سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :23

 

مدح حضرت محمد صلعم

(چيل ميان سرفراز)

[ميان محمد سرفراز، غلام شاه ڪلهوڙي جو پٽ هو، جو پيءُ جي وفات بعد تخت نشين ٿيو. فارسيءَ جو وڏو شاعر هو ۽ ’صاحب ديوان‘ پڻ هو. جڏهن (1774ع) قيد ۾ هو، تڏهن سچيءَ سڪ سان نبيءَ سڳوري جي مدح چيائين. سندس هيءَ مدح ادبي نقط نگاه کان اُفق تي پهتل آهي]

 

(1)    بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر پناهه پِرين تون

منجهه درگاه ڪيم آهه مٿي راهه، رسين تون

ڀلا ڄامَ، هِن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(2)  مان جاهل ۽ ڪاهل آهيان ڪچو ڪمينو

نه مون حال، نه مون قال، ڀلا ڀال ڪرين تون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(3) آهيان ڏَڏُ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون

پَسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏِکيا ڏاڻَ ڏئين مون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(4) چارئي چار، جيءَ جيار، ڪندا واهُرَ وري مون

بيڪار سندي سارَ، سِگهي شال لَڌائون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(5)    سچا صديق، رنج رفيقَ ڏي توفيقَ تُسي [1] تون

’عمر‘ ڄام، تنهنجي سامَ، پُٺيءَ پاندَ لڳاسون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(6)   ’حضرت عثمان‘، ڪيو قُرآن، جوڙي سيپارا سُورُون

’عليءَ‘ گهوٽ، ڀڳا ڪوٽ، سنديون ڪُفر ڪِناريون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(7) صادِقين، عادلَين، ذي النُوريَن، حَنيف

جَمالين، ڪَمالين، شُجاعَين، عَلي

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(8) اِمامَين، سُونهارين، سندو آسرو اَٿئون

امام ’حسن’ ۽ ’حسين‘ ڪندا ماڙ موٽي مون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(9)  صحابن، ڪِرامن، تابعين کي سِڪَ هُون

تن ڀَلن، وسيلن سندي توهه ٿا تَڳَهُون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(10) سچار ۽ موچار جي مهندار ليکيا مون

تن مِڙن ڀلارن سندو مُهڙ آهين تون

ڀلا ڄام، هِن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(11) نڪا خلق، نه ڪي مَلَڪَ، نه ها فَلڪَ، زمينون

تنهنجو نُور ٿيو ظهور، آڳاٽو سڀني کُون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(12) اَولَ ۽ آخر، والي مُلڪ سندو تون

ظاهر ۽ باطن تنهنجو هَل پچارون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(13) شريعت، طريقت ڪرين نصيب اَسان ڪُون

حقيقت، معرفت، سندي نظر ڪرين تون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(14) هدايَتُ، حِمايتَ، عنايَتَ ڪرين تون

اَمانَتَ، سَلامت، اچي لڪ لنگهاسون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(15) سرزمينَ، ڪِيوم، ڪِين، آهيان ناقص نماڻون

مٿي دِينَ، تون آمينَ، اُڀياريج اسان ڪون

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(16) صغيرَ ۽ ڪبيرَ ڪيم ڪرت ڪچايون

محمد مِيرَ، هن حقيرَ سنديون مِيٽَ مٺايون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(17) ’يَڪۡسِيبوُونَ‘ ڪَمَ زبون، ڪيم خون خطائون

ميٽي ڏوهه، پِنان توهَه، ڪرين بخش عطائون

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(18) شيطانَ ۽ دَجالَ سندي شَر کان رکين تون

ظالِمَ، سڀ خادِمَ ڪرم ساڻ ڪرين تون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(19) ڀَرم، ۽ شَرم، پني ڪَرمَ ڪمينون

ميٽي وَهم لاهَي غَم، پَورا ڪم ڪرين تون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(20) منجهه قبر، لهج خبر، حضرت پيغمبر سندي مون

ڀِيتين ڀِيڙَ ڪَنا مِيرَ، هن حقير رکين تون

ڀلا ڄام،هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(21) مَنڪِرُ ۽ نيڪَيرُ، اِيندا پڇڻ پُڇاڻون

روبرو، سُرخُرو ۽ آبُور، ڏئين تون

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(22) روز قيامت، شفاعت، ڪندين آُمَتَ اُتي تون

تنهن ويرَ، ڀَري پير سگھو شيرَ رسين تون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(23) اِمتحان کي عِصيان منجهه ميزان وڌائون

وقت پيٽَ، ڪريو مِيٽ، ڪرم سان ڪَچايون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(24) پُل صِراطَ، مٿي واٽ، رَمِي پير رکيائون

رس راهَه، مٿي واهَه، ڏيئي ٻانهَه کنگهيائون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(25) جمال ۽ ڪمال تنهنجي لاءِ واجهاڻون

ٿيون شالَ، منجهه وصالَ وڃي هوتن هاڻون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(26) لنگهيا لَڪَ، لٿا شڪ، هَلِي حق گڏياسون

في الحال منجهه وِصالَ، اچي محبَ ملياسون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(27) بسم الله، لڳ الله ڪرنگاه پِرين تون

آهيم آسَ، تو ڏنهن خاص، من مراد پڄاءِ تون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(28) چارئي طرف، تنهنجي شرف، ٿيا روشن، اُڀ زمينون

منهنجا نور،ٿيو معمور، مَڪو مَلڪ مَدينون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(29) بسم الله سين مداح تنهنجي شاهه چئي مون

هيءَ ساراهه، لڳ الله، ڪر قبول هٿان مون

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(30) سرفراز کي اُداس آهي آسَ اوهان ڏون

راهه راسَ، نَبدَ خلاصَ خوبي خاص ڏئين مون

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون

 

(31) هي مداحَ، تنهنجي شاهه، چيم وصف واکاڻا

سُڻي پاڻ، ڪَنن ساڻ، ڪلمون پاڪ چئجان

ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون.

 

* * *


 


(1) . حال = وَجد، وجد جي حالت، باطني حالت. قال = ظاهري حالت.

(3) . ڏکيا ڏاڻ = سهڻا انعام، خاص بخششون.

[1] . تُسي = راضي ٿي، خوش ٿي.

(15) . اڀياريج = بيهاريج، تون بيهار، اسان ڪون = اسانکي.

(20) . ڀتين ڀيڙ = قبر جي ڀتين جي تڪليف. ڪنا = کان.

(23) . عصيان = گناه. وقت ڀيٽ = ڀيٽا جي وقت، پڄاڻي وقت. ميٽ = مٽايو، معاف ڪيو.

(24) . رمي = هلي.

(25) . واجهاڻون = واجهائيون، نهاريون. واجهڻ = نهارڻ، تَڪڻُ.

(27) . معمور = آباد.

(30)  ڏون = ڏانهن. راس = راست، سِڌي.

(31) . واکاڻا = واکاڻ، تعريف، ساراه. چئجان = چوائجانءِ مونکي ڪلمي جي توفيق بخش.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org