سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :11

 

ست سري

’لوڪ ادب‘ جي اها صنف، جنهن ۾ ڪي به ستَ سُرَ آيل هجن، جهڙوڪ مومل راڻو، سسئي پنهون، ڀوري ڦُل وَڌو، بُوبنا جرارڙ، ليلان چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي وغيره. هن عنوان جو تعلق خاص بيتن سان آهي. سُرِي = سُر + اِي. سُرُ. پراڪرت. سَرو. سنسڪرت سوَرَ آهي، جنهن جو ڌاتُو يا بنياد آهي: سور = آواز ڪرڻ. (1)

لوڪ ادب جي مواد ۾ ’ست سُرو‘ به ملي ٿو (2)، ليڪن اُن جو تعلق ستن قسمن جي بيتِي مواد سان آهي. يعني اهو ڪتاب، جنهن ۾ مختلف بيتن جا ست باب آندل هجن. جهڙوڪ ڪانگل جا بيت، فراق جا وڇوڙي جا بيت، کينهي جا بيت، سارنگ جا بيت، بروري جا بيت، سسئيءَ جا بيت، متفرقا بيت وغيره. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪتاب ۾ مختلف اَٺ باب آهن ته اَٺ سُرو؛ نو ته نو سَرو وغيره ڌئي سگهجي ٿو.

جئن ته ’ست سري‘ جي بيتن جو تعلق ڏوهيڙن سان آهي، تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جئن ڏوهيڙي ترقي ڪئي، ۽ مختلف قسم جا ڏُهيڙا ميدان ۾ ايندا ويا، تئن ست سُري به آئي؛ ليڪن بعد ۾ ’ست سريءَ‘ کي وڌيڪ سهڻي بڻائڻ لاءِ منجهس ’هنري‘ معنيٰ به رکي ويئي، تا ته ڀڃندڙ ڀل ٻنهي پاسي خيال جي ڊوڙ ڊوڙائي. ڪڏهن ظاهري سر هڪڙو رکي، معنيٰ وري ٻئي سر جي وٺندا آهن. ست سريءَ جو اهو هڪ انوکو قسم آهي، جنهن کي پوريءَ طرح نباهڻ ۾ سگهڙ ۽ ڳولا فخر محسوس ڪندا آهن.

ست سريءَ جا ڪي بيت اهڙا آهن، جن ۾ ست ئي سر موجود آهن ته ڪي وري گهٽ وڌ وارا به آهن. سگهڙن جي سٽا مطابق، بيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار سر ضرور هجن. جيڪڏهن ستن کان وڌيڪ يا گهٽ سر آهن ته به اُهو بيت ’ست سري‘ ۾ داخل آهي.

’ست سري‘ کي ٽن نمونن ۾ ورهائي سهگجي ٿو: (1) هنر کان ٻاهر يا سڌي سڌي سنواٽي (2) هنر ۾ (3) ڳجهارت ۾. ست سريءَ جي انهن ٽنهي قسمن ۽ ان جي وڌيڪ سلسلي جو خاڪو هيٺين ريت بيهي ٿو.

 

1. هنر کان ٻاهر يا سڌي سنواٽي

1. موکي متارن لاءِ، ٿي سُرڪِي سنجوهي

سهڻي منهن مهراڻ جي، ڇِمڪي پئي ڇوهي

پنهل ڪاڻ سسئي، پئي رندن تي روئي

ليليٰ خاطر مجنون، ڇڏيو ولين وروهي

مومل محلاتن ۾پئي، مردن کي موهي

سِر جِي صدا سُر ۾، چنگ پيو چوئي

ليلان، چنيسر لاءِ پار ڪڍيو پوئي

لنڊي ويئي لوئي، لوڪ ۾ ”لعلڻ“ چوي.

مٿئين بيت جي هر مصرع ۾ هڪ سر آيل آهي. موکي متارا، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، ليليٰ مجنون، مومل راڻو، سورٺ ۽ ليلان چنيسر، سر سڌا سنوان بيٺا آهن، منجهن ڪابه هنر واري لڪ رکيل نه آهي.

(2) ليليٰ مجني محبت سندي ۽ سسئي پنوئا

سهڻي ساهڙ لئي، ليلان ڄام چنيسر لا

مارئي منڌ ملير ۾، محبت مارن سا

راڻي جي رهاڻ کي ٿي مومل سِڪا

هير رانجهو ري مري، جنهن جا عشق پيچ اڙيا

”جعفر“ چوي آڀرو، مون پسڻ اميد احمد ڏا.

پهرين ٻن مصرعن ۾ ٻه سر، باقي ۾ هڪ هڪ سر آندل آهي: ليليٰ مجنون، سسئي پنهون، سهڻي ساهڙ (ميهار)، ليلان چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو ۽ هير رانجهو.

ست سريءَ جا ڪي بيت اهڙا آهن، جن جي ٻن ٻن مصرعن ۾ هڪ سر سمايل هوندو آهي، جنهنڪري هرهڪ سر جي وضاحت پڙهڻ سان ئي معلوم ٿيندي آهي. اهڙن بيتن مان نموني طور هيٺ به بيت ڏجن ٿا.

