل پکڙيل ۽
ويڳاڻيءَ حالت ۾ هجن، پر ’ڏهس‘ ۾ اچڻ ڪري، دُرِي
جي داڻن وانگر، دل ۾ جلوا وجهي رهيا آهن. ’سينگار’
جي بيتن کي جيڪا سُونهن ۽ سوڀيا ملي آهي، سا به
’ڏهس‘ جي ڪري! جيڪڏهن ’سينگار‘ مان ’ڏهس‘ جا الفاظ
ڪڍي ڇڏجن ته ’سينگار‘ جيڪر ٻُسوئي ٻُسو رهجي وڃي؛
ڇاڪاڻ ته ’سينگار‘ ۾ جيڪي پياريون تشبيهون اچن
ٿيون، تن جو مدار ئي ’ڏهس‘ جي لفظن تي آهي. اهي
الفاظ ’سينگار‘ ۾ ائين سُونَهن ٿا، جئن تارن ۾
ڪَتِي! جئن ’ڏهس‘ جا الفاظ گهڻا تئن ’سينگار‘ سهڻو
مطلب ته ’ڏهس‘ ’سينگار‘ جي جانِ آهي.
’ڏهس‘ جو سَلو پهريائين سرزمين سنڌ ۾ ڪنهن هنيو، ڪڏهن ۽ ڪٿي
لڳو، سو قطعي فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي. البته سگهڙن جي
سينه به سينه روايات جي مدنظر ڪجهه چئي سگهبو.
جلال ڀُٽي ٻڌايو ته ”ننڍري لاڪُون ٻڌندا ايندا
آهيون ته ’ڏهس’ جي حق ۾ جلال کٽي مڙني کان مٿاهون
آهي.“ ان مان ثابت ٿيو ته جلال کٽيءَ جا سِهيوڳي
سگهڙ ۽ شاعر، هن نج سنڌي سگهڙپائيءَ جي عظيم فن
کان پوريءَ پَرِ واقف هئا؛ ليڪن سڀني جي سالاريءَ
جو سِهرو وري به جلال کٽيءَ جي ئي سر تي سونهين
ٿو. جلال کٽيءَ ’ڏهس‘ ٻَڌا هوندا ۽ ٻين شاعرن ٻُڌا
هوندا، جن کان متاثر ٿي هنن به اها ئي واٽ ورتي
هوندي. اها نوڪ جهوڪ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ هڪ ٻئي کي
ڪَڙَ کڻڻ يا ميل مارڻ لاءِ شاعرن ڪافي ’ڏهس‘ چيو
هوندو؛ پر جئن ته ’ڏهس‘ محدود آهي محبوب جي خوبين
۽ تشبيهي لفظن تائين، تنهنڪري ’ڏهس‘ لاءِ مختلف
قسم جا بيت ڏنا وهندائون. اهو ئي واحد سبب آهي جو
هڪ ’ڏهس‘ لاءِ، ڪيتريون ئي مختلف پڙهڻيون موجود
آهن.
’ڏهس‘ جي گهري مطالع مان معلوم ٿيندو ته آيل لفظ عربي، فارسي،
سنڌي، هندي، سنسڪرت، سرائڪي، پراڪرت، پالي،
بلوچڪي، بروهڪي، ڍاتڪي، لاسِي، ٿَرِي ۽ سنڌ جي
چوڌاري وَٽِ جي محاورن تائين محدود آهي. مثلاً:
اَنگ، اکيان، نِيٽ، ڪَنول، چاهه چَشم
عين، اک، خَن، نيڻ، نتۡرَ، ڇَم
(1)
آيل لفظن جي وچور هن ريت آهي: اَنک = هندي اَکيان = سرائڪي. نيٺ
= پالي. چشم = فارسي. عين = عربي. اک = سنڌي. خن
= بروهڪي. نيڻ= پراڪرت. نيتر = سنسڪرت. ڇم =
بلوچڪي. نيٽ ڪنول = ڪنول گل جهڙي اک. چاهه چشم =
وڻندڙ اک.
