سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :6

 

ٻهڳڻن جا ٻول

سگهڙ ۽ شاعر جو ڪجهه چوندا آهن، سو ڏسي وائسي، جاچي جوچي ۽ سمجهي سوچي. ڪڏهن به گُٿي يا پاسيري ڳالهه کي پيش نه ڪندا. هنن وٽ هرهڪ ڳالهه جو ماڻ ئي پنهنجو آهي. سندن وهايل وکر، نهايت سوڌيل ۽ سنواريل آهي. جو نج سونَ جيان پيو جلوا وجهي. پاڻ سادا، تنهنڪري سندن ٻول به سادا پر سٺا؛ سندن تشبيهون به ساديون، پر پياريون ۽ وڏي ويچار واريون؛ سندن اک سدائين نيڪ عملن طرف مائل آهي. وٽن بخل ڪونهي. ’حال حبيبان پيش پريان‘ جي مصداق، جو پلاند ۾ هوندن سو پيش ڪندا. ڪچهريءَ جا ڪوڏيا! ڪچهريءَ جي خبر پين ته پاڻهي سلامي ٿيندا. کين داد جي ڪا پرواهه ڪانهي. هو فقط ايترو ڏسڻ گهرن ٿا ته سندن وکر کي ڪچهريءَ شوق سان ٻڌو يا نه. انعام و اڪرام جي ڪا تّمنا نه رکن. ڪچهري لڳي، معنيٰ سندن لاايا سجايا ٿيا.

ٻهڳڻ = بَهُه گُڻ (1) سنسڪرت بهه = گهڻو. گڻ = خاصيت، هنر. گهڻن گڻن (هنرن، خاصيتن) وارو. ’ٻول‘، سنسڪرت. ڌاتو ’پرو‘ = ٻولڻ، مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ اهي گفتو سخن.  (1)

سگهڙ ٻائي جا ٻول ۽ سياڻپ جا سخن، جڏهن ڪچهريءَ ۾ نروار ٿين ٿا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجيو وڃن ته ڪيئن نه مسڪين ۽ محتاجن، پرشوق وارن اهي ٻول ٻڌا آهن. جڏهن وکر جون کنڌيون کوليندا آهن، تڏهن ائين پيو معلوم ٿيندو آهي ته گويا وڏ ڦڙو مينهن وسي ٿو اهي صراف آهن جي ويٺا پنهنجي دڪانن کي هيرن ۽ جواهرن سان سينگارين. اهي انتر جامي آهن جن ٻين جي دلين جو ڳجھ معلوم ڪري، موتين جيان صاف ٻول ٻڌي پيش ڪن ٿا. جن جي چلڪي ۽ چمڪي ۾ هر هڪ پنهنجي اندر کي آئيني وانگر  ڏسي سگھي ٿو. اهي لقمان حڪيم آهن جي پنهنجي حڪيمانه آڱر، وقت جي ماحول تي رکي، ڪمزوريون  ۽ ڪوتاهيون خيال ۾ آڻي سندن لاثاني ۽ لافاني نسخا تجويز ڪري پنهنجن پيارن ٻولن ۾ ٻڌائين ٿا. اهي وقت جا افلاطون آهن جي پنهنجي ٻولن ۾ دانائي جا نڪتا نروار ڪن ٿا. اهي عڪس جھٽي (ڪئميرا) آهن جي وهندڙ واپرندڙ ڳالهين ٻولهين جو عين بين عڪس ڇڪي آڏو رکن ٿا.