(1)

1. جهوري جهنگ سيال منجهه، هير کي هيڪاندي

رمز لڳس رانجهن جي، چست ٿي چاندي

2. سهڻيءَ ڪارڻ سُرڪي عشق کڻي آندي

دلي ريءَ درياه ۾ هئي ميهر لئي ماندي

3. جئن زليخا يوسف لئي هئي جگر ۾ جلندي

عشق هڻي عريان ڪيس، ڪيئن سور سڀئي سهندي.

4. جنهن ڪَتيون پِريَنِ پاندڙيون، راءَ بنان رهندي؟

هيس ڪونروءَ واري ڪار اندر ۾، وتي چنسر چوندي

5. پيا ياد پنهوار کي سُورن ۾ سڀ سانگي

مامرو ٿيو مارئي لئي جڏهن بَند ٿي باندي

6. هئس جيءَ اندر جولان گهڻا، هئي مَلڪه به ماندي

سنگت ڪيائين صيفل سان، جنهن امانت آندي

7. سسئيءَ پئي سڏڙا ڪيا، وئي قافن تئون ڪَهَندي

کڻي پير پنهل جا، وڃي ويچاري وَهَندي.

مُئي پڄاڻا موت جي ٿيندس ڪيچ ڌڻي ڪانڌي

پرين پيرانڌي، هجي ساڻ ”حجم“ چوي.

(2)

1.   محبت مجنون مست ڪيو هو، جنهن نِپَٽ نِينهن نِوايو هو

کاڌو زهر خوشيءَ سان مجني، جئن کنڊ ۾ کِير ملايو هو

2. سهڻي سَرڪ سُڌير ڪئي، جو پرين پاڻ پسايو هو

ميهر سان مولا پاڪ هن جو روح رُلايو هو

3. مومل، سومل، سَهجان، جن خوني کُوهه کڻايو هو

سا ڪَلَ ڀڳِي هئي عقل سان، راڻي رنگ رهايو هو

4. سسئي پيچ پنهونءَ سان لِکئي آڻي لايو هو

اِيندي هوتن، ويندي جَتن، ٻانڀڻِ کي نه ٻُلايو هو

5. ماڙيءَ هيٺ ملوڪ جي، ڪنهن چارڻ چنگ وڄايو هو

مال خزانا تنهن کي ڏِنئون، پر منگتي مال موٽايو هو

6. آندءِ ٻانهَن، لڳي وئي دانهن، تو عمر عقل اجايو هو

حيلا هنر حمير هلايا، پرنارِ نه ڪنڌ نمايو هو

7. بهاني تي ڀوريءَ جي طعني ڦُل تپايو هو

بيهي دَرَ مٿي برتَن تَنهين پاڻ ڀڃايو هو

قربان وڃان تنهن قادر تان، جنهن ڪلمون پاڪ پڙهايو هو

رنگ رَتو ”رمضان“ چوي، باريءَ بِرهه بڻايو هو. (*)

بيت، جنهن ۾ ڇهه سر آهن

1. سامونڊي سفر هليا، هالاڻي جي هاڪ تي

2. ڪئين سوڍا، ڪئين سومرا، ڪاهي آيا ڪاڪ تي

3. منهنجا مارو ملير ۾، آهن ٿر واري ٿاڪَ تي

4. ليلان وَر وڃائيو، چرخي سندي چاڪَ تي

5. سهڻي هلي سِيرَ ۾، دلِي جي دِيماڪ تي

6. هُن سِرُ ڏنو سُرَ تي، هُوءَ ڏوليءَ مان ڏاڪَ تي

7. يا عُمِرِ ”يارُو“ چوي، ننگ آهي پرور پاڪ تي

بيت، جنهن ۾ پنج سر آهن

هيٺ اهڙا ٻه بيت شامل ڪجن ٿا، جن ۾ هڪ هڪ سُر ٻن ٻن سٽن ۾ سمايل آهي.

(1)

1. ليلان ڪؤنرو پاڻ ۾، ڪيو سودي جو سعيو هو

هن هار وٺي ڀتار ڏنو، جنهن کِلندي وَرُ کسايو هو

2. تندن جي تاء کان جنهن راجا راءُ ريجهايو هو

مان خزانا ماڻڪ ميڙي، لَنگهي لاڳ ڏياريو هو

3. هيءَ جا امانت آندءِ هِتڙي، سَتِيءَ سِيرُ ملهايو هو

رکي پَت پنهوار تي، ياري بيشڪ بچايو هو

4. ڀائر گهر نه آئيا، جن کي مَڇَ کائي کپايو هو

پرور رکندس پاڻ ڌڻي، سِرڙو جنهن سَهايو هو

5. مومل، سومل، سوڍي، سَهجان، طلسم ساڻ ڪمايو هو

ڀيد ڀڳو هو راڻي هڪڙي، جنهن کي عقل سوايو هو

6. مرندي ويل مهراڻ ۾، سهڻيءَ سڏ سڻايو هو

محبت ميهر يار گهڻيري، جنهن کي اُت آڻايو هو.

