سورهن سالن جي عورت هڪ چشمون آهي، جو ڪکن ۽ پنن سان ڍڪيل آهي؛
پر اُن جي هيٺان شفاف پاڻي موجزن آهي.
سترهن سالن جي عورت هڪ چنڊ ڪامل آهي، ۽ناز نخري سان سينگاريل
آهي.
ارڙهن سالن جي عورت، منجهند جو چڙهيل سج آهي، جو اکين کي خيره
ڪري ٿو.
اوڻويهن سالن جي عورت پڪل رنگين صوف آهي، جو جيڪڏهن ان جي ڇڻن
وارو نه آهي ته زمين تي ڪري تباهه ٿي ويندو.
ويهن سالن جي عورت، سج آهي جو ڪاپار کان چڙهي هليو آهي.
ايڪهين سالن جي عورت صنوبر جي سايه دار درخت آهي، جنهن جي پاڇي
۾ ماڻهو آرام وٺن ٿا.
ٻاويهن سالن جي عورت هڪ رباب آهي، جنهن جي تارن مان گيت نڪري
ماڻهن کي مست ڪن ٿا.
ٽيويهن سالن جي عورت هرڻي آهي، جنهن کي شڪارين گهيري ۾ رکيو
آهي.
چوويهن سالن جي عورت هڪ قصيدو آهي، جو ڪنهن شاعر اهڙو قصدو نه
چيو هوندو، ۽ مطلع کان مقطع تائين بلڪل زرين
گلوبند معلوم ٿئي ٿو.
پنجويهن سالن جي عورت صبح جي ٿڌي هوا آهي، جا بد مستن کي
چوريندي آهي.
ڇويهن سالن جي عورت گلاب جو گل آهي، جو پوريءَ طرح کُلِي چڪو
آهي، ۽ ڏسڻ وارو چاهي ٿو ته انکي ڇِني پنهنجي سر ۽
سيني سان لڳايان.
ستاويهن سالن جي عورت چوڏهين جو چنڊ آهي، جو زوال پذير آهي.
اٺاويهن سالن جي عورت هڪ باغ آهي، جنهن ۾ خزان جا آثار نمودار
آهن.
اڻٽيهن سالن جي عورت هڪ سهڻو وڻندڙ آواز آهي، جو اونداهيءَ رات
۾ پري کان ٻڌجي، ۽ ڪنن کي وڻي.
ٽيهن سالن جي عورت ”هڪ قديم روايت آهي“، جنهن جي ڪنهن وقت وڏي
شهرت هئي.
دنيا ۾ هر خطي جي اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن، پنهنجي ملڪي ماحول ۽
آزمودي جي آڌار تي، عورت جي تعريف ۾ دفتر ڀريا
آهن، جن جي پڙهڻ سان اڄ به ميٺاج اچي ٿو. فرق فقط
اهو آهي ته اسان جي سنڌي سٻاجهڙن، عورت جي تعريف ۾
گهڻو مواد پنهنجي ماحول مان پيدا ڪيو، جو کين
زيباور لڳو. اهو ئي سبب آهي جو سينگار جي بيتن ۾،
عورت لاءِ جو ڪجهه چيو ويو آهي، سو دنيا جي ٻين
شاعرن جي مواد کان هر طرح برتر ۽ بالا آهي، جئن
اڳتي هلي سينگار جي بيتن مان پوريءَ پَر ثابت
ٿيندو.
(1)
تلِيهرَ ترَنگ، اُڀِي جهاڙي جهاڙَ ڀَرِ
جنهن جا وَرن وَساوَڙَ وِتُرا، اُلۡڊَهه جيها انگ
ڪيسر لڪِي ڪامڻي، نِيچا نينَ ڪُرَنگ
ڪُنگو ڪوڏ ڪرائِيوُن، ڀِرُون ڀونرَ ڀوَنگ
جلوو جوڀن روپ جو، ماهه گهڙيو سر گنگ
سبڻن ”سليمان“ چئي، سُسايا سارنگ
وِڄُون منجهه مهنگَ، ڪنبِي پيٺيُون ڪڪرين.
تيلهر = نانگ. ترنگ = وار. اُڀي = بِيهي، کڙِي ٿي. جهاڙي =
نهاري. جهڙ ڀر = وڻ ڀرسان. ورن = رنگ. وساوڙ =
مينهن وساڙو، جو ڳاڙهو ۽ مخملي ٿيندو آهي. وترا =
وڌيڪ. الڊهه = مکڻ. انگ = عضوا. ڪيسر = ڪيهر،
شينهن. لڪي = لڪ = ڪمر، چيلهه. ڪامڻي = عورت. نيچا
= هيٺاهان، شرميلا، لڄ ڀريا، نماڻا. نين = اکيون.
ڪرنگ = هرڻ. ڪنگو = لئي جي وڻ جو ڳاڙهو ٻُورُ،
زعفران، ڳاڙهو رنگ. ڪوڏ = سامونڊي سپ جو قسم. ڀونگ
= نانگ. گنگ = درياء، پاڻي. مهنگ = آسمان.