مٿئين ڏهس جي بيت ۾ ڏهه مختلف الفاظ، ڏهن مختلف ٻولين: هندي،
سرائڪي، پالي، فارسي، عربي، سنڌي، بروهڪي، پراڪرت،
سنسڪرت ۽ بلوچڪي مان آندل آهن. دراصل ڏهس جي
بنيادي معنيٰ به اها ئي آهي ته ڏهه الفاظ، ڏهن
مختلف ٻولين مان آندل هجن؛ پر اسان جي شاعرن
عموماً ڏهن کان گهٽ ٻوليون استعمال ڪيون آهن؛
تنهنڪري اهڙن بيتن کي به شاعرن ۽ سگهڙن ’ڏهس‘ سڏيو
۽ ڏهس جي بيتن جي ڳُٽڪي کي وري ’ڏهس نامون‘. ’ڏهس‘
معنيٰ ڏهن وارو (جئن اڳ ڏيکاريل آهي،) ۽ ’نامون،
فارسي ’نامه‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪتاب. يعني
اهو ڪتاب جنهن ۾ ڏهس جا بيت آيل هجن. سگهڙن جي
مهاورن ۾ ’ڏهس نامون‘ معنيٰ ڏهَسَ جا بيتَ يا
ڏَهَسُ.
شاعرن ۽ سگهڙن کي سنڌ ۾ هلندڙ محاورن ۽ زبانن تي آڙيءَ وارو
عبور کڻي حاصل هجي، پر هندي، پراڪرت، سنسڪرت وغيره
لفظن جو اڀياس ڪيئن ڪيائون؟ ان لاءِ اهوئي پختو
دليل ڪافي آهي ته هنن هندي شاعرن ۽ سندن شعر سان
رغبت رکي هندي ۽ دوهي ۾ آيل تشبيهي لفظن کي ديسي
ويس پهرائي، نئين گهڙت گهڙي هوندي. هندي شاعرن کان
علاوه ٻيو به سبب، ڪنهن حد تائين معقول ٿي سگهي
ٿو، جنهن کان متاثر ٿي شاعرن ’ڏهس‘ جوڙيو هوندو.
ممڪن آهي ته سندن نظر مان ڪي اهڙا ڪتاب گذريا هجن.
جن ۾ ڏهس جا ابتدائي اهڃاڻ موجود هجن. هن سِٽا تي
امير خسرو (651-725 هه) دهلوي جو ’خالق باري‘
(1)
ڪتاب نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هڪ جنس جا هم معنيٰ
الفاط، مختلف زبانن ــــ عربي، فارسي ۽ هندي ــــ
مان آندل آهن. جيئن تا:
1. خالق، باري، سَرجنهار
واحد، ايک، بَدا، کرتار
مٿئين مثال ۾ ’خدا‘ جا مختلف زبانن مان ڇهه لفظ آندا آهن.
لفظ ٻولي معنيٰ
خالق عربي خلقيندڙ
باري = پيدا ڪندڙ
سرجنهار هندي =
واحد عربي هڪ
ايک سنسڪرت =
بدا عربي شروع،
آغاز،
سڀ
کان پهريون.
کرتار هندي خلقيندڙ،
ڌڻي
2. طِلا، کُندن، سونا کهئي زيور، آبهرن گَهنا
نام جڙا و مُکّلّل باشد، اور مُرصع کَهنا.
مٿئين مثال ۾ سونُ، زيور ۽ سندن جڙاوت جو ذڪر آهي.
لفظ ٻولي معنيٰ
طلا عربي سونُ
کندن هندي سونُ
سونا هندي سونُ
زيور فارسي ڳَهڻو
ابهرن سنسڪرت ڳَهڻو
گهنا هندي ڳهڻو
جڙاوَ هندي جُڙاءُ
مکلل عربي جُڙاءُ
مرصع عربي جڙاءُ
مٿين مٿالن مان ائين ڀانئجي پيو ته ان فنَّ جي اها پهرين ڪوشش
آهي. اقبال صلاح الدين
(1)
به اِن ئي خيال جو آهي ته ”خالق باري“ ڪتاب نظم ۾
آهي ۽ هندي فارسي لفظن جي پهرين لغت آهي؛ جيڪا
امير خسرو ’ڏهس‘ جي خيال کان نه، بلڪ هندي، عربي ۽
فارسي هم معنيٰ الفاظ هڪ هنڌ گڏ ڪري، شاگردن کي
روشناس ڪرائڻ جي خيال کان ٺاهي آهي ته جئن منجهن
علمي مايو وڌي.