(2)

1. ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن باريءَ وسايا بَر

پڪيون بارانيون بَر تي، جتي هارين ٻڌا هَر

2. ڇيلا ڇوڙي ڇڏيئون ڦوڳن پاسي ڦَر

پهرائي مال هليا ويا، پَرڀرا پنهور

3. سِيرَ سٽيو تنهن ڪامِڻ کي جنهن هلايا هنر

پاڻي ۾ پهچي ويو دوست سندس دلبر

4. ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪيترا باغ هئا بهتر

طلسم هوش رُبا هو، ٻيون آفتون اڙ گر

5. رِڻُ رائو، پٿر پوٺا، جهاڳيا جهنگل جَهرَ

پاسي پار پرينءَ جي رڙهي ريءَ رهبر

6. ور ڏنائين واٽ سان، تڏ پيس قلب ڪَٽر

ترِي ڪڍيائين نار کي، ٿيس زندگي زهر

7. ڪنڌ لهي ويس ڪانڌ جو، ڪِينري تي ڪونڌر

سونيون پٽيون سِر تان ڇِني، لٿس ڪوڏ ڪپر

8. بِره ۾ ”بادل“ چئي، ويٺو هيٺ شجر

نڪتو پّٽ پڌر، جڏ پيس پڙلاءُ ڪنن تي.

مٿئين بيت جو سرُ ٻَڏل آهي. البت هيٺين اهڃاڻن ۽ اشارن مان پتو پوي ٿو. 2. عمر مارئي 3. سهڻي ميهار 4. مومل راڻو 5. سسئي پنهون 6. ليلان چنيسر 7. سورٺ. ڪنيرو = سازن جو قسم. ڪوڏ = خوشي ڪپر =ڪافور. لٿس ڪوڏ ڪپر = سورٺ جون خوشيون هليون ويون. 8. ليليٰ مجنون. بره = وره، فراق، وڇوڙو، عشق. شجر = وڻ. مجنون، ليليٰ جي گهر سامهون وڻ هيٺ ويٺو هوندو هو ته جئن دلبر جو ديدار پسي سگهي. جڏهن مجني کي خبر پيئي ته ليليٰ لڏي ڪنهن ٻئي ديس وڃي رهي آهي تڏهن سندس ڳولا ۾ پٽَ لتاڙڻ لڳو.

ستَ سريءَ جي هيٺئين بيت ۾ ٻارهن سر آهن: يوسف زليخا ليلان چنيسر، ڀوري ڦل وَڌو، سورٺ، ليليٰ مجنون، هير رانجهو، مومل راڻو، عمر مارئي، شيرين فرهاد، سيفل بديع، سسئي پنهون ۽ سهڻي مهيار. بيت جي ڪن مصرعن ۾ سگهڙ نزاڪت رکي آهي جو مصرع جي اڌ ۾ هڪ نالو ته باقي ٻئي اڌ ۾ ٻيو نالو، ته جئن جوڙو پورو ٿئي.

1. آسر ويلي خواب ڏٺو زخليخا ڪنعاڻ

2. چيو چنيسر ڄام کي ليلان، ڪر پرچاڻ

3. ڦل وڌا تِک تاب ۾، توکي ڀوري ڄيرو ڄاڻ

4. راء بنان گرنار ۾ سورٺ نه ڪجهه وَڻاڻ

5. ليليٰ نه ستِي سيج تي، هوس مجنون ته مٺاڻ

6. هِير ته ڪنواري رهي، رانجهن مست منجهين ساڻ

7. سوڍي سِڪ نه لاٿي، تون مومل ننگ سڃاڻ

8. عمر وڇوڙي کيت ڪنان سا ٿريلي ٿرياڻ

9. فرهاد ڏونگر ڏاريا هئا، ڪئين ته شيرين ڪاڻ

10. بديعل گهاري گهر ۾، ڪري سيفل ساڻ

11. سسئي سورن ۾ ڄائي، سا پرڻي پنهل ساڻ

12. سهڻي ميهر ڪاڻ، مر مرڪي مهراڻ ۾.

ست سري هنر ۾، پر سر کان ٻاهر

1. سسئي رهي سڃَ ۾، ٿي کائي ٽولاڪا ٽِپرَ

2. مول رهي مذڪور ۾، جنهن کان ويو ڪانڌ ڪپر

3. ساميءَ کان سر ويو، برتن رکيو منجهه بر

4. سهڻيءَ سِر ڦٽو ڪيو، تڏهن ڏمريس ڏاتر

5. ليلان ئي تن لڪن ۾، ويا چائي چنيسر

6. مارئي ڀانئين عمر کان، ٿي ڪيس فريادون ڦر

7. ”امام بخش“ آپر، اَٿئي، مون کي انهيءَ مذڪور جو.

