سرائتي لولي
اهي لوليون جيڪي سرن ۾ چيل هجن. جهڙوڪ: مومل راڻو سر، سسئي
پنهون سر وغيره. ڪي لوليون وري ’ڪانگل واريون
ڪوٺبيون آهن، جن ۾ شاعر ڪانگل کي قاصد سمجهي مخاطب
ٿيندو آهي. اهي لوليون به سرائتيون ليکبيون.
لولي سسئيءَ پنهون
وراڻي: هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
(1)
پنهل منهنجو ويو پري
ڌوٻڻ ڇڏي ڌار ڪري |
ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪري
ڪيڏي ٿي آ مون سان ڪار |
هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
2- آءٌ ته آهيان کٽياڻي
پاڻ پنهنجو سڃاڻي |
تون ته آهين آرياڻي
ڏونگر ڏورڻ ٿيا لاچار |
هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
3- ڪيچ پنهل تون ڪاهين وئين
ڏس نه تون ڏيکاري وئين |
ڀنڀور کي ته وساري وئين
آءُ مسڪين، تون زردار |
هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
4- ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪيو
ڪٺن ڪرهن ڪين ڪڇيو |
نند ندوري مونکي نيو
صبح ويلي ٿي سنڀار |
هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
5- جبل جهاڳڻ آيا مون کي
ڳوليان ڦوليان ڪاٿي توکي |
ماءُ ڏني هئي لولي مون کي
ڪيڏي دور آن، توکان ڌار |
هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
6- رحمان شاهه تي ٿيندو راضي
انگ لکيو آ قضا جي قاضي |
هوت پنهل جي ٿيندي فياضي
ڌوٻڻ کي تون ڪين وسار |
هوت پنهل، تون هيڏي آءُ
لولي ڪانگل
*
وراڻي: لنئُه ڪانگا مٺي لات کنڊ کير تنهنجي وات
سچي ڪر مون سان بات ڪڏهين ايندا مون پرين
ويجهو اچي ويهه، ٽلي ڏيئي ٽپڪي
مکيل گهڻي گِهَه سين، لولي وٺ سپڪي
ڳرهه ڳجهيون ڳالهيون، مون سان
ويهي مرڪي
ڪرم چُپ چپاٽ، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڪر تون سخن هيڪڙو، لافي هڻ مَ لاف
جي پرين پرچائين ته ڏاڍا ڏيانءِ انصاف
تنهن ۾ ڪوڙي ناهه ڪا مونکي آهي مصحاف
قسم پاڪ جي ذات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
جڏهن اسان پَريَن کي ميلو ڪرائين
تڏهن ماکيون مصريون خوب کارائين
روپا نُورا پيرن ۾ مُسڪ مَکائين
خوشبوءِ ڀاتون ڀات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
کڻ تون ڪاغذ چهنب ۾، پرين کي پهچاءِ
ڇلو نشاني يار ڏي، ٻڌي ڳچيءَ پاءِ
سورن سُکن ڳالهيون، سگهيون آڻي سڻاءِ
سياري سڀ حرفات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڪرم ويهي دير ڪا اُٿي ني هاڻ اُڏام
ڌاران ملڻ سپرين، ناهم ڪو آرام
منهنجا محبوبن کي وڃي پهچائج پيغام
اُوچي عبارات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڪڏهن ايندين اِتهين، تون قاصد ڪانگا
تيستائين تَن کي لنگهڻ ۽ لانگها
مون ته لاهي ڇڏيا سڀ سر سندا سانگا
مريو ٿيان مات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
منهنجي پاران پڇجانءِ درد جو دارون
هن جي اندر عشق ۾ ڦٽي ٿيو ڦارون
تنهن جوان لهو ڪِي سڄڻ سنڀارون
شل هُون سلامات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
مس ته ڪاغذ ڪونه هو، ڪهڙو پيو ڪال
سُڪائون ڪونه سنهيڙو، پنهنجو نه احوال
ياد نه پيس يار کي، لنگهيو سارو سال
بوند پئي برسات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
آءٌ توکي ڇا چوان پرين جا پانڌي
مون کان پنڌ نه اُڄَهي ماڳ ٿيان ماندي
ساعت سُک نه ڀانئيان، وارجيهي واندي
تن کي تاري تات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڇا کان ڇنڇر ڏينهن تي آيا نه اسان وٽ
پرت واري پنڌ مان ڪي آهي ٿي گهٽ
هوت دلبر دادلا، تون ته منهن نه مٽ
رهج هڪڙي رات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
آچر ڏينهن اچڻ جو ڪيو هئائون قول