امير خسرو جي ’خالق باري‘ طرز تي ڪيترائي ڇاپي ڪتاب نظر اچن ٿا،
جن مان ڪن جي مصنفن، خسروءَ کان وک وڌائي آهي.
لغات السعيد
(1)
مان ٻه مثال پيس ڪجن ٿا، جن مان پهرئين مثال ۾ پنج
عربي ۽ ٽي فارسي هم معنيٰ الفاظ آهن:
1. شارق و شمس و يُوح هَم بيضا
مهر و خورشيد و آفتاب و ذَکا
لفظ ٻولي معنيٰ
شارق عربي سج
شمس = =
يوح = =
بيضا = =
مهر فارسي =
خورشيد =
=
آفتاب = =
ذکا عربي =
2. کُر کم و زعفران بود کيسر
نام نرگس چو نرجس و عبهر
لفظ ٻولي معنيٰ
کرکم عربي ڪيسر
زعفران = =
کيسر هندي ڪيسر
نرگس فارسي گل جو
قسم
نرجس عربي =
عبهر = =
اهڙي طرح ’خالق باري اکرام‘ به ساڳي طرز جو ڪتاب آهي
(1)،
جيئن ته
رب، پروردگار، پالنهار
خالق الخلق جگ کا سرجنهار
لفظ ٻولي معنيٰ
رب عربي خداوند،
پروردگار
پروردگار فارسي =
پالنهار هندي =
خالق الخلق عربي خلق جو
پيدا ڪندڙ
سرجنهار
هندي =
’نصاب البيان‘ مان هڪ مثال پيش ڪجي ٿو
(2):
غضنفر و اَس و ليث و حارث و دِلهاث
هِزبر و قسوَرَه و حيدر ست ضيغم شير.
’شينهن‘ لاءِ نوَ عربي نالا: غضنفر، اسد، ليث، حارث، دلهاث،
هزبر، قوره ، حيدر ۽ ضيغم ــــ ۽ هڪ فارسي نالو
’شير‘ ڪم آندل آهي. اهو ’ڏهس‘ جو نمونو آهي، ڇاڪاڻ
ته محبوب جي ڪمر کي شينهن جي پتلي ڪمر سان ڀيٽي
سگهجي ٿو؛ پر ڇاڪاڻ ته ’ڏهس‘ جي اصول پٽاندڙ بيت ۾
گهٽ ۾ گهٽ چئن ٻولين جا لفظ آندل هجن، تنهنڪري
چِندُ ڏَهسُ نه چئي سگهبو.
هي ته ٿيا ڇاپي نسخا، جن مان ڏهس جي اوائلي اُهڃاڻ مليا، پر
قلمي نسخا به آهن، جن ۾ ساڳيو مواد نظر اچي ٿو.
سيد سليمان ندويءَ کي گجرات لائبرري مان هڪ قلمي
لغت هٿ آئي، جنهن لاءِ لکي ٿو
(1):
عربي ۽ هندي يا هندستاني جي هڪ لعنت ملي، جنهن جي
منڍ جا ڪجهه شعر هي آهن:
الله خدا هي کرتار
الدنيا گيتي سنسار
الجنّت بهشت سرگ |
الخالق آفريد سرجنهار
الاحمق نادان گنوار
السقر دوزخ نرگ |
ندوي لکي ٿو ته نسخي تي نه مصنف جو نالو هو ۽ نه تاريخ. وڌيڪ
لکي ٿو ته ان قسم جي هڪ ’عربي لغت‘ برادر عزيز
نجيب اشرف صاحب ندوي وٽ آهي، جنهن جي شروعات جا
شعر هي آهن:
(2)
الا لــٰہ پرستيده پوجيا
المحد ستوده بکانيا
الرسول فرستاده ڀيجيا |
العلوم دانسته پوچهيا
المعروف شناخته پهچانيا
الواضح روشن ستجيا |
مٿين ٻنهي لغتن جي خاص خوبي اها آهي، جو ٽن ٻولين جا هم معنيٰ
الفاظ ڪم آندل آهن: عربي، فارسي ۽ هندي. لغتن لکڻ
جو سبب علامه ندوي هي ڏئي ٿو
(1)
”ائين معلوم ٿو ٿئي ته گجرات ۾ عرب ۽ ايراني جهجهي انداز ۾
ايندا هئا. انهيءَ ڪري کين هندي سان روشناس ڪرائڻ
لاءِ اهي لغتون لکيون ويون آهن.“
مٿين سڀني ڇاپي توڙي قلمي نسخن جي مواد مان معلوم ٿيو ته اهي
بيت ٽن ٻولين ــــ عربي، فارسي ۽ هندي ــــ تائين
محدود آهن، ۽ جن به اديبن ۽ عالمن قلم راني ڪئي
آهي، تن هندستان جي مکيه ٻولين کي پيش نظر رکي ڪم
ڪيو آهي. اسان جي سنڌي عالمن به ان طرف توجهه ڏنو
آهي؛ انهن پنهنجي ڪتابن کي لغت نه، پر ٽي ٻوليون
ــــ عربي، فارسي ۽ سنڌي ــــ ڪم آڻي، سِوايو يا
ٽِوايو (ٽن ٻولين وارو) سڏيو آهي. جَيَد عالم
مولانا قاسمي صاحب ان باري ۾ چوي ٿو
(2).