انهي بيت ۾ هي سر آيل آهن: سسئي پنهون، مومل راڻو، ڀوري ڦل وَڌو، سهڻي مهيار، ليلان چنيسر ۽ عمر مارئي. ظاهري طرح هرهڪ سر پنهنجي معنيٰ بلڪل پوري رکي ٿو،پر مخفي معنيٰ وري ٻي اٿس. جنهن تي ساري بيت جومدار آهي: چون ٿا ته جمجما سلطان ڪيترائي بڇڙا ۽ بدترين ڪم ڪيا، جنهن کان الله تعاليٰ ناراض رهيس. ناراضگيءَ جو هڪ هي به سبب هو ته هن هڪ گڏهه کي جيئري ئي زمين ۾ پورايو هو، جا پنهنجي ڦرَ سان جهنگ ۾ چري رهي هئي. ڦرڙي ويچاري هي ظلم ڏسي، هِينون ڦُٽي دانهن ڪيون، جي الله تعاليٰ ٻڌيون. جڏهن سلطان مئو، تڏهن ملاڪن سِسِي ڌڙکان ڌار ڪري، قبر کان ٻاهر ڦٽي ڪئي، جا ڪيترائي سال چوپائي مال ۽ ڌنارن پئي ڌِڪِي. هڪ دفعي حضرت عيسيٰ کوپري کي رستي ۾ ڏسي، خيال ڪيو ته هن ۾ ساهه پوي ته کانئس حقيقت وٺان. الله تعاليٰ جي حڪم سان سِسيءَ ۾ ساه پيو، جنهن سمورو قصو ڪري ٻڌايس.

مٿئين هنر ۾ جمجما سلطان واري انهي قصي بابت لفظن جي جيڪا رمز رچيل آهي، ان جو وچور هن ريت آهي: 1. سسئي = سِسِي، کوپري، ٽِپر = ٽِڪِڻِ، کوپري. 2. مومل، اشارو قبر ڏانهن. ڪانڌ ڪپر = ڪنڌ ڪوپر، سِسِي. 3. سامي = قبر. برتن = کوپري. 4. سهڻي = سُڻي، ٻُڌي. سير = سچ، سِيل 5. ليلان ئي = ليلائي، دانهون ڪري، چائي = (سرائڪي) = کڻي. چنيسر = چا (کڻي) + ني (وڃي) + سر = سر کڻي وڃي. ڌنار سِرُ کنيو پيا ٿڏين. 6. مارئي = مارو هِي، هِي مارو. عمر = اَمر، قسمت. فريادون ڦر = ڦرڙي (گڏهه جي) فريادون پئي ڪيون. جمجما سلطان هي مارو اَمر کان ڀانئين، ڇو ته ڦرڙي فريادون ڪيون هيون. اپر = هزار، گهڻو.

مختلف سرن تي ٻڌل ست سريون (هنر ۾)

(1)

1. ڏوري ڏونگر ۾ ڏٺءِ اُتي ڪپ ني

2. واپار تي ور مٽيو هوءِ اُتي ڪپ ني

3. پريت مان پار رَسي، اُتي ڪپ ني

4. ”مري“ چوي مارئي تي ٿيو هو قهار ڪپ ني

ڪاهي اچئي ڪوٽ تي، ڪو عمر ڪپ ني

5. وٺي ور واٽ ويا، اُتي ڪپ ني

6. سهاڳ سر ڏيڻ کان، اُتي ڪپ ني

7. ڪريو هو ڪپ ني، جي ماڇي ماڪڙ لعل ٿيا.

مٿئين بيت ۾ سواءِ مارئيءَ جي، ٻيا سر ظاهر نه آهن. اهڃاڻن مان پروڙي وٺجي ٿو ته:

1. سر مومل راڻو. ڏوري = ڳولي. ڏونگر = ڏُون (سرائڪي) = به + گر = گهر ۾. ٻه گهر ۾ ۾. ڪپ ني = ڪُهه ني، مارنيي، وَڍنِي. اي راڻا، جڏهن گهر ۾ ٻه ڄڻا ڏٺا هُيهءِ، تڏهن هڪدم ڪُهيي ڇڏين ها.

2. ليلان چنيسر. ڪپ ني =ڪپي ڇڏ ني. پاڻ کي ماري ڇڏ. اي ليلان، جڏهن تو مڙس کي هار تي مٽي ڇڏيو هو، تڏهن ئي پاڻ کي ڪپي ڇڏين ها.

3. سهڻي ميهار. اُتي ڪپ ني. پهرئين (درياه جي) ڪپ تي ني. پَرئِينءَ ڀرِ درياه جي.

4. عمر مارئي. ڪپ ني = ڪوپ ني. ڪوپ = ڪاوڙ، غصو، ڏمر. ”مري“ چوي ٿو ته ”مارئي جي انڪار تي عمر ڪاوڙجي قهار ٿيو هو. ڪپ ني = ڪمپني. اشارو لشڪر ڏانهن. اي عمر، تو تي ڪا فوج ڪاهي اچي.