هو ڪنهن للي چپي مان نه ڄاڻن. سڌا سنوان ڀريا مٽ! سندن سينو صاف ۽ اک شفاف آهي هنن کي ڪوبه خريد ڪري نٿو سگهي، سچ چوندا، ڀل ته ڪنهن کي مُٺيان لڳي پر سچ اهڙي واٽ وٺي چوندا، سڀڪو سهي ڪري نه سگهندو، پر جنهن ڏانهن  اشارو هوندو، اهو پاڻهي پيو ڪياڙي کنهندو. ڪڏهن ائين به ٿيو آهي سگهرن جي گفتي جي ملوڪت ۽ سچائي کي ڏسي، ڪيترائي ڀٽڪيل ۽ اوجھڙ آيل راهه راست تي اچي ويا آهن، جلال ڀٽوڳالهه  ڪري ته سندس پاڙي ۾ يارو نالي چور رهندو هو، جنهن کي هن گهڻو سمجهايو، ليڪن باز نه آيو. هڪ دفعي کيس ڪچهري ۾ هر ڪنهن  سگهڙ وت آهر پنهنجو وهايل وکر پيش ڪيو، خير، ڪچهري  ته خير خوبي سان ختم ٿي، ٻئي ڏينهن تي ڪاڪي جلال کي چيائين ته ”جلال سائين مون چوري ڦٽي ڪئي. ائنده لاءِ بان ڪبم“. جلال پڇيس ته ” اڙي يارو ڇو؟“ چيائين ته ”سائين ڪهڙي سچي ڪهڙي ڪوڙي اهي گفتا جيڪي ڪچهري ۾ هليا هئا، سي گويا اخلاقي تکا تير هئا، جن منهنجي اندر ۾ لڳل چوريءَ جي ٿڏي کي پاڙون ڪڍي ڇڏيو.“ ٻه گفتا ياد هيس، جي ٻڌايائين:

        1-    چور کي به پادر ڀلوـــ سچي کي آدر ڀلو

        آس لئي به قادر ڀلو ـــ جاءِ کي به سر در ڀلو

 

2-   چور کي به ڌوڙ ڀلي ـــ مينهن به جوڙَ ڀلي

ڏائڻ مٿي ڪوڙ ڀلي ـــ غريب کي به سوڙ ڀلي.

(الف) پنجڪا

سگهڙن ٻن ٻن مصرعن کان وٺي ويهن، بلڪ ٽيهن مصرعن تائين به ٻول ٻوليا آهن. جئن  منبهات ابن حجر ۾، اين حجر عقلاني قول آندا آهن لوڪ ادب ۾’پنجڪا‘ مشهور آهن. پنجڪا = پنج + اِڪا = وارا پنجن (جي جوڙَ) وارا. اها صنف، جنهن ۾ پنجن ماڻهن يا پنجن شين جي لڇڻن، ڪلڇڻن، خوبين ۽ خامين جي ڀليءَ ڀت اُپٽار ڪيل هجي. ٿي سگهي ٿو ته پهريائين هڪ سگهڙ، ٻئي کان اهڙي قسم جا سوال ڪري، جواب طلب ڪيا هجن ۽ پوءِ سگهڙن، عقل ويڙهائي سوال توري جواب پاڻ ئي ٺاهيا هجن.

پنجڪا، پنج ٻولَ آهن، جي هڪٻئي پٺيان نمبر وار آندل آهن. جيڪڏهن ڇهه ٻول آهن ته به لوڪ ادب جي محاوري ۾ ’پنجڪا‘ ۾ داخل ٿيندا. جيڪڏهن ويهه ٻول آهن ته به پنجڪا ۾ داخل آهن. مثال طور ڪي ’پنجڪا، هيٺ ڏجن ٿا.

پَنَجئي نه ٿيا.

1- ڏچر گهوڙي 2- سُچر زال 3- ڇڊي ڪڻڪ 4- گهاتا تِرَ 5- اُڌارو وهانءُ.

پنجئي نه ٿيا ـــ پنجئي نه ٿيا،

ڏچر گهوڙي، سُچر زال

ڇڊي ڪڻڪ، گهاٽا تِرَ

اُڌرو وِهانءُ. پنجئي نه ٿيا.

(ڏچر = ٿورَ کائيڪَ. سچر = گهڻ کائڪ.)

پنجئي بدنام، پنجئي بدنام

ڪپر چٽ گابو، نر گهوڙا کُٽ گام

ڪَره ڪري ڪامڻي، گهر آئي مهمان

ڪانئر ڀڄي ڪلهه کون، هڻي گڻو شِغان

راجا جُوٺ اُلاوي، پنجئي بدنام.

(گابو، جيڪو ڪپڙو چٻاڙي، گهوڙو جنهن جي وِک کُٽل هجي يعني ڏکيو پنڌ هلي، عورت جيڪا مهمان ڏسي ڪِرڪر ڪري، گيدي جيڪو لڙائي کان ڀڄي گهر ۾ اچي ڊاڙون هڻي ۽ راجا جيڪو ڪوڙ ڳالهائي، اهي پنجئي بدنام آهن.)

