سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :39

 

 

لوڪ ڪهاڻيون

’لوڪ ڪهاڻيون‘، لوڪ ادب جو پراڻي ۾ پراڻو مواد آهي،جنهن جي اهميت قدامت جي نقطئه نگاهه کان، لوڪ ادب جي مڙني صنفن کان مٿاهين آهي. ’لوڪ ڪهاڻيون‘ لوڪ ادب جي گويا آڳاٽي اکر وينجهه (Dictionary) آهي، جنهن ۾ هرهڪ موقعي محل جي پوري وضاحت ڪيل آهي. لوڪ ڪهاڻيون جن ۾ تر توڙي بر جي تصوير ڇڪيل، پر ڍڪيل آهي. اهي انسان ذات جي ڄمڻ کان مرڻ تائين، سندس حرفت ۽ هنر، اٽڪل ۽ استادي، لياقت ۽ طاقت جا جهونا دستاويز آهن، جن تي وهڃائڻ ۽ ويچارڻ سان اڳين انسانن جا وسوسا ۽ وهم، ڀيد ۽ ڀرم، رسم ۽ رواج، منتر، جنتر، ٽوڻا ڦيڻا، سڳا ڌاڳا، ڏس پتا، مطلب ته وقت جي هر چيز سئيءَ سڳي سوڌو اڳيان اچي بيهندي.

’ڪهاڻي‘ کي هندي ۾ ’ڪهاڻي‘ ۽ سنسڪرت ۾ ’ڪَٿانيڪا‘ چون (1) ڏاتو يا بنياد اٿس: ڪٿ = چوڻ. ڪهاڻي کي آکاڻي به چون. آکاڻي = پراڪت. آکاڻيه، سنسڪرت. آکيانَڪَ، جنهن جو ڌاتو آهي (2) گيا = بيان ڪرڻ. ٻهراڙيءَ ۾ ڪهاڻي يا آکاڻي کي ’ڳالهه‘ به چون جنهن جو بنياد سنسڪرت لفظ گَلۡ آهي (1) جنهن جي معنيٰ آهي: چوڻ:

لوڪ ڪهاڻين جو ٿڏو پهريائين ڪٿي لڳو ۽ ڪنهن هنيو سو معلوم ڪرڻ ڪٺڻ ڪم آهي. البته ايترو چئي سگهبو ته جئن ئي انسان جي پيدائش ٿي ۽ منجهس سمجهه، سوچ ۽ تميز جي طاقت تيز ٿي؛ تئن ئي هن ٻاهرين ماحول کان متاثر ٿي پنهنجي اندر ۾ ويچاري، انهن ڳالهين کي عقلي رندو هڻي، صاف ڪري پيش ڪيو. ٻاهرين ماحول جو اثر هو: جهيڙا جهٽا، ويڙهه جهيڙ، پرين جنن، ڀوتن جا ڀئو، هوا طوفاني، پاڻي جي طغياني کنوڻ جي کنواٽ، ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ وغيره ۽ فرحت بخش چيزون، جن ۾ چرچو گهٻو، کل مسخري ناچ گانو وغيره اچي وڃي ٿو.

 

هن ڏس ۾ روسي مصفنه اي پاميرانتسيوا جي تحقيق ڪنهن حد تائين وزن رکي ٿي. (2)

 

”هي جانورن جون ڪهاڻيون؛ سوين سال اڳ شڪارين ٺاهيون هيون، جن جانورن جو گهرو مطالعو ڪيو هو، ۽ هي نتيجو ڪڍيو هئائون ته هر جانور کي پنهنجو ڪردار ۽ پنهنجي شخصيت آهي. هنن ڪن جانورن جي بهادريءَ جي خيال کان تعريف ڪئي آهي ۽ڪن جي چالبازيءَ ڪري مذمت ڪئي آهي.“

 

اهو تسليم شده آهي ته هر شيءِ جي شروعات ننڍي پيماني تي ٿيندي آهي، ۽ پوءِ آهستي آهستي وڃي چوٽي ڪندي آهي، تئن ڪهاڻين جي شروعات ۾ ٿورن انگن اکرن سان ٿيندي هوندي. ماحول کان متاثر ٿي ڪنهن ڪجهه چيو، ته ٻڌندڙ ان کي وڌائي پيش ڪيو ته ٽئين وري وڌيڪ مرچ مصالح ملائي مزيدار ڪري پيش ڪيو، ته ڪنهن ذهين شخص ساڳي ڳالهه کي پنهنجي ذهانت سبب وڌائي نرالي رنگ ۽ روپ، ورن ۽ ويس ۾ پيش ڪيو. مطلب ته ڪنهن ڪجهه بڌايو ته ڪنهن ڪجهه وڌايو جي مثال، ڪهاڻي وڃي راس ٿي. ان باري ۾ جناب ڊاڪٽر بلوچ به عمدو خيال پيش ڪري ٿو:

