عائيه ٻول: جيڪڏهن ڏسندا ته جهڙالو آهي ته خوشيءَ وچان چوندا:
اکريءَ ۾ ڪڪڙو
مينهن آيو تڪڙو
يا
ڀيڄ ڀٽائي، سائيءَ سيليءَ وارا
سائي سيلي جوڙ ٻنا سڀ ٻوڙ
جڏهن گهڻي وس ٿيندي ۽ ٻار ڪڪ ٿي پوندا تڏهن وري چوندا:
چرخي ۾ چموٽي
مينهن ويو موٽي
يا
ڪپڙي کي اوتي
مينهن ويو موٽي.
پر جيڪڏهن مينهن نه وسندو ته ”ڪارڙي“ کي هٿ ڪري، ٻار پاڻ ۾ ٽولي
ٺاهي، در در ويندا ۽ ڪارڙي جيتڙي کي هلڪڙي
چهنڊڙيءَ ۾ کڻي، گهر وارن کي چوندا:
ان ڏي ته مينهن وسي
ان ڏي ته مينهن وسي
جيڪڏهن گهر وارا نه ڏيندا ته ٻارڙا چوندا:
ڪارڙو جيتامڙو
هي مري ٿو
ڪارو جيتامڙو
هاڻي مري ٿو.
چهنڊڙيءَ ۾ ڪارڙي کي ڦيرائيندا ته جئن گهر وارن کي قياس پوي ۽
جهجهو ان ڏيڻ. اهو ان گڏ ڪري، ڀت رڌي کائيندا، ۽
دعائون گهرندا:
ڪارڙي ڪمارڙي جي صدقي مينهن وساءِ
ڪارڙي جيتامڙي جي صدقي مينهن وساءِ
اونهاري ۾ رات جو گرمي ٿئي، ۽ مڇر ڪڪ ڪن ته چون:
آءٌ ڏکڻ ڏيهي
ڀڃ مڇرن جي پيهي
تنهنجي پيهيءَ هيٺان گل
ساري رات پئي گهل دل
جڏهن ڏکڻ هير لڳڻ شروع ڪندي، تڏهن خوشيءَ وچان چوندا:
ڏکڻ آئي ڇير سان
گهوڙو ٻڌان ٻير سان.
اهي ٻاراڻا ٻول ”دعائيه ٻول“ آهن، جن ۾ ٻارڙا دل مان آس ڪڍن ٿا،
۽ جڏهن سندن آس پوري ٿي، تڏهن خوب خوشي ڪن ٿا، ۽
وري ٻاراڻي چلولي سڀاءَ سبب دل ۾ ٻي گُهرَ گهرن
ٿا.
راند جا ٻول: راند مچائڻ لاءِ اڳ مٿي ڏيکاريل ٻول ٻوليندا:
اچوڙي ٻارو
راند جو سعيو
اڪ جي ڪاٺي
نم جو پائو
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو
موٽي اچي مکڻ کائو.
نه ايندا ته، توهان جي ناني کي گدڙ گهلي ويندو.
”گدڙ، گدڙ جي ڪوڪ تي نه اچي ته ڪنو ڪوڙهيو ٿي مري“ جي مثال
(1)
راند ــــ ڪنگري ڪِ لوٽو
جيڪو ٻول ٻڌندو سو ڀڄندو ايندو، ۽ ٽولين ۾ ٿي ورڇجي ويندا:
1- پنج ڇهه ٻارڙا، پنهنجا هٿڙا (هڪ هڪ هٿ) گڏي، هڪٻئي مٿان
رکندا هڪڙو چوندو:
ڪنگري ڪِ لوٽو
پاڻيءَ ڀريو ڦوٽو
ڦوٽا ڦڪيندسِ
لونگ لٽيندس
هيٺيئڙو ڪِ مٿينئڙو؟
جيڪڏهن چوندا هيٺينئڙو ته هيٺيون هٿ نڪري ويندو. پر جيڪڏهن
مٿينئڙو چوندا ته مٿيون هٿ نڪري ويندو. وري ٻيهر
به ائين چوندا تان جو جيترا ٻار اوترا ڀيرا کيڏندا
ته جيئن هر هڪ ٻار ٻول کي ٻول ٻولڻ جو وارو ملي.
