پنج تن: اهي بيت جن جو تعلق ’پنجن تَنن‘ سان هجي: 1. حضرت محمد
صلعم 2. حضرت علي عليه
السلام 3. حضرت امام حسن عليہ السلام 4. حضرت امام
حسين عليہ السلام 5. بيبي فاطمة الزهرا رضي الله
تعاليٰ عنها. جيڪڏهن ڏور جي ڪنهن به بيت ۾، انهن
پنجن مان ڪنهن به هڪ جو ذڪر آيو ته اهو بيت ’پنج
تن‘ ۾ ليکبو.
سوا لک: اهي بيت جن جو تعلق حضرت محمد ڪريم صلعم جن کان اڳ
گذريل سوا لک انبياء عليهم السلام سان هجي.
ٻاهر: اهي بيت جي نه ’پنج تن‘ ۾ هجن، ۽ نه ’سوا لک‘ ۾؛ بلڪ انهن
کان ٻاهر. اهي بيت ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا:
1. قدرت: اهي بيت جي الله تعاليٰ جي قدرت جي ڪمال سان تعلق رکن.
يعني اهڙو ڪم، جو قدرت طرفان ئي ٿيل هجي.
2. وليت: اهي بيت جن جو تعلق پهرين ٽي اصحابن، ولين ۽ درويشن جي
ڪرامتن سان هجي.
پنج تن
(1)
اَچيي زيب ظاهر ٿيو، پوشَ منجهون پَٽجِي
ڪاري رات ڪَهان گَئي، ماه کِڙيا مَٽجي
تن وٽ وڃ جِي، جن جا هيڏا جوهر ”جلال“چئي.
تمثيل: زيب = نُور. پوش = حضرت جن جو وات مبارڪ. ماهه = ڏند
مبارڪ.
مراد= هڪ دفعي جو ڪپڙن سِبَندي، بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ
عنها جي سُئِي هٿ مان هيٺ زمين تي ڪري پيئي.
گهڻوئي ڳوليائون پر لَهي نه سگهيون. ڏِيئو به هوا
لڳڻ سبب گُل ٿي ويو هو. جڏهن پاڻ ڪريم جن تشريف
فرما ٿيا، ۽ حال ٻُڌي ٿورو مُشڪيا ته سندن ڏند
مبارڪ ظاهر ٿي پيو، جنهن جي چمڪ تي سُئي ڏِسڻ ۾
آئي.
شاهد: راڻي ڏٺو هو مومل کي، مَڻيو موچارو
کڻي هلي خوشيءَ مان سُهڻو سيپارو
ڪَّلَ چُري ڪڙڪو ٿيو، چليس ڪينَ چارو
ويس ناتر هٿان نڪري، ٿيس مَن تي مونجهارو
آيو سيّد سونهارو، ڏٺائين مومل ستل سيج تي.
تمثيل: راڻو = حضرت محمد صلعم جن. مومل = بيبي عائشه. مڻيو =
پهراڻ، چولو. حضرت جن، بيبي صاحبه کي چولو ڏنو هو
ته ٽوپو ڏيئي ڏين. سيپارو = پهراڻ، چولو. ڪل چري =
آڱريون هليون يا چُريون (ٽوپي ڏيڻ لاءِ). ناتر =
سُئِي. سيّد = ڏند مبارڪ. سومل = سُئي.
ويچاريءَ کان واٽ تي، زال ڪري وئي زوري
هلي وئي ”حاجي“ چئي، چَونڪي مان چوري
پبر ڊاٺو ”حاجي“ چئي، چَنڪي مان چوري
پر ڊاٺو هيس پلڪ ۾، اَچي ڇوهه منجهان ڇورِي
گهوٽ اڳيان گهورِي، اچي ناتر نظارو ڪيو.
(حاجي مهيسر)
تمثيل: ويچاري = بيبي عائشه. زال = سُئِي. چونڪو = آڱريون. پير
= ڏِيئو. ڇورِي = هوا. گهوٽ = حضرت محمد صلعم جن.
ناتر = سُئي.
مومل کي سومل جو، ڏاڍو ٿيو ويچار
سورٺ لَهِي سيج تان، وڃي پئي پاتار
سُهڻيءَ ڏٺا ساهڙ جا درياء ۾ ديدار
ليلان لڏي وئي لهور مان، بَديون کڻي بار
”سامٽيا“ آهين سچار، ته ڏاها ڳول ڏور کي.
