گرو ۽ چيلو
ڪچهريءَ ۾ بئي وکر گڏ ’گرو چيلو‘ جون پروليون به پيش ڪندا آهن،
جن ۾ عجيب لطف هوندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٽن سوالن جي
جواب هڪ ئي ڌڪ سان ملندو آهي. اها ڪا اهڙي سٿري ۽
سولي ڳالهه نه آهي، جا کِنَ ۾ کڻي وٺجي. هِت ذهن ۾
ذَڪا جي ضرورت آهي، تنهنڪري اهي پروليون، ادبي ۽
لغوي نقطه نگاه کان وڏي اهميت رکن ٿيون.
جيتوڻيڪ اهي پروليون ’سنڌي‘ آهن، پر جيڪڏهن سندن پيرو کڻبو ته
اصليت جون پاڙون، امير خسرو (601-750 هه) جي ”دو
سُخنه هندي“ پرولين ۾ نظر اچن ٿيون. سنڌي پرولين ۾
مَٽ سَٽ ۽ ڪاٽ ڪوٽ ڪيل آهي، پر تڏهن به ڪيترين
پرولين مان، اصليت جي خوشبوءِ اچي رهي آهي.
مثال- 1: روڻي جَلي کيون؟
گهوڙا اڙا کيون؟
پان سڙا کيون؟
جواب: ”پهيرا نه تها
(1)
انهيءَ پروليءَ کان متاثر ٿي سنڌي سگهڙن پنهنجي ٻَڌ، هن ريت
ٻَڌي:
(الف)
(2)پهرين
ٻَڌَ:
گرو: روٽي سَڙي، گهوڙي آڙِي
وِديا وِسري. چؤ چيلا ڇا بات؟
چيلو جواب: گرو جي! ’ڦيري‘ نه آهي.
ماني به ڦِيري (اٿلائي) نه ويئي، جنهنڪري سڙي ويئي. گهوڙي به
ڦيري يا گهمائي نه وئي، جنهنڪري گَهه ڪيائين. وديا
(علم) به ڦيري (دَور) نه ويئي تڏهن وسري ويئي.
(ب)
(1)ٻِي
ٻَڌَ:
گرو: پان سڙي، گهوڙو اڙي، وڊيا وِسرجاءِ
روٽي سڙي اڱاربين، ڪو چيلا ڪس ڀاءِ؟
چيلو: گروجِي ’ڦيريا‘ نهين.
پاڻُ رَکئي رَکئي سَڙِي پيو، جو ان کي ڪنهن ڦيرايو (اُٿلايو)
ناهي؛ گهوڙو به هلندي هلندي اَڙي ٿو ڪري، جو اهو
ڦيرايل (چڙهي گهمايل) ناهي؛ علم به وسريو وڃي، جو
ان کي اُٿلايو (دُورَ ڪيو) ناهي، ۽ ٽانڊن تي به
ماني پَئي سَڙي، جي اها به ڪنهن اٿلائي ڪانه آهي.
(ج) ٽين ٻَڌَ:
گرو: روٽي جَلِي ڪيون، گهوڙا اَڙا ڪيون
پان سَڙا ڪيون، ڪهه چيلا ڪيا بات؟
چيلو: گروجي” ڦيرا“ نهين.
(د) چوٿين ٻُڌَ:
گرو: نانُ سڙيو ڇو، گهوڙو اڙيو ڇو
پان سڙيو ڇو، ڪهه چيلا ڪيا بات؟
چيلو: گروجي ’ڦيرا‘ نهين.
مٿين مختلف پڙهڻين مان ظاهر آهي ته ديسي ٻَڌَ جو دارومدار، امير
خسرو جي ٻَڌَ تي آهي. خيال هڪرو ئي سمايل آهي،
ليڪن سگهڙن، پروليءَ کي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ رچيو
آهي.
مثال (2)(1)
جوڳي کيون بها گا؟
ڏهولکي کيون نه باجي؟ جواب: ’مَڙهي‘ نه تهي.
سگهڙن جي ٻڌ هن ريت آهي:
(الف) اَڌوتي اُس مَري، دُهلڙي ڪري ناٺا
ٻانهي ٻَنهُون هاجَ ڪري، ڪهه چيلا ڪيا بات؟
چيلو: گروجي ’مڙهي‘ نهين.
اَڌوتي فقير اُس ۾ سڙي ٿو، جو کيس رهڻ لاءِ مڙهي (ڪُٽيا ــــ
جاءِ) ڪانهي. دهلڙي به نٿي وڄي، جو ڪنهن مڙهي ناهي
۽ ٻانهي به گهڻو ڪم ڪري ٿي، جو مڙهي (پوڙهي) ناهي.
(ب) اَڌوتي ڌُوپَ مري، دهلڙي وڄي نا ٺا
ٻانهي ٻيهر هاج ڪري، ڪهه چيلا ڪيا بات؟
چيلو: گروجي ’مڙهي‘ نهين.