”سنڌ جي اڳوڻن درسگاهن جو اهو دستور هو، جڏهن ڪو ٻار خُطاب ۾
فارسي جي تعليم لاءِ ويهاريو ويندو هو، ته شروع ۾
ان کي دُوايو ۽ سِوايو يعني ٽِوايو پڙهائيندا هئا.
دوايو ۾ ٻن ٻولين جا لفظ هوندا هئا: فارسي ۽ سنڌي.
ٽِوابي ۾ ٽي لفظ هوندا هئا: هڪ عربي، ٻيو فارسي ۽
ٽيون سنڌي. اهي ڪتاب ٻارن کي برزبان ياد ڪرايا
ويندا هئا، جنهن ڪري کين فارسي ۽ عربيءَ جي گهڻن
اکرن جو سرمايو هٿ اچي ويندو هو، ۽ اڳتي هلي
آسانيءَ سان ڳالهائي ۽ لِکي سگهندا هئا. مون کي پڻ
ياد آهي ته جڏهن هڪ ننڍي ٻار جي حيثيت ۾ قرآن مجيد
پڙهڻ کان پوءِ مڪتب ۾ ويٺس ته شروع ۾ دوايو ياد
ڪرڻو پيو، جنهن جي ابتدا ”خدا، ڌڻي، رسول، نياپو
آڻيندڙ“ سان هئي. اهو ڪتاب مون لاءِ مُنڍ ۾ کڻي،
ائين هو، جئن ڪنهن طوطي کي الفاظ ياد ڪرائجن، پر
اڳتي هلي ان جي اهميّت پڌري ٿي پيئي، جڏهن کان مٿي
ڪتاب پڙهڻ لڳس.“
تحقيق جي تَهَه ۾ ويندي ائين معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي عالمن
پهريون سِوايو يا ’ٽوايو‘ 1184 هه (1770ع) ۾ لکيو،
جنهن جي گواهي ”فيض بخش“ قلمي نسخو ڏيئي سگهجي ٿو.
’ٽِوئي‘ يا سِوايي جو مواد صفحن (سائيز 8/23x“18)
تي پکڙيل آهي. شروعاتي شعر هي آهن
(1).