پنجئي ڀاڙي:  پاڻ مکيو چکيو گهمي، گهر ۾ عورت اُگهاڙي

ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهن کنهي ڪياڙي

ريءَ سڏيو سَٿ ۾ وڃي، هڻي دهل مٿي تاڙي

ڳالهه جو ڳُر نه ڄاڻي، هڻي گهڻي ڄاڙي

پنهنجي ڊاهي جهوپڙي، پرائي ڏسي ماڙي

اِهي پنجئي ڀاڙي.

پنجئي ٽَهڪّنتَ ـــ پنجئي ٽهڪنت.

اَنڌاري دِيوا جلي، آڪاش کنوڻ کِنوَنت

سَرنهن سائي ٻيٽ تي، سانوري منهن عورت

پٻڻ پسارا ڪري، ايه پنجئي ٽهڪنت.

[اونداهيءَ رات جو ڏيئي جو ٻرڻ، آسمان ۾ کنوڻ جو چمڪو، ٻيٽ تي سائي سرنهن جو ڦولارجڻ، سانوري عورت جو کلڻ (سفيد ڏند پيا ٺهندا)، ۽ پٻڻ جو (گل ٽڪين سميت) لهر (هوا تي) ڏيڻ، اهي پنجئي شيون ڄڻ ته ٽهڪن (کلن) ٿيون.]

پننجئي اندر ساڙا، پنجئي اندر ساڙا

رات اونداهي، ٻڙد ڪارا

پوک جي ڪپ تي، ڪانبن وارا

ٻار ننڍا، مٿان پون پارا

نار کلڪڻي، سهراڻا پاڙا

رستو تَتَو، پير اُگهاڙا.

اهي پنجئي اندر ساڙا.

[ڪاري رات، ڪارو ڍڳو، ڀلَيَل پوک (سڀڪو ڪانبو ٻَڌي لُڻي وڃي)، ننڍا ٻار ۽ سيارو (نه سوَڙ، نه اَجهو]، بدآفعالي زال ۽ پويتر ساهرن جو پاڙو،رستو تتل ۽ پير اگهاڙا، اهي پنجئي اندر جو ساڙ آهن.]

پنجئي گهوچائي، پنجئي گهوچائي

هڪ ريءَ ڪوڏر کاٽي ڪري

ٻيو وريءَ ڏاٽري هڻي لائي

ٽيون سَٿ ويٺي سمهي رهي

چوٿون نِيچو وهي، اونچو تَري

پنجون آڻ ڏِٺي ڏئي گواهي.

اهي پنجئي گُهوچائي.

[ڪڙمي، جو ڪوڏر کان سواءِ کاٽيءَ جو ۽ ڏاتي کان سواءِ لاباري جو خيال ڪري؛ جو ڪچهري هلندي سمهي پوي؛ ۽ ڪم فهم هجي پر خيال وڏا ڪري ۽ جيڪو اڻ ڏٺي شاهدي ڏئي، اهي پنجئي بيوقوف آهن.]

پنجئي گردن بار، پنجئي گردن بار.*

ڇَت ڇِنوڙِي جُتي، مٿي سندو بارُ

واريءَ سندو پنڌڙو، دُن اُگهاڙي نار

پُڇَ مَروڙ ڏاندڙو، پنجئي گدن ٻار.

[چيتن لڳل ۽ ڇيڳل جُتي، مٿي تي ڀري، واريءَ جو پنڌ ۽ بد زيبو ڍڪيندڙ (ڪپڙو) عورت، ۽ سَڙُهه ڏاند، جو پُڇ مروڙڻ کان سواءِ نه هلي، اهي پنجئي سر تي بار آهن.]

پنجئي مئي مت، پنجئي مئَي مت

سُوئر سَنگها ڪڍيا، ڪيهر جهليو گَهٽ

اُرهه چڙهي اِستري، پانچاريو ڪَهڪَٽ

مس گهريندو گهوٽيو، اهي پنجئي مئي مت.

[مِرون سنگها ڪڍي، شينهن جي ڳچيءَ جا وار نڪرن؛ زال جي ڇاتي نڪري؛ گهوڙو جوان ٿئي ۽ مڙس کي ڏاڙهي مُنهن ۾ اچي (اهي جوانيءَ جون نشانيون) اهي پنجئي مست آهن.]

ڇهئَي بکيا سنسار، ڇهئي بکيا سنسار *

وَهڻ ڪنون درياهه نه رڄدَا، درخت نه رڄدا ڏالون

علم ڪنون علماءَ نه رڄُدا، فقير نه رڄُدا حالون

رعيت ڪنون بادشاهه نه رڄُدا، شوُم نه رڄُدا مالون.