5. سسئي پنهون. اُتي ڪپ ني= انهيءَ ئي جاءِ تي پاڻ کي ڪپي وجهين ها ني. ان ئي مهل، جڏهن توکي سجاڳي ٿي هئي ۽ ڏٺو هوءِ ته پنهل پاسي ۾ ڪونهي، تڏهن ئي پاڻ ماري وجهين ها.

6. سورٺ. اتي ڪپ ني = اُتيئي پاڻ کي اُڦٽ ماري وجهين ها. پنهنجي سهاڳ جي سر ڏيڻ کان اڳ ئي پاڻ ماري وجهين ها.

7. ڪپ ني = ڪپ = چاقو، ڇُري + ني. حضرت ابراهيم جي ڪاتيءَ ڏانهن اشارو. مٿي (اڇلائڻ وقت) ماڪڙ کي ۽ هيٺ (ڪرڻ وقت) مڇيءَ کي لڳي، جي ٻئي حلال ٿيا.

شاعر ڇهه سر ڪم آندا آهن ۽ ستون حضرت ابراهيم جي قرباني  ڏيڻ واري واقعي ڏانهن اشارو آهي.

(2)

1. وَٽي کائي مارئي، وَٽي تان نه وَٽي

2. ليليٰ ڏنو ٻانهيءَ کي وجهي منجهه وَٽي

3. ڪامڻ پنهنجي ڪانڌَ لاءِ هلي وير وٽي

4. ليلان پنهنجي لاڏ کان ويٺي ڪِين وٽي

5. سهڻيءَ کي سِيرَ ۾ وِڌو آ وِير وٽي

6. خوني خاطر خليل جي، ويٺو هو وِيرَ وٽي

ويٺو هو وِيرُ وٽي، جڏ پيس پڙلاءُ ڪنن تي.

مٿئين بيت ۾ ڇهه سر: عمر مارئي، ليليٰ مجنون، سسئي پنهون، ليلان چنيسر، سهڻي ميهار ۽ سورٺ آهن؛ جي هنر جي معنيٰ رکن ٿا، جيڪا هيٺين ريت آهن.

1. عمر مارئي. وٽي کائي = وَٽي ۾ کائي. وٽي تان نه وٽي = بدن ۾ ساڄِي ٿيئي يا نه. مارئي، عمر جي وٽي (ٿانوَن) ۾ کڻي کائي پر بدن ۾ مچي يا نه يعني عمر جي وَٽن ۾ کڻي کائيندي، ته به بدن ۾ ڪين وَٽيندي.

2. ليليٰ مجنون. مجنون ليليٰ جي ديدار لاءِ وڻ هيٺان ويٺو هو. ليليٰ، ٻانهيءَ کي وَٽي ۾ ڪُٽي وجهي مجني ڏانهن موڪلي.

3. ڪامڻ = عورت. اشارو سسئي ڏانهن. ڪانڌ = مڙس، ور، وِير = بهادر. وَٽي = پڪ ڏيئي، سندرو وٽي يعني تيار ٿي. سسئي،پنهنجي مڙس جي ڳولا ۾ سَهِي سنبري نڪتي.

4. ليلان چنيسر. لاڏ = قرب، پيار، ويٺي ڪانه وٽي = فائدو. وٺي نه ويٺي. چنيسر جو تمام گهڻو پيار هوس، پر انهيءَ کان کيس ڪو فائدونه پهتو، اٽلو کيس ڏهاڳ جو ڏينهن ڏسڻُ پيو.

5. سهڻي ميهار. وِير = پاڻيءَ جو تيز وهڪرو. وَٽي = سَٽي، ماري. سهڻيءَ کي درياهه جي تيز وهڪري هڻي سَٽي وڌو، جو ڀيلو ڀرڻ لڳس ۽ پرينءَ وٽ پهچي نه سگهي.

6. سورٺ. خليل = دوست. اشارو راءِ ڏياچ ڏانهن. وير = بهادر. اشارو راءِ ڏياچ ڏانهن. وِيرَ وٽي = وِير (راءِ ڏياچ) لاءِ وٽي. ويٺو هو وير وٽي = راءِ ڏياچ لاءِ سُرندي جون تارون وَٽي يعني تيار ڪري ويٺو. ويٺو وٽي = ويٺو شَهر وٽي يعني خوش ٿئي. خوني ٻيجل، راءِ ڏياچ لاءِ سُرندي کي ٺاهي رکيو هو، رڳو وڄائڻ جي دير هئي. جڏهن بيجل سُرندي تي گز هنيو ۽ سُرَ ۾ سِرُ جي صدا ڪيائين، تڏهن راءِ ڏياچ خوش ٿيڻ لڳو.

