چار ڦول
اَڌر ڪپول گلاب هين، ڪيس سوسن ڪي ريهه
ڪيسر آنگي، مک ڪنول، اُٺ ساجن وصل لي
چئن گلن جا نالا:1. گلاب 2. سوسن 3. ڪيسر 4. ڪنول.
اڌر = چپ (خصوصاً هيٺيون). ڪپول = رخسار، ڳل. ڪيس = وار. ريهه =
ليڪا. چپ ۽ ڳل گلاب جهڙا ۽ وارَ سوسن جي گل جهڙا
(ڪارا) گويا سنهيون ليڪون؛ بدن ڪيسر (گل زعفران)
مثال (سهڻو ۽ سون ورتو) ۽ منهن، ڪنول جي گل جهڙو
(سدا بهار ۽ هڳسان وارو).
چار ڦل
ڪر ڪيلي، دَڇَن اَنار، اَڙي سوپاري تان
سٿَنَ ڪامِني ناريَلَ هَين، اَنگيا سوڀيا مان
چئن ميون جا نالا: 1. ڪيلو 2. انار (ڏاڙهون) 3. سوپاري 4.
ناريل.
ڪر = هٿ دڇن = ڏند. اُڙي = پير جي کڙي. تان = وانگر، جئن. سٿن =
پستان. ڪامني = ڪامڻي، عورت. انگيا = عورتن جي
چولي. سوڀيا = سوڀا، سونهن. مان = ۾.
هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا (نرم)، ۽ ڏند ڏارهونءَ جي ڪَڻِ جهڙا
(جڙدار ۽ ڳاڙهسرا)، ۽ کُڙِي سوپاريءَ جيان (ننڍڙي
۽ گول)؛ ڪامڻيءَ جا پستان سندس چوليءَ اندران
ناريل جهڙا، ڏاڍي سونهن ڪن ٿا.
مٿئين بيت ۾ شاعر، محبوب جي سورهن فطري وصفن يا سينگارن کي چئن
قسمن جي چيزن (هلندڙ، اُڏامندڙ، گلن ۽ ميون) تائين
محدود ڪيو آهي؛ پر ڪن شاعرن جيتوڻيڪ ساڳيو پنڌ ڪيو
آهي، ۽ سورهن فطري وصفن يا خوبين کي چئن قسمن
تائين محدود ڪيو اهي، پر ٿوري ڦيرڦار ڪري وڌيڪ
نزاڪت پيدا ڪئي آهي. جيئن ته:
چار هَلَت، چار اُڏَت چار ڦول، ڦَل چار
اي سورهن ئي سينگار، اَڀرڻ هَين اَٺ چار
(1)
چار هلت. مِرگهه نَينِي، ڪيَهر لَڪي، آسپ گهونگهٽ ڪري رَد
رفتار؛ اهي بنيا هلت چار.
(يعني چار هلندڙ (جانور) ٿيا: 1. مرگهه 2. ڪيهر 3. اسپ 4. رد
(هاٿي اک هرڻ جهڙي شرميلي؛ ڪمر شينهن جهڙي (پتلي)؛
ناز نخرو گهوڙي جهڙو ۽ هلڻ هاٿيءَ جهڙو.)
چار اڏت. پليوَري پائي، طوطي نڪي، ڳچي مور جان، ٻولي ڪوئل پار.
اهي بنيا اُڏت چار.
(يعني چار اُڏامندڙ (پکي) ٿيا: 1. پليوري (پالِيهرَ) 2. طوطو 3.
مور 4. ڪوئل. پائي = پاءِ = پير. پار = جهڙو،
وانگر.)
چار ڦول. ڪيسر بدني، مک ڪانوَلي، ڏند چنبيليان، آهرَ ٿيا گل
هار. اهي بنيا ڦول چار.
(يعني چار گل ٿيا: 1. ڪيسر 2. ڪنول 3. چنبيلي 4. گل (گلاب جو).