[درياهه، پاڻيءَ مان نڪري نٿو ڍاپي، عالم علم مان نٿا ڍاونم فقير (درويش) کي ڪيترو به ’حال‘ ايندو (ڪيترائي ڀيرا مٿس اهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي) ته به نٿو ڍاپي، بادشاهه به رعيت مان نٿو ڍاپي ۽ ڪنجوس به مال مان نٿو ڍاپي تنهنڪري انهن کي سدائين بکيا چئبو.]

ستئي بکيا سنسار، ستئي بکيا سنسار*

ڌرتي ميگهه نه رَجئي، آگ نه رجئي ساڙ

راجا راڄ نه رجئي، موت نه رجئي مار

عيشون نفس نه رجئي، پُرس نه رجئي نار

دو نينان نه رجئي، ڏٺِي سڄڻ ڪلتار.

[ميگهه = مِينهن. رجئي = ڍاپي، ڍَور ڪري. آگ = باهه. ساڙ = ساڙڻ. راڄ = رعيت، راجائي. مار = مارڻ. پرس = ماڻهو. نار =عورت. دو نينان = ٻئي اکيون. سڄڻ = دوست، پرين. ڪلتار = ڌڻي انهن ستن کي ئي سدائين بک رهي ٿي.]

ٻارهن ئي ٻن پيا، ٻارهن ئي ٻن پيا **

هڪ چڪِرُ گهوڙو، ٻيو کريل ٻار

گهر ۾ ڪرهڻه، ڪامڻي، چوٿون يالاڪو يار

پنجون ڪُنيءَ ساقي کڻو، ڇهون کوهيءَ ڪوڙو نار

ستون ڀُلي مارڪي، شل اچي نه ايڙ پنهوار

اٺون سوڙهي جُتي پير ۾، نائين ڀُتِي ڊونڊي ٻار

ڏهون هاٿي هارئو مَ ٿئي، ڪارهون مَ ٿئي کُهيو زميندار

شال ڪنهن جو ڪين ٿئي، ٻارهون گُنگيءَ سان گذار

جي حاصل هوءَ هزار، توءِ اهي ٻارهن ئي ٻن پيا.

[ڪرهڻي = جهيڙاڪ. ڪامڻي = عورت. يالاڪو = پرديسي. مارڪي = مارڪو، ڪچهري. ايڙ پنهوار = ايلپنهوار. هت معنيٰ ٿيندي: جاهل. ڪچهري هلندي، ڀُلي ڪو جاهل نه اچي ته متان رس ۾ رهاڻ نڪري وڃي. ڀُتي = پراڻي. ڊونڊي = ٻيڙيءَ جو قسم. هارئو مَ ٿئي = هارايل به ٿئي، شڪست نه کائي.]

(ب) ٽڪا چارئي روڪ ڀلا، اهي چارئي ٿوڪ ڀلا.

اڳئين باب (پنجڪا) ۾ هر هڪ ماڻهو يا شيءِ سان ٺهڪندڙ لفظ ڏنل آهن، جنهن ڪري واسطيدار ماڻهو يا شيءِ جي گُن يا اوگڻ جي خبر پوي ٿي. هينئر هتي ٿورو مختلف ٻهڳڻن جا ٻول ۽ عاقلاڻا قول ڏجن ٿا، جن مان هر هڪ ٻول يا قول ۾ ڪانه ڪا حڪمت ۽ ظرافت نظر ايندي.

سگهڙ ٻن ٻن ٻولن کان وٺي، چئن چئن، بلڪ ڇهن ڇهن ٻولن تائين پڻ خيال ظاهر ڪيا آهن. ليڪن انهن ٻولن ۽ تولن کي لوڪ ادب جي محاوري ۾، ”ٽَڪا چارئي روڪ ڀلا، اِهي چارئي ٿوڪَ ڀلا“ چئبو آهي. سنڌ جي ڪچهرين ۾ انهي عنوان هيٺ ڪيترائي بند هلندڙ آهن، جن مان ڪي هيٺ نموني طور ڏجن ٿا. *

(1)  کوهه جي ته نڪ ڀلي، سڄڻن جي ته سِڪ ڀَلي

مينهِن کي به چِڪَ ڀلي، مُنڊيءَ مٿي ٽڪ ڀلي

اهي ٽَڪا چارئي روڪ ڀلا، اهي چارئي ٿوڪ ڀلا.