(3)

1. صبح سوالي منگتو آيو منجهه تارن

هُو بيراڳڻ محلن ۾، سان مُٺي تارن

2. مڻئي تي موهت ٿي، تڏهن تڙي تارن

3. جاڳڻ ڪيائين ڪونه ڪو، ڏوهه ڏئي تارن

4. سُهج مليا هَس ڪيترا، ته به ڪيائين تارن

5. پهرين پَهر مهراڻ ۾، گهڙي منجهه تارن

شَهه تاري، شَهه تارن، ڪئي ديواني ڪوڙي چوي

هن ست سريءَ جو سُرُ ٻٽيل آهي، ليڪن لفظي پڇاڻ مان پتو پوي ٿو.

1. سورٺ. منجهه تارن = تارن منجهه اڃا آسمان ۾ تارا بيٺا هئا، يعني تمام سويل صبح. بيراڳڻ = بيراڳڻ. اشارو سورٺ ڏانهن. مٺي تارن = سرندي جي تارن مٺس، سرندي جي آواز ماري وڌس، سرندي ماري وڌس، جنهن ڪري محلات ۾ آرام ئي حرام ٿي ويو.

2. ليلان چنيسر. مڻئي تي موهت ٿي = ڪوڙي هار تي هرکجي. تارن = تا = ته + رَن (ليلان). جڏهن مڻئي تي موهت ٿي مڙس مٽيائين تڏهن ته چنيسر، رن (ليلان) کي گهران تڙي ڪڍيو.

2. سسئي پنهون. جاڳڻ = اوجاڳو. تارن = اکين. سسئي اُن وقت جاڳي ڪانه، ۽ پوءِ ڏوهه پئي ڏئي اکين کي!

4. عمر مارئي. سهج = سهنج، سک. تارن = تار = تانگهه، يادگيري، اُڪير، سِڪ + نه. عمر ڪيترائي سک سهنج ڏنس، ليڪن ان لاءِ ڪابه سِڪَ اندر ۾ ڪانه رکيائين.

5. سهڻي ميهار. گهڙي منجهه تارن. تارا (آسمان ۾) بيٺا هئا، جو هوءَ (درياه) ۾ گهڙي. يعني رات جي پهرئين پهرئين پهر ۾ ئي دلي تي ڪاهه پيئي، شهه تاري = ترڻ ۾ نهايت قابل. تارن = ڪارن جيتن، جي پاڻيءَ ۾ تڪڙو ترندا آهن. سهڻي، ترڻ ۾ اهڙي ته هوشيار هئي، جو ڪارڙن تاروئڙن کي به شهه ڏيئي ويندي هئي، ليڪن هن ڀيري انهن ڪارڙن تارن کيس ديوانو ڪري وڌو.

مٿي جيڪي به ستَ سريءَ جا مثال ڏنل آهن، سي هڪ ئي نوعيت جا آهن، ليڪن هينئر نرالي نوعيت جو مثال ڏجي ٿو، جنهن جي بند بند ۾ هڪ هڪ سر سمايل آهي.

1. جيڏين جوڙيون اُڻايون، مون پڃايو پا اُنَ

مورون ڪار ڪتڻ جي، سيکاري ما اُنَ

اصل آويڙيءَ جو چرخي سا چا اُنَ

سا مَرُ اوبي اُنَ، جنهن کي ناهه قدر ڪپاهه جو.

 

2. ماڙين مارئي چئي، عمر آ اُنَ

رنجاڻي جي رنج جو رکيو راجا ريا اُنَ

پرور پنهواريءَ سان ڪندو، پاڻهي پرجا اُنَ

سامر اوبي اُنَ........

3. سس سهڻيءَ سان ڪيو هو دلي تي دا اُنَ

موٽي تنهن ميهر لاءِ ڪامڻ جهاڳيا ڪُنَ

سهڻيءَ جو سِيرَ ۾ لڌو ساهڙ سما اُن

سا مر اوبي اُنَ...........

4. ليلان ڪونروءَ سان ڪيو هو ٿاهرَ جو ٿا اُن

ڪچيءَ ڪونرو سان ڪيو ڏاهپ جو ڏان اُنَ

تڏهن وَر وڇوڙي ويٺي، کٽائي کان اُنَ

سا مر اوبي اُنَ...........

5. پنهل کان پوءِ سسئي ڪيو سيج مٿي سا اُنَ

گِيرَب جي گذران جو ڪونهي بقاءُ اُنَ

ججب جي ”حفيظ“ چئي، ٿيندي هرگز هلان اُنَ (*)

سا مر اوبي اُنَ...........

1. پا اُن = پاءُ نه. پاءُ جيترو به نه ڪَتيو آهي. مان اُن = ماءُ نه! چا اُن = چاهه نه.

2. آ اُن = آءٌ نه. ريا اُن = رياءُ نه. ڪا پرواهه ڪانه ڪريائين. پر چا اُن = پر چاءُ نه (ني).

3. دا اُن = داءُ نه، ڪچو رنگ. سهڻيءَ جي سَسُ، دلِي تي ڪچو رنگ نه لاتو هو؟ سما اُن = سماءُ. ٿا ان = ٿانءُ نه، بردباري نه. ڏان اُن = ڏانءُ نه، اٽڪل نه. کا اُن = کان اُن، اُن کان. 5. سا اُن = ساءُ نه. يقا اُن = يقاءُ نه. هلان اُن = ان تي هلان ٿيندي. جيڪو حجت ڪندو، تنهن تي ضرور هلان ٿيندي.