مثال (3)(2)
اَنار کيون نه چَکها؟
وزير کيون نه رکها؟ جواب: ’دانا‘ نه تها
ديسي ٻَڌَ:
(الف) انار ڇو نه کاڌائين؟
سَنگَ ڇو نه ورتائين؟
گهوڙو ڇو بک ماريائين؟ ڪهه چيلا ڪيا بات؟
چيلو: گهروجي ’داڻا‘ نهين.
ڏاڙهونءَ ۾ داڻو (ڪَڻ) ڪونهي، تڏهن نه کاڌائين؛ سنگن ۾ داڻا
(ڪَڻا) ڪونه هئا، تڏهن نه ورتائين ۽ گهوڙي کي به
داڻو ڪونه هو، تڏهن بک ماريائين.
(ب) انار ڇو نه کائي ٿو؟
سنگ ڇو نه وٺي ٿو؟
گهوڙو ڇو بک مري ٿو؟ ڪهه چيلا ڪيا بات؟
چيلو: گروجي ’داڻا‘ نهين.
مٿين مثالن مان ظاهر ٿيو ته ’گرو چيلي‘ جي پرولين جو بنياد ئي
امير خسرو جو ’دو سخنه هندي‘ پرولين تي بڌل آهي.
البته ايترو آهي ته ’دوسخنه‘ پرولين ۾ گهڻائِي ’ٻن
سوالن’ جي آهي، ليڪن اسان جي سڄاڻ سگهڙن وڌيڪ وِکَ
وَڌائي، ٽي، چار، بلڪ پَنجَ به ’يَڪا سوال‘ ڏنا
آهن ۽ ڀڃڻي اُها ئي هڪ رکي آهي، جا سندن حرفت ۽
هنر جو کُليو ثبوت آهي؛ جنهنڪري پروليءَ ۾ وڌيڪ
رس، رهاڻ، نزاڪت ۽ ڪشش پيدا ٿي آهي.
سگهڙن جي ’گرو چيلي’ جي پرولين جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڪهه چيلا ڪيا
بات‘، ’ڪهه چيلا ڪسِ ڀاء‘ وغيره هندي لفظ نظر اچن
ٿا، ليڪن امير خسرو جي پرولين ۾ ائين نه آهي. ان
مان ڀَلِيءَ ڀَتِ معلوم ٿو ٿئي ته ان ايجاد جو
سِهرو، اسان جي سگهڙن جي سر تي ئي سونهين ٿو.
جيتوڻيڪ آڳاتي سمي کان گرو ۽ چيلي جون رهاڻيون
ٿينديون آيون آهن(1)
پر سنڌ ۾ ’گرو ۽ چيلي’ جو تخّيل ’جوڳي پنٿ‘ فقيرن
جي آمدرفت سان رائج ٿيو
(1)
جنهن کان متاثر ٿي، اسان جي سگهڙن ’گرو چيلي‘ جي
رهاڻ ۾، سوال ۽ ان جا جواب ٻڌا، جي اڃا تائين ساري
سنڌ ۾ مشهور آهن.
ڪن پرولين ۾ ٻڌندرن جا نالا به آهن: لعلڻ خان لغاري
(2) پرولين جي وراڻي ’ڪهو چيلا ڪيس ڀاء‘ رکي
آهي، جا گرو چيلي جي پرولين سان قريب قريب ٺهڪي
ٿي، چاڪر خان بلوچ جي وراڻي:
چئي پِرولي چاڪر خان
ڀَلي ڀَڃي ڪو سُرت سجان.
يا
چوي پرولي چاڪر خان
سَلي ڪوئي سرت سجان.
اهڙيءَ طرح رمضان واڍي جي پرلين جي وراڻي:
’رمضان واڍا، رحمان بِنان ٻي تارِي ناهه.‘
بهرحال انهن پرولين مان وندر ۽ ورونهه کان علاوه، ٻيو به ٻٽو
ڪارج سَري ٿو: پهريون ته گرو يعني استادُ گويا شمس
العلماء و قمر الفضلاعه آهي، جو ٽن سوالن جي يَڪِي
ٻَڌَ ٻَڌي ٿو ۽ ٻيو ته ته سندس به شاگرد ۽ ذَڪي ۽
ذهين آهي، جو هڪ ئي ڌَڪَ سان ٽيئي سوال چٽ! تنهن
ڪري ائين چوڻ ڪو مبالغو نه ٿيندو ته اهي پروليون
تربيتي سبق آهن. جن کان متاثر ٿي ڪيترن سگهڙن
پنهنجي فهم ۽ فراست آهر جوهر ڏيکاريا آهن، جي ڪنهن
به حالت ۾ ادبي مواد جي ڳُٽڪي کان ٻاهر ئي نٿا
سگهن.
12- ڳجهارت. پوليءَ جو مکيه ڀاڱو ڳجهارت آهي. ’لوڪ ادب‘ ۾،
ڪچهرين ڪندي جيتري ڳجهارت هلي ٿي، اوتري ٻي جنس
نٿي هلي.