(نِڪ = نيڪال پاڻيءَ جو.)

(2)    اُٺ جي ٽِهاڻ ڀلي، گهوڙي جي ٻِهاڻ ڀلي

ڏاند جي ڀاڻ ڀلي، مڙس جي رهاڻ ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ٽهاڻ = ٽن سالن جي اُٺ. ٻهاڻ = ٻن سالن جي عمر واري مادي گهوڙي. ڀاڻ = اکياڙي.)

(3)  لَئيءَ کان به لاڻي ڀلي، انڌي کان به ڪاڻي ڀلي

مڇيءَ جي به ماڻي ڀلي، زال به سياڻي ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(لاڻي = اُٺ جي چَرڻ جو گاهه يا ٻُوٽو. لاڻيءَ مان کار ٺهندي آهي. ماڻي = لُڙاٽيل پاڻي. ميري يا ڇڙي پاڻيءَ جي ماريل مڇي لذيذ ٿيندي آهي؟)

(4)چَرخي جي چَموٽي ڀلي، هندوءَ مٿي چوٽي ڀلي

گڏهه مٿي سوٽي ڀلي، زال به ڇوٽي ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(چموٽي = چَمَ جي پَٽي، جنهن مان چرخي جي ٽَڪ لنگهي.

(5) انڌي کي ته ڏانگَ ڀلي، مُلان کي ته بانگ ڀلي

کَٽ کي آ تانگهَه ڀلي، عورت کي به مانگ ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ڏانگ =لَٺ. مانگ = سِينڌِ.)

(6) پِيرَ کي ڪانِي ڀَلي، مهمان کي ماني ڀلي

حجم کي ڀانِي ڀلي، ڏهڻاڻ ڪاڻ ناني ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ڪاني = ڪرامت. ڀاني = ڪبنَت، حجام جي اوزارن وجهڻ جي ٿيلهي.)

(7)نانگ کي به ماڪَ ڀلي، مرد جي به هاڪ ڀلي

ٻارڻ لاءِ به ڏاڪ ڀلي، عورت پوتي پاڪ ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ماڪ = ماٽَ، شَبنم. نانگُ، ماڪَ چَٽيندو آهي. هاڪ = ناموس، هڪل. ڏاڪ = ڪاٺين جا ٽُڪر.

(8)کوهه تي به رسي ڀلي، عورت کي ته هَسي ڀلي

دوست سان چَسي ڀلي، بلا سا جا دَسي ڀلي

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(رسي = نوڙي، واڍ (کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ)، هسي = ڳچيءَ جو ڳُهه. چسي = چس، دوستي. بلا = مصيبت. اها مصيبت ڀلي آهي، جنهن کي دَسجي. اها زحمت ڀلي، جنهن مان رحمت ٿئي.)

ٻيو نمونو

(1) سڄڻ جو سِيرُ ڀلو، دائري ۾ فقير ڀلو

مينهن کي کير ڀلو، ڪُل پيرن جو پير ڀلو

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(سير = سيرت، ڪردار، لڇڻ، عادت. دائرو = آستانو، اوتارو، مڪان.)

(2) مال به اوٺو ڀلو، گهر به ڪوٺو ڀلو

سودو به سوٺو ڀلو، ڀڄڻ لاءِ به پوٺو ڀلو

اهي تڪا چارئي روڪ ڀلا.

(اوٺو مال = اُٺَ. جهنگ مان چري ايندو ۽ مالڪ جهنگ مان رات لاءِ لئِي لاڻو کڻي ايندو. بار لڏڻ ڪري به ڪافي رقم ملي ٿي. سوٺو = مُکياري (مختياري). پوٺو = ميدان.)

(3) مڙس کي ته ناڻو ڀلو، انڌن ۾ به ڪاڻو ڀلو

مکڻ جو به چاڻو ڀلو، مڇيءَ لاءِ مهاڻو ڀلو

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(چاڻو = ٽيرو، پِنوڙو.)

(4) روپيو به روڪ ڀلو، ٻڪرين ۾ به ٻوڪُ ڀلو

مانيءَ ٽُڪر سوڪ ڀلو، بي گلائو لوڪ ڀلو

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ٻوڪ = ٻڪر، ٻڪرو.)

