سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :30

 

 

روايتي يا مجازي لولي

’مجازي لولي‘ دراصل وڇڙيل وهُن جي دل جي دانهن آهي. اڳي ڇا هوندو هو جو سوداگر غوراب ڀرائي واپار سانگي سَٽاڻي سمنڊ جو سفر ڪندا هئا. انهن ٻيڙن جي ڇوڙڻ جو مدار هوا جي رخ تي هوندو هو. جيڪڏهن سڻائي ۽ رخائتي هوا لڳي ته الله توهار ڪري ٻيڙا هاڪاريندا هئا، ورنه مهينن جا مهينا بيٺا هوندا هئا. اهڙين هوائن کي ’تجارتي هوائون‘ چوندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سوداگر سفر تان موٽڻ ۾ ڪافي دير لڳائيندا هئا.

 

کاري کيڙڻ کان علاوه خشڪيءَ رستي به سفر ڪندا هئا. اڳئين سَمي خشڪيءَ جون سهوليتون به خيرڪي هونديون هيون. پٿر ۽ پوٺا، رڻ ۽ رائو، دڙا ۽ دنگ، جَهر ۽ جهنگ، ٽڪر ۽ ٽوڙها ٽاڪي وڃي پار پوندا هئا. اهو سڄو سفر سُڪيءَ جي ٻيڙي يعني اُٺ تي ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ويچاريون وَهون، وَرن لاءِ باس باسينديون هيون ته ڪڏهن ٿو ساٿ سلامت اچي! ان وچ ۾ اهي پور ۽ دلين جا سور گهڻو وقت سيني ۾ سانڍي ڪونه سگهنديون هيون، جنهن ڪري پنهنجي اندر کي سورن ۽ پورن کان ڪجهه وقت آجي ڪرڻ لاءِ، پنهنجي منهن لوليون ڏينديون هيون، جن ۾ مَڻين محبت جو اظهار ڪنديون هيون:

 

سنڌي لولي: ور لولي

لولي لولي لولي، مان آهيان تنهنجي گولي

جهلي اٿم جهولي؛ لولي لولي لولي توکي

چوان لولي.

 

ويچاري وِلهي، ور لاءِ ورلاپ ٿي ڪري. چوي ٿي ته ”مان تنهنجي گولي آهيان. الله جي در تي جهولي جهلي اٿم، يعني دعا پنان ٿي ته خير سان موٽي اچين، جو مون کي اڪيلو ڇڏي ويو آهين!

1- وڻن جهليو ٻور، مارو ٿيم دور

وڌيو دل جو سور، لولي لولي لولي

توکي چوان لولي

ياد ڏياريس ٿي ته هينئر وڻن ٻور جهليو آهي يعني ساڳي مند موٽي آئي آهي، پرتون نه آئين اڃا! انهيءَ ڪري دل جو درد وڌي ويو آهي.

2- وڻن جهليا ٻير، چمان تنهنجا پير

ڏسان ويٺي سير، لولي لولي لولي

توکي چوان لولي

هت به ساڳيو ذڪر ڪري ٿي ته وڻن ٻير جهليا آهن. هجين ها ته گڏجي کائون ها. تنهنجا پير چمان، ڏاڍي سڪ لڳي آهي. روزانو تنهنجي اچڻ جون راهون ٿي نهاريان.

3- وڻن جهليا اَنب، ڏنا ٿئي ڏنڀ

دنگائي وئين دنگ، لولي لولي لولي توکي

چوان لولي

وڻن جا انب ڏسي تنهنجي ياد ۾ ڏنڀ ٿا اچن. تون هجين ها ته گڏجي کائون ها. اي دنگن تي گذارن وارا! الاجي ڪهڙي دنگ تي ويو آهين ۽ الاجي ڪٿي وڃي دنگ ڪيو اَٿي، جو تنهنجو ڪوبه پرو نٿو پوي!

4- ڪانه کاڌم ماني، مان تنهنجي ٻانهي

دلبر! آءُ ني، لولي لولي لولي

توکي چوان لولي.

 

چويس ٿي ته ”مان تنهنجي اها ئي ٻانهي آهيان، توکان سواءِ ماني نٿي کاوان. اي دلبر! هينئر اچ ني!!

5- ڪڏهن ايندين هت، توکي ڏسان نِت

چريو ڪيُهءِ چِت، لولي لولي لولي

توکي چوان لولي.

