اهڙي قسم جون پروليون ولُو ۽ دلشاد، بادشاهه ۽ وزير، پارو ۽
سگهڙ وغيره جون به ڪچهريءَ ۾ هلنديون آهن. هڪڙي
ڀيري ولو ۽ دلشاد جي اچي چڪري لڳي. ولو چاچو هو ۽
دلشاد ڀائٽيو. هڪڙي ڏينهن دلشاد رستي تان ويندي
ماکيءَ جو خالي مانارو پٽ تي پيل ڏٺو، سمجهيائين
ته ڪنهن مانارو لاهي، ان مان ماکي کائي، باقي
مانارو کڻي اڇلايو آهي. اُن تي پرولي ٺاهي ولوءَ
کي ڏنائين
(1).
گامي گامي گام، ڪا مُنڌ ڏٺي هُيم ملڪ ۾
ٻه مانيون ٻروچ چئي، پچي ٿيون تمام
هڪڙي کائڻ حرام، ٻي دمس کائڻ دلشاد چئي.
ولوءَ جواب ڏنس ته:
گامي گامي گام، وٺج گام گليءَ جو گس
وڻن ۾ ولو چئي، ووڙڻ منهنجو وس
مٺُ ماکيءَ رسُ، متان مانارو مُردار ٿئي!
سنڌيءَ ۾ پرولين جا قسم
1 ــــ سادي يا رواجي پرولي: اها پرولي جا ننڍن جملن يا موزون
فقرن تي
ٻڌل هجي، جنهن جي ڀڃڻي گهڻو ڪري گهرو ماحول يا روزمره جي
زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هجي. مثلاً
1 ــــ گهر گهر ۾ ڳاڙهي ڪنوار. (باهه)
2ــــ انڌي ڪُتي پهير (لوڙها) لتاڙي. (جُتي)
2- بيتي پرولي: اها پرولي جا بيت ۾ هجي: يعني جنهن جي ڏيڻي ننڍن
موزون فقرن تي ٻڌل هجي، هن کي ’بيتي‘ يا ’سادي منظوم‘ پرولي به
چوندا آهن. جيئن ته:
اَڇي اَڇي ٻار، جتي جهرڪي نه جهار. (لوڻ)
هيڏو هيڏو پاڻ، سؤ کلن جو ساڻ. (بصر)
3- ڳوڙهي پرولي: اها پرولي جنهن ۾ ٿورڙي ڳوڙهائپ
رکيل هجي. مثال طور:
آڳون به ٿلها، پڇون به ٿلها، وچ سڳي جيها
ڄلي آڳون، کاوي پڇون، ايهه تماشا ڪيها. (ڏينڀو)
اُٺ وهنجي نڪتا، گهڙا ڪين ٻڏن
پرديسي پکيئڙا، ويٺا اُڄ مرن. (ملڪ)
4- ٻول پرولي: اها پرولي جنهن جي ڀڃڻيءَ لاءِ چيو وڃي، ۽ جڏهن
ڀڄي
تڏهن پرولي جي چيل لفظ سان، قافئي ۾ ٺهڪي اچي: يعني پروليءَ
وارو ساڳو لفظ ڀڃڻيءَ ۾ اچي يا پروليءَ جو ڪوبه
لفظ، ڀڃڻيءَ جي قافيي جيا قافين سان ملي اچي. جيئن
ته:
(الف) 1- ڏيڻي: ٻليءَ کي گهنڊڻي ٻڌي ڏيو!
ڀڃڻي: ڪانون کنئي ٽنڊڻي
ٻليءَ ٻڌي گهنڊڻي.
2- ڏيڻي: چنڊ کي چولو پارائي ڏيو!
ڀڃڻي: دانگي ۾ لولو
چنڊ پاتو چولو.
پهرين ۾ ’گهنڊڻيءَ سان ٽنڊڻي‘ ۽ ٻيءَ ۾ ’چولو‘ سان ’لولو‘ قافيا
آهن. مٿين پرولين جي ڀڃڻيءَ ۾ ٻه ٻه ٻول آهن.
(ب) 1- ڏيڻي: ستن شينهن جا مٿا ڦاڙي ڏيو!