واسينگ وارن واري، وڻ جي ڀرسان بيهي پيئي نهاري. سندس رنگ
(حُسن) مِينهن وساڙي کان به زياده ڳاڙهو ۽ مخملي
آهي، ۽ عضوا مکڻ جهڙا نرم آهن. هن محبوب جي ڪمر
شينهن جهڙي لڪدار، ۽ نماڻا نيڻ هرڻ جهڙا آهن.
ڪرايُون ڪُنگوءَ وانگر ڳاڙهيون ۽ نرم، ۽ ڪوڏَ جيان
اَڇيون ۽ لسيون، ۽ ڀونرَ ڪارا ڀِرون نانگ جهڙا
آهن. محبوب جو حُسن ائين پئي ٻهڪيو، جئن (رات جي
وقت) پاڻيءَ مٿان چنڊ (تارن سميت) کِڙي بيهي.
سليمان شاعر چوي ٿو ته سيڻم اهڙا ته سهڻا آهن، جو
برساتي فضا کي به ٽيڙي پکيڙي ٿا ڇڏين يعني محبوب
اهڙو ته حسِين آهي، جو بادلن جي آبدار فضا (آسماني
متل مانڊاڻ) کي به بي رونق بڻائي ٿو ڇڏي محبوب جي
حُسن کي ڏسي، خود وڄون (تاب نه جهلي) ڪڪرن جي
اونداهي ۾ بيهي ويون.
2. فطري سينگار (حقيقي محبوب جو)
هي سينگار جا بيت حضرت محمد صلعم جي شان ۾ چيل آهن:
(الف)
(1) زلف تي آبرُو هِن دلبر دي، مار اَتي تلوار ڏونهين
مارن نيش عُشاقون نُون، تي ڪَريندي قتل هزار ڏونهين
خِجل ٿيا خورخاور دا، وُهۡه ويک روشن رخ، رخسار ڏونهين
سمنڊ ڇوڙ دريا ۽ آتش، چُمن تيڏي پيزار ڏونهين
مَلڪ مُلڪ مِلڪ تِنها دي، طالب تابعدار ڏونهين
چاهه زَنخ وچ قيد ڏٺو سي، رستم اِسفنديار ڏونهين
مشتاقان نُون نَين سڄڻ دي، مارن ليل نَهار ڏونهين
طوطي، بلبل تي شرمندي، سُڻ شيرين گفتار ڏونهين
سَرَو، ڪَبڪ تي هردم حيران، ويک قامت رفتار ڏونهين
آکي ”عطا“ جڏان دلبر آيا، ٿيا ارض سَما گلزار ڏونهين.
زلف = وار، خصوصاً لَوڻي وارا. ابرو = ڀرون. مار = نانگ. نيش =
ڏنگ. خجل = شرمسار. خور = سج. رخسار = ڳل (منهن
روشن.). ’سمنڊ‘ اشارو آهي ’موتيءَ‘ ڏانهن، جو سمنڊ
جي پيدائش آهي، محبوب جي ڏندن سان موتين جي
تِشبيہ. ’دريا‘، اشارو آهي ’مڇي‘ ڏانهن. مڇيءَ جو
وات ننڍڙو ۽ گول ، ۽ چَپَ سنهڙا ٿيندا آهن، محبوب
جي وات مبارڪ سان، مڇيءَ جي تشبيہ. آتش = باهه.
تيز ۽ ساڙيندڙ روشني جي خيال کان. پيزار = جُتي.
ملڪ = ملائڪ، فرشتا، مِلڪ = ملڪيت. چاهه زنخ =
کاڏيءَ وارو چُگهه. ليل نهار = رات ڏينهن.
شاعر عطا چوي ٿو ته، ”محبوب جو زلف، نانگ مثل ۽ ڀرون تلوار مثل
آهن. اهي ٻَئِي زلف ۽ ابرو نِيهَن جا نيش هڻي،
هزارن سڪايلن کي ڦٽِ وجهن ٿا. محبوب جي روشن رخ کي
ڏسي، سج جي روشني به جهڪي (شرمسار) ٿي ويئي. موتي
۽ مڇي به محبوب جي ڏندن ۽ وات کي ڏسي اچي پيش پيا،
۽ باهه ۾ ايڏي ساڙيندڙ تيزي نه آهي، جيڏي محبوب جي
حسن ۾! ملائڪ ۽ سڀ ملڪ (ڪهڙو به حُسن انهن مُلڪن
جو هجي) محبوب جا طالب آهن. محبوب جي کاڏيءَ جي
رونق ڏسي وڏا وڏا پهلوان ــــ رستم ۽ اسفنديار
ــــ به گرفتار ٿي ويا. محبوب جا نيڻ سڪايلن کي
رات ڏينهن چُٽِينِ ٿا. مِٺي گفتار ٻڌي، طوطي ۽
بلبل به شرمنده ٿيا يعني مقابلي ۾ بيهي نه سگهيا.