هڪ سر تي ٻڌل ست سرون (هنر ۾)

(1)

1 ۽ 2. وٺ ليلان ڪونرو، سسئي پنهون تون

3. عمر مارئي، ڪَنين نه ٻُڌو مون

4. ساهڙ سهڻي تون ڏيان، ميهر ڪرين مون

5. ناهي تماچي جن ۾، نيئي ڇا ڪندون؟

6. اُٿي نانءُ جمال، بديعل کڻي ٿو تون

7. اي ”امام بخش“ اڳيون، سورٺ ڇڏ ڙي منگا.

ست سر: ليلان چنيسر، سسئي، پنهون، عمر مارئي، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، بديع الجمال ۽ سورٺ. بيت جي بيهڪ اهڙي نموني بيهاريل آهي، جو سَتَ سُرَ معلوم ٿين ٿا، ليڪن هڪ ئي سر ’سورٺ‘ تي ٻڌل آهي، جنهن جو تفصيل هيٺين شرح مان معلوم ٿيندو:

1-2. ليلان ڪونرون = لعلون ڪوريُون، نوان ۽ اڻ استعمال لعل. سسئي پنهون تون = سِسي پنين تون. تون سِسي پنين ٿو!

3. عمر =عُمِرِ، حياتي، زندگي. مارئي = مارو هِي، هِي مارو، ههڙو مارو.

4. ساهڙ = سا + هڙ = هَڙئي، سڀ ئي، سڄي ملڪيت، ميهر = مِهر، ديا، مهرباني. فقط مون تي مهرباني ڪر يعني سِرَ جي صدا نه ڪر.

5. تماچي جن ۾ = طمعا چيجن (چيزن) ۾. ڪندو = ڪندين. سر ۾ ڪهڙو ڪم اَٿي، ڇا وڃي ڪندين!

6. نانءُ جمال = نه جو مال. اهو مال جنهن مان فائدو نه رسي. بديعل = بدي = خرابي + عل = حل = حال = بدي حال، خرابيءَ جو حال. پنهنجي لاءِ بڇڙائي ٿو وِهائين.

7. سورٺ = سو + رٺ = ڪارنهن، هَٺ = سو هَٺُ.

سورٺ ٿي منگتي کي چوي ته ”او منگتا، تون قيمتي لعل وٺ، جنهن مان توکي فائدو به پوي. سِسيءَ مان ڪهڙو فائدو رسندءِ؟ ههڙو مارو اسان نه ٻڌو، جو سِر لاءِ سوالي اچي! جيڪي گهرندين سو لهندين، فقط مهر ڪر ۽ انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃِ. انهيءَ چيز ۾ ڪهڙي طمع اٿيئي. ڇا وڃي ڪندين؟ ڪجهه ڪينَ اَٿي، جيڪي سو پنهنجي لاءِ خرابي وِهائين ٿو. او منگتا، اجايو هَٺُ ڇڏ.

(2)

1-2. مومل ڏير ڏٺا هئا، ڪري آيا ها ڪيچي قطار

3. سهڻي ڇڏيائون ننڊ ۾، ڏسي عيب اُپار

4. مارئي چڙهي روهه تي، رکي مُنڌَ ميار

5. ليلان ئي تن لَڪن ۾ ڪڍي پنهونءَ جا پار

6. ڀوريءَ ميل ڀتار، ”واڍو“ چئي وڻڪار ۾.

سر: مومل راڻو، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي، ليلان چنيسر، ۽ ڀوري ڦل وڌو. مٿيون بيت بظاهر مختلف سرن تي بيٺل اهي، پر هنرجي صنعت ۾ شامل ٿي ويس، مَٽائي هڪ سر سسئي جي مذڪور بابت بنجي ويو آهي. سمجهاڻي هيٺين ريت آهي:

1-2. مومل = مو = مون + مل = ملهه، بهادر. مون بهادر ڏير ڏٺا هئا. جي ڪيچ کان اٺن جي قطار ڪاهي آيا هئا. 3. سهڻي = سُڻي، ٻُڌي. کين اها خبر نه هئي ته پنهل جي آهيان ته به ڇڏي ويا. 4. مارئي = ما = مان + رئي = روئي = مان روئي. منڌ = عورت. اشارو سسئيءَ ڏانهن. سسئي ڏيرن تي حرف رکي يعني انهن کي مياردار سمجهي، جبل جهاڳي ٿي. 5. ليلان ئي = ليلائي، دانهون ڪري. 6. ڀوري = بيوقوف، موڳي. مون اٻوجهه کي ڀتار ملاءِ.

(3)

1-2. چنيسر نه منگتا، ڇڏ ليلان تون

3. مجنا ڙي منگتا، تي ليليٰ تون

4. پنهون آهين منگتا، ڇڏ سسئي تون

5. سهڻي ماريو تو سير ني، لهي ٿو هار

بُوبنا ”سونارو“ چئي، پوءِ ڪيائين جرار.