اَهر = چپ. گل هار = گل (گلاب) وانگر. بدن جو رنگ
ڪيسر جهڙو؛ مُنهن ڪنول جي گل وارو؛ ڏند چنبيليءَ
جهڙا (اڇا ۽ خوشبودار)؛ چپ گلاب جي گل جهڙا.)
چار ڦل. اُونڌَ سوپاري، نِيڀُو ٿَڻي، مُک ڦليان آڱريان، کاڏِي
اَنب پار. اهي بنيا ڦل چار.
يعني چار ميوا ٿيا: 1. سوپاري 2. نيڀو (ليمون) 3. مڱن جون ڦريون
4. انگ.
اونڌي سوپاري = اونڌي ٿيل سوپاري (جهڙي گول ۽ ننڍڙي کڙي). کڙي
سوپاريءَ جهڙي؛ پستان ليمي جهڙا؛ آڱريو مڱن جي
ڦرين جهڙيون (سنهڙيون ۽ ڊگهيون)؛ کاڏي انب جهڙي.)
مٿئين مثال ۾ شاعر چار جانور، چار پکي، چار گل ۽ چار ميوا ڪم
آندا آهن؛ ليڪن جانورن ۾ ’هاٿي‘، پکين ۾ ’پاليهر‘،
گلن ۾ ’چنبيلي‘ ميون ۾ ’ليمون‘ ۽ ’انب‘ نيون چيزون
ڪم آنديون آهن، جنهن ڪري بيت ۾ وڌيڪ نزاڪت پيدا ٿي
آهي.
هڪ شاعر پنهنجي ذهن جو ثبوت هن ريت ڏنو آهي
(1):
مرگهه نيني، ڪيهر لڪي، اَسپ گهونگهٽ، گج گام
ڪوئل وَيڻِي، طوطي نڪي، مور ڳچي، پليوري آقدام
اُوند سوپاري، نيڀو ٿڻِي، کاڏي انب پار، مڱ ڦليان آڱريان
سوسن بال، مک ڪانولي، آڌر بنيا گل لال، ڏند چنبيليان.
پهرين مصرع ۾ چار جانور: 1. مرگهه 2. ڪيهر 3. اسپ 4. گج (هاٿي).
ٻئي مصرع ۾ چار پکي: 1. ڪوئل 2. طوطو 3. مور 4. پليوري
(پاليهر).
ٽئين مصرع ۾ چار ميوا : 1 سوپاري 2. نيڀو (ليمون) 3. انب 4. مڱن
جون ڦريون
چوٿين مصرع ۾ چار گل: 1. سوسن 2. ڪنول 3. گل لاله 4. چنبيلي.
(يعني: اکيون هرڻ جهڙيون؛ چيلهه شينهن جهڙي؛ ناز گهوڙي جهڙو ۽
هلڻ هاٿي جهڙو. ڳالهائڻ ڪوئل جهڙو: نڪ طوطي جهڙو ۽
ڳچي مور جيان؛ قدم پاليهر جهڙا (ڳاڙها ۽ نرم)؛
(کڙي) سوپاريءَ جهڙي؛ پستان ليمي جيڏا؛ کاڏي انب
جهڙي ۽ آڱريون مڱن جي ڦرين جهڙيون. وار سوسن جهڙا
(نرم ۽ ڪارا)؛ منهن ڪنول گل جهڙو؛ چپ لاله جي گل
جهڙا ۽ ڏند چنبيليءَ جهڙا.)