2- راند ارچڪ مرچڪ: ٽوليءَ وارا سڀ ٻارڙا پنهنجو هڪ هڪ هٿ زمين
تي اونڌو ڪري رکندا ته جئن هٿ جي پٺي مٿان ٿئي
پوءِ هڪڙو ٻار آڱر وات ۾ وجهي هو هو جو آواز ڪري
(آڱر وات ۾ چپن وٽان ڦيرائي) ٻاهر ڪڍي، هرهڪ ٻار
جي هٿ مٿان نمبر وار رکندو ويندو ۽ هي ٻول ٻوليندو
ويندو، جتي ٻول پورو ٿئي.
ارچڪ، مرچڪ، ڌاڻا، ڌرچڪ
لوها، لاٽون، چنر، گهاٽون
اٻو، ڇٻو، چور چاڪي
ڀنڀور، تارو، ڪرڙ، مُرڙ
آڳ پٽيهر، ٽويو ٽيهر
نانگڻ، جوڳڻ، کارا کٽي ٻٽي ڇٽي
جنهن هٿ تي ڇٽي ٻول پورو ٿيو، اهو ٻارڙو هٿ کڻي ويندو، ۽ وري
اهو ٻارڙو ساڳيو ٻول مٿئين وانگر ٻوليندو. اهڙيءَ
طرح هر هڪ ٻار کي وارو ملندو.
3- راند ايسي موري: ٻه ٻه ڇوڪريون پاڻ ۾ جوڙا ٺاهي کيڏنديون.
آمهون سامهون بيهي ساڄا هٿ پاڻ ۾ ملائي ساڄون
ٻانهون مٿان ۽ کاٻيون هيٺان رکي هڪٻئي کي ڇڪي
ڦرنديون به وينديون ۽ راند جا ٻول به ٻولينديون
وينديون:
ايسي ڏي، موري
لال ڪٽوري ڏي
ڀڀنوري ڀڄائي ڏي
سرمائي سڳي ڏي.
پنج پيسا کوٽا
چيلهه جيڏا چوٽا
چوٽا ويا کسي
جوتا ويا گسي
رن وئي رسي
ڀاڄائيءَ کي ڄائو پٽ
چمي چمي کڻانس
دائيءَ کي ڄائي ڌيءَ
لت ڏئي پوريانس
ايسي ڏي.........
ان ساڳي راند جا ٻول سرائڪي زبان ۾ هيئن آهن:
ايسي ايسي پاوان
پيرڙي گساوان
پيران وچ ڪڙيان
لال سوناري گهڙيان
ميڏي امان آوي
بابا ٻال چاوي
ٻال ڪون کيڏاوي
راند روند ڪراوي
ايسي ايسي..................
4- ٽڪلا راند: هن راند ۾ به ڇوڪريون هڪٻئي کي ڦيري پائي؛ تريون
ترين تي هڻي، هيٺيان ٻول ٻولينديون رهنديون:
ٽڪلا ڏي، مائي ٽڪلا ڏي
ٽڪلن سوڌا آنا ڏي
آنا ڌانا گرم ڪجو
لوٽي لعل ڪبير جي
هٿراڌو، مائي هٿراڌو
پيرن جون ڪارايون ڌو
هيل وڃان مان هيل وڃان
هوڏي ويئي جتي
کڻي ويئي ڪتي
ڪارو پاڻي آيو
مکين جهينگاريو
مکيون ويون پيڪي
گدڙ ويٺو ٻيڪي
گدڙ جا آنا
جيئن منهنجا نانا
وهن سدا کٽ تي
آلو مکڻ مٽ تي
الله ڏيندو بابي کي
ٻٽيون ٻانهيون ننهَن کي
سٺا وڳا ڌيئن کي
ڇڄ ڳهن جو امڙ کي.
ٽڪلا ڏي..........