تمثيل: مومل = بيبي عائشه. سومل = سُئي. سورٺ = سُئِي. سيج =
هٿ. پاتار = زمين. سهڻي = بيبي عائشه. ساهڙ = حضور
جن، درياء = ايوان، صحن. ليلان = اونداهي. لِهور =
جاءِ، جتي ٽوپو ڏيئي رهي هئي. بَديون کڻي بار =
اونداهي جاءِ مان نڪري ويئي.
(1) عمر ڏٺي هئي اوچتي، ٻَڌِي مِيرَ مُنيي
سڄي رات سڪ ۾، هوءَ مارن لاءِ رُنِي
جنهن کي عمر موڪل ڏني، سا مارئي رَسي ماڙِ کي.
تمثيل: عمر = حضور جن. مير = حضور جن. مَني = وڻ. هوءَ = هرڻي.
مارن = ٻَٺڙن، ٻچڙن. عمر = حضور جن. مارئي = هرڻي.
ماڙ = وٿاڻ.
مراد: قصو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري حضور جن ڪنهن هنڌان لانگهائو
ٿيا ته اوچتو سندن نظر مبارڪ، وڃي هرڻيءَ تي پيئي،
جا شڪاريءَ ڦاسائي، وڻ سان ٻڌي ڇڏي هئي. هرڻيءَ
جڏهن آقائي دو جهان کي ڏٺو، تڏهن لُولَهٽ ڪري عرض
ڪيو ته ”مارِيءَ دامَ ۾ ڦاسايو آهي. هُت پَٺڙا
انتظار ڪندا هوندا ته اما اڃا نه موٽي. اوهان ضامن
پئو ته مارِي مون کي ڇڏي ته ٻٺڙن کي کِير ڏيئي،
وَهَندو وران ٿي.“ حضور جن مارِيءَ کي فرمايو ته
”آءٌ هرڻيءَ جو ضامن آهيان، جيستائين پٺڙن کي کير
پياري واپس اچي، تيستائين هِت ويٺو آهيان“. ماريءَ
هرڻيءَ کي آزاد ڪيو. اُتي ڪي ماڻهو آيا، جن حضور
جن کي عرض ڪيو ته ”سائين، اوهان ضامن ته پيا آهيو،
پر جهنگ جا جانور آهن، تن تي ڪهڙو ڀروسو! موٽن يا
نه موٽن!!“ ائين ڪندي هرڻي به پريان ٻٺڙن سان
ايندي ڏٺائون. جڏهن ماريءَ، جانورن جي هيءَ حالت
ڏٺي، تڏهن حضور جن جي قَدمين ڪري پيو ۽ مسلمان ٿيو
۽ جيڪي اُتي هئا، سي به مسلمان ٿيا.
شاهد: سَمَنَ ٻَڌِي سومري، سا مارئي ملير
هِت ماڙيچن ڏنس مِهڻا، تو ڇڏي ڪيئن حمير
ثابت رکج سِير، مارئي رَسي ميهر کي
(*)
تمثيل: سومري = حضور جن. مارئي = هرڻي. ملير = وٿاڻ، جتي پٺڙا
هيس. ماڙيچن = ماڻهن. حمير = حضور جن. مارئي =
هرڻي. مير = حضور جن. سمن = انجام، ٻول، وعدو.
تَڙئون تَسا آئيا، سامي بند ڪري
رُنا رت ڦڙا، ڳوڙهن ڳاٽ ڀري
پوءِ ساعت تنهن ذري، موليٰ مهرباني ڪئي.
تمثيل: تڙئُون = تڙتان، وٿاڻ تان. تسا = اڃايل، کير پيئڻ کان
سواءِ. جڏهن ٻٺڙن اها ڳالهه ٻڌي ته حضور جن ضامن
پيا آهن، تڏهن پٺڙن کير نه پيتو ته متان دير ٿئي،
تنهنڪري ماءُ سان هليا ويا. سامي = هرڻيءَ جو
اوهه، جنهن ۾ کير هو. اهو ٿڻن وارو کير، اهيئِن
بند هو. ٻٺڙا به انهيءَ ويچار ۾ روئن پيا. موليٰ =
حضور جن.