واضح ٿيو ته فطري سينگار ۾ شاعر، محبوب جي فطري وصفن يا خوبين
کي پنهنجي ماحول جي فطري شين سان ڀيٽي، محبوب جو
رتبو وڌائي ٿو. انهن سينگار جي بيتن ۾ اهي سڳيا
واسينگ وار، ساڳيا ڳل، ساڳيا ڀرون، ساڳيون بادامي
۽ پيڪاني اکيون، ساڳي روشن پيشاني، آمو نڪ، لعل
لب، سرو قد، خورشيد خد، چابڪ چيلهه جي ڪبڪ رفتاري،
ٻانهن جي لوڏ، رنگت ۽ خوش پوشاڪيءَ جو ذڪر سمايل
رهي ٿو. تنهنڪري سينگار جي دوهن جي نسبت اڪثر مطلق
حسن ڏانهن آهي، ۽ نه ڪنهن مخصوص حسن ڏانهن.
2. سورهن مجازي يا مصنوعي سينگار
اڳ ڏيکاريل آهي ته شاعرن، اديبن ۽ لعت نويسن ظاهري هار سينگار
ڳڻي، انهن جو تعداد ”سورهن“ مقرر ڪيو آهي. رام
گلام انهن جي وضاحت هن طرح ڪري ٿو:
(1)
1. بدن صاف ڪرڻ 2. وهنجڻ 3. صاف پوشاڪ پهرڻ 4. ڪجل
لڳائڻ 5. لاک جي رنگ سان پير ڳاڙها ڪرڻ 6. وار
سنوارڻ 7. سِينڌ ڀرڻ 8. نرڙ تي تلڪ ڪڍڻ 9. کاڏيءَ
تي تِلُ ڪڍڻ 10. ميندي لڳائڻ 11. بدن کي خوشبوءِ
لڳائڻ 12. زيور پائڻ 13. گلن جو هار وارن جي چوٽي
۾ ويڙهڻ 14. پانُ کائڻ 15. ڏندن کي مِسِي هڻڻ 16.
لبن کي لال ڪرڻ.
جي. ٽي. پِلَئٽس، سورهن سينگارن ڪرڻ لاءِ سورهن شيون ٻڌائي ٿو(2):
1. ڏندڻ(Tooth
Brush)
2. مَنجَن(Tooth
Powder)
3. اُپٽَڻ (ٻاٽَڻُCosmetic
) ٻاٽڻ: ڪڻڪ جي اَٽي کي سُرهي تيل يا ٻين خوشبودار
شين ۾ ڳوهي، بدن جي صفائي ڪرڻ ته جئن ميلُ لهي
وڃي. 4. سِينڌر (سِينڌ ڀرڻ لاءِ) 5. ڪيسر(Saffron)
ڀرُنِ جي وچ ۾ تلڪ ڪڍڻ لاءِ 6. آنجَن(Antimony)
سرمون يا ڪجل اکين لاءِ 7. بِندِي(Spangles)
يعني آلي، سوني زيور جي قسم، جو پيشانيءَ تي لٽڪي
بيهي. 8. تيل(Hair oil)
9. ڪنگي(Comb)
ڦَڻي. 10. آرگجا(Perfume)
يعني سڳنڌ شيءِ، جا چندن، ڪافور ۽ ڪيسر ملائڻ سان ٺهي ٿي،
خصوصاً عورت جي ٻانُهنِ ۽ مُنهن کي لائجي. 11.
پانُ(Betel)
لب لال ڪرڻ لاءِ 12. مسي، ڏندن کي سهڻي ڪرڻ ۽ عيب
دور ڪرڻ لاءِ. 13. نيرُ(Indigo)
کاڏيءَ ۾ تر بڻائڻ لاءِ 14. ميندي(Henna)
هٿن ۽ پيرن لاءِ. 15. گُلَ(Flowers)
وارن لاءِ. 16 آلتا(Red
dye for Paint)
لاک جو رنگ، پيرن کي ڳاڙهي ڪرڻ لاءِ.
