پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(14) هادي پير حضرت هقاني هِلي
ڇپًر ڇانءَ ڇورن تون وارث ولي |
ڪيو مشڪل آسان ڪامل ڪُلي
ڏڏن کي ڏيو ڏاتِ ڀاڄي ڀلي |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(
تون صاحب سخي پير! دولهه درياهه
اوهان در اچي پيس پيو ڏڏ ڏاهه |
ڀلو ڀرجھلو تون سخي شهنشاهه!
اَلهه الڳ اُنهي جون مديون ڪر مباح |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
توڙي لوهه، قلعي هجي ڪم قدر
اوهان ڏنهن لهن فيض عالم اَپر |
ٿئي سون، پارس لڳي لڳهه گر
سچا پير مون تي ڀي تون ڪرم ڪر |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
ڪنهن کي ڪنهين جو تڪيو واهه ور
آسائو آهيان پير! تو دوس در |
وسيلو نه ڪو مون ڀلا تو ٻگر
ڪو دانهين سندو ٿئي سيگهه سر |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(18) پنهنجي واٽ پارس!تون راحم رساءِ
نفس نا سزا هن بَدُو کون بچاءِ |
دقت ڏنهن دنيا جي ڇهين کون ڇڏاءِ
سچا پير پنهنجو تون درسن دکاءِ |
پهچ
پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(19) شب و روز منجھ شوق تنهنجي تمام
اٿم آس تنهنجي اندر دل دوام |
سِڪي ساهه تو لئي سدا صبح و شام
پسان پير شل! منهن مبارڪ مدام |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
جنين مٽ نه مائٽ، ابو نا ادو
اوهان لڙهه لڳو سڀ چڱو ڇا مدو |
تنين کي اُجهو آسرو تو سندو
ڪرين ماڙ، تڙ چاڙهه بلڪل بندو |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(21) تون اولاد افضل علي مرتضي
جگر گوشه فرزند ’خيرالنسا‘ |
نسل پاڪ حضرت حسن مجتبي
گل از باغ نوري نبي مصطفي |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(22) زاري ضعيفن سندي ڪر قبول
مَ ڇڏ هوت، هيڻو هي ماندو ملول |
عاجز آهيان محض جاهل جهول
مريدن مطالب همه ڪر حصول |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(23) هوا حرس ۾ عمر ويٺي ويم
جي ڪرڻا نه هاڪم ڪلي سي ڪيم |
ڪوڙي نفس ڪافربديون ڏوهه ڏَسيَم
هاڻي آسرو در اوهان جي اٿم |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
محي الدين ميران جيلاني جوان
اچي گهوٽ ٿيو اوٽ، گوهر گيان |
سِهي سَرو قدرت فياض الزمان
امن عافيت ڏي جشن جاودان |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
تون مرشد مربي اهڙو اولياء
انڌن کي اکيون ٿيون، سڪاسبز ٿيا |
مُوا تو جياريا، جڏا جاءِ ڪيا
بکيا بينوا ڪيا اوهان اغنياء |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
مون سان ڪرم اهڙو ڪو امداد ٿئي،
ويراني وڃي، اندر آباد ٿئي |
دنيا دين ڀي، نيڪ اولاد ٿئي
ٿئي وصال وحد واٽ ارشاد ٿئي |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
تون سرتاج رحمت ڪرامت ڪلاه
قطب، پير، نوڪر سندا تو سپاهه |
تون غوث ثقلين جو بادشاهه
ڪيو ترس تن تي، پيا تو پناهه |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(28) زمانو زبون سخت تيره سَني
کنيو قسم ڪوڙا، کائن حق هتي |
ظاهر دوستي ڪن ته دل دشمني
اهڙن آدمين کون رکين رب ڌڻي |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
اوهان کي ڪيم عرض ايمان جو
پهرايو پاڻون ڪو شدو شان جو |
ڪيو ڪشف اِسرار عِرفان جو
سدا تون سُهاڳي سو سُبحان جو |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
لکين لک سوالي اچيو پيا پنن
چانئٺ تو ڀلي جي کي دامن وٺن |
اوهان جي ٻئي در نه ٻانها وڃن
سائين جن سَڀر سي گولا غم نه ڪن |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(31) جيڪي محب منهنجا دليون دوست خواهه
سدا سرخرو منجهه هجن سنجهه صباح |
تنين جي تون ڪر پير پردو پناهه
مداحي مٿي مهر ڪر لڳ الله |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(32) تون مرشد مڪمل وسيلو وِلهَن
اُهي خوف خطرو ڪهڙو غم ڪرن |
آڙين جو اَجهو آسرو بيڪسن
آهي مرشد جيلاني جَنين |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(33) شريعت، طريقت، مٿي مستقيم
تون مَسنَد نشين معرفت ۾ مقيم |
حقيقت ٿيو خُلق آن جو قديم
ڪيو دين قائم تو ثابت سليم |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
مدد شاه ميران جيلاني جَنِي
ڪرن خادمن مان جي دُز دشمني |
دنيا دين مقيد ترت ٿيا تَنِي
مُٺا مدعي مئا سي پاپي پِنِي |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(35) پيدا سڀ اوهان جي، اوهان اُنوري
عيسيٰ ۽ خضرجان قدم خوشتري |
خُلق چون محمد همت ’حيدري‘
حسن يوسفي حڪم اِسڪندري |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
(36) هي صاحبڏنو سَگ سدا سام تو
ڀَرتوءِ پير، اي غوث! غلام تو |
مداحي مقدر لڳو لام تو
مونکي وِرد وائي نافِع نام تو |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!
بحرمت نبي خاص خيرالانام
بحق چار پاران صحابان ڪرام |
بحق پلڪ پنجتن دوازده امام
ڪيو مُنهن بَڪلمي عمر اختتام |
پهچ پير درماندگان دستگير!
مدد شاه ميران محي الدين مير!