ڳجهارت
’ڳجهارت‘، پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي ڀڃڻ لاءِ
پخته خيالن ۽ عمده دليلن جي ضرورت آهي. سگهڙن جي
چوڻي آهي ته ’پروليءَ مان پار، پَرَ ڳجهارت ۾
غار.“ يعني پرولي سَلِڻ سولي ڳالهه آهي، پر ڳجهارت
جو ڳُرُ ڳولڻ ڪنهن حد تائين محال آهي. جيتوڻيڪ
ڳجهارت جو سنگِ بنياد پروليءَ تي ئي رکيل آهي.
ليڪن سِٽا جي لحاظ کان ٻنهي ۾ نمايان فرق آهي:
1- پرولي ڀڃن لاءِ ٿورو دَهو ملي ٿو، جنهن جي آڌار تي مطلب حَل
ٿي وڃي ٿو. مثال:
گَهرَ گَهرَ ۾ لُڌڙو ليٽي. (ٻُهارِي)
مَٿئين پروليءَ ۾ جنهن لفظ يا اسم تي پرولي ٻڌل آهي، يعني جنهن
سان تشبيہ يا ڀيٽَ ڏنل آهي، تنهن جو ٿورو گهڻو
اُهڃاڻ مليل آهي. ڳجهارت ۾ ائين نه آهي. هن ۾
گَهِرائي آهي، جنهن ڪري مقصد ۽ مطلب جي ڳنڍين کي
کولڻ لاءِ، عام قصن ڪهاڻين، رسمن رواجن ۽ زندگيءَ
جي مختلف پهلوئن جي ڄاڻ درڪار آهي. مثال:
نارِ، نالي ڪاڻ، مِٽيءَ جي ٿي پيئي.
(نار = زليخا. نالو = يوسف. مِٽيءَ جي = چَرِي)
زليخا، يوسف ڪاڻ، چَري ٿي پيئي.
ڀڃڻ لاءِ پتو نٿو پوي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه اُهڃاڻ ۽ اشارو آيل نه
آهي.
2- پرولين ۾ غور ۽ فڪر ڪجي ٿو، پر ڳجهارت ۾ غور ۽ فڪر جي ڌارَ
کي تيز ڪرڻو پوي ٿو.
3- پرولين ۾ عقل ۽ دانش کان ڪم وٺجي ٿو، پر ڳجهارت
۾ عقل ۽ دانش جي جوهر کي هلائڻو پوي ٿو.
’ڳجهارت‘ کي هندي ۾ ’بُجهو وَل‘
(1)
يا ’بجهوَّل‘ چون
(2)
ڳجهارت ’سنسڪرت گهيه = ڳجهو + ارٿ = مطلب‘ يعني
ڳجهو مطلب
(3).
سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن مان ڪن ڳجهارت کي ’ٻجهارت‘ به سڏيو
آهي:
پاڙُون جنهن جون پاتال ۾، لامان جنهن جو لسَ
ٻجهارت ’ٻڍي خان‘ جي ڪي مِيرَ ڀڃندا مسَ. (پٻڻ جي ڪوڻي) سنڌ جو
سدا حيات شاعر ڀٽائي چوي ٿو:
ٻولي ٻجهارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي
ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت
عجب عبادت، پهه پروڙڻ اُن جو. (رامڪلي)
جمال شاعر وري ’ڳجهارت‘ ڪم آندو اهي:
کڻن بيت کنڌيون ڪري ڳجهارتن ڳولا
ڪڍي ڪانڀ وهن ٿا ٽولن جا ٽولا
بندن وٽ بيهي وڃن، ڪن پائُن جي ڦولا
ڌَڪن مٿان ڌَڪ هڻن، ڪي آولا، ڪي سولا
لٿن سڀ رولا، جڏهن لڳس جز ’جمال‘ چئي.
ابتدا ۽ مقصد
ڳجهارت جي ابتدا ڪيئن ٿي، ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي، سا ڳالهه البت
وهڃائڻ جوڳي آهي. جتوڻيڪ مواد کي پيش نظر رکي، ڇنڊ
ڇاڻ ڪري، ڪنهن حد تائين فيصلو ڪري سگهجي ٿو، پر
تڏهن به تز طي ڪرڻ قطعاّ مشڪل آهي. کيئلداس جي
راءِ مطابق
(1)
”’علم ڳجهارت‘ کي ويدڪ زماني کان وٺي، پراڻڪ زماني جي اڌ تائين،
چڱو عروج مليل هو. پر جئن پوءِ تئن انهيءَ علم جا
ورق ويا ويڙهبا.“
مواد مان معلوم ٿو ٿئي ته هر دور جون ترجماني ڪندڙ ڳجهارتون ملي
سگهن ٿيون، پر خبر ڪيئن پوي ته هن ڳجهارت جي پاڙ
ڪهڙي سمي ۾ لڳي. مثلاً ڳجهارت حضرت سليمان يا
ليليٰ مجني جي دور سان واسطو رکي ٿي ته ان مان
اندازو هرگز لڳائڻ نه کپي ته ڳجهارتون به ان ئي
دور جي پيداوار آهن؛ ڇاڪاڻ ته ڪنهن به دور جا شاعر
۽ سگهڙ، ماضيءَ جي ڪهڙي به ماحول جي ٻڌ سڌ جي
بناءَ تي، اُنهن ئي انگن اکرن ۾ خاڪو پيش ڪري سگهن
ٿا. جئن هاڻوڪا سگهڙ ۽ شاعر ماضيءَ جي ڪهڙي به قصي
کي ڳائي سگهن ٿا. البت ايترو ضرور آهي ته بولي جي
قدامت، نوعيت ۽ سِٽا مان يعني ڳجهارتن ۾ آيل انوکن
الفاظن جي آڌار تي، ٽاڻي واڻي اُن وقت جو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو.