سَنئين قد ۽ خوش رفتار کي ڏسي، سرو ۽ ڊيل به حيران
ٿي ويا. ”عطا“ شاعر چوي ٿو ته جڏهن محبوب جو
ديدار، فرحت آثار نصيب ٿيو، تڏهن زمين ۽ آسمان
يعين ماڻهو ۽ ملائڪ نهايت خوش ٿيا.“
(ب)
(1)
هَنجن هلڻ سکيو، هوتن کان هيڪَرَ
ڪوئِلَ ڪيين ڪمائِيو، ٻوليءَ ۾ ٻِيهَر
ڏسي ڪُرَّنگَ ڪِري پيا، ڪَينَن جا اوجَرَ
راهِلي رمِي وئي روهه ڏي، وهم ٿيس وِيچّرَ
پسي دَند دهاني دلبر جا، ڏڪي ويا ڏوپَرَ
چَرن برابر چور نه آئِي، پڳَ وڌا پاريهَرۡ
مَلڪ فلڪ قربان ٿيا، ٻُڌي سهڻي جا سينگرۡ
انهيءَ کان به آپرَ، منهنجا جانب وڌ ”جمال“ چئي.
ڪرنگ = هرڻ. راهل = ڪونج. ڏوڏر = موتي. چور = ميندي. پڳ = پير.
سينگر = سينگار، خوبيون، وصف. اپر = وڌيڪ، گهڻا.
شاعر چوي ٿو ته ”محبوب جي ٽور کي ڏسي، هنجهن به اُتان ئي هلڻ
سِکيو. ٻولي ٻڌي ڪوئل وري نه ٻوليو. نوراني اکين
کي پسي، هرڻ به ماٺ ۾ اچي ويا. ڪونج به محبوب جي
گلي کي ڏسي، پنهنجي ماڳ مڪان (جبل) ڏي هلي وئي ۽
کين شڪست جو وڏو ويچار ٿيو. وات مبارڪ ۾ ڏند ڏسي
موتي به دهلجي ويا. محبوب جي پيرن جي لالائي ڏسي،
مينديءَ به شهه کاڌي ۽ پاريهر به پڄي نه سگهيا.
محبوب جي سهڻين وصفن جو ٻُڌي، فرشتا توڙي آسمان تي
رهندڙ نبِي وغيره به صدق صدق چوڻ لڳا. جمال شاعر
چوي ٿو ته ”اها جيڪا مون تعريف ڪئي آهي، تنهن کان
وڌيڪ سهڻي جا سينگار آهن.“
سينگار جي بيتن ۾ ڪي اهڙا به بيت ملن ٿا، جن جي ساخت سادي آهي،
پر تڏهن به شاعرن ۽ سگهڙن جنهن نموني مجازي محبوب
جي تعريف ڪئي آهي، سا پنهنجيءَ جاءِ تي ٺهي ٿي.
اهڙا ٻه ٽي بيت هيٺ ڏجن ٿا ته جئن انهن بيتن جو به
اندازو ڪري سگهجي. منجهن ڪيترائي انوکا الفاظ ۽
عمديون تشبيهون موجود آهن.
(1) منهنجو سڄڻ سينگارجِي، آيو ناز سان نازڪ بدن
سونَ جَنهوَرَ جون هَسيُون، سهڻل سندي سيني سونهن
دندان موتين جان ٻرن ٿا، دلربا جي منجهه دَهن
وئي شمع سارِي ڇَپِي، محبوب مُرڪيو ٿيو چَمن
گفتار سهني يار جي، گويا ڪيا گوهر صحن
ويا هڄِي هِنڊولَ هِت، اڳيان پسي لالي لبن
لعل ٿا جيڪي ٻجهن، سي لعل ٿا هن کي چون
دلربا ويو باغ ۾، ماهِه لقا سهڻو گلن
گل گلابن جا ڏسي، محبوب منهنجي جي ڳلن
سڀ سڄڻ جي سامهون نياز مان پيا ٿا نِمن
نرگس چنبيلي ناز سان ٿي ڪئي چهه چهه چمن
جلوو جانب جو پسي، سورج پيا سختيون سهن
قيد ڪاڪل ۾ ٿيا، ڪيئي لاڏلا ڦِرندا وتن
سُنبل ڀڃي ڀورا ڪيا، ڪيئي ڪُونڌَ ٿا ڪڙڪيا پون
ناز سان اکڙيون کڻي، جڏ ٿو ڏسي جانِ من
ٿئي جگر مان خون جارِي، جئن قصائي پهرُو ڪُهن
چنُّ ”جانڻ“ تون به هڪڙو سُورَ ٿا ڪيئي سهن.
