سينگار
’لوڪ ادب‘ جي صنفن ۾ ’سينگار‘ جي صنف وڏي اهميت رکي ٿي؛ ڇاڪاڻ
ته محبوب جي حُسن و جمال، خط و خال، باڪمال ۽ بي
مثال جو بيان اهڙي ته نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل آهي،
جو شاعرن ۽ سگهڙن جي بلند خيالي ۽ ذهني ذوق جو
پورو پورو پتو پوي ٿو. ’سينگار‘ جو ڪهڙو به بيت
هوندو، ته به اُن ۾ اهڙا ته سهائيندڙ ۽ سيبائيندڙ
لفظ، تشبيهون ۽ استعارا ڪم آيل هوندا، جو محبوب جو
سارو نقشو نَنَهن کان چوٽيءَ تائين عين بين اچيو
اڳيان بيهي. شاعرن ۽ سگهڙن جنهن نموني بيتن جي
ٻَڌَ ٻَڌي آهي، تنهن مان محبوب جي سونهن ۽ سوڀيا
جي تصوير هڪ طرف چٽي ٿي بيهي ٿي، ته ٻئي طرف وري
بيت بذات خود سُهڻي پوچ ۽ نفاست جي ڪري سينگار
بڻجيو پون. مطلب ته اهو ٻِٽو سينگار، ’سينگار جي
بيتن‘ جي خاص ۽ نمايان خوبي آهي، جنهن بنان بيت
ٻُسا ۽ ڪُرَسا پيا معلوم ٿين. اهي بيت محبوب جي
وصفن بيان ڪرڻ، توڙي سِٽا جي نقطئه نگاهه کان
ساڳئي سَطح تي بيٺل آهن. لفظن، تشبيهن ۽ استعارن ۾
جيترو زور هوندو اوترو ئي بيت چمڪندا. انهيءَ ڪري
’سينگار جا بيت‘ ادبي، لغوي ۽ معنوي لحاط کان لوڪ
ادب جي جان آهن.
سينگار جا بيت جيڪي سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن ڳايا آهن، سي دراصل
هِندي بيتن جي تَتّبَعُ آهن. پوءِ جڏهن بيت عام ٿي
ويا، تڏهن شاعرن پنهنجي ماحول کي گَهري نظر سان
ڏسي، سهڻيون سهڻيون تشبيهون تلاش ڪري پنهنجي بيتن
۾ آنديون.اِها به هڪ وِير هئي وَهي ويئي!
هندي شاعرن ۾ انيڪ شاعر ٿي گذريا آهن، جن عشق ۽ اُلفت، پيار ۽
پريت، هار ۽ سينگار جو ذڪر ڪيو اهي. پر ڇنڊ ڇاڻ
بعد ڏسبو ته ”بهاري لال“ (1603-1623ع) کي ئي هندي
جو مشهور حسن نواز شاعر چئي سگهجي ٿو. مهاراجا
جيسنگ هن جي قدرداني ڪندي کيس جيپور گهرائي،
پنهنجي درٻاري شاعرن جي صف ۾ بيهاريو. جڏهن بهاري
لال ’ست سُئِي‘ پوري ڪئي، تڏهن مهاراجا کيس ست سو
اشرفيون انعام ڏنيون
(1).
جيتوڻيڪ هن ميدان (عشقيه شاعري) ۽ ٻين هندي شاعرن
به ڪونتل ڪُڏايا آهن، پر وري به بهاري لال جي
شاعرانه قدم، وقت، جي مِڙني شاعرن جي گردن تي
رهيو. هن جي هندي شاعري جو سٽ ۽ مثال ملڻ محال
آهي، جئن سنڌي شاعرن ۾ جلال کٽيءَ جو جوڙُ ۽ جِيسُ
اَلڀُ آهي.
بهاري لال چوي ٿو
(2)
بُهوشن بهار سنبهار هي، کيون يه تن سُکُمار
سُودهي پاءِ نه دَهر پِرين سو بهاهين کي بهار
[بهوشن = ڳهڻا، زيور. سکمار = نازڪ. پاءِ = پير. دهر = ڌرتي،
زمين. سوبهاهين = شوبهاهين = سُونهن کان. ڀار =
بار.]