جامع اللغات واري به مٿيان سورهن سينگار ڏيکاريا آهن
(1)
معلوم ٿيو ته عورت جا جملي ’سورهن سينگار‘ آهن ۽ اهي ڇو ڪيا وڃن
ٿا، تن لاءِ پياري لال لکي ٿو
(2)
”اسان انهيءَ سينگار جي خلاف نه آهيون پر ايتري چوڻ کان رهي نٿا
سگهون، ڇاڪاڻ ته اهي سوَن تي سُهاڳ جو ڪم ڪن ٿا؛
پر سندن استعمال بنان سوچ ويچار جي ڪيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن هڪ عورت ’آلي‘ لڳائي ٿي ته سڀ عورتون رِيسَ
تي لڳائين ٿيون. حالانڪ ائين ڪرڻ غلط آهي. سانوري
عورت کي ’آلي‘ ٺهندي، پر گوري عورت کي نه ٺهندي،
اهڙيءَ طرح سانوريءَ کي وري تلڪ نه ٺهندو، پر
گوريءَ کي ٺهندو.“
وڌيڪ لکي ٿو:
”انهن (سينگارن) مان گهڻا ته تندرستيءَ جي خيال کان ڪيا وڃن ٿا،
۽ باقي ٻيا اهڙا (سينگار) آهن، جي عضون جي اَڻ
لَکي عيب کي ڍڪين ٿا. جئن ’سُرمون‘، اکين جي
پِيلاڻِ (ڦِڪاڻ) وِڃائڻ لاءِ ته جئن اکيون کُلي
بيهن ۽ وڻن. ’مِسي‘ ننڍن ۽ ڇڊن ڏندن جو عيب ڍڪي
ٿي. ’ميندي‘ هٿن ۽ پيرن جي گُهنجن کي ڍڪي ٿي.“
شاعرن ’سورهن سينگار‘ سان گڏ ٻارهن ڳهڻن (”اَڀرن هين اٺ چار“)
جو به ذڪر ڪيو آهي. پدماوت ۾ جائسي چوي ٿو(1)
”جو نه سُنا تو اَبَ سُنُهِه بارَهه اَڀَرَن ناوَن.“
(جيڪڏهن تو نه ٻڌا آهن ته هينئر ’ٻارهن زيورن‘ جا نالا ٻڌ.)
وري ٻئي هنڌ چوي ٿو:
”بارهَه اَڀَرَنَ آهَين بَکاني
تي پَرِ هَري، بَرَهَي اَسٿاني
ٻارهن ڳهڻا آهن (۽) جن جو ذڪر ڪيو آهي، جي ٻارهن جاين تي پائجن
ٿا.
اڳتي هلي چوي ٿو:
”بارهَن اَڀرنَ، سورَهه سِنگارا ـــ قوهِه سَونهِه نَهه سَسِ اُجِيارا
سَسِ سَڪ لَنڪرَهي نَهِه پُوجا ـــ تُو نِڪَلَنڪَ، نه سرِ ڪوءِ
دُوجا.“
(ٻارهن ڳهڻا، سورهن سينگار، اُن جي برابر چنڊ جو پرڪاش به ڪجهه
نه آهي. چنڊ کي ڪارو داغ آهي، جنهن جي پوڄا نٿي
ٿئي، تون بي داغ آهين ۽ ٻيو ڪوبه تنهنجي برابر نه
آهي.)
جي. ٽي. پلئٽس به ٻارهن ئي چوي ٿو(1)
”سورهن سينگار ۽ ٻارهن ڳهڻا مڪمل سينگار آهي.“
اهي ٻارهن ڳهڻا يا زيور هي آهن
(2)
1. پيرن جون پٽيون 2. چيلهڪي 3. چوڙيون 4. منڊيون 5. ڪنگڻ 6.
بازو بند 7. هار 8. ڪٺمال 9. بينسر 10. ڳنَ (ڪن جو
زيور) 11. ٽڪو، ٽڪڙو 12. چوٽي ڦل.