(2)
هاڻي ڪيان ٿو بيان
سر چِيرو زريدار
ڪَنِي پَٽَ سان ڀريل
زيب لاتو تن گلن
گَجَ سهڻو گلن ساڻ
سائِي سُٿڻ پَٽَ جِي
ڀَريل پيرَ جُتِي
نَسبيون ناوڪون هڻن
رنگ لايو ڏانوڻِن
چڱو سونهين چوٽيءَ ڦُل
ڪِيسَ ڪنکڻ پيا ڪن
ويڙهه ڏاڍو پيو وڻي
واهه سڄڻ جون ڪڙيون
مُرڪي، مُشڪي، کِلڙِي
”دِينَل“، هاڻي ڪرتون بَس |
پورو ڏج تون ڌيان
جنهن جي وقت آ هزار
تنهن ۾ ڪاوا جَڙيل
موتي لعلون پيون لُڏن
ڏسي عاشق گهورن پاڻ
نِينهن ناز نَٽَ جِي
زريءَ سان ڳُتِي
جهوريو جُهومڪ وجهن
تنهن ۾ پنڙا پيا لڏن
ڏاڍو دهريءَ لاتو هُل
موريُون موهيو وجهن
تنهن ڏي دل پَئِي تَڻِي
هيري جوهر سان جَڙيون
کسي وئين دِلڙِي
دلبر ناهي پنهنجي وس. |
مٿئين ٻنهي بيتن ۾ مجازي محبوب جي هار سينگار جي سادي نموني
تعريف ڪيل آهي. لوڪ ادب ۾، اهڙا بيت به ’سينگار‘ ۾
شامل ڪجن ٿا.
سينگار جا بيت
(1)
پُهَه رِپُ پاڄيي پِرُ جو، نِس رِپُ راس نه رُوءِ
آلِ رپُ اَدب ۾ اُڀا، سُت رپ سانگ نه سُوءِ
ڦُن رپ ڦورَ ڦِٽي ڪئي، اُنَّ رپ آب نه اُوءِ
ڪُنَجَل جو رپ ڪارڌُو، مَينڊڪ جو رپ مُوءِ
اَگم رپ نه اُگمي، ڪَنڪَن اَچي نه ڪُوءِ
هڪ تنهنجو جلوو جُوءِ، ٻِئي جو جلوو ڇاهه ”جلال“ چئي.
پهه = ماڪ، ماٽ، ٽيڙ. رپ = آفت، دشمن. پهه رپ = ماڪ جو دشمن يا
رپ، سو ٿيو ’سج‘. سج نڪرندو ته ماڪ گم ٿي ويندي،
تنهنڪري سج گويا ماڪ جو دشمن (رپ) چئبو. پاڄي =
نوڪر. نس = رات. رپ دشمن = رات جو دشمن، سو ٿيو
’چنڊ‘. ’چنڊ‘ نڪرندو ته ڪاري ’رات‘ گم ٿي ويندي؛
تنهنڪري چنڊ گويا رات جو دشمن چئبو. پهه رپ پاڄي
الخ = سج ته پرين جي در جو نوڪر آهي، پر چنڊ به
محبوب جي حُسن برابر نه آهي.
ال = ڀونر. ال رپ = ڀونر جو دشمن، سو ٿيو ’ڪنول گل‘. ’ڀونر‘
ڪنول گل تي عاشق آهي ۽ واس وٺڻ لاءِ منجهس پيهي
ويندو اهي. رات جي وقت گل بند ٿي ويندو آهي،
جنهنڪري ’ڀونر‘ ساري رات بند هوندو آهي. وري صبح
گل کُلڻ تي اُڏامي نڪرندو آهي، تنهنڪري ’گل‘ ٿيو
گويا ’ڀونر‘ جو دشمن. سُت = پُٽُ. اشارو آهي سمنڊ
جي ’موتين‘ ڏانهن. ’موتي‘ سمنڊ جو پُٽ (پيدايش)
آهي. ست رپ = موتين جو دشمن، سو ٿيو ’هنجهه‘ يا
’هنس‘ پکي. هنجهه جو کاڌو ’موتي’ آهي، تنهنڪري
گويا ’موتي‘ جو دشمن ٿيو. ال رپ ادب الخ = گل،
محبوب جي ادب ۾ کڙا ٿيا يعني محبوب جي اک ڪنول گل
کان به سهڻي آهي ۽ هنجهه جي لوڏ به بي ڊول ٿي
ويئي.
ڦن = نانگ. ڦن رپ = نانگ جو دشمن، سو ٿيو ’مور‘. مور پکي، نانگ
کائيندو آهي، تنهن ڪري مور جي آواز تي ڇپي ويندو
آهي. ڦور = شوخي، ناز. ان رپ = اُنَّ جو دشمن، سو
ٿيو ’باهه’؛ ڇاڪاڻ ته ’باهه’ اُن کي ساڙي ڇڏيندي
آهي، تنهنڪري ’باهه‘ اُن جو دشمن چئبي. آب = عزت،
مانۡ، چمڪو، تجلو. ڦن رپ ڦور الخ = محبوب جي حُسن
آڏو مور به پنهنجي ناز ادائي ڇڏي ڏني، ۽ باهه جو
ساڳيو آب و تاب نه رهيو.