اي نازڪ (لاڏلي)، تون پنهنجي نازڪ جسم تي زيورن جو بار ڪيئن
سنڀاليندينءَ يعني برداشت ڪري سگهندينءَ (جو)
تنهنجا پير ته جوانيءَ جي بار کان زمين تي سِڌا
نٿا پون.
ڊيڻهِه نه پرَتُ سمانَ
بُهوشَنَ کَر، کَرَ کَس لَگَتَ |
دُتِ کَنَکُ کَنَکُ سين گاتَ
پَرَسِ پچهائي جاتَ. |
[ڊيڻهه = نظر، نگاه. پرت = پوي. سمان =۔ برابر، جهڙو، وانگر. دت
= چمڪ. کنک = سونُ. گات = جسم، سرير. کر =۔ هٿ.
کرکس = سخت. پرس = ڇهڻ، لڳائڻ. جات = سرير، ديهه،
بدن].
هن (عورت) جي جسم تي، جنهن جو رنگ سون جهڙو آهي، سونا زيور نظر
نٿا اچن؛ ڇاڪاڻ ته ٻنهي (زيور ۽ بدن) جو رنگ هڪ
جهڙو آهي. جڏهن هٿ لڳڻ سان سختي معلوم ٿئي ٿي،
تڏهن پتو پوي ٿو ته زيور ڪٿي آهي.
ڪيڏي نه نازڪ خيالي! اهوئي سبب آهي جو بهاري لال کي ’مها ڪوِي‘
(ملڪ الشعراء) سڏيندا هئا.
اسان جي سنڌي شاعرن، هندي عشقيہ شاعري کان متاثر ٿي پنهنجي وات
ورتي. جيتوڻيڪ طرز نرالي آهي، پر تڏهن به سينگار
جي بيتن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا گهڻا الفاظ آهن؛ ڇاڪاڻ
ته اهي ئي لفظ، اهي ئي تشبيهون، اهي ئي استعارا،
انهن ئي جاين تي آڻڻ عين مناسب نه هو، ورنه بيتن م
اهو رَسُ نه رهي ها. هونءَ به اها شاعرانه گتَ پئي
رهي آهي ته ڀروارين ٻولين مان، هنن رَڄُ جيترو
فائدو پئي ورتو آهي. اُهي ئي عروجِ ڪهڪشان تي پهتل
آهن، جن ٻين ٻولين کان گهڻو ڪجهه ورتو. جيڪڏهن
دائرو تنگ رکيو ويو ته زبانن ۾ اها وسعت پيدا ٿي
نه سگهندي، جا ٻين زبانن سان ادبي ميدان مرميچِي
سگهي. سنسڪرت زبان جو اڄ مرده ليکي وڃي ٿي، تنهن
جو به هڪ اهوئي ڪارڻ آهي.
سينگار جي بيتن ۾ به انهيءَ ڪري ئي ايڏي وسعت پيدا ٿي، جو اسان
جي مورن، هندي، شآعرن جي تتبع ڪرڻ کان موشو نه
ڪيو، ۽ هندي بيتن جي ڀران دل کولي بيت چيا. ڪن
حالتن ۾ سنڌي شاعرن، هندي تشبيهن سان گڏ پنهنجي
ترَ جون تشبيهون آڻي، اهڙي ته نازڪ انداز ۾ سينگار
جي بيتن جو شيرازو ٻڌو آهي، جو صدين گذرڻ تڪ به
ڪٿان شگاف نظر نٿو اچي. جلال کٽيءَ جا بيت اڄ به
داد لاءِ حاضر آهن، تنهنڪري انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ
نه ٿيندو ته اها لفظن جي ڏي وٺ مختلف زبانن کي پاڻ
۾ روشناس ڪرائڻ جو بهترين وسيلو آهي.