مڙئي سُڻي مام ٿيا، راوَت روانا
سورهه سي ساڻيهه ۾ آيا، حورون جوانا
صاقن کي سِڪ جا، وِڌا وِرهه ڳچيءَڳانا
چوي ”ميهر“ مردانا، ڏسڻ سان پُرنُور ٿيو.
تمثيل: روات = هرڻي ۽ سندن ٻٺڙا. جڏهن ٻٺڙن ٻڌو ته حضرت جن صامن
پيا آهن، تن اها مام سمجهي، هڪدم روانا ٿيا. سورهه
= ٻٺڙا. ساڻيهه = جاءِ، جتي حضرت جن حاضر هئا.
جوانا = جوان ٻٺڙا. اها مِرُن جي موٽڻ جي حالت
ڏسي، سَچن کي حضرت جن لاءِ عشق جاڳيو. جيڪي حضرت
جن جي چوڻ تي هليا، اهي ئي مردانا پُرنُور ٿيا
يعني اسلام ۾ ٿيا. شڪاري به اها حالت ڏسي مسلمان
ٿيو.
وڃي روئندي واٽ سان، پَرپٺ پييرَ ڀَري
جبلن کون ”جانڻ“ چئي، ڳُڻيون ڪنهن ڳَري
متان ملڪ الموت جي اچي منجهه آري
جي اچي آري ۾ وڃي، متان ٻُوهو هُت ٻَري
ته ڪهڙو ڏينهن قيام جي، مٿي مُنهن ڪري
تيتر ڪِينَ مَري، جيتر ڪوهيارل ڪاهي ڏسان
(*)
تمثيل: روئندي وڃي. هرڻيءَ ڏانهن اشارو، جا ٻٺڙن ڏانهن روئندي
پئي وئِي، ڳڻئون = ڳُڻَ کان. حضور جن جي احسان
کان. متان ٻوهو هت ٻري = متان هُت ڳالهه مان
ڳالهوڙو ٿي پوي. متان شڪاري، حضور جن کي ڪجهه چوي.
قيام = قيامت. جيڪڏهن وعدي وفائي نه ڪنديس ته
قيامت ڏينهن ڪيئن منهن مٿي ڪري سگهنديس. ڪوهيارل =
حضور جن.
سگهڙ سينو ساهيو، لِڪي پيو لشڪر
شهزاديءَ شڪار ڪيو، ناز ڀريو نينگَر
انهيءَ جاءِ جانڻ چئي، راضي رٿيو رهبر
جڏهن ڪونجن کنيو ڪرُ، تڏهن جيجل موٽي جاءِ تي.
تمثيل: سگهڙ = اَشهد آڱر، ڏَسڻِي. سينو ساهيو = سِڌي ٿي. لشڪر
= باقي آڱريون. شهزادي = اشهد آڱر. نينگر = چنڊ.
رهبر = حضور جن. ڪونجن = آڱرين. جيجل = اشهد آڱر.
مراد: ابوجهل، حضور جن کي چيو ته ”توکي تڏهن پيغمبر ڪري
مڃنداسين، جڏهن چنڊ جو اڌ هيٺ لهي اچي“. حضور جن
اشهد آڱر سان اشارو ڪيو ته اڌ چنڊ جو چيرجي هيٺ
آيو. ابوجهل وري چيو ته ”اهو ساڳيو اڌ پنهنجيءَ
جاءِ تي موٽي وڃي“. حضور جن وري به آڱر جي اشاري
سان ٻَئِي اڌ گڏي ڏيکاريا. ان معجزي کي ’شَقُّ
القَمر‘ وارو معجزو چوندا آهن.
شاهد: سوڍيون سڀئي سهڻيون، سڀني مٿئون ڇَٽُ
جنهن سان ”جانڻ“ چئي، ڍولئي ٺيلهيو ڍَٽُ
سر مڙئي سوجهرو ٿيو، وِينگَسِ وجهي وَٽُ
انهيءَ مومل مَٽُ، ڪامِڻِ ٿيندي ڪانه ڪا.
تمثيل: سوڍيون = آڱريون. ڍولئي = حضور جن. ٺيلهيو = لاٿو. ڍٽ =
چنڊ. سر = جاءِ. وينگس = اشهد آڱر. مومل = اشهد
آڱر. ڪامڻ = آڱر.