ڪنجل = هاٿي. ڪارڌو = شينهن. هت شاعر پاڻ ئي ’ڪنجل جو رپ‘
’ڪارڌو’ ڏنو آهي. مينڊڪ = ڏيڏر. مينڊڪ جو رپ =
ڏيڏر جو دشمن، سو ٿيو ’نانگ’. نانگ، ڏيڏر کائيندو
آهي. ڪنجل جو رپ الخ = شينهن جهڙي چابڪ چيلهه ۽
نانگ جهڙا ڪارا وار. آگم = جُهڙُ، آگم رپ = جُهڙُ
جو دشمن، سو ٿيو ’اِنڊلٺ‘. انڊلٺ اُڀرڻ سان جهڙ
ٽِڙي پکڙي ويندو آهي؛ تنهنڪري گويا جُهڙَ جو رپ
ٿيو. اگمي = اُڀري. ڪنڪن = سونُ. ڪوءِ = گهٽي،
گلِي. آگم رپ نه الخ = محبوب جي حسن جي رنگينيءَ
کي ڏسي انڊلٺ به نٿي اُڀري، ۽ سونُ به (شرم کان)
محبوب جي گليءَ ۾ نٿو اچي.
(2)
تَمۡهَرَ رُوپ تَرنگَ، هِن ڪّنَولُ ڪيسَ قريب جا
سَهَه ڳِچِي، قد سَروي، ڪَونَتَرَ نيف نِسَگَ
ٻُونگَر سر ٻُراءَ جي، مُڙگان ڪيشَ خَدَنگَ
لَڪَ لَيشِي، ڏَهرَ ڪَپور، ڀرون ڀَونر ڀَونگَ
تنهن سُسائيا سارنگ، جلوي ساڻ ”جلال“ چئي.
تمهر = رات. روپ = شڪل، صورت. ترنگ = وار. سهه = ڪونج. سروي =
سَروَ جهڙو. ڪونتر = طوطو. نيف = نڪ. نسگ = نروار،
ظاهر ظهور. نيف نسنگ = طوطي جي طرح نڪ نروار، طوطي
جيان ڪُنڍو نڪ. ٻونگر = ڪچڙا گونچ. ٻونگر سر سراء
= ٻونگر جهڙا وار مٿي تي، نرم ۽ سهڻا وار. مڙگان =
پنڻيون. ڪيس = وار. خدنگ = تير، گز. ٻونگر سر الخ.
هي چوٽيدار تَلَهڙ وار، ۽ ڪَمڍيون پنڻيون، سي ته
گويا تِير اهن. لڪ = ڪمر، چيلهه. ليثي = ليث جهڙي،
شينهن جهڙي. ڏهر = ڏند. ڪپور = ڪافور. ڀونگ =
نانگ. لڪ ليثي الخ = شينهن جهڙي لڪدار ڪمر، ڪافور
جهڙا اڇا ڏند ۽ ڀرون، ڀونرن ۽ نانگ جهڙا ڪارا آهن.
جلال چوي ٿو ”هن محبوب، پنهنجي جلوي سان، بجلي
مانڊاڻ به جَهڪو ڪري ڇڏيو.“
(3)
چور چَنبَن ۾ مُشڪ مليا، سي وينگَس وٺيو وار ونگِين
ورن چنبيلي، چَڪران چوٽي، جڙيو ٿي جنسار جَبِيِن
تَلِيهَر تَرسن تان تِکيرا، ڳَهه ڳَل هوتَن هار حَسِين
شَفت شِگُوفَه شَه ڏين شَهلا، ريٽيرا رخسار رنگين
شمس قمر شب روز سڄڻ جي تجلي ۾ تڪرار لِڪِين
عَدن کان اڳرا مُک ۾ موتي، ماريو مفت مَلهار مَهين
ڀَونر بوءِ لاءِ، بَسني بدن تي، اڄ ڏئي ٿا للڪار لَنگِهين
گامون گام گَنير ڇا گهمندو، ”لونگ“ چوي نه لَهِين
اڄ غور ڪري غمگين، اڃايل آب ڏي.
چور = ميندي. ڪران چوٽي = وارن جو چوٽو. تان = گُهنڊ، ڪاوڙ (؟)
تيهر = نانگ. شفت = چپ. شگوفه = مکڙي. شهلا = نرگس
گل جو قسم. اهو گل انسان جي اک سان مشابهت رکي ٿو.
بسني = بَسَنتي خوشبودار. گام = وک. گَنير = هاٿي.