چڱين شين جو هرڪو ڪانکي رهي ٿو. اسان جي سدا ملوڪ شاعرن ۽
سگهڙن، هندي شاعري ۾ جيڪي سهڻيون ۽ پياريون
تشبيهون ڏٺيون سي کنيون باقي پنهنجيءَ مان پورت
ڪيائون. مثلاً: هندي شاعري ۾ ’پستان‘ جي تشبيہ
لاءِ ’ليمون‘ (تنهن کان مٿي)، ’ڏاڙهون‘، (تنهن کان
مٿي) ’ناريل‘، (تنهن کان مٿي) ’ڪينگرُ‘ يا ’لوٽو‘
اختيار ڪيو، ليڪن اسان جي سجاڳ سر مورن، پويون ٻه
تشبيهون ــــ ناريل ۽ ڪنگر يا لوٽو ڪڏهن به
استعمال نه ڪيون. هن مان سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن جي
ظاهري صفائي ۽ اَڇائي ۽ اُجرائيءَ کان سواءِ ذهني
صفائي ۽ سٺائي به معلوم ڪري سگهجي ٿي. حالانڪ اهي
تشبيهون به ڪم آڻي پئي سگهيا، پر هنن مناسب ۽
موزون نه سمجهو! ڇاڪاڻ ته تَرَ جي اها تقاضا نه
هئي. بهرحال ايترو چئي سگهبو ته سينگار جي بيتن ۾
۾ جيڪي تشبيهون پيش ٿيل اهن، تن جو مثال دنيا جي
شاعري ۾ ملڻ محال آهي. هيٺ اهڙا ٻه ٽي مثال ڏجن
ٿا، جن مان هندي شاعري جو سنڌي شاعريءَ تي اثر
نمايان نظر ايندو.
(1)
هَنسَ چَلَن، کَدَ ليهَه جَنگَهه، کَسڻ کيهَرَ،
جِمَ کِيهينَ
مُکهَه سِسَهَرَ کهنجرَ نَيَنَ کُچَ شِرِي پَهلَ، کَنڻَهنه
وِينَ
[ هنس = هنجهه. کدليهه = ڪيوڙو. جنگهه = ڄنگهه. کڻ = ڪمر،
چيلهه. کيهر = شينهن. جم = برابر، وانگر. کين =
سنهي، پتلي، مُکهه = مُنهن. سسهر = چنڊ. کهنجر =
خنجر. نين = اکيون. کڇ = اُڀريل ڇاتي. شري پهل =
ناريل. کنڻ =نِڙِي، گلو. وين = آواز.]
هلڻ هنجهه جهڙو، ڄنگهون ڪيوڙي جهڙيون (لسيون ۽ سڌيون)؛ چيلهه
شينهن جهڙي (پتلي)؛ چهرو چنڊ جهڙو؛ اکيون خنجر
جهڙيون؛ ڇاتي ناريل جهڙي (اُڀريل، اُٿيل) ۽ گلو
ڪوئل جهڙو.
ان هندي دوهي کان متاثر ٿي، جمال شاعر پنهنجو خيال هيئن پيش ڪري
ٿو:
هنج هلڻِي ڪَرَ ڪيلا، ڪٽِ ڪيهَرَ، آلِهيرَ ڍارَ
چند مُکِ، خنجرَ نيڻ سُچَ آنار، ڪوئل گفتار
قد سروان سُوڌو، نڪُّ آمي جي ڦار
اِهي هِن آطوار، جانب جا ته ”جمال“ چئي.
[ڪر = هٿ. اليهر = نانگ. سچ = پستان. انار = ڏاڙهون.]
هلڻي هنجهه جهڙي؛ هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا؛ ڪمر شينهن جهڙي ۽
اليهر نانگ جيان (ڊگها ڪارا وار بدن تي) ڍرندڙ؛
مُنهن چنڊ جهڙو؛ اکيون خنجر جهڙيون؛ ڇاتي ڏاڙهونءَ
وانگر، لات ڪوئل جهڙي، قد سرو کان سڌو ۽ نڪ انب جي
ڦار (وانگر سنهو ۽ وريل).
(1)
سندر، سوَوَن وَرَن تسُ، اَهر آلتا رنگ
کيسَرِ لنکي، کهين کٽ، کومل نيتر کڙنگ
[سندر = خوبصورت. سوون = سون. ورڻ = ورن = رنگ، تس = تهڙي. اهر
= چپ. التا = ڳاڙها. کيسر = شينهن. لنکي = لڪ
واري، ڪمر واري. کهين = سنهي. کٽ = ڪمر، چيلهه.
کومل = وڻندڙ، آبدار، نيتر = اکيون. کرنگ = هرڻ].
(اها) خوبصورت عورت، سولن جي رنگ جهڙي (آهي)؛ چپ ڳاڙهي رنگ جهڙا
(۽) چيلهه شينهن جي ڪمر وانگر پتلي؛ هرڻ وانگر
وڻندڙ اکيون (اٿس).