ڀڃڻي: ڪوڙ ڪوڪو
آڪ گهاٽا
ستن شينهن جا مٿا ڦاٽا.
2- ڏيڻي: گانگٽ گڏ تان اُٿاري ڏيو!
ڀڃڻي: سر سڪو
ٻين سائي
اُٿ ڙي گنگٽ، گڏ پرائي.
مٿين پرولين جا ٽي ٽي ٻول آهن.
(ج) 1- ڏيڻي: چار وڻ ’چوري’ ڏيو!
ڀڃڻي: ڀرڪڻ ويٺو ڀت تي
ڇڪيائين نار
گل ڪريو هڪڙو
وڻ چريا چار.
2- ڏيڻي: درياه ۾ ’دونهون‘ دُکائي ڏيو!
ڀڃڻي: چار گابا آڙي واڙي
پنجو گابو سونهون
پاڻيءَ کي جوت لڳي
اڌ درياه ۾ دونهون.
انهن پرولين جي ڀڃڻيءَ ۾ چار چار ٻول آهن. ڪن سگهڙن انهن چئن
ٻولن کي ٻن مصرائن ۾ رکي، ڀڃڻي قائم ڪئي آهي، جنهن
کي ”ٻن مصراعن واري ڀڃ ـــ پرولي“ چيو اٿن. مٿيون
ڀڃڻيون هن ريت رکيون:
1- ڀرڪڻ ويٺو ڀت تي، ڇڪيائين نار
گل ڪريو هڪڙو، وڻ چريا چار.
2- چار گابا آڙي واڙي، پنجون گابو سونهون
پاڻيءَ کي جوت لڳي، اڌ درياه ۾ دونهون.
(د) 1- ڏيڻي: ترار کي پاڻي پياري ڏيو!
ڀڃڻي: لڪڙ هلي، لڪڙ چلي
لڪڙ ۾ ’منارو‘ پي چڙهيو تارو
تاري هنيو مند، پي چڙهيو چنڊ
چنڊ ڪئي گرڙي، پي چڙهي ڪرڙي
ڪرڙي لاٿا آنا، پسي چڙهيا ڪانا
ڪانن ڪئي هير، پي چڙيا ڪانا
ڪانن ڪئي هير، پي چڙهيا مِير
ميرن ڏني پٺي، پي چڙهي اُٺي
اُٺي ڪئي راڙ، پي چڙهي ترار
2- ڏيڻي: ڪنگ کي پاڻي پياري ڏيو!
ڀڃڻي: لڪڙ هلي، لڪڙ چلي
لڪڙ ۾ ساندارو، پي چڙهيو تارو
تاري ڪئي، سِير، پي چڙهيا مير
ميرن ڪيون گرڙيون، پي چڙهيون ڪيرڙيون
ڪرڙين لاٿا آنا، ڀي چڙهيا ڪانا
ڪانن جهليا سنگ، پي چڙهيا ڪنگ.
مٿين پرولين ۾، چئن کان وڌيڪ ٻول آهن.
5- دُستاڳ: اها پرولي جنهن ۾ پهريائين ڀڃڻيءَ واري چيز جو اهڃاڻ
۽
اشارو آيل هجي، پر وري اڳتي هلي اُن تان ڦري وڃجي. هن پروليءَ
۾ جيتريون سٽون هونديون اوترا اهڃاڻ ۽ اشارا
هوندا، ڪاڇي ۽ ڪوهستان طرف هي پروليون عام آهن.
جيئن ته:
نچي ٿو ناچو جان، ناچو به ناهي
پڙي پائي ٿو ڇوڪرين جان ڇوڪري به ناهي
لَٺ رکي ٿو ڌَنار جان، ڌنار به ناهي، ٻڌايو
ته ڇا هي؟
ڀڃڻي: ڀولو (ڀولڙو)
2- اڏامي ٿو عرش تي، پکي به ناهي
ڪن پڇ ڪئي جهڙا، ڪئو به ناهي
ڏينهن جو ويهي حجري ۾، مُلو به ناهي
رات ساري سمهي نٿو، فقير به ناهي
اونداه ۾ اُلرون ڪري، چور به ناهي
سڃ ۾ اوتارو سندس، ساقي به ناهي
ٻڌايو ته ڇا هي؟
ڀڃڻي: چمڙو.