اها وينگس، مينديءَ رتڙن هٿن سان، پنهنجي مشڪ مليل چوٽي کي
سينگاري ٿي ۽ چپڪ ورني (چنبيليءَ جي رنگ جهڙي) کي،
اهو چوٽو، سندس پيشانيءَ تي ڏاڍو ٺهي ٿو. اهي نانگ
جيڪي هميشہ ڪاوڙيل هوندا آهن، سي به ڪاري چوٽي کي
ڏسي ترسي پيا يعني هٽي ويا. محبوبن کي ڳچيءَ ۾
ڳهڻا به هئا. وات مکڙي ۽ اک نرگس کي شهه ڏيندڙ ۽
ڳاڙهُرا ڳل! اهڙي کي ڏسي سج ۽ چنڊ به تجلي جو تاب
نه جهلي لِڪي وڃن ٿا. محبوب جا ڏند، عدن جي موتين
کان به وڌ آهن، ۽ جڏهن ڳالهائين ٿا، تڏهن گويا
ملهار لڳيو وڃي ۽ عاشق مريو پون. بسنتي يعني
خوشبودار بدن تي ڀونر به للڪار ڏئي واس وٺن ٿا ته
ٻئي هنڌ اهڙو هٻڪار نه هوندو. هاٿي کي ڇا مجال جو
محبوب جي وک برابر هلي سگهي. لونگ شاعر چوي ٿو ته
”اي محبوب، مون غمگين تي غور ڪر ۽ پياس لاهه.“
(4)
مَرگَپ چِيني چِين، آهي ڪَينچن رُنگُ قريب جو
اِسٿل ڀيري ڀيروان، اُس وه لا ڪَلِينَ
آل چَڳَر، چالي چَڳَر، طرح طوطي بِينَ
زُئي گَنَجَن، ڪيَس ڪَر، سِهڳَر سَرو حَسِينَ
گينوريا سڀ ”گلاب“ چئي، هيءَ به آ صفت سَندين
اهڙا مُحَب مَهِين، جن ريهو روح رموز سان.
مرگپ = مرگهه رپ = مرگ = مرگهه (هرڻ) + رپ = هرڻ جو دشمن، سو
ٿيو ’شينهن’. ڪينچن = سون. محبوب جي چيلهه، شينهن
واري سنهي آهي ۽ رنگ سون جهڙو. اسٿل = بيهڪ. ڀيري
= ڀير، نمونو. ڀيروان = ڀرون جو. لاڪلين = لا ڪليم
(؟) = جنهن لاءِ ڪجهه به جئي نه سگهجي. سندس ڀرون
جو ڀير اهڙو آهي، جو بيان ئي نٿو ڪري سگهجي. ال =
ڀونر. چڳر = چڪر = وار (؟) جڳر = هاٿي. سندس وار
ڀونرن جهڙا ۽ هلڻ هاٿيءَ جهڙو. طرح طوطي بين = نڪ
طوطي جهڙو. زئي = هرڻ. کنجن = اک. ڪيس = وار. ڪر =
ڪڪر. سهه = ڪونج. ڳر = ڳلو، ڳچي.
شاعر چوي ٿو ته ”ان محبوب جي چيلهه شينهن جهڙي ۽ رنگ سون جهڙو
آهي. سندس ڀرون به لاجواب آهن. ڪارا وار ڀونرن
جهڙا، هلڻ هاٿي جهڙو ۽ نڪ طوطي جهڙو. اک هرڻ جهڙي،
وار ڪڪر جهڙا ۽ ڪونج جهڙي ڳچي ۽ سَرو جهڙو. گلاب
چوي ٿو ته ”اهي وصفون ٻڌي، سڀ مدهوش ٿي ويا. اهڙن
ئي محبن روح ڇڪي ورتو آهي.“
(5)
ڪِيل، گُلن، ڳج، ڪسيري، پُونَهه، پَيشي ڀورَ
اَهو، اُرگ، اَنار، سِهه، ميگهه، مِين، سَت هورَ
لرزيا ڪُلَئي ”لونگ“ چئي، پسي زينت زور
پَٻ پارِيوَر پدمني، جنهن مانڌ ڪيا مُنڌ مور
جئن چاندي ڪڍ چڪور، تئن من طامع تن ڏي گهڻو.
ڪيل = طوطو. گلين = گلن جهڙو. گج = هاٿي. ڪيسري = شينهن جهڙي
(چيلهه). پونهه = چنڊ. پيشي= سونَ جي ريڻي يا
ڏَنگي. پيشي ڀور = سونَ جا ذرڙا. محبوب جو بدن،
سون جي ذرڙن جيان ٻري ٿو. آهو = هرڻ. ارگ = نانگ.
انار =ڏاڙهون. سهه = ڪونج. ميگهه = ميگهه ملهار.
محبوب جو ڳالهائڻ ميگهه ملهار لايو ڇڏي. مين =
مڇلي. سندس چپ ۽ وات مڇيءَ مثال. ست = سَتون. هور
= سج. پٻ = پير. پاريور = پاليهر. مانڌ = مات. منڌ
= عورت.
شاعر مختلف چيزن سان محبوب جي خوبين کي ڀيٽي، سڀني چيزن کان
اُتم ۽ اعليٰ سمجهي ٿو. طوطي جي نڪ کان محبوب جو
نَڪُ سٺو آهي. گلن جي رنگ ۽ نزاڪت کان به محبوب
وڌيڪ آهي. اهڙيءَ طرح هاٿي، شينهن، چنڊ، سونَ جا
ذرڙا، هرڻ، نانگ، ڏاڙهون، ڪونج، ميگهه، مڇلي ۽ سج
به محبوب کي پَسِي ڊڄي ويا. ان پدمنيءَ جا پير،
پاليهر جهڙا آهن، جنهن مور جي سونهن کي به مات ڪري
ڇڏيو. جئن چڪور پکي چنڊ لاءِ سڪايل رهي ٿو، تئن
منهنجو من به اهڙي محبوب لاءِ هر وقت تاڻيندو رهي
ٿو.