وڏا وَکر وِيرَ کي، هُيا چَوڪُنين چوڌار
قوم هيس ڪيتر، لکين لَکَ هزار
سڀن ۾ سرڪودو ”سَرهو“ چئي، وَرنهن سان ويچار
اُڙد مُون انهيءَ تي، ڪَئِي اَچي بَڇ بجار
سورهه به سنبري وَهايس، ڪانِي منجهه ڪاپار
ڏس آگي جا احتيار، جو ڏِسڻ سان ڏڪي ڀڳو.
تمثيل: وير = چنڊ. قوم = تارا. سرڪردو = چنڊ. ورنهن = حضور جن.
اُڙد = تارا. ڪاني = اشهد آڱر. ڏسڻ سان ڏڪي ڀڳو =
ابوجهل، شق القمر وارو معجزو ڏسي ڏڪندي ڀڳو.
سوا لک
1. لائقَ لڙائيءَ تي موڪليو، سنبرائي سلطان
اهو سڄو اُڙدَ ۾ ٿيو پانَوَ پهلوان
لاهوتيءَ لڙائيءَ جو لَڌو ماڳ مڪان
وڍي عضوا ويريءَ جا، بيٺو کَني سان خانُ
جوان کي ”جلال“ چئي، ساڻ هُيس سامان
ڪيريائين ڪُفرانُ، نامئي نعرا هَڻِي. (جلال ڀُٽو)
تمثيل: لائق ــــ الله تعاليٰ. سلطان = مَڇر. اڙد = لشڪر. پانو
پهلوان = مڇر. لاهوتي = هڇر. عضوا = نُڪ جا پردا.
کنو (خنجر) = مڇر جو چَڪ. ڪفران = نمرود ۽ ان جو
لشڪر. نامئي = مڇر.
مراد: حضرت ابراهيم عليه السلام سان نمردو لڙائي ڪئي، الله
تعاليٰ حضرت ابراهيم جي مدد لاءِ مڇرن جو لشڪر
موڪليو، جن نمرود جي لشڪر کي چٽ ڪري ڇڏيو. هڪ مڇر
نمرود جي نڪ ۾ گهڙي ويو، جنهن سندس نَڪَ جا پردا
پئي کاڌا. جڏهن مڇر پردا کائيندو هوس، تڏهن مغز ۾
خارش ٿيندي هَيس، جنهن ڪري نوڪرن کان (مغز کي)
پادر هڻائيندو هو. آخر نمرود بادشاه پادر کائي
کائي مري ويو.
شاهد: جوان ڪارڻ جنگ جي، هليو سِنگُ سَهي
خوشيءَ سان ”خدابخش“ چئي، ٻيو ڪِي جو پنڌ ڪَهِي
ائين ڪيائين ڪوٽ ۾، جئن ولوڙجي مَهِي
منجُهون ڪوٽ ڪهِي، آيو فتح فهميدو ڪري.
تمثيل: جوان = مڇر. سنگ (شينهن) = مڇر. ڪوٽ = نمرود جو مغز.
ڪامل ڪناري چڙهيو هُو ٿيو حيران
ڀڃي ڪوٽ ڪُــّارَ جو آيو جاءِ جوان
خبر آهي عام، سڀن ۾ ”سرهو“ چئي.
تمثيل: ڪامل = مڇر. هُو = نمرود بادشاهه. ڪوٽ = مغز. جوان =
مڇر.
نينگرڙو نچي، ڪاهي پيو ڪُنَّ ۾
انهيءَ اچي هن کي، وڌو مونجهارو منَّ ۾
ڇوڪري ڇنَّ ۾، هن کي ڇيرَن سان ڇِنِي وڌو.
تمثيل: نينگرڙو = مڇر. ڪن = نڪ. هن = نمرود. ڇيرن = چڪن، ڏَنگن.
ڇن ۾ = کن ۾، جلدي.
گهاتُو منجهه گِهڙِي وڌا ڪاتَ ڪلين ۾
جڏهن پيو مڇُ مري، تڏهن سڀئي سرها ٿيا.
تمثيل: گهاتو = مڇر. ڪات = چڪ، ڏنگ. مڇ = نمرود.