چويس ٿي ”الاجي ڪڏهن ايندين! توکي سدائين ويٺي ڏسان، جو منهنجو چِت چريو ڪري ڇڏيو اٿيئي.“

6- توکي سنڀالي ساهه، ڪير ڪندو گاهه

توسان آهي چاهه، لولي لولي لولي

توکي چوان لولي.

وري چويس ٿي: توسان دلڙي آهي، تڏهن ٿو توکي روزانو ساهه ساري توکان سواءِ ڍورن لاءِ گاهه ڪير ڪندو؟

7- ڪهڙي وئين ڪم دير نه لاءِ دم

باقي بچيو آ چم لولي لولي لولي

توکي ڇا چوان... توکي چوان لولي

جيتوڻيڪ ڪانڌ، ڪامڻيءَ کان موڪلائي به ويو آهي، پر ڇاڪاڻ ته دير ڪئي اٿس، تنهن ڪري ٿي ته ”الاجي ڪهڙي ڪم سان وڃي لڳو آهين، جو ايڏي دير لاتي اَٿئي! خدارا هڪ گهڙي به دير نه ڪر. تنهنجي سوز ۽ فراق ۾ ماس ڳري ويو آهي؛ باقي وڃي چم بچيو آهي.

سرائڪي لولي:

1- ويندا پَئين ڪاهي گَلا، لڳ ڳيا هي ميڏا تقلا

کاوي دشمن نون بقلا، دلبر جلدي آوين

سهڻا لولي ڏيوان

چويس ٿي: اُٺن جو وڳ وٺيو وڃين ٿو، پر منهنجو ته ترو ئي لڳي ويو آهي. شل دشمن کي بلا کائي! يعني تنهنجو ور به ونگو نه ٿئي، ۽ جلدي موٽي اچين.

2- ويدا پَئين پرديس تي، آلهه آڻيسئي ديس تي

سڄي نظر تيڏي کيس تي، دلبر! وَهندا وَلين

سهڻا لولي ڏيوان.

چويس ٿي: تون پرديس تي وڃين ٿو. تنهنجو الله واهي! رب سائين توکي خير سان وري ماڳ موٽائيندو. جيڪو کيس اوڍيندو آهين، تنهن ۾ ساهه آهي يعني تون ڏاڍو پيارو آهين. دلبر سائين! جلدي اچجانءِ.

ٻيو نمونو

1- اُڏر ڳيرا، وڃ ٻيٺا ني ڇانءَ تي

ڳالهيان تيڏيان، رکي بيٺي هان هانءَ تي.

جاني لولي ڏيوان.

ڳيرو اُڏامي. ڳيريءَ سان وڃي ويٺو آهي ته مون کي وري توسان گڏ ويهڻ وارو وقت ياد آيو آهي ته ڪڏهن اسان به ڏينهن تتي ڪم ڪرڻ ڪرڻ کان پوءِ ڇانءَ ۾ ويهندا هئاسين. اهي سڀ ڳالهيون هيئين ۾ رکيو ويٺي آهيان.

2- اُڏر ڳيرا، وڃ بيٺا ني در تي

سارا وقت مين گذاريا کَڙ در تي

جاني لولي ڏيوان.

وري دليل ڊوڙائي چوي ٿي: ڳيرو وڃي گهر جي در تي ويٺو آهي، شايد ڳيريءَ جو انتظار اٿس. مون به اي جاني! تو لاءِ سڄو وقت در تي بيهي انتظار ۾ گذاريو آهي.

3- گهوڪ نه ڳيرا، بيٺا ني هِنيان ڏُليندئين

وِسريان جي ڳالهڙيان، بيٺا ني ياد ڏِويندئين

جان لولي ڏيوان

جڏهن ڳيرو گهوڪي ٿو، تڏهن کيس مخاطب ٿي چوي ته اي ڳيرا! تون گهوڪ نه!؛ ڇوته مون کي وري ستا سور سنجرن!

4- گهوڪ نه ڳيرا، بيٺا ني چيريندئين جيرا

ٻَهان ته ٻَهڻ نه آوي، ڏيندي وتان ڦيرا

جاني لولي ڏيوان.

تنهنجي گهگهلڻ ڪري منهنجو جيرو ٿو جلي، جنهن ڪري ويهڻ به وهه ٿي ويو آهي. اي ساٿي! تنهنجي لاءِ ڦيرا ڏيندي ٿي وتان ته ڪڏهن ٿو توکي الله آڻي!