سوال جواب جا ٻول: هن راند ۾ هڪ ٻار ٻئي ٻار کان سوال ڪندو
رهندو ۽ هو وري جواب ڏيندو رهندو. هيءَ راند خصوصن
سياري ۾ رات جو ڪندا آهن. پنج ڇهه ٻارڙا ڪُنري ڪري
ويهندا، جن جا هٿ چولي اندران هوندا ته جئن گرم
ٿين، هڪ ٻار جنهن جو هٿ چولي اندر نه هوندو، ويٺل
ٻارن مان هڪ کان هيٺينءَ ريت سوال ڪندو رهندو، ۽
جواب وٺندو رهندو.
س: رات ڪير آيا هئا؟
ج: مامڙا
س: مامڙن ڇا آندو؟
ج: ٿالهي وٽو
س: ٿالهي وٽي ۾ ڇا؟
ج: تيل ميٽ
س: تيل ميٽ ۾ ڇا؟
ج: ڦڻي
س: ڦڻيءَ ۾ ڇا؟
ج: وار
س: وار ۾ ڇا؟
ج: جونءَ
س: جونءَ ۾ ڇا؟
ج: ليک
س: ليک ۾ ڇا؟
ج: ڄَئي.
(پوءِ سوال ڪندڙ ان ٻار کي چوندو)
ڀڃانءِ سَسُڻي جي تئي. مونکي ڪومڙا ڪومڙا هٿڙا ڏيکار.“
پوءِ ويٺل ٻارن مان هر هڪ ڪوسا ڪوسا هٿ ڏيکاريندو، جنهن جا پورا
ڪوسا نه هوندا تنهن کي هورڙيان ٿڦڙي هڻي چوندو:
هٿڙا اهڙا ڪوسڙا نه آهن. اهڙيءَ طرح هرهڪ ٻار
واريءَ وٽيءَ تي سوال ڪندو رهندو ته جئن سڄيءَ
ٽوليءَ کي وارو ملي وڃي. هن راند مان ٻارڙن جي
فائدي واري ڳالهه نڪري ٿي ته سياري ۾ بدن گرم رکڻ
ضروري آهي.
ڳالهه جا ٻول:
ٻارڙن جي زبان طوطلي، تنهنڪري جو چون سو پيو وڻي. ڳالهه کڻندا
ته به پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، ۽ اهڙي ته ڌرن سان کڻندا
جو ڀانئجي ته پيو ٻڌجي.
ڊينبي جي ڳالهه
ڊينبو ۽ ڊينبي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هئا. هڪ ڏينهن بئي گهمڻ نڪتا.
ڏينڀو چڙهيو گابي تي ۽ ڊينبي چڙهي گابيءَ تي.
هڪليندي هڪليندي واٽ تي کير جي کوهي ڏٺائون. ٻنهي
کي اڃ به لڳي هئي سو لهي پيا. ڊينبيءَ کير پي اڃ
لاٿي، پر ڊينبي ايترو کير پيتو، جو پيٽ ئي کُلي ٿي
پيس. وري ٻئي چڙهي اڳتي روانا ٿيا. واٽ تي ڊينبي
جو لڪڻ ڪري پيو ڀيڻ کي چيائين:
”اي ڊينبي ڙي ڊينبي، لڪڻ ته کڻي ڏي.“
ڊينبيءَ، گابيءَ تان لهي لڪڻ کڻي ڏنس.
اڳتي ٿورو هليا مس ته وري ڊينبي جو لڪڻ ڪري پيو. ڀيڻ کي چيائين:
”ادي ڊينبي ڙي ڊينبي، لڪڻ ته کڻي ڏي.“
ويچاريءَ وري به لڪڻ کڻي ڏنس.
اڳتي هلندي ٽيون ڀيرو ڊينبي جو لڪڻ ڪري پيو. وري به ڀيڻ کي
چيائين:
”ادي ڊينبي ڙي ڊينبي، لڪڻ ته کڻي ڏي.“
کڻ نه کڻ! ڊينبيءَ چيس.
