سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :35

 

 

ڇلڙا

’ڇلو‘ هٿ جو زيور آهي، جو ڪهڙي به آڱر ۾ پائي سگھجي ٿو، پر خصوصاً چيچ ۾ پائيندا آهن، ڇلو  لوهه، پتل، ٽامي، چاندي، ۽ سون جو ٿيندو آهي. دوست هڪٻئي کي سوکڙي طور ڇلو ڏيندا آهن، پر ٻهراڙيءَ ۾ اڃا تائين ’ڇلي‘ کي نينهن جي نشاني سمجھندا آهن ڇلو = هندي ڇلا، سن. ڇَل = منڊي جو قسم پئجي وڃي، جانب جي جدائيءَ ۾ ڇلو ئي روح ريجھائيندڙ ۽ تسڪين قلب ڏيندڙ چيز آهي، جنهن کي مخاطب ٿي گيتن ۾ اندر جي اور اوريندا آهن، ’ڇلڙا‘ چئجي ٿو. يعني اهو گيت جنهن ۾ ڇلي جو ذڪر هجي.

 

’ڇلڙا‘ مرد توڙي عورتون ٻئي ٺاهين ۽ ڳائين. پيرون چونڊي، سڱريون لاهيندي، ڪرڙن مان ڏيلهون ڇنندي، پاڻي ڀريندي ۽ اُسر جو جنڊ ڪاهيندي، عورتون ڇلڙن سان پيون دل وندرائينديون آهن، مرد وري مال پهرڻ وقت ڪن تي هٿ رکن. جهڙو درد ۽ سورهن گيت ۾ اُهي اهڙو ٻئي گيت ۾ ملڻ مشڪل آهي، جيتوڻيڪ ٻيلڻ ۽ ڇلڙا ساڳئي سطح تي بيٺل آهن، پر تڏهن به ڇلڙن ۾ نماڻائي، نهٺائي ۽ سوز سوايو آهي.

 

سرائڪي ڇلڙا*

 

ڇلا ڳاڙهي ميندي اي سانول سندي سينڌي اي

ڏاڍا قرب ڏيندي اي

الله آڻيئي خانا!

 

ڇلا ڪنگو رتڙا، ميڏي يار ڏنڙا

هڻ ويندئين رٺڙا

الله آڻئي خانا!

 

ڇلا سهڻا جاني، مين هان تيڏي ٻانهي

ماريهء ڪک وچ ڪافي

الله آڻئي خانا!

 

ڇلا ڏاڍي لائي اي، ٻيڙي پارون آئي اي

جنهن وچ سانول سائين اي

الله آڻئي خانا!

 

ڇلا هئين ايراني، مٺي يا دي نشاني

وسري شل نه جاني

الله آڻئي خانا!

 

ڇلا ملڪ مصردا، ميڏي يار دي سر دا

هئين دل دي دلبردا

الله آڻئي خانا!

 

ڇلا هئين يوناني، مٺا يا جاني

تيڏا ڪونهي ثاني

الله آڻئي خانا!

 

ڇلا اَڇا ٽِڪڙا، ويندا يار تڪڙا

ميلي موليٰ وڇڙيا

الله آڻئي خانا!

 

ڇلڙو سنڌي*

 

ڇلو چيچ پايان، لوڪئون آءُ لڪايان

ڳڻ تنهنجا ڳايا

ڏنو يار جاني، ڪري مهرباني

 

ڇلو چيچ پاتم، وري ڇاتيءَ لاتم

سهي سو سڃاتم

آهي منهنجي يار جو، ڀورل قربدار جو

 

ڇلو رنگارنگي، ڏن يار ننگي

دل جنهن ٻنگي

ويٺي تنهن کي ساريان، هنجون هتي هاريان

 

ڇلو چاندي چنڊ آ، مٿس سوني تند آ

ڏنو دلبند آ

ٺاهيو لال سوناري، واهه واهه اوجاري

 