ديسي شاعر جي ٻڌ:
سونَ وَرنَي سوهڻي، آڌَرَ عجب گُل رنَگَ
ڪيسَرِ لَنڪي ڪامِڻي، ڪومَلَ نَيَن ڪُرنگ
ناس ڪَڪِيلو، ڪوئل بِيني، ڀِروَن ڀوَنر ڀوَنگ
تلِمهرَ وڌ تَرنگ، ٿي بيهوش ڪري ”بردو“ چئي.
[اڌر = چپ. ناس = نڪ. ڪڪيلو = چتون، طوطو. بيني = آواز. ڀونگ =
نانگ].
(اها) سون جي رنگ جهڙي ۽ چپ گلا جي گل جهڙا؛ نڪ طوطي جيان، آواز
ڪوئل جهڙو ۽ ڀرون نانگ جهڙا.
ٻنهي شاعرن جون تشبيهون، هر هڪ مثال ۾ قريب قريب ساڳيون آهن؛
البت فرق اهو آهي جو سنڌ جي شاعرن، تشبيهن ڏيڻ ۾
ٿوري وک وڌائي آهي، ٻيو ته هندي بيت ٻن مصرعن جو،
۽ سنڌي بيت چئن مصرعن جو آهي، جنهن ڪري معنيٰ ۽
مطلب وڌيڪ واضح ٿئي ٿو.
’سينگار‘. پراڪرت ’سِينگار‘. سنسڪرت ’شرِنگار‘ آهي، جنهن جو
ڌاتو يا نبياد آهي: شرنگ = ڪام ديو (عشق جو ديوتا)
جو اُڀرڻ + ر = وڃڻ. جنهن جي ڪرڻ سان من ۾ پيار
وڌي ٿو
(1).
سنسڪرت ساهت ۾ ’عشقيہ شاعري‘ کي ’شرنگار رس‘ چوندا
آهن. اها عشقيہ شاعري (يعني سنگار رس) بذات خود
’شرنگار رس‘ ناهي، مگر ان ذريعي ’شرنگار رس‘ پيدا
ڪري سگهجي ٿو
(2).
’رَسَ‘. پراڪرت ’رَسَ‘. سنسڪرت ’رس‘. ڌاتو يا
بنياد آهي: رَسَ = سواد وٺن، پيار ڪرڻ.
رس جا ٻه قسم آهن
(3)
(الف) جسماني يا طبعي ذائقي وارا رس: جنهن جا ڇهه قسم آهن: 1.
مِٺي رس 2. کٽي رس 3. کاري رس 4. ڪڙي يا ڪوڙي رس.
5. تِکي رس. 6. ڪساري رس.
حس يا ڪلپنا وارا رس، جنهن جا نو قسم آهن: 1. شرنگار رس (سنگار
رس يعنيٰ عشق، پريم) 2. هيه رس (کلائيندڙ) 3.
ڪَرُڻا رس (رحم، قياس، رقت آميز) 4. رودُر رس
(ڏمر، قهر، ڪوپ) 5. ويرَ رس (سورهيائي) 6. ڀيانڪ
رس (دهشت، هيبت، هراس) 7. ويڀتَسَ رس (ڪِرڀَ،
ڪراهت، نفرت، بڇان) 8. آد ڀُتَ (حيرت، تعجب، اچرج)
9. شانت رس (سانت، آرام، فرحت).
ڪڏهن ڪڏهن ڏهون رس ’واتسَليه‘ (ڪوملتا) به گڏين ٿا. انهن نون
رسن کي مولوي حبيب الرحمان هيئن لکي ٿو
(1)
1. عشق. 2. کلَّ (هنسي) 3. رحم 4. غضب 5. بهادري 6. دهشت 7.
نفرت 8. حيرت 9. اطمينان. اهي رس شعر جو مکيه جز
آهن؛ پر وشنوناٿ جي خيال موجب اهي رس شعر جي جان
آهن
(2)
مٿي ڏيکاريل آهي ته ’شرنگار رس‘، هندي شاعري ۾ عشق ۽ الفت تي
ٻڌل آهي. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌي سينگار ۾ به
اهوئي ‘شرنگا رس‘ موجود آهي.
”حقيقت ۾ ’رس‘ جي پيدا ٿيڻ، ’رس‘ جي لذت جو پيدا ٿيڻ آهي.
انهيءَ ڪري مجاراً چئي سگهجي ٿو ته ’رس‘ پيدا ٿيو.