(5) جوئر کي به پن ڀلو، گهوڙي کي به اَنُّ ڀلو

مڙس کي به ڌَن ڀلو، فقير کي به کن ڀلو

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ان = داڻو. کن = ڳڀو، ٽڪر مانيءَ جو.)

(6) مڙس ته پاڻ ڀلو، اُٺ کي ته ڏاڻ ڀلو

پوک کي ته ڀاڻ ڀلو، محبت جو ته ماڻ ڀلو

اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا.

(ڏاڻ = ڏاوَڻَ، پَئِنڌّ. ماڻ = ماپو. محبت ۾، سڪ جو ماڻ ڀريل رهي، هر وقت سڪ هجي. ”پريت پئي پراڻي نه ٿئي، ڪو ڳنڍيندڙ هوءِ.“)

سرائڪي زبان ۾ به اهڙا ٻول آهن، جي نموني خاطر ڏجن ٿا:

(1) هَل وَهندا ڀلا، اُٺ ٻَهندا ڀلا

بار سَهندا ڀلا، سودا ٺهندا ڀلا

اهي ٽڪي چارئي روڪ ڀلي، اهي چارئي ٿوڪ ڀلي.

(هل = هر. ٻهندا = ويٺل. اُٺ بيٺو هوندو ته پيو وڻ کي کائيندو، تنهنڪري ويٺو ڀلو آهي. بار به سَهندڙ يا سُونهائيندڙ هجي. سودو به جيڪو ٺَهي وڃي، سو ڀلو.)

(2) اوڏ مِٽي چاندا ڀلا، دشمن ماندا ڀلا

گهوڙا کاندا ڀلا، ورندا آندا ڀلا

اهي ٽَڪي چارئي روڪ ڀلي.

(ماندا = ماندو، پريشان. کاندا = کائيندڙ، چرندڙ. اوڏ، مِٽيءَ جي ڪم ۾ رڌل رهي ته چڱو. دشمن به دِلهير ۽ پريشان هجي. کائيندڙ گهوڙو ڀلو آهي، ڇاڪاڻ ته کائڻ سان طاقتور ٿيندو. ٿورو کائيندو ته ايترو سگهارو نه ٿيندو. ورندا = ورندو = جواب،محبوب کان به خط جو جواب اچي ته ڀلو.)

(3) پِرت دا پانڌي ڀلا، مَيٿ ڪونه ڪانڌي ڀلا

چور ڪون آنڌِي ڀلا، روپيا ڀي چاندِي ڀلا

اهي ٽڪي چارئي روڪ ڀلي.

(ميٿ= ميَت، مُردو، لاش، جنازه. پانڌي = قاصد. ڪانڌي = ڪلهي ڪانڌي، جنازي کڻڻ وارو. آنڌي = طوفان. طوفان کان پوءِ گهر وارا سمهي پوندا آهن ۽ چورَ کي ساڄي لڳندي آهي.)

(4) دشمن مَردا ڀلا، گوشت ڳلدا ڀلا

قافلا هلدا ڀلا، جوڳي رَمدا ڀلا

اهي ٽڪي چارئي روڪ ڀلي.

(مردا = مَري. ڳلدا = ڳَريل. هلدا = روان، هلندڙ. رمدا = گهمندڙ، ڦِرندڙ، هلندڙ. جوڳي به گهمندو رهي يعني سيلاني رهي.)


(1) . جهمٽ مل نارو مل، سنڌي وئتپتي ڪوش، ڪراچي، 1886ع، ص 38.

* . عبدالرزاق ڀٽي کان مليل قلمي نسخي تان ورتل، نسخي جو سال 1862ع.

* . بخشل منگتو، ڳوٺ حاجي خان، تعلقو جوهي ضلعو دادو کان ڪچهري ڪندي، 17-12-1952ع تي مليا.

* . بخشل منگتو، ڳوٺ حاجي خان، تعلقو جوهي ضلعو دادو کان ڪچهري ڪندي، 17-12-1952ع تي مليا.

** . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳوٺ سڌار، عام سنڌي شاعري ۽ عام سنڌي سگهڙپائي، ڊسمبر 1956ع، ص 4.

* . اهي بيت يا بند اسان کي خدا بخش حجام، ڳوٺ ڪاڪي پوٽا تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو سکر کان ڪچهري ڪندي مليا. 29-3-1950ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org