تنهن تي ڊينبو، نِوڙي لڪڻ کڻڻ لڳو ته ڪري پيو، ۽ ڦسي پيو. ڊينبي
چوڻ لڳي:
سو ڊينبو، سو ڊينبو واٽڙيءَ ڦٿو
سا واٽڙي، سا واٽڙي، پاڻي آيو
سو پاڻي، سو پاڻي ڇٻرڙي ڄائي
سا ڇٻر، سا ڇٻر گهوڙا کائن
سي گهوڙا، سي گهوڙا، لڏڙي لاهن
سي لڏڙيون، سي لڏڙيون ڪنڀرڙا کڻن
سي ڪنڀر، سي ڪنڀر، ٺولڙا ٺاهن
سي ٺولڙا، سي ٺولڙا، ٻارڙا کيڏن
سي ٻارڙا، سي ٻارڙا، ڀَتڙو کائن
سو ڀت، سو ڀت، ٻار لينڊڙيون لاهن
سي لينڊڙيون، سي لينڊريون ڪتڙا کائن
سي ڪتا، سي ڪتا، لئيءَ پاڙ ستا.
هيءَ ڳالهه سريلي آواز سان کڻندا آهن، جنهنجي ڪري ٻارڙا اهڙآ ته
متوجهه ۽ محو ٿي ويندا آهن، جو اکيون کپايو ويٺا
ٻڌندا آهن.
هن ڳالهه مان اهو به ڪارج سري ٿو ته ٻارڙن کي گويا
اڻ سڌي تعليم ذريعي معلوم ٿي چڪو ته گهڻو کائڻ ۽
پيئڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي. ٻيو اهو به ٻارن کي
معلوم ٿيو ته گهوڙا ڇٻر کائيندا آهن، ۽ گهوڙن جي
لڏ ڪنڀر کڻي، مٽيءَ ۾ ملائي؛ ٿانءَ ٺاهيندا آهن.
ڪيڏي نه ميٺ ماٺ ۾ عمدي تعليم!
جهرڪيءَ جي ڳالهه
هڪڙي هئي جهرڪي تنهن کي داڻو هو چهنب ۾. آيو جو ڪانءُ سو داڻو
ڦري ويس. جهرڪيءَ ڪانءَ کي چيو:
”ڪانءَ ڙي ڪانءَ، تون مون کي داڻو ڏي ته کانوان.“
ڪانءَ، جهرڪي کي داڻو نه ڏنو، ۽ اُڏامي وڃي نم جي وڻ تي ويٺو.
جهرڪي ويئي وڻ ڏي. چي:
”نم ڙي نم، ڪانءُ اُڏار
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
نم چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي، جو ڪانءَ کي اڏاريان! اهو ٻڌي
ويچاري ويئي ڊکڻ ڏي. چي:
”ڊکڻ ڙي ڊکڻ، تون نم ڪپ
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
ڊکڻ چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي! وري ويئي، بادشاهه وٽ. چي:
”بادشاهه ڙي بادشاهه، تون ڊکڻ کي لڏاءِ
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
بادشاهه چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي! وري ويئي، راڻيءَ ڏي. چي:
”راڻي ڙي راڻي، تون بادشاهه کان رُس
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
راڻي چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي! وري ويئي ڪئي ڏي. چي:
”ڪئاڙي ڪئا، تون راڻيءَ جو هار ڪتر
راڻي بادشاهه کان رسي
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
ڪئي چس: مائي منهنجو ڇا وڃي: وري ويئي ٻلي ڏي: چي:
”ٻلا ڙي ٻلا، تون ڪئي کي کاءُ
ڪئو راڻيءَ جو هار ڪتري
راڻي بادشاهه کان رسي
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
ٻلي چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي! وري ويئي ڪتي ڏي. چي:
”ڪتا ڙي ڪتا، تون ٻلي کي کاءُ
ٻلو ڪئي کي کائي
ڪئو راڻيءَ جو هار ڪتري
راڻي بادشاهه کان رسي
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