’رس ڀري محفل‘، ’رس ڀرِي رهاڻ‘، ’رس رهاڻيون‘ ۽
’رس راوڻا‘. ساڳئي معنيٰ ۾ سنڌيءَ جا عام مروج
اصطلاح آهن. انهن اصطلاحن مان ظاهر آهي ته سنڌيءَ
۾ لفظ ’رس‘ جي اصل معنيٰ ۽ ماهيت وارو تَخَيُل
موجود آهي“
(3).
سنڌي شاعرن ۾ هندي شاعرن وانگر پنهنجي ڪلام ’شرنگار رس‘ پيدا
ڪرڻ جي انتهائي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو صحيح اندازو
سندن ڪلام مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن
شاعر جي ڪلام بلاغت انجام مان، گهڻي طبعي ۾ پڙهڻ
سان، ’شرنگا رس‘ وارو لطف پيدا ٿيو ته چئبو ته
واقعي سندس شاعري ۾ ’شرنگار رس‘ آهي. مطلب ته جڏهن
انسان عشق جا جذبا ظاهر ڪري ٿو، تڏهن چئبو ته هن
جا جذبا ’شرنگار رس‘ ڀريا آهن.
عشقيہ شاعري محض حُسن جي تعريف تائين محدود آهي. ان ڪري شاعرن
به محبوب جي رنگ روپ، جوڙ جنس، شڪل شباهت، قد
قامت، هاٺي ڪاٺي، رفتار، گفتار وغيره کي ڏسي،
پنهنجي بيتن ۾ به اُهي ئي تشبيهون ڏنيون. هي ته
ٿيو محبوب کي قدرت طرفان سهڻين وصفن جو عطيو پر
ظاهر ڇنڊ ڦوڪ، اُگهَه سُگهَه، ٺاهه ٺوهه، هار
سينگار ۽ سُڌار ۽ سَنوار به حُسن کي ٻهڪائڻ ۽
چمڪائڻ لاءِ واحد وسيلو آهي؛ جنهن ڪري شاعرن کي
محبوب جي تعريف ۾ وسيع ميدان ملي ويو. عورتون ته
ڪيترائي سينگار ڪن ٿيون، پر ماهرن ۽ محققن جي راءِ
پٽاندڙ، جملي ’سورهن‘ آهن، جن ڏانهن شاعرن ۽ اديبن
اشارا ڪيا آهن پياري لال چوي ٿو
(1)
ته: اسان جي ديس جي استرين جا ’سورهن سينگار‘
پراچين ڪال (قديم زماني) کان هنلدا اچن ٿا. مَلڪ
محمد جائسي به ائين چوي ٿو
(2):
سورَهَه کَرا سَنپُورَنَ، آو سورَهَو سِنگارَ
آب اوهيه بهانِت کَهَتَ هَون، جَس بَرَ نَي سنارَ
(’سورهن گڻن‘ سان ۽ ’سورهن سينگارن‘ سان ڀريل هاڻي اهو نمونو ٿو
چوان، جئن سنسا چوي ٿو.)
دِيرَ گهه چهارِ، چهارِ لَگُهه سوئِي
سُبَهر چهارِ، چَهُنه کِهينو هوئِي.
(ديرگهه = ڊگهيون. لگهه = ننڍيون سبهر= سڀر، ڀريل (ماس سان).
چهنه = چار. کهينو = سنهيون)
(چار چيزون انهن ۾) ڊگهيون چار، چار ننڍيون آهن
(چار چيزون انهن ۾) ڀريل چار، چار سنهيون آهن
چار ڊگهيون (چيزون)، چار ننڍيون چار ڀريل ۽ چار سنهيون، جملي
سورهن (چيزون) ٿيون. اهي ڪهڙيون چيزون (محبوب جون)
آهن، تن لاءِ ملڪ محمد جائسي هيئن چوي ٿو
(1)
1. پرَتَهمَ کيسَ دِيرَ گَهه منَ موهي، آو دِيرَ گهه آنگُرِي کر
سوهي
دِيرَ گهه نين تِيکهه تنهه ريکها، دير گهه گِيهءُ، کنڻهه، تِين
ريکها
(پرتهم = پهريون. کيس =وار. ديرگهه = ڊگها. او = به انگريز =
آڱريون. کر = هٿ. نين = اکيون.تيکهه = تِرڇي.