سر = ليلان چنيسر، سورٺ (منگتا)، ليليٰ مجنون، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ۽ بوبنا جراڙ. ليڪن اهو بيت ”سر سورٺ“ تي ٻڌل آهي. ان جي سمجهاڻي هيٺين ريت آهي:

1-2. چنيسر = چا (سرائڪي) = کڻ + ني + سر = سر کڻي وڃ. ليلان تون = ليلهاٽيون، لُولَهٽ، آزيون، نيزاريون. چنيسر نه منگتا = اي منگتا؛ سر کڻي نه وڃ يعني سر کڻي وڃڻ جي صدا نه ڪر. اهي اجايا لولهٽ ڇڏي ڏي. 3. مجنا ڙي = مان جانا + ڙي = مان جانا ڀريان ٿي ڙي. اري منگتا، مان زاري ڪيان ٿي. ني ليليٰ تون = ني + لعلون + تون = تون لعلون کڻي وڃ. 4. پنهون آهين = پُينون آهين. سسئي تون = سسي تون. سسيءَ جي پچر ڇڏي ڏي. 5. سهڻي ماريو = سُوئي ماريو، سَوَڻ ئي ماريو. اهو سُڳڻ ساٺ جيڪو شاديءَ رات ڪيو هو، سو شايد ٺيڪ نه هو. انهي سَوڻ ئي ماري ڇڏيو. (*)

شير ني = سِرُ ني. لهي ٿو ميهار = لهي ٿو مون هار. وَرَ وڃڻ کان پوءِ منهنجو سمورو هار سينگار لهي ويندو.

پُوچا ڏٺم پيرَ، ڍڪڻ مٿي ڍولَ جا

مون ڀانيو تنهن ويرَ، ڪوجهي ڪندو پريَڙي.

”ڪن هندن ۾ رسم آهي ته جڏهن گهوٽ پرڻي ڏينهن ڪنواريتي گهر ويندو تڏهن اندر گهڙڻ کان اڳ ٻُنڀي تي ڍڪڻ رکندا. ان تي اول ڪنوار پير رکندي، ان جي پير مٿان گهوٽ پنهنجو پير رکندو. جيڪڏهن گهوت جو پير سڌو رکيل نه هوندو ان کي آپَسَوڻ ڪري ليکيدان. ليلان چوي ٿي ته ”شاديءَ جي ڏينهن چنيسر جو پير منهنجي پير مٿان پورو رکيل نه هو. اوڏي مهل ئي دل ۾ شڪ جاڳيم ته ڪنهن ڏينهن مڙوئي مون سان چڱا پيرَ نه هلندو، ۽ مونکي جڳ ۾ ڪني ڪوجهي ڪري ڦٽو ڪندو.“

(شاه جو رسالو ـــ گربخشاڻي (جلد 3)، ص ص 7 ۽ 214)

6. بوبنا = بو = بي = سواءِ + بنا = بانا = رنگ. سواءِ رنگ يعني ٻُسي ٻُڏي. جرار = جراڙ = جا راڙ، جيڪا رڙ، دانهن.

جڏهن ٻيجل پنهنجي ڪارروائي سر وٺڻ جي پوري ڪئي، تڏهن سورٺ هار سينگار لاهي، ٻُسي ٻُڏِي ٿي رڙيون ڪرڻ لڳي.

ـــــــــــــــــــــ


(1) . عبدالڪريم سنديلو، تحقيق لغات سنڌي، 1955ع، ص 283،

(2) . امام بخش، ست سرو، پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، 1894ع.

(2) . قلمي نسخو، تصنيف محمد جعفر، 1296 هه. لائبرري ’راشدي خاندان’ ريلڻ، تعلقو لاڙڪاڻو.

(*) . هي ٻئي بيت قلمي نسخي مان ورتل، جو مستر سومرخان، دالي ڳوٺ (ضلعو نواب شاهه) واري ڏنو هو، تاريخ 12-8-1949ع.

(1) . قلمي نسخي مان ورتل، جو حڪيم گل محمد کِڙي (تعلقو ڏوڪري) ڏنو هو. تاريخ 3-2-1950ع.

(2) . سگهڙ رحيم داد ڀُٽي کان، غلام ڀُٽي ڳوٺ ۾ ڪچهري ڪندي مليو، تاريخ 2-2-1952ع.

(1) . رئيس جاري خان مري، بلوچ، ويٺل ڄام نندو تعلقو سانگهڙ جو ٺاهيل بيت. ڪچهري جي تاريخ 13-1-1948ع.

(*) . حفيظ شاعر ذات جو تيوڻو هو ۽ لعلو رانڪ (تعلقي واره، ضلعي لاڙڪاڻي) جو ويٺل هو. سندس مومل راڻو بيتن ۾ مشهور آهي.

(*) . شاه ڀٽائي، سسر ليلان چنيسر ۾ پڻ اهڙو اشارو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org