مثال: نَر نانءُ ايندو، راند جِي نه ڏيندو
(نر ناءُ = دودو. راند جي = ٻيگهي)
ڀڃڻي: دودو ايندو، ٻاڳِهي نه ڏيندو.
جيتوڻيڪ ’دودي چنيسر‘ جي قصي ڏانهن اشارو آهي، پر تڏهن به انصاف
جي تارازي مضبوط هٿن ۾ جهلڻ ضروري آهي ته متان
ڪنهن پاسي اُٿَل ٿئي. هن باري ۾ جناب ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي راءِ ڪافي وزن رکي ٿي
(1):
”تاريخي لحاط سان چئي سگهجي ٿو ته سومرن جي دور ۾، موجوده سنڌي
ٻولي ۾ بيان جي وسعت پيدا ٿي ۽ قصن ۽ داستانن جي
شروعات ٿي. ٻوليءَ جي لساني ۽ لغوي سرمايي جي
اضافي سان غالبا انهيءَ دور۾ ئي ڳجهارت‘ جي فن جي
شروعات ٿي. دودي چنيسر جي قصي ۽ سومرن جي دور جي
ٻين واقعن بابت ڳجهارتون اڃا تائين رائج آهن. مگر
جئن هن فن متعلق ڪو آڳاٽو لکيل رڪارڊ موجود ڪونهي،
انهي ڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته فلاڻي يا فلاڻي
ڳجهارت انهيءَ دور جي سِٽِيَلَ آهي.“
انسان جي فطرت ۾ هر وقت جذبا، احساس، اُمنگ ۽ اُڌما سمايل رهن
ٿا، جي موقعي محل پٽاندر پلٽجي پون ٿا. تنهنڪري
يقينا ڳجهارتون به اندر جي اُڇل ۽ اورَ، ريجهه ۽
رهاڻ، ڏک ۽ ڏوراپي، وندر ۽ ورونهه، ميار ۽ مِهڻي،
پيار ۽ پِريِت، راز ۽ نياز، دل ۽ دلبري ۽ آواز ۽
اشاري جي ترجماني ڪن ٿيون. تنهن کانسواءِ جا ڳالهه
ڪنهن کي لِڪَ چوريءَ چوڻي هجي، سان لفظي ڍَڪَ پردي
۾ چِئي سگهجي ٿي. جناب مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ جي راءِ، هِن ڏِسَ ۾ وزن لهڻي
(1).
”سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڳجهارتِ جنهن اول ايجاد ڪئي، انهيءَ مخفي
پيغام ڏيڻ جو هڪ نمونو هجي ته عجب ڪونهي. مثال طور
جنگ ۾ جئن ڪي خاص اشارات هوندا آهن، جو دُور دراز
فاصلي تان، انهيءَ جي ذريعي، هڪٻئي کي چئي،
سمجهائي سگهجي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو معلوم نه ڪري سگهي.“
کيئل داس فاني پڻ اها راءِ رکي ٿو
(2):
”درحقيقت شارٽ لِپِي يا جاسوسي نُڪتا جي اڄ ڪلهه ڪم اچي رهيا
آهن، سي انهيءَ علم جي آنس آهي ۽ ڪمپني وغيره جا
ڪوڊ ورڊس (Code-
Words)،
جي واپاري لائين يا حڪومت جي سرشتي ۾ ڪم اچن ٿا،
سي پڻ انهيءَ وِديا جو اولاد آهن.“
مٿي ڏيکاريل آهي ته ڳجهارت، ڳُجهيءَ طرح پيغام موڪلڻ جو هڪ
نمونو آهي، جنهن ۾ ٽِياڪُڙَ کي ڳا ٻاڦُور نه پوي ۽
پيغام باسلامت واسطيدار کي وڃي ملي، ڪاڪي جلال
ڀُٽي
(1)
ڪچهري هلندي، اهڙا ٻه چار مثال ٻڌايا هئا جن مان
صورت حال جو پتو پئجي ويندو.
پهرين مثال: ’بهادر‘ ۽ ’حليمان‘ جي پاڻ ۾ سينِڌ هئي، ليڪن ماڻهن
پَئي ڪاٺ ڀڄي پوندا آهن،‘ سندن سنگت جي ٻاڦور ٻاهر
پئجي ويئي، جنهنڪري طرفين جي وچ ۾ ڪي ڏينهن احوال
بند رهيو. بهادر کي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ اوسِيڙي
آوَٽائي وڌو. پاڻ جهلي نه سگهيو ۽ ڪنهن خيرخواهه
هٿان هي پيغام پهچائي ڏنائينس:
”عورت نالي ملوڪ جِي، شهر ڇڏيُهءِ.“
)عورت
= حليمان. ملوڪ جِي = سنگت. شهر = ڇينِي).