گيهءُ = ڳچي. کنڻهه = نِڙي، گلو. تين = تي. ريکها
= لِيڪون.)
يعني ڊگهين چيزن ۾. پهريون وار (جي) من کي موهين ٿا، ۽ ڊگهيون
آڱريون (جي) هٿين سونهن ٿيون. ڊگهيون اکيون ترڇي
ڏسن ٿيون، ڊگهي ڳچي (ڪنٺ) هيٺان ٽي ليڪون.
1(2).
پُنِ لَگُهه دَسَن هو هِن جَنُ هِيرا
لگُهه لِلاڻـ چُهوئِج پَرَ گاسُو |
آولگُهه کُچق اُتَنگ جنبِهيرا
اَو نابِهي لگُهه، چندن باسُو |
(پن = پڻ، وري. دسن ۔= ڏند. هوهن = آهن. جن = ڄڻ. کچ = پستان.
اتنگ = اڀريل مٿي ٿيل. جنبهيرا = نارنگي. للاڻـ =
پيشاني، نرڙ. چهوئج = ڌويج = چنڊ. پرگاسو = پر گاس
= پرڪاش، چمڪ. او = ۽. نابهي = دُن. چندن باسو =
چندن جي خوشبوءِ وارو.)
يعني ننڍين چيزن ۾: ننڍڙا ڏند هيرن وانگر ڄاڻ، ۽ ننڍا پستان
نارنگيءَ وانگر اُٿيل،ننڍي پيشاني هِلال نما (چنڊ
وانگر)، ۽ (ننڍو) دُنُ چندن جي خوشبوءِ وارو.
2. ناسِکَ کهِينَ کَرگَ کَي دهارا،
کهِين پيڻـ جانَهنُ نَهِن آنتا، |
کهيينَ لَنکَ جَن کيهَرِ هارا
کهِينَ اَدهر بَدرُمَ رَنگَ رانا |
(ناسکا = نڪ. کهين = سنهو. کرگ = ترار. لنک = ڪمر، چيلهه. کيهر
= شينهن. هارا = هارايو، شڪست کاڌي. جانهن نهن
آنتا = ڄاڻ ته اُن ۾ آنڊا آهن ئي ڪونه. ادهر = چپ.
بدرم = مَرجان.)
يعني سنهين چيزن ۾: سنهو نڪ تلوار مثل(۽) سنهي ڪَمر شينهن کي
شَهه ڏيندڙ، لڪدار پيٽ جنهن ۾ ڄڻ آنڊائي معلوم نٿا
ٿين؛ سَنها چپ مرجان مثل (ڳاڙها).
3. سُبهَر کَپولَ، ديکهه مُکهه سوبها، سُبهرَ نِتنبَ ديکهه منَ
لوبها
سُبهر کلائِي اَتِ بني، سُبهر جنگهه، گج چالَ
سوَرَهه سِنگارَ برَنِ کي کرَهن ديوتا لالَ.
کپول = رخسار، ڳل. سوبها = سونهن. نتنب = ٻُنڊڻ. کلائي = ڪرائي.
ات بني = گهڻي ٺهندر، سُونهئيندڙ. سبهر جنگهه =
ڀريل رانون. ڳچ چال = مستانه چال، سهڻي چال. برن =
ورن، واکاڻ، تعريف. کرهن =ڪن ٿا. لال = تمام گهڻو
چاهه.)
يعني ڀريل چيزن ۾: ڀريل ڳل، جن کان منهن خوشنما لڳي. ڀريل ٻُندڻ
(جن کي) ڏسي من موهجي وڃي. ڀريل ڪرايون ۽ ڀريل
رانون گهڻو ٺهندڙ ۽ سهڻي چال (چالو ــــ لوڏ) هجي.
سورهن سينگارن جي واکاڻ ڪرڻ سان ديوتا به چاهنا
(آرزو) رکن ٿا.
مٿئين مثال مان ظاهر آهي ته اهي سورهن وصفون، ’پدماوت’ کي فطرت
طرفان عطا ٿيل آهن، جن کي جائسي ’سورهن سينگار‘
سڏيو آهي.
وزير بيگم ضيا جيڪي چار چار چيزون ڪري ’سورهن سينگار‘ ڳڻيا آهن
(1)
سي به فطري سينگار آهن:
چار شيون ڊگهيون ٿينديون آهن: 1. وار 2. آڱريون 3. اکيون 4.