لولي جي پهرئين نموني ۽ ٻئي نموني جي سٽا ۾ فرق آهي. پهرئين نموني ۾ قافيا پهرين مصرع جي وچ، پڇاڙي ۽ پوئين مصرع جي وچ ۾ آهن؛ ليڪن ٻئي نموني ۾ پڇاڙيءَ ۾ قافيا آهن.

سرائڪي لولي ۾ سنڌي لوليءَ کان سواد سرس ۽ سوايو آهي. نماڻن خيالن ۽ اندر جي اُڌمن جي جا تصوير ڇڪي ويئي آهي، سا عورت جي اندر جو آئينو آهي.

پر لولي:

ڪي مجازي لوليون، دل گهرئي دوست لاءِ چيون ويون آهن، جن ۾ غزل وانگر غضب جا خيال نروار ڪيل هوندا آهن؛ پر غزل ۾ محبوب جي شوخي، بيرخي، ستم ظريفي، بيوفائي، ارڏائي، انگل آرائي ۽ پنهنجي وفائي ۽ دل جي صفائيءَ جا پِٽڻا پِٽيا وڃن ٿا. اهي ته دل ڏاريندڙ جذبا ظاهر ڪيا وڃن ٿا، جي زمين آسمان کي هڪ ڪريو ڇڏين. لوليءَ ۾ به جيتوڻيڪ محبوب جي انگل آري، ناز نخري، فراق ۽ ڦوڙائي جو بار بار ذڪر ڪيل آهي، پر اهو نهايت سادي سودي نموني پيش ٿيل آهي. ڪٿان به گرم جوشي جا اُٻهرائيءَ جا اُٻڙاڪ نظر نه ايندا. اهو انهيءَ ڪري جو چوندڙ جي دل ۾ سچائي، صداقت، مهر ۽ محبت جو ماڻ هر وقت هڪ ڪَرو ڀريل رهي ٿو. سڪ جو بي انت سمنڊ سندس دل ۾ لهريون هڻي رهيو آهي، پر ان ۾ موج، طلاطم ۽ طغياني نه آهي؛ ان ۾ جوش ۽ خروش نه آهي؛ ان ۾ لهرين جي اها لَس ۽ ليٽ نه آهي، جا ڪنارن سان لڳي ڪپر ڪيري وجهي ۽ ٻاهر ٻوڙ ٻوڙان ٿي وڃي؛ پر سندس سڪ جو سمنڊ ماٺو آهي، جنهن جي وير دلپذير آسانيءَ سان آهستي آهستي ساحل ڀيڙي ٿي، ٿڌي ٿي وڃي ٿي. اهو انهيءَ ڪري جو عاشق جج دل ۾ معشوق لاءِ نيباهه وارو نينهن قائم آهي. ”تو ميڏا، مين تيڏا“ جي مثال کين وهاڻو سيراندي آهي. خيال سادڙا، پر معنيٰ ۽ محبت وارا اُمنگ ۽ اُڌما اُٿيل، پر پريت ۾ ڳتيل. رتيءَ ماتر به دنيوي حرص ۽ هوس، ۽ ڊاڙ ڊِش نظر نه ايندي. مصنوعي محبت جو ڪٿان به ترورو ڏسڻ ۾ نه ايندو. چوڌاري اُلفت جي آڇ ئي آڇ نظر ايندي مطلب ته مجازي لوليءَ ۾ اول کان آخر تائين پيار ڀريا سچائي وارا جذبا نظر ايندا، جن مان بردباري پئي بکندي.

 

1- پار دريائون، ڪوئي تِتر تنواري

توسان اَوڻ ڇوڙيا، سانُون موت ماري

سهڻل لولي لو، جاني لولي لو.

چويس ٿي ته درياءَ جي پرينءَ ڀر تان تتر تنواري ٿو. مون سمجهيو ته اوهان هينئر ايندا، پر اوهان ته اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. محبت جي انڌ وچان خدا کي عرض ڪري ٿي ته ”شل انهيءَ جدائيءَ کان جلدي موت ماري!

2- پار دريائون ڪوئي تتر تنواري

هيڪر جو ملسون، گهوري موت ماري

سهڻل لولي... ...

وري پاڻ سنڀالي چوي ٿي ته ”هن صدقي ڪيل کي موت پوءِ ماري، شل ۽ هڪ دفعو وري ملون!“

3- پار دريائون، ڪوئي تتر تنواري

ادا سَڳ بيٺي هان، وچ ويسر ڀولي

سهڻل لولي... ...