6- هيماريون: ڳُوڙهي پروليءَ جو قسم آهن، جن ۾ ٿَري ۽ ڍاٽڪي لفظ
۾
محاورا ڪم آندل آهن. هيماري= هيم واري. ’هيم‘ سنسڪرت ۾’سون‘ کي چون يعني
سوني سوکڙي.
ٿر ۾ هيماريون اڪثر زالون وهانءَ جي موقعي تي
ڏينديون آهن، ڳيچن بعد هيمارين سان منڊل
مچائينديون آهن ۽ ڏيڻ ۽ ڀڃڻ وقت چرچا ڀوڳ به
ڪنديون آهن. مثال طور
(1)
(1)ڏيڻي:
هيماري ڪوٽاري چاڙهيا، ڪلهي وِهي ٻاري
پرولي مٿاهينءَ تي چاڙهيان (پر) ڪُلتي تي اچي وِهي)
ڀڃڻي: پاڇو.
(2)(2)
ڏيڻي: سِــــڱ ســميت جَميو، جوڀن ۾ سِــڱ
جــائــــي
ٻڍاپي سِڱ وَل آوي، آرٿ ڪَرو ڪوئي رائي.
[سڱن سان ڄائو. جواني ۾ سڱ وڃن، پيريءَ ۾ سڱ وري اچن. ان جو
مطلب ٻڌايو.]
ڀڄڻي: چنڊ.
7- ڳُوڙها: ڳُوڙهو (سنسڪرت. گُوڍَ= گُهه + ڍڪڻ = ڳُجهو
(*))
پروليءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ڪافي لِڪَ جو ظاهري طرح معلوم
ڪرڻ نهايت مشڪل آهي، جڏهن لفظن جو هڪٻئي سان معنيٰ
جي خيال کان ميلاپ ڏيکاربو، تڏهن مقصد واري معنيٰ
ظاهر ٿيندي. مثلا هيٺيون ڳُوڙهو ’مورَ‘ تي ٻڌل
آهي:
”ڪُنڀ وَڄاوڻ، تاس رِپ تاس رِپ ٻوليا ويڻ“
[ڪنڀ= دِلو. ڪنڀ وڄائڻ = هوا. هوا لڳندي ته دِلو پاڻهي وڄندو يا
آواز ڪندو. تاس = تَنهن جو. رپ = دشمن، سو ٿيو
’نانگ‘، نانگ. هوا کائيندو آهي. تاس رپ = تَنهن جو
دشمن، جو ٿيو ’مور‘، ٻوليا ويڻ = آواز ڪيو. يعني
نانگ جي دشمن آواز ڪيو]
هن ڳُوڙهي ۾ ’ٻوليا ويڻ‘ مان ڀڃڻي ڳولڻي آهي.
هيٺيون ڳوڙهو ’چنڊ‘ تي ٻڌل اهي:
”اُدگن بِيت گَئي گَهر اَپني، دَر سُت ڪو جب تيج گَهٽِيو.“
[اُدگن = تارا. تارا پنهنجي گهر ويا. درست = سمنڊ جو پٽ، سو ٿيو
”چنڊ“. جڏهن چنڊ جي روشني جَهڪي ٿي يا گهٽجي وئي،
تڏهن سڀ تارا پنهنجي گهر ويا.]
ڳوڙهن جا بيت
(1)
تُنگي مَنڊَڻَ، تاس رِپ، بَهُوت اُلٽِي آءِ
بَن سُت ڪِي ڀمرا اُٺاء، گِرجا دِيپَڪ جَڳاعه.
[تنگي منڊڻ = رات جو مانڊاڻ يا چانڊاڻ. تاس رپ = تنهن جو دشمن،
سو ٿيو ’برسات‘. بن ست = وَڻ جو پُٽَ، سو ٿيو ڪاٺ.
ڀمرا = کُٽَ گرجا = مندر. ديپڪ = ڏيئو.]