(2) خاوند وڻ خلقيو، جنهن جون ري گُلين پاڙون
نڪي لُوساٽيو لُک ۾، نڪي ڪُوماڻون
اهڙو ئي ساماڻون، جو ري گُلين ڦرُ جهلي.
تمثيل: وڻ = حضرت عيسيٰ عليه السلام. ري گلين پاڙون = پيءُ
ڪونه.
مراد: حضرت عيسيٰ عه جي ڄمڻ جو قصو. الله تبارڪ و تعاليٰ، بيبي
مريم ڏانهن حضرت جبرائيل موڪليو. بيبي صاحبه فرشتي
کي ڏسي ڊنِي، پر هن چيس ته ”ڊڄ نه، تنهنجي
پروردگار جي طرف کان آيو اهيان انهيءَ لاءِ ته
توکي پُٽ ڄمي“. تنهن تي بيبي صاحبه وراڻيو ته
”ائين ڪيئن ٿيندو؟“ جبرائيل چيس ته ”ائين ئي
ٿيندو. پروردگار فرمائي ٿو ته ائين ڪرڻ آسان آهي“.
پوءِ هُوءَ حامله ٿي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام
پيدا ٿيو.
شاهد: ري پاڻيءَ پيدا ٿيو، هڪ گلابي گُلَّ
باغن ۾ بُستانن ۾، ڪونهي هن جو مُلُّ
”جوکيو“ چئي جهان ۾ جنهنجو ساهه ڪيو شغلُ
اهڙو ئي گُل اَمُلَّ، آرياڻي ڏِسِي آرَهِي ٿي.
تمثيل: گلابي گل = حضرت عيسيٰ عليه السلام. آرياڻي = بيبي مريم.
ڪامِڻِ پنهنجو ڪنجرو، ڦاڙي ڪر نه ڦِٽو
حڪمت جهڙو هار ٿي، مڻيو ڪر مِٺو
ڳهڻو ڪري ڳچيءَ ۾، ڪر ڪنگڻ ڪول ڪٺو
پوءِ ٿيندو چوٽيءَ ڦُل چِٽو، جيڏين منجهه ”جلال“ چئي. (جلال
ڀُٽو)
تمثيل: ڪامڻ = بيبي مريم. هار = حضرت عيسيٰ عليه السلام. مڻيو =
حضرت عيسيٰ.
اچي ويو اَصيل تي، ڪَٺن جهڙو ڪم
تُجَرِ غمناڪ ٿي، وڏو ٿيس وهم
انهيءَ مهل آلائِيو، دانَهَه هڻي دَمُ
مونکي مالڪ موڪليو، تون ڪَچو ڀانءِ مَ ڪَمُ
لٿس غم وهم، مهل انهيءَ ”موريو“ چوي
(*)
تمثيل: اصيل = بيبي مريم. گجر = بيبي مريم. دانهه = حضرت عيسيٰ.
ڪيچئون ڪيچي آيو، ڪَهِي منجهه ڀنڀور
سسئيءَ کي سُورن جي، چُرِي چورَ پَچورَ
وَنهيين لئي ”وسڻ“ چئي، سڀ ڇڏيائين زور
پوءِ ڪري تَڪ تَورَ، ڏاها ڳولج ڏور کي.
تمثيل: ڪيچئون = ڪيچ کان، الله تعاليٰ جي طرف کان. ڪيچي = حضرت
جبرائيل. ڀنڀور = بيبي مريم جي جاءِ. سسئي = بيبي
مريم. ونهيون = حضرت عيسيٰ.
ٻاهر
(الف) قدرت:
سهڻيءَ وڌا ها سِيرَ ۾، لوڪون لِڪائي
ڳُجهه اندر جون ڳالهڙيون ٿي ڳري ۽ ڳائي
ميهر ملهائي، هُو ڪُڻڪِي نڪتا ڪُن مان
تمثيل: سهڻي = ٻلي. سير = ڪنڀر جي آوي. ميهر = الله تعاليٰ ميهر
ملهائي = الله جي قدرت سان. هُو = ٻليءَ جا
پونگڙا. ڪڻڪي = ميائُو ميائُو ڪري. ڪُن = ڪنڀر جي
آوي.