 

”لوڪ ڪهاڻي هڪ فقير جي گودڙي آهي، جنهن ۾ پنج ڪڻي پئي پوي ۽ هر قسم جو اناج توڙي مانيءَ جا ڀور پڻ ٻين سان گڏ ٿين؛ يا لنگر جي ديڳ آهي جا چڙهي پئي آهي، جنهن ۾ جنهن کان جيڪي پڄي سو اچيو وجهي: جوئر، باجهري، مڱ، مٽر، ڪڻڪ، تر، چانور، چڀڙ، دال، بصر ۽ کاڌي جي ٻي هر ڪچي جنس، جنهن جيتري ان ۾ وڌي، اوتري پئي پچي: ڪنهن پاڻي وڌو، ڪنهن ڪاٺيون سوريون، ڪنهن ڳن ڏنو ته ڪن ونڊيو ۽ ورهايو. اهڙيءَ طرح قندوري قائم آهي، پر اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته ديڳ ڪنهن چاڙهي. ڪڏهن چڙهي ۽ ان ۾ هر جنس ڪيتري پئي ۽ ڪنهن ملائي.“

 

پهريائين ته اهي ڪهاڻيون سينه به سينه هلنديون آيون. جڏهن وقت ٿورو گذريو، تڏهن عالمن، پنڊتن، حڪيمن ۽ دانائن، ڪهاڻين جي اهميت کي سمجهي ورتو، جنهن ڪري انهن وري ڪهاڻين کي بادشاهن، شهزادن اميرن وزيرن ۽ سردارن جي نصيحت لاءِ ڪي ڪردار دليون جوڙيا، جن ۾ باطل تي حق کي ترجيح ، بدي ۽ بڇڙائيءَ کان بڇان، نيڪيءَ لاءِ ناموس وغيره جهڙا خيال سمايل هئا. اهي ڪردار جانورن ۽ پکين طرفان پيش ڪيا ويا،جن ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. اهڙين ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب سنسڪرت ساهتيه ۾ ’پنجتنتر‘ آهي، جو عيسوي سن کان به سو ورهيه اڳ پنڊت وشنو شرما لکيو آهي. اهو ڪتاب پنڊت ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي بعد لکيو آهي سو به تڏهن جڏهن سندس عمر جون چار ويهون چڪتو ٿي چڪيون هيون. اهو ڪتاب محض راجائن کي پاڻ سنڀالي هلڻ لاءِ لکيو ويو آهي ته جئن دنيا جي ڦندي ۾ نه ڦاسن، ڪوڙ ۽ ڪپت کي ويجهو نه وڃن، سچ جو ساٿ ڏين مطلب ته اهڙي نموني هلن، جئن سندن زندگي مثالي ٿي پوي (1).

 

ٻيو ”ڪليہ و دِمنہ‘ (570ع ڌاري پهلوي زبان ۾ آيو) ڪهنين ڪهاڻين جو چڱو خاصو يادگار آهي، جنهن ۾ نهايت نصيحت اميز نڪتا سمايل آهن، جي بادشاهن لاءِ واقعي ڪارا آمد آهن.

اهڙيءَ  طرح ’ڪٿا سَريت ساگر‘ (11 عيسوي صدي) ۽ ’هِتو پديَش‘ (1373ع) به اوائلي يادگار آهن. پر مڙني ۾ ’پنجتنتر‘ وڌيڪ اهميت وارو آهي. ايران جي شهنشاه خسرو جي درٻاري حڪيم ۽ وزير برزويه (Burzoe) ’پنجتنتر‘ کي امرت جو نالو ڏيئي لکيو آهي: ”هي گرنٿ، مرده دلين ۾ جان ڦوڪڻ وارو آهي.“

 

اهو دور ڪهاڻين جو ٻيو دور چئبو، ڇاڪاڻ ته پهرين دور ۾ روايتون سينه به سينه هلنديون آيون، جن جو مدار محض زباني روايتن تي آهي ۽ نه ڪنهن ليکت تي، ليڪن هن ٻئي دور ۾ اکري صورت ۾ ڪتابن ۾ قلمبند ٿي ويون.