عربي فارسي سنڌي
خالق آفرينده اُپائڻهار
رب پرورنده نپائڻهار
سميع شنونده سڻندڙ
معطلي دهنده ڏيندڙ
فاعل کننده ڪندڙ
بَصير بينا پَسندڙ
سائل خواهنده گُهرندڙ
شافع رستگاري دهنده ڇُٽائيندڙ
آخِذه گيرنده ڳِهندڙ
فارً گريزنده ڀَڄندڙ
سماء آسمان اُڀ
ڪل همه سڀ
نجم ستاره تارو
ظلمت تاريکي انڌارو
پڇاڙيءَ ۾:
قحط تنگي ڏڪار
مسڪين گدا پينار
جبل کوه ڏونگر
عرق خوئي پگهر
يد دست هٿ
عجب کِبر هٺ
دقيق باريک سنهن
تمت تمام پُنون
ان ساڳئي نسخي جي ڪاپي جناب مولانا قاسمي صاحب جن وٽ پڻ آهي،
’الرحيم‘ رسالي ۾ اهڙو اشارو ڪيو اٿن:
”مولانا فتح الرسول صاحب نظاماڻي وٽ چوٽياري ضلع سانگهڙ جي
تالفيات ۾ هڪ ناياب مجموعو نظر مان گذريو. هن
مجموعي ۾ مولانا عبالرحمان صاحب چوٽيارين واري جي
مختلف تاليفات سان گڏ هڪ ’ٽوايو‘به هو، جو فل سڪيپ
سائيز جي ستن صفحن تي ڦهليل آهي. ڪاغذ تمام ڪهنو
نظر اچي ٿو ۽ خط نهايت عمدو اٿس.“
ٻيو به هڪ شڪسته حالت ۾ قلمي نسخو اڳيان آهي، جنهن ۾ ٽن ٻولين-
عربي، فارسي ۽ سنڌي – بجاءِ سنڌي مروج هم معنيٰ
ڪاوش جو نتيجو آهي. نسخي تي نه مصنف جو نالو ۽ نه
تاريخ ڄاڻايل آهي. شروعات هن طرح آهي:
ڀِتر، ڦُوڙ، وٽڙو ڄاڻ
جبل، ڏونگر ساڳيو ميرُ |
پرواهه، غرض ساڳي ڪاڻ
بُز، ٻڪرو ساڳيو ٿٻرُ |
پڇاڙيءَ ۾:
ڇا ڳڀوڳي، گُرگ يا ناهَر
نرڙ، پيشاني، لَلاٽ |
بندر، ڪُونَرُ يا آهُر
نخرو، اَنگل ساڳيو ناٽ. |
’مير‘ سنسڪرت ۾ جبل. ڇاڳيو ڳي = ڇاڳ = ڇيلو + ڀوڳي = کائيندڙ =
ڇيلو کائيندڙ، سو ٿيو ’بگهڙ‘.
اهي مٿيون ڪوششون البته آڳاٽيون آهن. ويجھڙائي ۾ به ڪيترن ان
موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن جو اندازو
انگريزي لفظ استعمال ڪرڻ مان لڳائي سگهجي ٿو:
هندي انگريزي فارسي سنڌي
پهاڙهي مائونٽين (Mountain)
کوه جبل
فارسي انگريزي هندي عربي
زبان ٽَنگ(Tongue)
جيبهه لسان
’اربعا عناصر‘ قلمي نسخي مان پڻ اهڙا مثال ملن ٿا
(*).
عربي هندي انگريزي سنڌي
برق بجلي لائٽنگ(Lightning)
وِڄُ
شمس سورج سَن (Sun)
سج
قمر چاند مُون (Moon)
چنڊ
توس قزح ڌَنڪ رينبو (Rainbow)
انڊلٺ
افعِي سانپ سنيڪ (Snake)
نانگ
سَڪ مڇلي فش (Fish)
مڇي
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن ڏس ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي(1)
رَڇ چوين، ٻانڌو چوين، توڙي چوين ڀَن
گَهڙِي چوين؛ پَلڪ چوين، توڙي چوين کَن
رڇ، ٻانڌو ۽ ڀن هم معنيٰ الفاظ آهن. اهڙيءَ طرح، بلڪ ۽ کن. هي
جيڪو ڇاپي توڙي قلمي ڪتابن جو وضاحت سان ذڪر ڪيو
ويو آهي، سو محض ڏهس جي لفظن ڪري؛ ڇاڪاڻ ته ڏهس ۾
مختلف زبانن جا مختلف هم معنيٰ الفاظ ڪم ايندا
آهن. اسان جي سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن، عالمن کان گوءِ
کڻڻ خاطر ئي ٽِوائي کان مٿي ’ڏهس‘ ٻَڌو ته جئن
سندن سوڀ ۽ سارِي رهي! مليل مواد جي بِناء تي بي
ڌڙڪ ائين چئي سگهبو ته سدا ملوڪ سگهڙن ۽ شاعرن،
پڙهيلن ۽ عالمن کي شَهه ڏيئي ڇڏي آهي. عالم ۽
پڙهيل ڪوهين دور رهجي ويا آهن. ديسي شاعرن اُتي
قدم رکيو آهي، جتي پڙهيلن جو پڄڻ محال آهي. مثال
سِنگ، ڪَيَل، ڪارڌو، ڪَينٽَل، ليث، مزار
چِيٽا، شير، شينهن هي، ڪيسر نام ڪرار
مٿين ڏهس ۾ ’ڪارڌو’ شينهن جي معنيٰ ۾ ورتل آهي. هيمچندر ’ڪارڌو‘
کي ’ڪروڊو‘ ڏيکاري، بعد ۾ چوي ٿو ته دراوڙ ٻوليءَ
جو لفظ ’ڪمرڊِ‘ آهي
(2).