ڳچي.
چار شيون ننڍيون ٿينديون آهن: 1. ڏند 2. پستان 3. (هلال نما)
پيشاني 4. دُن.
چار شيون ڀريل (نرم) ٿينديون آهن: 1. رخسار 2. ٻنڊڻ 3. ڪرائي 4.
رانون.
چار شيون سنهيون ٿينديون آهن: 1. نڪ 2. ڪمر 3. پيٽ 4. لب.
انهن وصفن يا سينگارن سان ظاهري يا مصنوعي هار سينگار جو ڪو
واسطو نه آهي. شاعرن، اديبن ۽ لغت نويسن، عورت جي
ظاهري يا مصنوعي سينگار جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ سڀني
’سورهن سينگارن’ تي ئي اڪتفا ڪئي آهي. بهرحال
ايترو ثابت ٿيو ته سينگار بن قسمن جو آهي. (1)
حقيقي يا فطري سورهن سينگار، (2) مجازي يا مصنوعي
سورهن سينگار، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
1. حقيقي يا فطري سورهن سينگار
فطري سينگار جا مٿي مثال ڏنا ويا آهن. اهڙا ٻه ٽي مثال به ڏجن
ٿا جئن فطري سينگار ۽ مجازي سنيگار جو پوريءَ پر
امتياز ڪري سگهجي. شاعرن ۽ سگهڙن اهو فطري سينگار
چئن هلندڙ، چئن اُڏامندڙ، چئن گلن ۽ چئن ميون ۾
ڏيکاريو آهي
(1):
چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦوول، ڦل چار
اي سولهن سينگار، اَڀرن هين اَٺ چار
شاعر، محبوب جي حسن جي سورهن فطري وصفن يا خوبين کي، چئن هلندڙ
شين، چئن اُڏامندڙ شين، ئن گلن ۽ چئن ميون ۾ ڏٺو
آهي. يعني شاعر جي خيال موجب، محبوب انهن ئي سورهن
فطري سينگارن سان سينگاريل هجي. وري سندس حسن کي
دوبالا ڪرڻ لاءِ اڀرن (ڳهڻن، زيورن) جو پڻ ذڪر ڪيو
آهي، جي شاعر جي خيال موجب اٺ (8+4) يعنيٰ ٻارهن
آهن. شاعر مٿئين دوهي ۾ فطري وصفن جي وضاحت هن ريت
ڪري ٿو:
چار چلنت
مرگهه تُمهاري نين هين، ڪٽ چيني بنراج
گُهونگٽ وان ڪوتُري ڪو ڊَگ چالي گجراج
چئن هلندڙ (جانورن) جا نالا: 1. مرگهه (هرڻ) 2. بنراج (شينهن)
3. تري (گهوڙي) 4. گجراج (وڏو هاٿي، هاٿين جو
سردار)
نين = اکيون. ڪٽ = ڪمر. چيني = سنهي. وان ڪو = ان جو. ڊگ هلڻ،
چال.
(اي محبوب) تنهنجون اکيون هرڻ جهڙيون؛ چيلهه شينهن جهڙي (پتلي ۽
لڪدار)؛ ناز ۽ نخرو گهوڙيءَ جهڙو (شانائتو ۽
گنڀير) ۽ هاٿيءَ جهڙي (ڌيمي ڌيمي) لوڏ آهي.
چار اُڏنت
ناس ڪڪِيلو، ڪوئل بيني، ڪنٺ هاري مور
ڀِرون سجن ڪي شام هين، يون چمپاتي ڀونر
چئن اُڏامندڙن جا نالا: 1. ڪڪيلو (طوطو ۽ چتون) 2. ڪوئل 3.مور
4. ڀونر.
بيني = آواز، ڳالهائڻ، ڪنٺ هاري = ڳچي واري. شام = شيام = ڪارا.
يون = جئن. چمپو = گل جو قسم، جنهن جي گلن جو رنگ
هلڪو پيلو ٿيندو آهي.
نڪ طوطي جهڙو (ڪنڍو)، ڳالهائڻ ڪوئل جهڙو (مٺو)؛ ڳچي مور جيان
(ڊگهي ۽ سنهي)، ڀرون ڪارا جي سهڻي ۽ سون ورني چهري
تي ائين سونهن ٿا، جئن چمپي گل تي ڀونر.
|