پکيئڙا پرين جو آهي سچو ٻول
هر هر ياد هِيين کي ڍاٽي منهنجو ڍول
اَسرڪي پرڀات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
سخن سومر ڏينهن تي پنهنجا پاريندا
جيڪي دشمن دل جا، مڙيئي ماريندا
مون سان قرب واريون گهڙيون گهاريندا
ٿيندين هت قسمات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
اڱڻ اڱاري ڏينهڙي شل ڪو پائن پير
ڪن نه ريت رسڻ جي سگها اچن سوير
منهنجي سڪ سچي آ من ۾ ناهم مير
هو جي ويام ولايت، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
اربعا ڏينهن عجيب کي ڳالِهرۡ ڳولي آڻ
پَهي پرچون پاڻ ۾ ڪريون ريجهه رهاڻ
توتان گهورون گهوريان ۽ سون سندي کاڻ
جوهَر ۽ جواهرات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
هونِ خيال خميس تي اچڻ ايرادو
ڏاڍو دلاسو دل کي هينئڙي هيڪاندو
منَ منهنجا ماٺ ڪر متان ٿئين مادو
اڃا آهين حيات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڏينهن جمعي جانب لاءِ وڏا ڪيڙم وَسَ
ڳوليا مون ٿي ڳوٺن ۾ گهيڙ گهٽيون ۽ گس
جيءَ ۾ جوش پرين جي ڪيڙا هُل هنبَس
مانَ ٿئي ملاقات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڏينهن جمعا ڪيئي لنگها،
نينهن جو نيزو هٿ ۾، ۽ دل ۾ غصو غم
ماڻهن ياد حسين هو، مونکي پنهنجو ماتم
هڻان اُرهه تي هاٿ ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
مٿان موٽي آئيو، ماهه صفر سارو
آڙهڙ ويڙو عشق ۾ پيو سيارو
ڏکان پنهنجي ڏيل ۾ پرين ٿيو پارو
سڪان ٿي سڪرات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ماهه عرس ۾ عيش ٿي ڪيا دور ماڻهن
خاص طعام تاهريون کيرڻيون کائن
مون کي طلب نه طعام جي، اکيين آب وهن
ڏکي اي ساعت ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
يارهينءَ واري ماهه ۾ يارهين باسي مون
مُحي الدين ملائين، محبوب کي مون
جمادي الاول ۾ جايون ٻهاريون مون
خير ڏيان خيرات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
جمادي الثانيءَ جو ڏٺو ماهه چکيون
دعا پنهنجي ڌڻيءَ کان ويٺا ئي مَڱون
جيئن سوالي مڱڻو، اسين تنهن وانڱون
فهم نافرحات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
رجب مبارڪ ماهه ۾ ٿيو هو معراج
جهڙو ٿئي اسان سين اچڻ جو اعلاج
لکانو لک لٽيو سري ڪل جو ڪاج
روح اچيم راحات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڀلي عيد برات جي مهينو شعبان
شادي ٿئي شهباز جي شروع ٿيو شَدمان
ڪٽي قلندر لعل تي دهرو ڏيان دان
پرت پڙهن بات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
چنڊ ڏٺو رمضان جو روزا ٽيهه ٿيا
مون ڏها اڳ ڪاٽيا مٿان پهه پيا
اسان عيد نه اُڄهي، ماڻهن شغل ڪيا
ٻوڙ رڌا ڀات،ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
شال شوال مهيني ۾ مورائين موٽن
لاتائون وڃي ڏينهڙا پراهان هوتن
درد جي درياهه ۾ گهيري آهيان غوطن
عشق لهر آفات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ظاهر ذوالقعد ۾ خبر مون پوندي
آيا آهن اوڏڙا اجها آءٌ ملندي
بيماري ۾ بدن جي سنڀالي لهندي
غيبي ٿئي حاجات، ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
مهيني ذوالحج جي نائينءَ حج ٿيو
ڏهين عيدالضحيٰ مون ڪهي قلب ڪيو
ماهه کارايم عشق کي، باقي ساهه رهيو
ڪني نيڻن ڪات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
پورو سارو سال ٿيو، اڃا نا به اچن
ساريندي مون لنگهيا، تيرهم سان ورهن
ٻيا جيڪي بچيا، ڪي ورهه ماه لکن
ڀانيان ڪا فرصات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
دلاسو دلگير کي، ڏاڍو ئي ڏنائون
ته اينداسيون ڪنهين سال ۾ جو اول ڪي پوائون