آهو، هنن هرڻ، ڪُرنگا، چِيل
جُهوڪا، مِرگهه، غزال، آسڪا، نِيل.
’هنن هرڻ جي معنيٰ ۾آيل آهي، جيڪو ’برج ڀاشا‘ (آگري ۽ مٿرا جو
هندي محاوره جو لفظ آهي.)
ڏسو، اسان جي زنده دل شاعر ۽ سگهڙن، ڏهس جوڙيندي ڪٿي ته وڃي
مقصد جي حرف کي تير هنيو آهي. هي ڏيکاري ٿو ته سنڌ
جي شاعرن، ڏهس کي ڪمال تي پهچائڻ لاءِ وڏي ڪش ڪڍي
آهي.
’ڏهس نامي’ جو ٻيو به هڪ قسم مليو آهي، جنهن کي بقول عزيز الله
ڳنواس، ’سِيس نامون‘ چئجي ٿو
(1)
سيس = سي (فارسي ۾) = ٽيهه + ’س‘ نسبتي علامت،
يعني ٽِيهن واري (صنف). اصول پٽاندڙ هرهڪ بيت ۾
مختلف ٻولين مان، ٽيهه هم معنيٰ الفاظ اچڻ کپن، پر
شاعرن ۽ سگهڙن ڏهن کان وڌيڪ آيل لفظن کي ’سيس
نامون‘ سڏيو آهي. ميان عزيز الله ڳنواس پنهنجي هڪ
قلمي نسخي مان ’سيس نامي‘ جو هڪ مٿال لکايو، جنهن
۾ ”نانگ“ بابت سورنهن مترادف الفاظ مختلف زبانن
مان آندل آهن.
ڦُن، پُنُنگ، ڀَوَنگ، آزگر
ڪرشن، بدويس،واسينگ، وِسِيهَر
مار، اُرگ، اَفعِي، اَلِيهَر
سانپ، ثُعبان، تِنِين تَلِيهَر.
بهرحال ايترو وثُق سان چئي سگهجي ٿو ته اسان جي شاعرن ۽ سگهڙن،
لوڪ ادب جي هر جنس کي پوريءَ طرح سمجهي،انکي سهڻي
نموني نباهڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي. اهو ئي سبب
آهي جو لوڪ ادب جي صنف هر موقعي تي چمڪِي اُٿي
ٿِي. خصوصاً ’ڏهس‘ ۾، جيڪا ادبي ۽ لغوي چَمڪ آهي
سا ساهت جو سينگار آهي. شاعرن ۽ سگهڙن مروج ٻولين
مان ڪوبه اهڙو لفظ نه ڇڏيو آهي. جو ڏهس نامي ۾ نه
هجي! بروهڪي ۽ بلوچي الفاظ به آندل آهن. مثال طور
ڪي ’ڏهس‘ هيٺ شامل ڪجن ٿا.
1. وارو: اڳ، ريڌا، ڪيسَ، ڪَچَهين، تَلَنگ، چِيڪُرَ، وار
شَعر، مُو، ڦُٺَهين، سر ساجن ڪا سينگار.
لغوي تحقيق: اڳ. سنڌي ــــ سنسڪرت. اُرگ = نانگ. اصطلاحا وار.
ريڌا = وار (؟)
ڪيس. پراڪرت. وار
ڪچهين. سن. ڪَچ = وار. ’هين‘ شاعرانه گهڙت.
تلنگ.سن. ترنگ = وار
چڪر = سن. چِڪُر = وار
وار = سنڌي
شعر = عربي. وار
مو = فارسي. وار
ڦٺهين = بلوچڪي ڦُٽ = وار. ’هين‘ شاعرانه گهڙت.