 

ان کان پوءِ وندر۽ ورونهه لاءِ ڪي ڪهاڻيون ۽ قصن جا ڪتاب ميدان تي آيا، جن مان ’الف ليليٰ‘ (الف ليلاً و ليلة = هڪ هزار ۽ هڪ راتيون) عهد عباسيه جي ادبي دلچسپين جو عمدو يادگار آهي. ڪتاب ايترو ته لذيذ آهي جو هڪ ننڍي نينگر کان وٺي، هڪ سئو سال پوڙهي تائين پڙهي پنهنجي مذاق مطابق حظ حاصل ڪري سگهن ٿا. ائين ڀانئجي پيو ته قصن ۽ ڪهاڻين جو بنياد ئي هن شاهڪار شايع ٿيڻ کان پوءِ پيو.

 

ڪهاڻين ۾ وندر جو ڪافي سامان مهيا آهي، ليڪن هرهڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪونه ڪو اخلاقي نڪتو ضرور لڪل اهي، جو سڌيءَ طرح نروار نه ڪيو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان اهڙو اخلاقي ڌڪ نه لڳي ها، تنهنڪري تمثيل ذريعي پکين، جيتن ۽ جانورن کان اخلاقي نڪتو نروار ڪرايو اٿن ته جيئن زود اثرپذير ٿئي ٻي مکيه ڳالهه اها آهي ته ڪهاڻين جا ڪردار گهڻو ڪري ديو، راڪاس، جن، ڀوت، جادوگر، پريون، ڌوتيون ڏائڻيون وغيره آهن، تنهنڪري مٿن غالب پوڻ لاءِ به پوري پوري همت کپي. انهيءَ ڪري جيڪي سورما ڏيکاريا ويا آهن، سي گهڻو ڪري انسان آهن، ۽ انهن کي ايتري ته همت سان ڏيکاريو ويو آهي، جو هڪ ٽَڪر سان، ٽَڪر کي ٽڪرا ڪيو وجهي ۽ ٿوري ويرم ۾ ئي خوفناڪ دردندن، پرندن، پرين، راڪاسن، ديون وغيره کي دسي مطيع ڪري ٿو. اهو انهيءَ ڪري ته انسان، خدا کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به مخلوق (18 هزار عالم آهي) کان نه ڊڄي. جيڪڏهن مخلوق سان مقابلو اٿس ته سواءِ ڊپ ڊاءَ جي بي ڌڙڪ سندرو ساهي بيهي.

 

ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مروج آهن، جن جو مرڪزي خيال سواءِ ڪن جزوي جاين جي، باقي گهڻو ڪري ساڳيو آهي. اهو انهيءَ ڪري جو هتان جو هُتِ، ۽ هُتان جو هِت اچن ٿيون، جنهن ڪري ٿوري گهڻي تبديل سڀاويڪ آهي. اهو ڪهاڻي جي ماحول ۽ اداڪارن جي زباني مان ڪنهن حد تائين اندازو ڪري سگهجي ٿو. اي پاميرانتسيوا جو خيال آهي (1):

 

”اوهان کي خبر آهي ته پرين جون ڪهاڻيون هر قوم جون الڳ الڳ آهن، ۽ مختلف قومن جون ڪهاڻيون، هونءَ ته هڪجهڙيون معلوم ٿين ٿيون، پر انهن ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. هندستاني، انگريزي، فرانسيسي، چيني، جرمن ۽ روسي ڪهاڻين ۾ فرق ڪرڻ مشڪل نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته هر ڪهاڻي ان ديس جي قدرتي ماحول، ان زندگيءَ جو، جنهن سان هن جو تعلق آهي، بيان ڪري ٿي. ۽ اتي ئي پيڙهي در پيڙهي هلنديون اچن ٿيون.“

 

متو نظاماڻي، ڪاسڪن جي حوالي سان لکي ٿو (1):

 

”جيڪڏهن هندستان مان ڪنهن ڳالهه جي زباني روايت ملي آهي ته انهيءَ ڳالهه جو بنياد هندستان آهي. جيتوڻيڪ اهو درست ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن به هندستاني ڳالهه ۾ عربي لفظن جي موجوددگي انهيءَ ڪهاڻيءَ جي عربي اصليت ثابت نٿا ڪن. مگر ’نصيب‘، ’غل‘ ’فقير‘ وغيره جهڙن عربي لفظن جو استعمال هي ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته هندستان جي ڪافي حصي تي عربيءَ جو اثر هو، ۽ انهيءَ حقيقت هن ڳالهه کي ممڪن بنائي ڇڏيو آهي ته اتر هندستان جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اسلامي بنياد سان تعلق رکن ٿيون.“

 

بهرحال مغربي عالمن جي تحقيق پٽاندڙ ائين وثوق سان چئي سگهبو ته موجوده سنڌ، جنهن کي ’باب الاسلام‘ تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو ئي هندستان ۾ ڪيترين ڪهنين ڪهاڻين جو بنياد آهي، ۽ ائين به درست آهي ته دنيا جي ڪيترين ڪهاڻين ۾ سنڌيت ۽ سنڌي سڀيتا جا اصلي آثار نمودار آهن.