ڀڃڻي: حليمان، سنگت ڇِني ڇَڏيُهءِ.
حليمان، بهادر، جي بيحد سڪ ۽ سوز ۽ آر ۽ پيار کي ڏسي، هِي
وَرَندو موڪليو:
”نرنانءُ زمين جي، عورت نالي تنهنجي.“
(نرنانءُ = بهادر. زمين جي = پَڪَ. عورت نالي = حليمان).
ڀڃڻي: بهادرَ، پَڪَ حليمان تنهنجي.
جڏهن سندن عشق جي سرهاڻ سَير واسي ڇڏيا، تڏهن بهادر کي مارڻ
لاءِ تياري ٿي. اهو حال ڏسي، چوائي موڪليس ٿي:
”نرنانءَ اندر جي ڪجانءِ، ماڻهن کي پکين
جا آهن، متان حاڪيماڻي ڪَنِي.“
نرناءَ = بهار. اندر جو = خيال. پکين جا = گهمرا. حاڪيماڻي =
لڙائي).
ڀڃڻي: بهادر خيال ڪجانءِ، ماڻهن کي گهمرا آهن، متان لڙائي
ڪَنِي. بهادر جواب ۾، چوائي موڪليس ٿو:
”عضوي جي نرنانءِ آهيان، حاڪيماڻا هَڻِي،
عضوي جا ڪَڍي وجهان.“
(عضوي جي = دل. نرنانءُ = بهادر. حاڪيماڻا = تير. عضوي جا =
ڦڦڙ.)
ڀڃڻي: دل، بهادر آهيان. تِير هَڻِي ڦڦڙ ڪڍي وجهانءِ.
ٻيو مثال: جعفر پنهنجي پريت واريءَ کي چوائي موڪليو:
”وکَرُ ويهءِ وسري، جڏهن اکين وکرُ لَڳوءِ“
(وکر = جافر. وکر = لَونگ).
ڀڃڻي: جعفر (جافر) ويهءِ وسري، جڏهن اکين لونگ لڳوءِ.
يعني: مان جعفر، توکان وسري ويس، جڏهن لونگ سان لنوَ لڳءِ.
چوائي موڪليس ٿي:
”ٻيڙيءَ جا نه کاءُ، مان ديري جِي تنهنجمي.“
(ٻيڙيءَ جا = پور. ديري جِي = ٻانهي)
ڀڃڻي: پور نه کاءُ، مان ٻانهي تنهنجي.
وري چوائي مڪليس ٿي:
”ڪاٺون ڪاٺ نه آءُ، متان ماڻهن ۾ مِرُون پوي.“
(ڪاٺون = هر. ڪاٺ = هر. مرون = ڀولو.)
ڀڃڻي: هر هر نه آءٌ، متان ماڻهن ۾ ڀولو (شڪ) پوي.
سنڌ ۾ ڪجهه وقت اڳ اهو چرچو عام هو، ليڪن هينئر برائي نام آهي؛
ڇاڪاڻ ته پرک ۽ پروڙ، سمجهه ۽ سوچ وارا سخن پرور
سگهڙ اُٿي ويا، جي سمورا راز لڪائي ڳجهارت ۾ پيش
ڪندا رهيا.
انسانُ پهريائين ٿورو سوچيندو آهي ۽ پوءِ وڃي انتها ڪندو آهي.
ممڪن آهي ته سوچيندڙ، پهريائين ڳجهارت ۾ هڪ راز
لڪايو هجي ۽ پوءِ آهستي آهستي منجهس وسعت پيدا ڪري
وڌيڪ راز لڪايا هجن. جيئن ته:
”مون سان اُها هلي، جا واڻِڪي وڃائي.“
(واڻيڪ = وهِي (بندي).
مون سان اها هلي، جا وهي وڃائي.
سسئي چوي ٿي ته، ”اي سرتيون، مون سان گڏ اُها هلي، جيڪا پنهنجي
جوانيءَ جو خير نه گهري.“
مٿئين ڳجهارت ۾ هڪ لفظ ’واڻڪي‘ ۾ ’راز‘ رکيل آهي، جنهن کي سگهڙن
جي اصطلاح ۾ ’بند‘، ٺپ‘ يا ’پائو‘ چئبو آهي. ’بند‘
ڀڃڻ کان پوءِ ڳجهارت جي کول يا معنيٰ ڪيل آهي،
جنهن کي ’ڀڃڻي‘ چئبو آهي. جيڪڏهن ڳجهارت ۾ ٻه
’بند‘ آهن ته ’ٻه بندي‘، ’ٻه ٺپي‘ يا ’ٻه پائي‘
چئبي. عام طرح ڪچهريءَ ۾ ’ٺپ‘ يا ’پائو‘ استعمال
ڪندا آهن. مثلاً
”ليلان، ڪونرو ٿي هارُ آندو، تڏهن ٻولي گاهه ڪر.“
بند: ٻولي = ڇِني. گاهه = مُڃَ.