(6)
جَلوو جوڙَ جَّبِينَ، اَگَن ناهي اهڙو
جنهن ڪيو بانوريو بَنراوَ کي، چانَڪ لائي چينَ
چُپ چوريو چال چلن، ڪُهَنگ نِهارن ڪِينَ
اُڳُو ته اوجَر تن جا، بِيني ڪوڪِلَ بِينَ
هٿ مُک لعل حَسِينَ، تن کان سواءِ ”سائينداد“ چئي.
جبين = پيشاني. اگن = باهه. بانوريو = چَريو. بَنراو = شينهن.
چانڪ = طعنو. چين = چيلهه. ڪهنگ = پکيءَ جو قسم.
هي پکي ڳچي ڊگهي ڪري، سڌو ئي سڌو ڏسندو آهي. اڳو =
وار. بيني = آواز. ڪوڪل = ڪوئل. بين = آواز.
محبوب جي پيشاني، باهه کان به وڌيڪ ٻري ٿي. محبوب جي پُتلي ڪمر
ڏسي، شينهن کي به گويا طعنو لڳي ويو، ۽ چيلهه تي
چريو ٿي پيو. ڪهنگ پکيءَ وانگر يڪ نظر ٿي، خاموشي
سان رعب ۾ هلن ٿا. سندن وار تجليدار ۽ ٻولي (آواز)
ڪوئل جهري. جيتوڻيڪ سندن هٿ ۽ مُنهن لعل جيان لال
آهي، پر سائينداد چوي ٿو ته ”دراصل لعل کان به
حَسين آهن.“
(7)
وَجَرَ ري وَرَڻي، ڍَرَهَه ري ڍارياسِ
گَت گُسِي وئي گَجَ کان، لکين ليث لٽياس
پانڌي پنبڻن سان، ساٿِي سِيٿرا ياسَ
پَريُنِ جي پاراسِ، هيءَ مُنڌ نه ماڻهن جهڙي.
وجر = ڦڻِي ڏيڻ. ورڻي = حسين عورت. گت = چال، رفتار، گُسي وئي.
= ڦِري وئي. گج = هاٿي. ليث = شينهن. پانڌي =
پانڌيڙو، واٽهڙو. پاراس = پار جهڙي، نموني جهڙي.
ڦڻي ڏيڻ کان سواءِ ۽ ٺاهي بدن تي ڍارڻ کان سواءِ ئي اُن حسِين
عورت جا وار، سند بدن تي اچي ڪِريا. محبوب جي
(ٽِلندڙ) ٽورَ کي ڏسي هاٿيءَ کان پنهنجو هلڻ ئي
وسري ويو، ۽ لڪدار ڪمر کي ڏِسِي شينهن به شَهه
کاڌي. جنهن به محبوب کي ڏٺو ٿي تنهن جو اڳتي هلڻ
محال پئي ٿيو ۽ ڪيترائي عاشق روڪي رکيائين. اها
عورت، انسان ذات جو نمونه نه چئبي، پر پَرِيءَ جو
نمونو!
(8)
وَهه واهه ويسَ، آبر تو ڪيسَ، لپيٽيا، ليثَ، چُون آريسَ، سُنبل سُون ڪارا
سالئر سنگِين، ڪيهءِ رنگين، جيسي دِرين، ذَهب زَرين، حسين حبيب همارا
کنيو تو ڇم، ڪيو تو ڪرم، لاٿُهءِ سڀ غم، سڄڻ صنم، عجيب اُجارا
سندي تو واٽ، مِٺي آ بات، ڪوئل ڇپات، روئي دِن رات، ٻُڌي گفتارا
دَڇن اَنار، لبين گلزار، لاکيي بيڪار، گڙهه ڪا يار، هِندول بچارا
”مانجهي ڊَکاڻ“ گُهري ٿو ڏاڻ، تون پارس پاڻ“ ڏي تون هاڻ، ٿين مخلوق متارا.
ابر تو ڪيس = ڪڪرن جهڙا ڪار وار. لپيٽيا ليث = شينهن کي به
(تنهنجي ڪمر) شهه ڏئي ڇڏي. چون آديس = سڀ مُجرا
مڇين ٿا، تسليم ڪن ٿا. سنبل سون ڪارا = سنبل گل
وانگر (وار) ڪارا. سنگين = نفيس. جيسي درين = جئن
انڊلٺ. ذهب سونُ. ڇم = اکيون. دڇن انار = ڏند
ڏاڙهون جي ڪڻ جيان. لاکي بيڪار = لاک (جو رنگ
تنهنجي لبن اڳيان) بيڪار آهي. گڙهه ڪا يار = برسات
جو دوست يعني هندول، هنڊول بچارا = مينهن وساڙو
(به محبوبن جي ڳاڙهن لبن کي ڏسي) ويچارو ٿي پيو.