مردا: ڪنڀر جي آوي ۽ ٻليءَ جي پلونگڙن وارو قصو. هڪ ڀيري ڪنڀر
اَڌ آويءَ جو هڪ ڏينهن سَٿِيو ۽ اڌ ٻئي ڏينهن.
پهرئين ڏينهن ٻليءَ ڪچي ٿانءَ ۾ ويم ڪيو. ٻئي
ڏينهن تي جڏهن آوي سٿجي پوري ٿي ته ڪنڀر ٺوڪي باهه
ڏنس. ٻليءَ جي ٻلونگڙا اندر رهجي ويا، جنهن ڪري
ٻلي آويءَ جي چوڌاري دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳي. جڏهن
باهِه ٺري، تڏهن ڇا ڏسن، سبحان الله! ٻلونگڙن کي
نڪي لهر نڪو لوڏو.
شاهد 1. سامي وڌا ها سِيرَ ۾، ڪَرهل قطاري
چانگا سڀ چڱا ٿيا، انهيءَ اوٻاري
پانَوَ پَچاري، هي گورو ڪيئن گُسي ويو.
تمثيل: سامي = ڪنڀر. سير = آوي. ڪرهل = ٿانءَ، مٽ، دلا وغيره.
قطارِي = قطار ۾ ڪري. چانگا = ٿانءَ. چڱا ٿيا =
پچي راس ٿيا. اوٻاري = باهه جي تَوَ تي. پانوَ =
ڪنڀر. پچاري = پچار پيو ڪري. گورو = ٿانءُ. مٽ يا
دلو. گُسي ويو = ڪچو رهجي ويو.
2. مارئي تن مارن کي، ٿي ساريو سڏ ڪري
هو آهن ڪلاچيءَ ڪُنَ ۾ تن کي ڦيرا ڏيو ڦري
هاڻ اُها ماندِي ٿي مري، تن کي ماروميڙ منهنجا پرين
تمثيل: مارئي = ٻلي. مارن = ٻلونگڙن. هو = ٻلونگڙا. ڪلاچيءَ جي
ڪن ۾ = ڪنڀر جي آويءَ ۾. اها = ٻلي. مارو =
ٻلونگڙا.
3. ويٺا ها وِڳهه ڪوٽ ۾، دودو چنيسر
علاءالدين اچي ويو، کڻي سوگهو ڪيائين شهر
جُودان جنگ مچي ويئي، ڌُوڌُو ٿيو ڌمچر
هن به ماري سڀ مڃائيو، جيڪو لَس هيس لشڪر
تن ۾ بچيا ٻه ڄڻا، ٽيون ”ڏيرو“ چئي ڏونگر
اها ڳالهه مَشر، اٿي ملڪن ۾ ”محمد“ چوي. (محمد ڏيرو)
تمثيل: وڳهه ڪوٽ = آوي. دودو چنيسر = ٻليءَ جا ٻه ٻچا علاء
الدين = ڪنڀر. شهر = آوي. جنگ مچي وئي = آويءَ کي
باهه ڏنائين. ماري سڀ مڃائيا = سڀ ٿانءَ پچي راس
ٿيا. لشڪر = ٿانءَ. ٻه ڄڻا = ٻه ٻلونگڙا. ڏونگر =
ٿانءُ ـــ مٽ يا دلو، جنهن ۾ ٻه ٻلونگڙا هئا.
4.(4)
هاريءَ کي حرص ٿيو، خوب چاڙهيائين کيٽَ
پُرجهان اُتي پُورَ ڪري، ٻانڌي نه ڇڏيائين ٻيٽ
لَهرَ جي ”لاکو“ چئي، اُتي به هئي اوٽَ
اوهِيرن جي آلُوٽَ، پر سَلو ڪيئن سُڪِي ويو.
تمثيل: هاري = ڪنڀر، کيٽ = آوي. پرجهان ..... ٻيٽ = آويءَ کي
پوري طرح بند ڪيائين ته جئن باهه اندر ٻري، پر
ٻاهر نه نڪري. لهر = باهه جي ڄڀي. اوٽ = پناهه،
اوڍَر، ڍَڪ. اوهيرن جي الوٽ = باهه جا ڀنڀٽ. سلو =
ٿانءُ، مٽ يا دلو. سُڪي ويو = ڪچو رهجي ويو، باهه
کان بچي ويو.