انهن مٿين ڳهڻن کي چئن قسمن ۾ ورهايو اٿن
(3)
1.ويڌيه: اُهي ڳهڻا جي ٽُنگ ڪڍي پاتا وڃن. جئن ڪن ڦل،
والي وغيره.
2. بنڌَنِييه: اهي ڳهڻا جي ٻڌي پائجن ٿا. جئن بازو بند، چوٽي
ڦل، پونچي وغيره.
3. ڪشيپيه: اهي ڳهڻا جن ۾ پائڻ وارو عضوو وجهجي جئن ڪڙيون،
چوڙيون، ڇلو، منڊي وغيره.
4. آروپيه: اهي ڳهڻا جي پائڻ واريءَ جاءِ تي لٽڪي بيهن.
جئن هار، ڪٺمال، آلي، ٽڪڙو وغيره.
ديسي شاعرن به مختلف نموني ٻارهن ڳهڻن ڏانهن ئي اشارو ڪيو آهي.
جب گوري گهنا ڪري، ’سولهن هار‘ حسينَ
’دهه دو‘ دائم دُرس رکي ٿي جلويدار جبڀنَ
(1)
(راڄن شاه)
پهريائين عورت جي ’سورهن سينگارن‘ جي ڳالهه ڪري، پوءِ ’دهه دو‘
(ڏهه + ٻه = ٻارهن) يعني ٻارهن (ڳهڻن) ڏانهن اشارو
ڪري ٿو.
جب گوري گهنا ڪري، ’آٺ ڏُوڻا‘ اغماز
’ڏَهه ڏُون‘ ڏِيهاڙِي ڪري، ڪامڻ ويس قراز
(2)
(جلال کٽي)
پهرين مصرع ۾ ’اٺ ڏوڻا‘ يعني ’آٺن جي ٻيڻ‘، سو ٿيو ’سورهن‘
اشارو آهي عورتن جي ’سورهن سينگارن‘ ڏانهن. ٻيءَ
مصرع ۾ ’ڏهه ڏون‘ (ڏهه + ٻه = ٻارهن) يعني ٻارهن،
اشارو آهي، عورت جي ٻارهن ڳهڻن ڏانهن.
ٻين شاعرن، وري هيئن لِڪَ رکي آهي:
(الف) جب گوري ڪري، سالُوڪ سر سامان
’ڏهه ڏُون‘ ڏسجن ڏينهن ۾، نوَ ست نال نشان. (يوسف)
’ڏهه ڏون‘، ٿيا ٻارهن، اشارو ٻارهن ڳهڻن ڏانهن.
(ب) جب گوري گهنا ڪري، ’ڪارهن پنچ‘ پرهاڻ
’نوَ‘ رکي سا ناز سان، ٽيلو، ’ٽِنِ‘ ٽڪاڻ. (هوندن)
’ڪارهن پنج‘ (يارهن پنج) يعني سورهن. پوئين مصرع ۾’نوَ‘ ۽ ’ٽن‘
(نو + ٽي) يعني ٻارهن جو اشارو ٻارهن ڳهڻن ڏانهن.
هي ته ٿيا هٿراڌو ڳهه، جي عورت جي سونهن جو سرمايو آهن، پر فطرت
طرفان به عورت کي گهڻو ڪجهه مليو آهي. ڀرتري لکي
ٿو
(1):
”وَڪۡترَن چَندرَ وِڪاسي پَنجڪۡچَ پَرِهاسَ
ڪۡشمي لوچَني، وَرۡڻَه: سۡو رَڻَ مَياڪَ رِشڻوُ
رَلِني چِشۡڻَه ڪَچا نانچَيَه. وَڪۡشو جاوِڀَ
ڪُمڀَ سَنڀۡرَ مَهَرَو گُروي نِتَمڀ سۡٿَلي،
واچو هاري چَه مارۡددون يُوتِشُو سواڀاوِڪن
مَنڊَنَمۡ،“
(يعني ”چنڊ کي ڦِڪي ڪرڻ وارو چهرو، ڪنول گل کي شرمائڻ واريون
اکيون، سون جي سونهن کي شهه ڏيڻ وارو بدن جو چمڪو،
ڀونرن جي ميڙ کي جيتڻ وارا ڪارا وار، هاٿي جي مٿي
جي سونهن کي لڄي ڪرڻ واريون ٻئي ڇاتيون، وڏا ٻنهي
پاسي وارا ٿڙا ۽ من کي ڇڪي وٺندڙ نرم ٻول. اهي سڀ
عورتن جا فطري ڳهه آهن.“)
هندي عشقيہ شاعري توڙي سنڌي سينگار ۾ شاعرن، عورت جي خوب تعريف
ڪئي آهي.