ڇلو ڪئين ڪريان، ڏنو مونکي پريان

پاڻي ڪئين ڀريان

ڇلو آه نشاني، مونکي ڏنو جاني

 

ڇلو پائي پيهان، روح ڪري ريهان

هتي راتيان ڏينهان

جتي جيئان جڳ ۾، سانڍيان رڳ رڳ ۾

 

* * *

 

مورو

’مورو‘ به ٻيلڻ ۽ ڇلڙي وانگر مجاز ۽ محبت جو گيت آهي، جنهن ۾ انتظاري ۽ بيقراري، فراق ۽ ڦوڙائي، ڳڻتي ۽ ڳاراڻي، جھڄڻ ۽ جھوري، ملڻ ۽ ملاقات جا خيال مرڪزي مضمون هوندا آهن، ان سموري احوال پر ملال کي پيغام جي صورت ڏيئي، عاشق معشوق ڏانهن موڪلڻ گهري ٿو، انهي ڪري هن گيت کي ليهڙو يا سينهڙو به چون (1) سينهڙو = سينهون = پراڪرت سديس، سنسڪرت سنديش = سم = ساڻ + دش = وڌڻ، پيغام پارانڀو.

 

هي لوڪ گيت ڪوهستاني ايراضي ۾ مقبول آهي. خصوصاً لاسي. کوسا، جوکيا، برفت ۽ بروهي وغيره ڳائي ڪچهريءَ ۾ منڊل مچائيندا آهن اهي قومون جيئن سنڌ جي مختلف حصن ۾ ويون يا سنڌ جو قومون ڪوهستان طرف واپار جي سانگي ويون ته اهو گيت (مورو) ٻڌي پان وٽ رائج ڪيائون، تنهنڪري هيئر سنڌ جي اولاهين حصي کان علاوه ساريءَ سنڌ ۾ مشهور آهي.

 

”ڪوهستان جي ڪير سان يا لاڙ جي پاسي ماڻهو پنهنجي دل کي ڌيرج ڏيڻ ۽ سامعين کي وندرائن خاطر طنبورن تي هڪ قسم جو شعر جنهن کي هو پنهنجي زبان ۾ مورا يا مورڙا سڏين ٿا. ممڪن آهي ته اهو شعر جنهن ۾ سندن محبوب جو ذڪر آهي، جنهن کين قرب سان ڪڙي سڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن جي ياد لڪائڻ سان لڪي نه ٿي سگهي ۽ سوز مان اڌ مان کائي ٻاهر نڪري ٿي ۽ جن لفظن جي صورت اختيار ڪري ٿي تن کي گڏي مورا چوندا هجن يعني مور چوندا هجن يعني مور وارا، پياري پريتم وارا يا مورڙا مورا جو اسم تصغير ٿو ڀائنجي (1).

 

مورو ساز تي توڙي ساز بنان ڳائي سگھجي ٿو، پر نڙ تي وڌيڪ لئي رکي ٿو، دلي ۽ سرندي تي به ڳائي سگھجي ٿو ۽ مرد توڙي عورتون بئي ڳائي سگهن ٿا.

 

ڪچهريءَ ۾ مورو هڪ ڄڻو يا ٻه ڄڻا، واري وٽيءَ تي ڳائي سگهن ٿا هڪ، موري جو بند چئي پورو ڪندو ته ٻيو ڄڻو ٻئي بند کي کڻي وٺندو، اهڙيءَ طرح ٻنهي جي وچ ۾ گويا چٽاڀيٽي ٿي ويندي.

مٿي ڏيکاريل آهي ته مورو ليهڙو يا سينهڙو مان پارانڀي جو مطلب نڪري ٿو،

 

”اي سنيهڙو مان ڏيان، ليهڙي جهڙي ناهيان.“

 

چوي ٿي ته ”پيغام ته موڪليان؛ پر موڪلڻ جي لائق نه آهيان اهڙا لفظ ڪٿان آڻيان جو پيغام جو مطلب پورو ٿئي. يا نياپو ته مان موڪليان، پر نياپي موڪلڻ جهڙي نه آهيان، جو بندش آهي.“

 

مورو جي اصطلاحي معنيٰ مور جھڙو يعني سهڻو گيتن ۾ موري لفظ بار بار ڪم اچي ٿو.