ڪتي چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي: وري ويئي ڏنڊي ڏي. چي:
”ڏنڊا ڙي ڏنڊا، تون ڪتي کي مار
ڪتو ٻلي کي کائي
ٻلو ڪئي کي کائي
ڪئو راڻيءَ جو هار ڪتري
راڻي بادشاهه کان رسي
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
ڏنڊي چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي: وري ويئي باهه ڏي. چي:
”باهه ڙي باهه، تون ڏنڊي کي ساڙ
ڏنڊو ڪتي کي ماري
ڪتو ٻلي کي کائي
ٻلو ڪئي کي کائي
ڪئو راڻيءَ جو هار ڪتري
راڻي بادشاهه کان رسي
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
باهه چيس: مائي منهنجو ڇا وڃي! وري ويئي درياهه ڏي. چي:
”درياهه ڙي درياهه، تون باهه وساءِ
باهه ڏنڊو ساڙي
ڏنڊو ڪتي کي ماري
ڪتو ٻلي کي کائي
ٻلو ڪئي کي کائي
ڪئو راڻيءَ جو هار ڪتري
راڻي بادشاهه کان رسي
بادشاهه ڊکڻ لڏائي
ڊکڻ نم ڪپي
نم ڪانءُ اڏاري
ڪانءُ داڻو ڦٽو ڪري ته کانوان.“
درياهه چيس ته: ”مائي هل ته آءٌ ٿو باهه کي وسايان.“
باهه چيو: مونکي نه وساءِ، آءٌ ڏنڊي کي ٿي ساڙيان
ڏنڊي چيو: مونکي نه ساڙ، آءٌ ڪتي کي ٿو ماريان
ڪتي چيو: مونکي نه مار، آءٌ ٻلي کي ٿو کانوان
ٻلي چيو: مونکي نه کاءُ، آءٌ ڪئي کي ٿو کانوان
ڪئي چيو: مونکي نه کاءُ، آءٌ راڻي جو هار ٿو ڪتريان
راڻي چيو: منهنجو هار نه ڪتر، آءٌ بادشاهه سان ٿي رسان
بادشاهه چيو: مون سان نه رس، آءٌ ڊکڻ ٿو لڏايان
ڊکڻ چيو: مونکي نه لڏاءِ، آءٌ نم ٿو ڪپيان
نم چيو: مونکي نه ڪپ، آءٌ ڪانءُ ٿو اڏاريان
ڪانءَ چيو: مونکي نه اڏار، آءٌ داڻو ٿو ڦٽي ڪريان
ڪانءَ داڻو ڦٽي ڪيو ۽ جهرڪي کاڌو.
مٿئين ڳالهه مان ڪيترا نڪتا نروار ٿين ٿا: ان جي داڻي جي اهيمت
بيان ڪيل آهي، جنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪمزور پکيءَ کي
ڪيترو نه جتن ڪرڻو پيو. جهرڪيءَ جي صبر ۽ استقلال
کي آفرين بلڪ الف بار آفرين آهي، جو رپن مٿان رپ
ڏي ويندي، آخر درياهه شاه دادلي سندس مقصد پورو
ڪيو. حالانڪ مهرباني مٿان ليکبي، پر حيلي رزق،
بهاني موت جي مصداق درياهه جهرڪيءَ جي حيلي جو
وسيلو بڻجي ويو.
انهيءَ طرز تي، ٿوري ڦير گهير سان، ٻين زبانن ۾ به ڪهاڻيون ملن
ٿيون. نارايڻ ڀارتي، اهڙا مثال ڏيندي مالوا ديش جي
هيءَ ڪهاڻي ڏني آهي
(1):
”ليم ڪاگ اڙايه ني
ڪاگ موتي دي ني
چڙِ روتي ريني“
چڙي گئي ستار (ڊکڻ) ڪني: ”ستار ستار ليم ڪاٽ“
ستار ني ڪها: ”ليم ني مهارو ڪئي، جوليم ڪاٽون؟
”ستار ليم ڪاٽي ني
ليم ڪاگ اُڙايه ني
ڪاگ موتي دي ني
چڙي روتي ريني“
اهڙيءَ طرح اها جهرڪي، مُکيءَ کانپوءِ راجا وٽ راجا کانپوءِ
راڻيءَ وٽ، راڻيءَ بعد ڪوئي وٽ، ٻليءَ وٽ، ڪتي وٽ،
لٺ وٽ، باهه وٽ، پاڻيءَ وٽ، ۽ پاڻيءَ کانپوءِ
واريءَ وٽ ويئي، جا آخر ۾ هن جي ڳالهه مڃي ٿي، ۽
جهرڪيءَکي موتي واپس ملي ٿو.
روسي لوڪ ڪهاڻين ۾ به اهڙو مثال ملي ٿو؛ جنهن جي کڻڻ جي طرز
ساڳي آهي
(1).
|