ڏاڻ = دانُ، بخشش. پارس پاڻ = تون (اي محبوب) پاڻ
پارس آهين، جنهن کي لڳين تنهن کي رڱي ڇڏين.
(9)
اَبرُو اَبر عجيب جا، قوس ته حاجت ڪانءِ
ڇم ڇِيهلَ، ناسَ ڪڪِيهلَ، هِنڊوي هُونٺ رَتانِ
هن جا اونُ اَناران اُڀريا، طبل ٻڌي طرحان
مروارِيد مات ٿيا، سُڻِي ڏهر سندان
ڪيسَن تي ”ڪوري“ چئي، صورت جا سُبحانَ
جن جا منصبي ميم مراتبا، ڪهڙي ڏاتِ ڌريانِ
چِيهي پيرَ چڱانِ، پر سودامنِي سڀ سُسائيا.
ابرو = ڀرون. ابر = ڪڪر. عجيب = محبوب. قوس = ڪمانَ. حاجت = ڪم؛
مجال، پُڄڻ جي جاءِ. ڇم = چشم، اکيون. ڇهيل = هرڻ.
ناس = نڪ. ڪڪيهل = طوطو. هنڊوي = هندوو = مِينهن
وساڙو. هونٺ = چپ. رتان = رَتل، ڳاڙها. مرواريد =
موتي. ڏهر = ڏند. منصبي = مرتبو، مانُ شانُ. ميم =
’م‘ جيان ننڍڙو وات. سودامني = کِنوڻ. اشارو محبوب
ڏانهن.
محبوب جا ڀرون ڪڪر جيان ڪارا ۽ ڪمان کان زياده وريل. يعني ڪمالّ
کي به مجال نه آهي جو محبوب جي ڪماني ڀرون جو
مقابلو ڪري سگهي. اکيون هرڻ جهڙيون؛ نڪ طوطي جهڙو،
چپ مِينهن وساوڙي جيان ڳاڙها. ڇاتي ڏاڙهون وانگر.
موتي محبوب جي ڏندن جي رڳو تعريف ٻُڌي هارائي
ويٺا. ڪوري شاعر چوي ٿو ته ”سندن وار به سبحان
الله! توڙي چيهي پکيءَ جا پير به سهڻا آهن، پر
حسِين محبوب انهن کي به ريٽي ڇڏيو.
(10)
رَڌان رُجني جيهُون، ڇمّ ڇِيهلَ کوَن وَڌّ
انَف اُننگ کون اڳرو، رُوءِ رَڀن ڪيو رَدّ
ڪيسر، ڪُسنب، ڪُنگوءَ، ويتر خوب پيريان جا خُدّ
دَڇن دلبر جا پسي، وڃي دُرّ پيا منجهه ڌَڌّ
چِهرو چمڪيو، چِيءَ ڇپِي ڪيو زيب ذَهۡب کي زَدّ
جوزا جانب کي پسي ٿيو عشق منجهاران اَڌّ
کِيو منجهه خمار سدائين، محب پرين ريءَ مدّ
ٽورَ پسڻ کي مورَ هليا، ٻيو سنکرَ ٿِي سڌّ
”حمل“ چئي هت حدّ، بيشڪ ناهه بيان کي.
رڌان = زلف، وار. رجني = وات. جيهون = جهڙا. ڇم = چشم، اکيون.
ڇيهل = هرڻ. انف = نڪ. اننگ = طوطو. اڳرو = وڌيڪ،
فوقيت رکندڙ. روءِ ۔= مُنهن، چهرو. رڀن = سج. ڪيسر
= زعفران. ڪسنب = کُهنبو. ڪنگو = لئي جا ڳاڙها
گوشا. خد = ڳل، رخسار. دڇن = ڏند. در = موتي. ڌڌ =
سمنڊ. چيءَ = کنوڻ، وڄ. زيب = سونهن. ذهب = سونُ.
زد ڪرڻ ۔= ماري مڃائڻ. جوزا = نهايت چمڪندڙ تارو.
کيو = نشي ۾ مست، خماريل. خمار = نشو. مد = شراب.
سنکر = هاٿي.
محبوب جا وار، رات جهڙا (ڪارا) ۽ اکيون هرڻ کان به سهڻيون. نڪ
طوطي کان سهڻو ۽ چهرو سج کي به شهه ڏيئي ڇڏي.
محبوب جا ڳلَ، زعفران، کُهنبي ۽ ڪُنگوءَ کان به
ڪثر آهن. ڏندن کي ڏسي موتي به پنهنجي اصلوڪي جاءِ
سمنڊ ۾ هليا ويا. جڏهن محبوب، مُنهن کنيو، تڏهن
کنوڻ لِڪي وئي ۽ سونُ به پنهنجو رنگ وڃائي ويٺو.
محبوب جون نوراني اکيون، سواءِ خمار جي سدائين
خماريل رهن ٿيون. سندن هلڻ کي ڏسي، مور هليا ويا ۽
هاٿيءَ کي به اهڙيءَ طرح گهمڻ جي ريس ٿي.
|