ڀڃڻي: ليلان، ڪونرو ٿي هارُ آندو، تڏهن ڇِني مڃَ ڪر.
انهيءَ ڳجهارت ۾، ’ٻولي‘ ۽ ’مڃ‘، ٻه بند، ٺپ يا پاوا آهن. تنهن
ڪري ڳجهارت کي ’ٻه ٺپي‘ چئبو. ’ٻولي‘ ۽ ’مڃ‘ کي
’پاوا‘ چئبو. يعني: ڳجهارت ’ٻه ٺپي‘ آهي ۽ منجهس
’ٻه پاوا‘ آهن.
ڳجهارت جي ٻڌ: هن لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ’مقصد واري ڳالهه‘
کي خيال ۾ رکي، ان جي وصفن ۽ خاصيتن جي تشريح
لاءِ، ڍڪ پردي وارا موزون لفظ استعال ڪجن. درحقيقت
اها ڍڪ پردي واري سٽاء ئي آهي، جنهن کي ڳجهارت
چئجي ٿو.
مثلاً: مشهور روايت آهي ته لوڪ مجني کي چريو چوندو هو، ليڪن
ليليٰ برداشت نه ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته مجنون، سندس
محبوب هو. ”اهو آهي مرڪزي خيال يا مقصد واري
ڳالهه.“ انهيءَ خيال کي ڳجهارت ۾، هيئن لڪائي پيش
ڪبو:
نرنانءَ منهنجي نرنانءَ کي، نرنانءَ چون!
هن ۾ 3 پاوا آهن: نرنانءَ، نرنانءَ ۽ نرنانءُ.
بند: نرنانءُ (نر نالو) = محبوب = پيارو. مجنون = ليليٰ جو
عاشق. چريو = پاڳل.
مطلب ته ڳجهارت لاءِ ٻه ڳالهيون نهايت ضروري آهن:
1- مرڪزي يا مقصد وارو خيال، جو ڳجهارت جو بينادي نڪتو آهي.
2- ’پاون‘ جي ڍڪ پردي ڪيل تشريح، جنهن تي ڳجهارت جو وجود قائم
آهي.
ڳجهارت جا اصول: شاعرن ۽ سگهڙن جيڪي به ڳجهارتون ٻڌيون آهن، سي
ٻن اصولن تي:
1- اُهي ڳجهارتون جي سون جيان چمڪن يعني ڀڃڻيءَ تي بيهي رهن.
2- اُهي ڳجهارتون جن ۾ ذرا مٺ ذري ملايل آهي. جيڪڏهن اهي به
ڪچهريءَ جي ڪوٺاريءَ ۾ وجهي، وهڃائبو ته اهي به ڪي
گهٽ نه آهن. مثال:
الله ڪج نالو، مونکي شهر جي نانء جو
اي ميان چنيسر، کاڄ سان، مال جو ڪر
رڇ منجهه وکر، مرض پنهونءَ کي
نالو نالي آهيان، ڏي نالو ڏاتار!
نالي نالا مون پينان، ته ذات گهڻا هئا.
1- نالو = پانڌي. شهر = مَڪو جي محمد صلعم جو.
ڳجهارت جا 3 پاوا يا بند آهن: نالو (پانڌي)، شهر (مڪو) ۽ نرنان
(محمد). ڀڃڻيءَ ۾ پانڌي، مڪو ۽ محمد لفظن ۾ ڪو
ڦيرو ڪونه آيو آهي. مطلب ته جئن ’پاوا‘ ڀَڳا، تئن
ئي ڀڃڻيءَ ۾ بيٺا.
2- کاڄ جي = ريوڙي. مال جو = وڙ (قسم).
ڀڃڻي: اي ميان چنيسر، ري وَڙِي سان وَڙُ ڪر.
ڳجهارت ۾ ٻه پاوا آهن: کاڄ (ريوڙي) ۽ مال (وڙ).
جئن ’ريوڙي‘ پائو ڀَڳو آهي، تئن ڀڃڻيءَ ۾ بيٺو آهي. ’ريوڙي‘
بدران ’ري + وڙي‘ ٿيو آهي. يعني لفظ عين ٻين
ڀڃڻيءَ ۾ نه بيٺو آهي.
3- رڇ = دانگي (دُنگي). وکر = دارون. مرض = ڏيا پائي (ڏي پائي).
ڀڃڻي: دُنگي منجهه دارون ڏي پائي پنهون کي.
ڳجهارت ۾ 3 پاوا آهن: رڇ (دُنگي)، وکر (دارون) ۽ مرض (ڏي پائي).
جئن پاوا رڇ (دانگي) ۽ مرض (ڏيا پائي) ڀڳا آهن، تئن ڀڃڻيءَ ۾ نه
بيٺا آهن، بلڪ ’دانگي‘ بدران دُنگي‘ ۽ ’ڏيا پائي‘
بدران ’ڏي پائي‘ ڪم آندا آهن.