اهو سوال سلوڪ مان، واقف ٿي ڪيائون
ان ۾ ناهه حرڪات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ورهه هن ۾ اسانکي اميد جا آهي
خلاف ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو ناهي
پارس ٿيندو پڌرو ڪوٽ ڪفر ڊاهي
جنهن تي سا صلوات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
اَٿئون جنهن جو آسرو، ڏونگر جيڏو ڏڍ
ڏک ڏوراپا تن تي ڪاڻياري نه ڪڍ
جوڳيئڙا تنهنجي جيءَ کي هڻي ويڙا منڊ
ڪاهيان ڪيچ قلات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
ڪهڙو ڪرين دلڙي الڪو اوسئيڙو
صبر ڪر سرير ۾ ويندءِ وڇوڙو
قاصد اوڏانهن ڪانگڙو ساٿي سنپوڙو
آڻي خط امانات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
روئو ڇوٿيون اکيون وسو مينهن وانگي
اُوتان سفر اُسهيا سڄڻ ڪنهن سانگي
ايندا اوٺي اِتهين چڙهي سر ڇانگي
ڀري کٿوري ساٿ ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
پرور سڀ پڄائين، عاجز جون آهون
وندر ۾ واڪا ڪري درد جون دانهون
پهچ ڄام پنهل کي عشق اوڏاهون
ٿئي هڪ هڪات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
راز منجهان راضي ٿيا ڪيائون لائق
گڏ ٿياسون گوهر کي لاٿي سون اڄ سڪ
اديون آءٌ عيدون ڪيان ورهايان مشڪ
کڙيا گل باغات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
واڍي ساڻ وسيلو، قادر ڪيو به ڪرم
ڏورينديون سي ڏسنديون پنهنجي ئي پريم
رات چڱي رمضان کي مليو يار محرم
ٿيم ڪم ڪلات ڪڏهن ايندا مون پرين
لنئُه ڪانگا، مٺي لات
آگا ڪر اسان سان اڳ جي عنايت
مير محمد ڪارڻي شافع شِفاعت
سچي سڪ اوهان ڏي هئي شال محبت
ڪلمي جي برڪات ڪڏهن ايندا مون پرين
لا اِلاهَ الا الله محمد رسول الله لنئُه ڪانگا، مٺي لات
* * *
واقعاتي لولي
*
شاعرن ڪي لوليون ڪن حادثن ۽ واقعن تي پڻ چيون آهن، جن ۾ سورهه
جي سورهيائيءَ جو سربستو احوال هوندو هو. ”هنڌ اهو
سڙي، جتي باهه ٻري“ جي مثال اهڙي لولي فقط سورهه
جي ماءُ يا زال ئي چئي سگهندي، جنهن ۾ اُڀاريندڙ
جذبن جي پلٽ پلٽان هوندي آهي. اها لولي نه رڳو
تاريخي دستاويز آهي، پر وير وٺڻ لاءِ به ڪارگر
هٿيار آهي؛ ڇاڪاڻ ته لوليءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي
للڪارڻ لاءِ مصاله موجود آهي.
هڪ اهڙي لولي ’عارب ماڇي‘ لاءِ چيل آهي، جا سندس زالون نُوران
پنهنجي گهوٽ جي گهائڻ تي چئي.
حقيقت هن ريت آهي ته عارب ماڇي، ڳوٺ عارب ڀَئي، تعلقي گهوٽڪي
ضلعي سکر جو ويٺل هو. سندس، سورهيائيءَ جي ڪهڙي
ساراهه ڪجي. چون ٿا ته شينهن مڙس هو. جهڙي تهڙي تي
ته فَلَڪ ئي نه آڻيندو هو، جنهن ڪري ڪيترن جي ڪُک
جو ڪانُ هو. هڪ دفعي جهيڙي ۾ مارجي ويو. سندس زال
نوران، ڪارو ويس پهري، پار ڪڍندي رهي. هيءَ لولي
اُن جي جذبات جو عڪس آهي.
’عارب‘ جي هوندي، ’نوران‘ پُٽڙو هنڍايو
عارب مري ويو ته نوران ويس مَٽايو
جانب لولي...
’اُنڙ‘ جي ڪَڙَ تي، نوران لُٽا ٿي سَٽي
اُهي جايون دسي، نوران رت پئي روئي
سهڻا لولي...
واهه انڙ ڏاڍو وهي ٿو پُورن ۾
عارب مري ويو، نوران پئي سورن ۾
سانول لولي...
گَرڙي گهوڙيءَ مٿان گُلڙن جو گاشو
چڙهي ڏسان ڪوٺي تي، عارب جو لاشو
ڍولڻ لولي...
’ميرن‘ ’پيرن‘ جو لڳو پاڻ ۾ تنازعو
جنهن عارب ماريو، تنهن جو نه هوندو ڪفن،
نه پڙهبو جنازو
دلبر لولي...
ڪنڌ ڪوٽ جي شهر ۾ عارب چولو سبايو
عارب ته مري ويو، لاش لارين ڍُوايو
جيڏا لولي...
ڪنڌ ڪوٽ جي شهر ۾، سهڻيون آهن ماڇاڻيون
عارب جهڙو نه وري ٻيو ڄڻينديون ماڇاڻيون
ساٿي لولي...
بورڻ گهوڙي، جنهن تي عار چڙهيو آ
عارب جو لاشو سارو رت ۾ رڱيو آ
محرم لولي...
بيگاري ڀٽاري، جنهن کي ٽي سئو سٺ گهير
حيف آهي ڀيڻ کي، جنهن نه ورتو ڀاءُ جو وير
بگا لولي...
* * *
|