وري دل کي آٿت ڏيئي چوي ٿي ته ”ڀل توکي ادو سڏي ويٺي آهيان. هي به انگل آر ۽ پيار جو هڪ انوکو نمونو آهي، جو مَچلائيءَ کان محبوب کي ادو سڏي!“

 

4- بار جو آسي مين ڪيوين ملسان

ٻئي پئي ملسن، مين کَڙي کِلسان

سهڻل لولي... ....

چاڳلائي ۽ چلوِلائي، بودلائيءَ ۽ بهاريءَ وچان چوي ٿي ته ”جڏهن منهنجو پيارو ايندو، تڏهن ٻيا هُن سان پيا ملندا، پر مان ڪيئن ملنديس؟ مان ته خوشيءَ کان بيٺي کلنديس.“

ههڙا ته نماڻيءَ ۽ نهٺائيءَ وارا دل ڀڄائيندڙ خيال ظاهر ڪيا ويا آهن، جن جي پڙهڻ سان عورت جي دلي ڪيفيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

لولي:

1- تون نه اَلاوين، تيڏا وات ڪنهن سِيتا

دليان دا سودا هي، مين تيڪون زور نهين ڪيتا

محرم لولي... ...

حجت جو نمونو ته ڏسو! چويس ٿي ته ”تون جو نٿو ڳالهائين، تنهنجو وات ڪنهن سبيو آهي ڇا؟ ماٺ ۾ ڇو آهين؟ هي دلين جو واپار آهي. مون توکي زور ته نه ڪيو هو!“

 

2- لاڙ جي ويندئين، تيڪون وڃڻ نه ڏيسان

ڪنان ديان واليان تيڪون ويچ کويسان

محرم لولي... ....

ڪيڏي نه قرباني! چويس ٿي ته ”تون لاڙ ڪمائي جي خيال کان وڃين ٿو، پر مان توکي وڃڻ ئي نه ڏينديس. جيڪا تنهنجي کوٽ کٽي آهي، سا واليون وڪڻي، پورت ڪنديس ۽ توکي پئي کارائينديس.“

والين وڪڻڻ جو زنانو جذبو انتهائي سچائي ۽ پيار جو انوکو ۽ کليو ثبوت آهي، جو پڙهندڙن تي جلد اثر پذير ٿئي ٿو؛ جنهن ڪري ويچاريءَ لاءِ همدردي پيدا ٿئي ٿي.

3-   لاڙ جي ويندئين، وڃ ڪيا جو ڪريسين

ماندا جو ٿيسين؛ يبٺا ڏينهن ڳڻيسين

محرم لولي.... ....

جڏهن ڏسي ٿي ته يار مڙڻ وارو نه آهي، تڏهن مجبور ٿي، دل پڪي ڪري، چويس ٿي ته ”ڀلي وڃ! پر ڇا وڃي ڪندين؟ جڏهن منهنجي سڪ ستائيندءِ، تڏهن ويٺو ڏينهن ڳڻيندين ته ڪهڙي وار ويندس!” سادن لفظن ۾ ڪيڏو نه اوچو خيال!

4-  سهڻي دي خاطر، مين مٺڙا مليسان

جيڪو ني بچسي، سو سينڌ ڪون لاسان

محرم لولي... ...

چوي ٿي: ”جڏهن سهڻل لاڙ کان خير سان لڙي ايندو، تڏهن ميٽ ملي، کيس وهنجارينديس. جيڪو ميٽ بچيو سو سينڌ کي لائينديس.“ بچيل ميٽ جو سينڌ کي لائڻ، عورت جي انتهائي اُلفت جو اُهڃاڻ آهي. لفظ روزمره جا استعمال ٿيل، پر منجهن ڪيڏونه زور آهي!

5-  لولي تان لولي، ڪنهن ڪون سڻاوان

جو دم جيسان، تيڏي پير ڌو پيسان

محرم لولي... ...

چوي ٿي: ”لولي يعني اندر جو آواز ڪنهن کي ٻڌايان. جو وقت جيئري آهيان، سو وقت تنهنجي گولي ٿي گذارينديس.

 

لولين مان ظاهر آهي ته لوليءَ جا ٻول سادا، پر ٻهڪندڙ آهن، عام رواجي لفظ، دل سان ٺهندڙ آهن. اهوئي سبب آهي جو لولي جلد دل ۾ پهچي وڃي ٿي.

* * *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org