4- نالو = نظر. نالو = طالب. نالو = مصري. نالو = ماڻڪ. نالو =
موتي. ذات جا = اُتيرا. نظر = نه + زر. مصري = م +
سري. اُتيرا = اتي +را.
ڀڃڻي: نه زر طالب آهيان، ڏِينم سري ڏاتار
ماڻڪ موتي پِنان ته اُتي راءَ گهڻا.
ڳجهارت ۾ ڇهه ’پاوا‘ آهن، جي ڀڃي ڏيکاريا ويا آهن ته جئن ڳجهارت
جو مطلب واضح ٿئي.
مثالن مان ظاهر ٿيو ته پهرين ڳجهارت جي نوعيت علحدي آهي ۽ باقي
جي قريب قريب ساڳي.
سگهڙن هر طرح اهو جائز ٺهرايو آهي ته لفظ ۽ اکرن ۾ ڦيرڦار ڪري،
مقصد کي پهچي. ڪچهريءَ ۾ ڳجهارتن جو جيڪو به مواد
پيش ٿئي ٿو، سو انهن ئي ٻن اصولن تي ٻڌل آهي.
ڳجهارت جي ڳولا: ڳجهارت ڏيڻ کان پوءِ ڪچهريءَ جا مور يا ڳولا،
ڳجهارت کي لڳي ويندا. ڪي ڳجهارت جي ’سُر‘ کي سَهي
ڪرڻ ۾ هوندا ته ڪي وري ’پائي‘ ڏانهن خيال ڪندا ته
’پائو‘ مونث آهي يا مذڪر يعني مادي آهي يا نر.
مثلا. ’ڪاٺ جو‘ ڳولڻو آهي. پائو مذڪر ٿيو، تنهنڪري
ڪاٺ مان ٺهندڙ نر يا مذڪر سامان جو لحاظ رکي، نالا
وٺندا ويندا. جئن ڪاٺ جو شهتير، بُنڊ، ڇوڏو، ڏار،
در، وَنگ، هر، مُٺيو، ڪنجراٺُ، داسو وغيره. ’ڪاٺ
جِي‘ ڳولڻو آهي ته ڪاٺ مان ٺهندڙ مونث يا مادي
شيءِ جو نالو وٺندا. جئن ڪاٺ جي گهڙامنجي، لاٽِڻ،
پٽي، دري، پاٽي، ٽوئي، ٺهڪڻ، لٺ، چپر، چِچڙي
وغيره. مطلب ته ’پائي‘ جي مد نظر لفظن جي وارو وار
ڪندا، پوءِ جتي ڳجهارت مري.
هڪ هڪ لفظ وٺڻ سان، اهو رَسُ نٿو رهي، تنهنڪري ڳجهارت کي جهٽ
ڪري وٺڻ لاءِ، ڳولا بيتن جي ڦولها ڪندا. هڪ بيت
ڏيندا، ٻيو، ٽيون، مطلب ته بيتن جي لانڍ لائي
ڏيندا. نمونو ڏيئي ڏيکارجي ٿو:
ڳجهارت: پکِي تن گاهن جو، پکي تو نه ٻُڌوءِ
پکي هوت چڙهي ويا، پکي تو نه اُتوءِ
پکِي ساٿ سندوءِ، پکي ڪنهن شهر مان.
انهي ڳجهارت ۾ ٽن قسمن جا ’پاوا آهن: پکي، گاهه ۽ شهر. تنهنڪري
ٽنهي ’پاون‘ کي ڳولڻ شروع ڪندا. ’پائي‘ لاءِ
چوندا:
ڪو جو پيو ڪال، منڇر جي مياڻ ۾
ٻگهن جي ٻيگهي متي، ڪنگ ٿي ڪنگال
قاذن جو قواز ڏسي، هنجهن رهيو نه حال
ڪونجن جا ڪر ڪوماڻيا، ٿيو نير ڳيون ته نهال
بدڪون ڀي بي حال ٿيون، ٽٽ ٽانگر ڪن ٿا ٽال
آڙين آر ڇڏي ڇڏي، پيو پيڻ منجهه ٻائيتال
ڏيڏرن جا ڏيٿو چوي، وڃي پير کتا پاتال
آيا ڪي اَبدال، جن ڏِت ڦيرائي ڏيهه جي
(1)
بيت ۾ پکين جا نالا آيا آهن، پر بيت نه ڀڳو. وري گاهن وارو بيت
کڻندا.
ٿيو ايمان عالم ۾، گاهن ڪيا گلزار
هڪ ڀڄٽي، ڀتر، ٻيا لنب ڪيا للڪار
کهه ڦٽي خوشبوءِ ڪري، ڳم گاه ڳنڍيار
لاٺيو، لاکيو لسڙو ۽ کيرل جا خنڪار
ڪل، ڪٻهه، ڪنڙو ساوڙي ڪيا سنيگار
کنڀيون ٿيون خاصخيلي چوي، پوٺي پٽ ڪنوار
ٻهون ڦٽيون ٻاٽيون، ٿيا هڱ، هتم هزار
لوڻڪ مريڙو، ميٿي، ڪنڊڙي منجهه ڪنار
ڊاماهو، مانڌاڻو، مکڻي، سيم، سنا، سبزوار
ڳڻي ڳڻندو ڪونه ڪو، شاعر منجهه شمار
ٻي ڪنهن کي ٻاجهي چوي، نا آگي ري اختيار
سائينءَ ڪيا سُڪار، ٿيو ايمان عالم ۾
(2)
گاهن ۾ بيت نه ڀڳو. وري پکين جو بيت ڏيندا.