 

”مورو ناهي ٿورو جانب! موري جھلي آهيان.

 

اي محبوب تنهنجو پيغام ڪا ٿوري ڳالهه ڪانهي، پر وڏي ڳالهه آهي، تنهنجي سڪ سوگھو ڪيو آهي.

 

مورو ڏين جا مختلف نمونا: ٻه تڪو شعر آهي جنهن جو وراڻو ساڳيو ” راڻا، موري موڪل ڏي“ يا راڻل مورو ويٺي ڏيان“ هوندو آهي.

 

1-      او، ٽڪر مٿي ڳيرو، يار جلي ويو آ جيرو

راڻا موري موڪل ڏي

 

2-     او، هل ته هلون ٿلهي، دوستي اسان جي ملهي

راڻل، مورو ويٺي ڏيان

 

3-     او، هل ته هلون موري، جيءُ وڌو تي جھوري

راڻل، مورو ويٺي ڏيان

 

بهرحال مورو سنڌي لوڪ ادب جي هڪ اهم جنس آهي، جنهن ۾ دل جي دانهن سمايل آهي، سرائڪي زبان ۾ مورو نظر نٿو اچي.

 

(1)

 

مورو ناهي ٿورو، حاڪم موڪل ڏي

جبل مٿي هاڻي دلبر سان دل ڦاٿي

حاڪم! موري.......

 

جبل مٿي ليون اڳيون ڳالهيون ويون

حاڪم! موري.......

 

جبل مٿي هتي دلبر آ دل جهٽي

حاڪم! موري.......

 

جبل مٿان ڳيري مون تنهنجا ويري

حاڪم! موري.......

 

جبل مٿي گاهه منهنجو توسان چاهه

حاڪم! موري.......

 

 

 

(2)

 

مورو لکن ٿورو، حاڪم موري موڪل ڏي

ٽڪر مٿي ڪانگو دل کاڌو آ تانگهو

حاڪم! موري.......

 

ٽڪر مٿي ڳيرو، دل کاڌو آ گهيرو

حاڪم! موري.......

 

ٽڪر مٿي لولو! سهڻل پاتو آ چولو

حاڪم! موري.......

 

ٽڪر مٿي مينهن سڄڻ لاتا ڏينهن

حاڪم! موري.......

 

ٽڪر مٿي ٻانڌي پرين جا آيا پانڌي

حاڪم! موري.......

 

ٽڪر مٿي ڀولي دلبر جهلي آ جهولي

حاڪم! موري.......

 

(3)

 

مورو ناهي ٿورو راڻل مورو ويٺي ڏيان

ڪوهه مٿي آ ٽاري ڪريان ويٺي زاري

راڻل مورو ويٺي .......

 

ڪوهه مٿي آ ڪونج تو لئي رهي ٿي سونج

راڻل مورو ويٺي .......

 

ڪوهه مٿي چنڊ لڳو تنهنجو منڊ

راڻل مورو ويٺي .......

 

ڪوهه مٿي گس ناهيان پنهنجي وس

راڻل مورو ويٺي .......

 

* * *


* دل جي وندر، ڇپائيندڙ هريسنگ سکر، 1900ع

* ماستر علي بخش، ڳوٺ قصبو تعلقو جوهي ضلعو دادو کان 24-12-1952ع تي مليو.

(1)  عبدلاعزير جوکيو + ڪوهستاني مورو (سينهڙو)، عام راءِ، سيپٽمبر 1950ع، ص 17.

(1)  عبالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي، سرهاڻ، 1958ع، ص 139-140.

(1) . تاريخ 8-8-1954ع تي غلام نبي سنديلي کان مليل مواد.

(2) . ڊڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ گيت، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1965ع، ص 58.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org