 

ڪهاڻين کي مضمون جي لحاظ کان چئن حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو: (1)

1- ڏند ڪٿائون

2- ديو پرين جون ڪهاڻيون

3- روايتي يا نيم تاريخي قصا

4- جانورن جون آکاڻيون

1- ڏند ڪٿائن ۾ اهڙين ڳالهين جو ذڪر آهي جو انساني تخيل جي پرواز ۾ جلد اچڻ وارو نه آهي. هنن ۾ ڪائناتي عجائبات جو ذڪر ڪيل آهي. دنيا جون شيون ڪيئن وجود ۾ آيون. آسمان ۽ زمين ڪيئن پيدا ٿيا. دنيا ۾ برائي ۽ خرابي ڪيئن پيدا ٿي.

 

2- ديون پرين جي آکاڻين کي وڏي اهميت آهي. اهي انسان ذات جي سنسي ۽ وسوسي، ڀرم ۽ ڀولي جا آڳاتا عنصر آهن. هنن ۾ انسان ذات لاءِ سٺا سبق آهن، جيئن مصيبت کي ڪيئن دليريءَ سان منهن ڏجي. ٻئي کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪهڙو اخلاقي ڪردار ادا ڪرڻ کپي. مطلب ته وندر سان گڏ نصيحت به آهي.

 

3- روايتي يا نيم تاريخي قصن تي مقامي تاريخ جو گهڻو رنگ چڙهيل آهي. هيليڊي پنهنجي شهر آفاق تصنيف ۾ لکي ٿو:

”روايتن جو بنياد ڪنهن تاريخي حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي، انهن ۾ مونجهارو فقط هن ڳالهه جو هوندو آهي ته ڪنهن خاص روايت ۾ تاريخ ڪٿي ٿي ختم ٿئي، ۽ خيالي قصو ڪٿان ٿو شرو ٿئي“ [1]

 

اسان وٽ عمر مارئي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، مومل راڻو وغيره نيم تاريخي قصا آهن. انهن قصن ۾ گهڻي قدر حقيقت به آهي، پر تڏهن به تاريخ جي روشنيءَ ۾ اول کان آخر تائين سڌا ٿي نٿا بيهي سگهن.

 

4- جانورن ۽ پکين سان آکاڻين جو نهايت گهاتو سَٻنڌ آهي. ايسپ جون آکاڻيون جانورن جي واتان چوايل آهن ۽ پکي پڻ ڳالهائين ٿا. انهن کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي، جو هرهڪ مان ڪانه ڪا متِ ضرور ملي ٿو.

 

بهرحال ’لوڪ ڪهاڻيون‘ آڳاٽيون يادگاريون آهن، جن ۾ ڪافي صحتمند ادب ۽ اخلاقي نڪتا سمايل آهن. انهن آکاڻين ۾ سماج تي طنز به آهي ته ڪن ۾ وري مالڪ ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو به تاڪيدي سبق مليل آهي.

 

* * *


(1) . رام شنڪر شڪل رسال، ڀاشا شبدڪوش، رام نارائڻ لال الهه آباد، 1952ع، ص 434.

(2) . جهمٽ مل نارو مل، وئتپتي، ڪوش، سرڪاري پريس ڪراچي 1886ع ص 16.

(1) . جي ٽي پلئٽس. اردو، ڪلاسيڪل هندي، ۽ انگلش ڊڪشنري، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس لنڊن، 1960ع، ص 911.

(2) . ويزر حسين عابدي (مترجم) روسي لوڪ ڪهانيان، دارلاشاعت ترقي ماسڪو، ص 8.

(1) . پندت وشنو، اُلٿو ڪندڙ پروفيسر نارائڻداس بٺيجا، هندستان، ساهتيه مالا بمبئي 1957ع، ص 06.

(1) . وزير حسين عابدي (مترجم) روسي لوڪ ڪهانيان، دارالاشاعت ترقي ماسڪو، ص 07.

(1) . الهه بخش نظاماڻي، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، 1971ع، ص 89.

(1) . الهه بخش نظاماڻي، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ ــــ سنڌا لاجي ــــ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد. 1971ع ص 91.

[1] . هيليڊي، انڊو يورپين فوڪ ٽيلس، لنڊن، ص 011.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org