مڙس ٿو زال کي چوي ته: برسات اچڻ واري آهي، کَٽ کَڻ (۽ اندر ڪر)
۽ مندر ۾ ڏِيئو ٻار:
(2)
پَٿر سُت ڪي پُتلي، وَڻ سُت ڪِي واس
آجيا سُت ڪو اوڍئو، رهي پُرش ڪي پاس.
[ پٿَّرست = پٿر جو پٽ، سو ٿيو ’لوهه‘. وڻ ست = وڻ جو پٽ،
موٿيو، ’ڪاٺ‘. واس = رهڻ جي جاءِ يعني کوپو (ترار
جو). آجيا ست = ٻڪريءَ جو پٽ، سو ٿيو ’ڇيلو‘.
اوڍڻو = ڍَڪ (پوش، مياڻ ترار جو). پرش = پرس =
ماڻهو]
معنيٰ: لوهه جي پُتلي، ڪاٺ جي کوپي ۾ (پيل آهي). مٿان ڇيلي جي
کل جو پوش (مياڻ) اٿس (۽) ماڻهوءَ وٽ رهي ٿي.
هنن پرولين جو رواج فقط ٿَر پاسي آهي، ڇاڪاڻ ته ڳُوڙهن ۾ ڪيترا
هندي الفاظ آندل آهن ۽ ڪن هنڌن تي وري هندي ۽ ٿري
محاوره پڻ ڪم آيل آهن. جنهن ڪري سنڌ جي ٻين پاسن
وارن کي، هن قسم جي پرولي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ البت دشواري
نظر اچي ٿي. شاعرن سينگار جي بيتن ۾ ڪٿي ڪٿي ڳوڙهن
کي به آندو آهي، پر اهو به سينگار جي معنيٰ کي
وڌيڪ بليغ بنائڻ جي خيال کان، بهرحال هن قسم جي
پرولين ۾ مغوي مواد جهجهو آهي، جنهنڪري لوڪ ادب جو
قيمتي مواد ليکجي ٿو.
8- ڏٺ: (= سنسڪرت. درس = ڏسڻ يعني ڪا شيءِ ڏسي ان تي ٻڌ
ڪرڻ) اها پرولي جنهن ۾ ڪنهن وٿ يا واقعي جي تصوير
چٽيل هجي. هيءَ پرولي اڪثريتي (نظم جي) صورت ۾
ٿيندي آهي. مثلاً
(1) ”مڻ“ تي ٻڌل ڏِٺِ.
بانڪو بِيٺو هو بازار ۾، نانگو هڪڙو نرُ
چاليهه چيلا هس چيلهه سان، اَٺُ وِيهان نوڪر
ڪُوڙ نه ڀانئج ”قانم شاه چني، آٿي مُلڪين ڳالهه مثر
هجي ڪو سُرت سَڀَرُ، جو ڏاهو ڳولي ڏِٺِ کي
[چاليهه چيلا = چاليهه سير. اٺ ويهان نوڪر = اٺ وِيهان ( هڪ سؤ
سٺ) پاءَ]
(1)(1)
”سال“ تي ٻڌل ڏٺ:
هڪ هرڻ ٻارهن پير، ٽي سؤ سٺ سِڱن
هڪڙي هڪڙي سڱ ۾، پنج پنج گل چئجن
اهڙا ملوڪ هجن، جي ڏاها ڳولين ڏٺ کي.
(2) ”کُنڀي“ تي ٻڌل ڏٺ.
سسئي ساماڻي سُڃَ ۾، ٺوڙهي ۽ ٺوڙهي
ٻيءَ رات ٻالڪِي ٿي، ٽينءَ رات ٽوڙهي
چوٿينءَ رات چڳون ٿِيسِ، پنجينءَ رات پوڙهي
آڇن ۾ احمد ڇئي، اچي ڪارن وڪوڙي
ڇهينءَ رات ڇوري، ڪنهن قبولي ڪينڪي.
9- سوال جواب پرولي: اها پرولي جنهن ۾ سوال جي ڀڃڻي نظم ۾ هجي.