(ب) وليت:
(1) هنگلاج هلڻ جا، سامين ڪيا سعيا
ڇڏي هليا هِت هِتو، مال مڏيون مايا
گنگا مٿي گودڙيا، اُهي آديسي آيا
لُنگهي سِيرَ سنوان ٿيا، ٿيا سَوڻ سجايا
وري گنگامٿي گودڙيا، اهي آديسي آيا
پوءِ وِيرَ ورايا، مهل انهي ”موريو“ چوي.
تمثيل: هنگلاج هلڻ جا سامين سعيا ڪيا = درياءَ جي پرينءَ ڀر
شادي لاءِ تيار ٿيا. گنگا = درياء. گودڙيا = ڄڃ
وارا. وير = سيد عبدالقادر جيلاني رحه. ورايا =
درياء مان ڄڃ ثابت نڪتي.
مراد: ٻُڍڙيءَ جي ٻيڙيءَ وارو قصو. چون ٿا ته هڪ ٻڍڙي مائي،
پُٽَ کي درياء جي پرينءَ ڀر پرڻائڻ ويئي. جڏهن
شادي خير جي ٿي گذري، تڏهن مائي اڳ ۾ موٽي آئي ته
جئن سودو سَلف وٺي، ڄڃ لاءِ کاڌو تيار ڪري. جڏهن
ڄڃ واري ٻيڙي وچ سِيرُ تي آئي، تڏهن لوڏا لَما
کائي، درياء سَرن ٿي. مائيءَ کي جڏهن هيءَ ماجرا
معلوم ٿي، تڏهن روئيندي رڙندي تڙ تي آئي. اُتي
حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه به حاضر هو. ٻڍڙي
مائي سندن پيرن تي ڪري پيئي ته محابي موليٰ
سائينءَ جي، ٻڍڙي جو ٻيڙو تار. پوءِ شيخ عبدالقادر
رحه، الله تعاليٰ جي بارگاه ۾ دست بدعا ٿيو ۽ سندن
سوال مستجاب ٿيو. اها ساڳي ٻڏل ٻيڙي، دهلن دمانن ۽
شرناين سان پريان، ٻيڙيءَ ۾ ايندي نظر آئي ۽
سلامتيءَ سان ساحل ڀيڙي ٿي.
شاهد: ولر لاءِ ”وليداد“ چئي، ٿِي ڪَرڪا ڪونج ڪري
مارئي مارن لاءِ، ٿِي روئِي پَٽَ ڀري
عمر آيس اوچتو، پِرتان پيرَ ڀري
رڙي رڪيبن لڳي، ڳَرهيو منجهه ڳَري
پوءِ سائين سبب ڪري، مِٽين مياسي مارئي
تمثيل: ولر = ڄڃ، ڄاڃي. ڪونج = ٻڍڙي مائي. مارئي = ٻڍڙي عورت.
مارن = ڄاڃين؛ گهوٽ ۽ ڪنوار. عمر = حضرت شيخ
عبدالقادر رحه.
مارئي مِلي مائٽين، ٿي خوشيون کيل ڪري
وٺي آئي وڳر کي، پنهنجي دوس دَري
مِڙيو ڏينس مبارڪون، پنهواريون پير ڀَري
ويٺي ڳُڻ ڪري، عمر جي انصاف جا.
تمثيل: مارئي = ٻُڍڙي مائي. مائٽين = ڄڃ؛ گهوٽ، ڪنوار. وڳر =
ڄڃ. دوس دري = دوستن يعني ڄاڃين کي پنهنجي گهر وٺي
آئي. پنهواريون = ڳوٺ جون مايون. عمر = حضرت شيخ
عبدالقادر جيلاني رحه.
ڍَڳي رهي ڍَٽ، جنهن جو گابو هو گرنار
ٿانءُ آويءَ وچ ۾، ڏوڌِي پورب پار
ڪري ڏس ويچار، ته کيري ٺَرِي پيو ٿانءُ ۾.
تمثيل: ڍڳي = ٻڍڙي مائي. گابو = مائيءَ جو پٽ (گهوٽ). گرنار =
درياء جو پيٽ. ٿانءُ = ٻيڙي. آوِي ۔= دريا جي
سِير. ڏوڌي = حضرت شيخ عبدالقادر رحه. کير =
ٻڍڙيءَ جو پٽ.
* * *
|