مٿئين ’ڏهس‘ ۾ سنسڪرت جا ٽي لفظ (ڪڇ، ترنگ، چڪر)، پراڪرت جو هڪ
لفظ (ڪيس)، عربي هڪ لفظ (شعر) فارسي هڪ لفظ (مُو)،
سنڌي ٻه لفظ (اڳ ۽ وار) ۽ بلوچڪي هڪ لفظ (ڦٺ)،
جملي ڏهه لفظ آهن.
2. نوڪ: نَڪَ، ناسَڪ، ناسا، بِينيي، ناڪ
ناٿَڪ، بامُس، آنف، ڦُونر، ڦاڪ
نڪ = سنڌي ناڪ = هندي
ناسڪ = سنسڪرت ناٿڪ = سنسڪرت (ناسڪ)
ناسا = سنسڪرت ناٿڪ = سنسڪرت (ناسڪ)
ناسا = سنسڪرت بامس = بروهڪي
بيني = فارسي انف = عربي
ڦونر = بلوچڪي
(ڦاڪ = ڦار. اشارو انب جي ڦار ڏانهن. اصطلاحاً سهڻو نڪ.)
3. چپ: لَب، چَپ، اوشت، رَک، هونٺ
آڌر، شَفت، اوٺِ، جوڙ، اونٺ
لب = فارسي شفت = فارسي ـــ ع. شَفتہ دع شفهة
چپ = سنڌي اوٺ = پالي
اوسٺ = سنسڪرت (اوشٽ) جوڙ = بلوچڪي
رک = چپ (؟) اونٺ = هندي (هونٺ)
هونٺ = هندي
اڌر = سنسڪرت
4. رات: تُڳِي، تُهاري، تامَسِي، تَمهَر، تام تمس
رَينَ، رَجنِي، رات شف، نس
تڳي = سنڌي (سن. تُنگي) = رات رين = هندي
تهاري = (؟) = رات رجني = سنسڪرت
تامسي = هندي رات = سنڌي
تمهر = سنسڪرت تمِسۡرا = رات شف = بلوچڪي
تام تمس = سنسڪرت = اونداهي رات نس = هندي
5. کنوڻ: برق، دامني، جهانڪ، چِنۡي، ڪنگور
کِنوڻ، وِڄُ، بجلي، ڪِروخ، مُلارگنه، چَچور.
برق = عربي کنوڻ = سنڌي
دامني = هندي وڄ = سنڌي
جهانڪ = ؟ کنوڻ بجلي = هندي
چَّي = ؟ کنوڻ ڪروخ = بلوچڪي
ڪنگرو = ؟ کنوڻ چچور = سنسڪرت (چنچلا)
ملارگهه = ملهار ڳڙه = ميگهه ملهار (؟).
6. انڊلٺ:
(1)
آگَم رِپ، اِنڊلٺ، اِنڌنا، اِندر، ڌَنشُ، رنگين
ڪمان
وَساوَ رنِي، قوس قزح، قوسِ، سَما، ڌَنڪ، دِرين در آسمان
(آگم رپ = آگم = جُهڙ + رپ = دشمن. جُهڙَ جو دشمن يعني انڊلٺ.
جڏهن انڊلٺ اُڀرندي آهي، تڏهن جُهڙُ ٽِڙي پکڙي
ويندو آهي. تنهنڪري ’انڊلٺ‘ جُهڙَ جو دشمن چئبي.
در آسمان = آسمان ۾)
انڊلٺ = سنڌي وسا ورني = سنسڪرت (وَرسا وَرۡڻ)
انڌنا = پالي قوس قزح = عربي
اندرڌنش = سنسڪرت قوس سما = عربي (قوسَ السّماء)
رنگين ڪمان = فارسي ڌنڪ = هندي
درين = بلوچڪي
7. هرڻ: خَزم، آسَڪ، اُڌگَر، ڪُرنگا، ايڻَ
آهو، غزال، جُهوڪا، چِيڻَ، مرگها نيڻ.
خزم = بروهڪي آهو = فارسي
آسڪ = بلوچڪي (آسڪ) غزال = عربي
اُدگر = (؟) هرڻ جهوڪا = (؟) هرڻ
ڪرنگا =۔ سنسڪرت (ڪُرنگ)
چيڻ = سنسڪرت (چِينَ)
ايڻ = سنسڪرت مرگها نيڻ = هرڻ اکيون، سهڻيون
اکيون.
ــــــــــــــــــــ
|