هيءَ پرولي، ڏِٺِ جو هڪ قسم آهي. سگهڙ، ڪا وَٿ يا
واقعو ڏسي، سوال جي صورت ۾ آچِي ڏيندو، ڀڃندڙ ان
جو جواب بيت يا نظم ۾ ڏيندو. ڪن حالتن ۾ هڪ ڌڪ سان
پرولي نه ڀڄندي آهي، ته پوءِ ٻيو، ٽيون. مطلب ته
ڌڪن پٺيان ڌڪ هڻندو، جيسائين پرولي ڀڄي، هن قسم جي
پرولين کي ”روايتي پروليون“ به چوندا آهن. ڪي وري
”مامي ڀاڻيجي“ جون پروليون سڏيندا آهن، جن جو قدري
اڳ بيان ٿي چڪو آهي. مثال طور ڪي پروليون هيٺ ڏجن
ٿيون.
(1) هڪڙي ڀيري ڀاڻيجو ڀڳڙا کائيندي ٿي ويو ته واٽ تي هڪڙيءَ ڀِت
جي ڏار ۾ ڏونگرِي ڏينڀُن جي اچ وڃ ڏٺائين. اُن تي
پرولي ٻڌي، اچي مامي کي ڏنائين ته:
ڀاڻيجو: گهرُ ۾ گهرَ هڪڙو ۾، تنهن گهرَ گهڻا
جي ٿو اک کڻان، ته ڪانهي بس بهِير کان.
مامو: چي ابا! متان چٻِيندي چڻا، ڏينڀو ڏٺا هُجنِي ڏار ۾.
ڀاڻيجي ڏٺو ته مار! مامو هڪ ئي ڌڪ سان پرولي ڀڃي ويو. تڏهن
ويچاريائين ته مامي کي اهڙي ڪا پرولي ڏيان، جا
مامي جو مٿو کڻي. سو هڪ دفعي ڏٺائين ته هڪ زال،
ڪُٽيءَ جو وَٽو ڀريو، پنهنجي وَرَ ڏانهن ٻنيءَ تي
کنيو ٿي ويئي ته واٽ تي ڪُتي اچي ورايس، جنهن جي
خوف کان، ڪُٽيءَ جو وَٽو هارجي، مِٽيءَ ۾ خراب ٿي
ويس. تنهن تي زال خالي وٽو کڻي پوئين پير وري. اهو
لقاءَ ڏسي مامي کي اچي چيائين ته:
”ڪُٽيو ويٺي ڪُٽي.“
چي ابا! ٻِيج پرائي ٻنيءَ ۾، ڪنهن ڇاهلَ وڌو ڇٽي
هارپَ سلو سر نه ٿئي، ٿو ڦولارجيو ڦُٽي
جهليو پليو نه رهي، ماڻس ڪرم ويٺي ڪُٽي
متان تيلاهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪُٽي.
چي ابا! خرچ جنهن جو کپت جهڙو، ويٺِي هٽَ پٽي
گورِ، گڏهه دائود چئي، چري هِري چٽي
مڪر ڪيو مليدا کائي، هُوءَ ڏُٽي کائي ڍڪي
سڀ ڪمائي گنوائي گدلي، جيڪي مرد کٽي
واڻيو تنهن ور اڳيان، ويٺو وهي پٽي
سنهيءَ سُئيءَ سؤ ڪڍيائين، ڪوڏي مٿي ڪٽي
ڏمر آيو ڏم کي، تنهن سوڙهي ڪئي سٽي ـــ
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪُٽي.
چي ابا! مُنڌ پرائي مارڪي، وڇيو نار بيٺِي نچي
ملاحظي ماڻهن جو بيٺو پر ۾ پاڻ نچي
آئي گهر تڏهن ڏنائين دٻڙ دونس دسي
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا! ڪاريءَ ٻوريءَ اَنُّ ڪڍيائين، ٻه پَڻ مٿان هَٽي
ڇَر ڇَنڊي جَند جوٽيائي، ڳارِيءَ مَٿي ڳَٽي
سَنهو اَٽو سر ڪيو ٿي ٿُلهي جو ٻُڪ پُٽي-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪُٽي.
چي ابا! دانگي چاڙهيائين دم مون، ڏنائين ٻارڻ ٻُتي
ته مڙس ڏٺائين اوچتي،متان ڇاڻِي ڪِريس وِٽِي
متان تيلانهن ڪُٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪُٽي.