هنجهن جي هونگر جي ڪهڙي ڪل ڪنگن
جڏڪونجون، ڪانون، سان لڳيون، تڏماٺ لڳي مورن
ڪانءَ، ڪانويرا، ڪانويريون، ڍَريا ڍينگ ڍرن
چيها، چٻون، چتون، چمرا، ٿا ولر ڪيو وتن
باز، باشا، بحريون، ٿيون ڦيڻايون ڦرڪن
ڳيرا پنهنجي ڳوٺ تي، هيڙها هُل نه ڪن
وهيا ٿا وڃن، ڀورا ڀُلج ڪينڪي.
مٿئين بيت ۾ ’وَهيا‘ پکي جو نالو آيو ۽ ڳجهارت ڀڄي پئي. هاڻي
ڏيندڙ، سڄي ڪري ڏيکاريندو.
(بند: پکي = سانباهو. گاهه= سيڻ. پکي = ٻوڙي. پکي = چِڙي. پکي=
آڙي. پکي = وهيو. شهر = ڀنڀور.)
ڀڃڻي: سانباهو سڻين جو ٻوڙي ته نه ٻڌوءِ
چِڙي ڏيرَ چڙهي ويا، آڙِي ڪنهن نه اُتوءِ
وَهيو ساٿ سندوءِ، پوري شهر ڀنڀور مان.
ڳجهارت ۾ ’پاوا‘ گهڻو ڪري سنڌي زبان جا هوندا آهن، ليڪن سگهڙن
ٿورڙو پَرڀرو وڃي، سرائڪي لفظن کي خيال ۾ رکي،
’پاون‘ جو بنياد وڌو.
نالا مينُون، مين نالا وَل نه ڪريسان.
(بند: نالا = نالو = بخش. نالا = نالو = بهاول)
ڀڃڻي: بخش مينُون، مين بها وَل نه ڪريسان.
ليلان ٿي چنيسر کي چوي ته ”مونکي خطا بخش، مان وري تنهنجي بها
(قيمت) نه ڪنديس.“
ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت ڏيندڙ جا ڪي ٻول: ڪچهري رَسُ تڏهن وٺي، جڏهن
سُريلا سگهڙ خيالن جي ڏي وٺ ڪن. ڳجهارت ڏيندڙ ڪڏهن
ڪنهن سگهڙ جو نالو وٺي، مخاطب ٿي چوندو ته ’اچئي
ٿي‘ ته ڪڏهن ڪچهريءَ کي سامهون ٿي چوندو. هُو
چوندا ”ادا، ڀلي ڀلي اچي“، ”جيءُ ڪري اچي“، ”نِچُ
ڪري اچي“. سگهڙ ڳجهارت ڏيئي، بس ڪري ويهي رهندو.
پوءِ ته چوڌاري هُو هرَ هلو مچي ويندو. ڪٿان ڪهڙو
جواب، ڪٿان ڪهڙو لفظ، ڪٿان ڪهڙو. مطلب ته مڙس
مڇرجي ويندا. هي پيو چوندو ته: ’اڃا بچي ٿي‘، ’اڃا
بيهي ٿي‘، ’اڃا گُهري ٿي‘، ’مري ته مار کائي‘،
’اڃا جيئري آهي‘، ’اڃا رهي ٿي‘، ’اڃا ترسيل آهي،
’مري ته کري‘ وغيره. وري چوندو ته: ’رهي ٿي‘،
’جيئري آهي‘، ’پنهنجو کائي ٿي‘، ’مڃي ته مار
کائي‘، ’ڳجهارت کير سان آهي‘، ’کير ٿي گُهري‘،
’چاڻو (مکڻ جو) ٿي گهري‘، گِهُه ٿي گهري‘، ’اڃا
ٻولي ٿي‘، ’ائين هوندو‘، ’پر نٿي مڃي‘. ’اَڃا
اَکدي پئي هي‘، ’اڃا منگدي پئي هي‘، ’اڃا کڙي هي‘،
’تيڪو ڳُليندي پئي هي‘، ’تيڪون سڏ ڪريندي هي‘
وغيره.
جيڪڏهن ڳجهارت کي ڪا جز لڳي ته ڏيندڙ چوندو: وَئي مري وئي! پوءِ
چوڌاري واهه واهه ٿي ويندي ۽ ڏيندڙ سڄي ڪري
ڏيکاريندو. پر جيڪڏهن نه ڀڳي ته چوندا، ”ادا، بيهي
وَئي، ٽِڪي چڙهي“، پوءِ سڄي ڪري ڏيکاريندو.
. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سنڌي سلوڪ ۽
ڳجهارت، نئين زندگي رسالو، 1951ع ، ص 5.
|