چي ابا! سَڏ ٿِيئڙُس ماءُ جو، جان ويئي پير ڀَري
سر مِٺيءَ ماءُ جي ويٺي رهاڻ ڪَري
دانگي چاڙهي ڪينڪي، پاڻي مُور نه ڀَري
آرٽ اُلاڻي ڇڏيو، ويٺي ڌرتي ڌَري
ڳابو جنهن جو سُٽ چَري ويو، ٽَڪ ڀڃيو ٽوٽا ڪري
ٻائڙ بيٺو ڀڃي ڪانڌ، پُريان مَٽيو ڏِسي
سُڻيو سڏڪا ڪانڌ جا ڪامڻ ڪَبندِي اچي
دعا ڪر جيجل اما، ته منهنجو هَڏ بچي-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪُٽي.
چي ابا! پنهون نه آهي پلنگ تي، ڏسي پَلَ ۾ لکي پَٽي
جاڳي ڪين جَتن لاءِ صبح ٿِيُس سُتي
لڳس ٻاڻ ٻروچ جو، اورڻ جتي ڪٿي
کڻيو پير پنهونءَ جو، وِندرَ ۾ ٿي وَتي-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪُٽي.
چي ابا: حاذق هزارن کي، ٿي کُوهَه اندر گَهتي
ڪر موڙيو ڪاهي آيو، تَڙ ڪيائين تَتِي
مومل خاطر مينڌرو، وڃي محبت مَٽي.
متان تيلانهن ڪٽيو ڪٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا: عمر آندي مارئي، مٿان جهنگ جهَٽي
ويهي ڪِينَ مارين ۾ جا روئي ٿِي پِٽي.
متان تيلانهن ڪٽيو ڪٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي:
چي ابا! ساز رکي سرندي کي، ڳوٺ مٿي ڳَٽي
وڍي سر راجا جو، ٿو چانئٺ مٿي چَتي
متان تيلانهن ڪٽيو ڪٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا! ساهڙ ڪارڻ سهڻي، ٿي آندِي اُتي
ڪا جا چکيائين سُرڪِي، لُڙهِي لوڪ ستي
ڀيلو پيس ڀري، متان وِڌي فراق ڦُٽي-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا! ليليٰ خاطر مجنون ٿو سڃ بَرَ ۾ سِڪي
نِينهن نهوڙيا نارِ جي، بيٺو بَڪ بَڪي-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪٽي!
ماما! اڃ ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا! هيرَ کنيو وڃي کِيرَ، تريو وڃي سِيرَ
ناهي رانجهو وير، مٿان ٿي دلگير-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا! سيفل خاطر بديعل ٿي سڃَ برَ ۾ سِڪي
سو سعد وزير ساڻ کڻي، لوڪون پيو لِڪي
تخت هزاري ترڪ ڪري، ڇَپر ڏي پيو ڇڪي
پاڻ پتوڙي پرزا ڪيو، ڌوم مچايو ڌڪي
هيٺ ٿيو، مَٿي ٿئي، تار ٻڌائين تتي-
متان تيلانهن ڪٽيو ڪٽي!
ماما! اڃا ڪٽيو ڪٽي.
چي ابا! ٽوئي سندو جُنگُ پَڪائين، مَکڻ وڌائين وٽي
کڻي هلي ٿي وَرَ ڏي، جهلي ڪَڪڙ ڪُتي
ماريا ڪُتا، ائين نه ڪرين ها، وڃڻ ڏين ها اُتي.
متان تيلانهن ڪٽيو ڪُٽي!
چي ماما! مون به ڏٺي هئي اُتي، ته ائين پئي ڪٽيو ڪٽي.
جلالَ ڀُٽي، توڙي سگهڙ جاڙي خان مري جي روايت مطابق، اهڙي قسم
جي پرولين جو بنياد ”مامي ڀاڻيجي“ جي پرولين تي ئي
ٻڌل آهي. تنهن کان پوءِ ٻين سگهڙن، مختلف روايتون
پيش نظر رکي، پنهنجي حال سارو پروليون ٻَڌيون.
10- مام پرولي: اها پرولي جنهن ۾ ’مام يا ’رمز‘ رکيل هجي.
(’مامَ‘ = پراڪرت. ’مَمَّ‘؛ سنسڪرت. ’مَرمَن‘ =
گُپت بات، رَمز، اِشارو،
(*))
سُگهڙَ هن پروليءَ کي ’مُعما‘ به چوندا آهن. معّما
جي لغوي معنيٰ آهي: انڌو ڪيل.
معما يا مام پرولي، ڏِٺ جو هڪ اعليٰ انوکو قسم آهي، جنهن ۾
ڳوڙهائي زياده آهي. جيتوڻيڪ ٻَئي پروليون (ڏٺ ۽
معما)، ڪنهن وَٿ، واقعي يا حقيقت تي ٻڌل هونديون
آهن، پر ڏِٺ جي سِٽا به سادي ۽ خيال به سادا.
معما، بيتي يا نظم جي صورت ۾ هوندي آهي، ليڪن سندس
ڀڃڻي ڪڏهن بيتي يا نظم ۾، ته ڪڏهن هڪ لفظ تي ٻڌل
هوندي آهي.
عربي ۽ پارسي معمائون، سنڌي مام يا معما کان ٻي طرح آهن، منجهن
لفظن جي ترتيب اهڙي نموني بيان ٿيندي آهي، جو ظاهر
۾ هڪ معنيٰ ته باطن ۾ وري ٻي معنيٰ هوندي آهي. اهو
قسم سنڌي معمائن کان گهڻو مٿي، اوکو ۽ ڳوڙهو آهي،
جئن هيٺينءَ معما مان معلوم ٿيندو:
(1)
چشم بکُشا زلف بشکن جانِ من
بهر تَسکِينِ دلِ بِريانِ من
حل: چشم مترادف ’عين‘ ع
زلف تشبيه ’لام‘ ل
بريان حرف متوسط يي ي
علي
’معما‘ جو اهو بيت ڪيڏو نه لِڪل آهي، جنهن کي ڀڃڻ لاءِ ڪافي
مهارت درڪار آهي.
سگهڙ روشن علي شاه جي’بيماري‘ تي ٻڌل معما.
(2)
مُنڌَ سَڄي ٿي ملڪ ۾، ڏاڍي زور زَبر
تنهن ڪامِڻِ کي هِن ڪيترا هزارين ته هنر
مُلڪن ۾ مشهور آ خونياڻيءَ جي ته خبر
ري هٿيار ”روشن“ چوي لڙيو پوي لشڪر
اها اَٿو خانَ خبر، قادر جي قدرت جي.
هڪ ڀيري لس ٻيلي جي هڪڙي سگهڙ ڪريمڏني، ناسَ جي دٻلي (سُونگي)
تي معما ٺاهي، ۽ اچي نِم شاعر کي ڏنائين
(1):
ڀُوڻندي بازار ۾، جان ديکيم ديدارو
تان گُنبذ چڱي گَت سين ڏٺم جڙيو جنسارو
پائجي پهمال ڪري، تنهن منجهه نشو نروارو
سو چُري نه چپٽي جيتري، جي ثابت هوءِ سارو
جئن ڪارڻ کڻي قوت جي، مَئي مڇيءَ مارو
اُوپڻ آهي ان تي، ٻيو مٿس منارو
ڪوويهي ويچارو، ڏي ان ڪَل ”ڪريمڏنو“ چئي.
انهيءَ معما جي مراد شاعر نِم هن طرح نروار ڪئي:
اها سُونگي سَنگين سَڦرِي، جڙي ٿي جنسار
وجهجي گهڻي وقوف سين تنهن منجهه ناسَ چڱي نروار
سا سُنگهبي سُرت سَماءُ ۾، ٿي ڪري پر مغز موچار
ٻي جافهم چڱي سين ڦاڙي، تنهن تي واڻي ڪنهن وينجهار
اهي پورا ڏيانءِ پار، ڪي اڃا نهاريانس ”نم“ چئي.
11- گر – چيلو پرولي: اها پرولي جنهن ۾ ”گرو ۽ چيلي“ جا سوال
جواب سمايل هجن. اهڙيون پروليون ادبي توڙي لغوي
لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿيون.
|