عورتن جا چار قسم آهن: 1.پدميني 2. چترني 3. شنکني 4. هستني
’پدمني‘،پراڪرت پنمڻي، سنسڪرت پدمني= ڪملي، ڪنول گل جهڙي(1)
جئن ته عورتن ۾ اُتم استري ’پدمني‘ تنهن ڪري شاعرن به پدمني جي
انگن ۽ عضون جي تعريف ڪندي، پنهنجي تخيل جي پرواز
کي ايتري ته بلندي بخشي آهي، جنهنجي بيان ڪرڻ جو
ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، رتۡمنجري هن طرح بيان ڪري ٿو.(2)
”ڀوتي ڪمل نيتۡر، فاسڪا ڪۡشدر رندرا
آورل ڪُچ يگما، ديرگه ڪيشي ڪۡر شآنگي
مُردو چرن سُشيلا، گيت نتيا نورڪت
سڪل تن سُويشا پدمنِي پدمۡ گنڌا.“
( هجي ڪمل نيڻن واري، ناسُون سنهڙيون سوراخن واريون، ٻئي ڇاتيءَ
ڳوڙها سواءِ گهنج جي، ڊگهن وارن واري، هڪ تهڙي
(نازڪ) نرم پيرن ۽ سٺن گڻن واري، ڳائڻ ۽ نچڻ جي
شوقين سڄو بدن سڀياوان ويس ۾، ڪمل جي خوشبوءِ
واري، اِها آهي پدمني.)
مٿين جامع وصف مان معلوم ٿيو ته پدمني جي سونهن جو سامان، سندس
اکين، نڪ، وارن، پيرن، لڇڻ، ڳائڻ، نچڻ، پوشاڪ ۽
ڪنول جهڙي خوشبوءِ ۾ لڪل آهي.
پياري لال هئين چوي ٿو:(1)
چًمۡپڪَ ورَني پدمني، اَتِ ڪوملَ سوَ اَنگ
پدمَ گنڌ جا تن بسي، ڀنوَرَ نه ڇوڙِت سنگ
شيِلَ وَنت اَور پت- ورتا چنۡدر مُکي پڪ بينَ
مڌُر يامنِي اُجلا لجاوَت هين نين.
(چمپي (گل) جي رنگ جهڙي پدمني، (جنهن جا) سڀ عضوا زياده نرم
(آهن)، پٻڻ جي گل بوءِ، هن جي بدن ۾ رهي ٿي(انهي
ڪري) ڀونر (هن جي)سنگت نٿو ڇڏي. سٺن لڇڻن واري ۽
مڙس جي فرمانبردار،(سندس) چهرو چنڊ جهڙو ۽ آواز
ڪوئل جهڙو (آهي)، وڻندڙ عورت جون اکيون نِرمل ۽
نماڻيون (شرميليون) آهن،)
’تحفة الرئيس والامراي‘ ۾ پدمڻي هن طرح بيان ڪيل آهي(2)
”پدمڻي هڪ عورت نالي مشهور ڪمياب. اصل محل پيدايش ان جو سنگلديپ
يا سيلان آهي. عالي مزاج عورت آهي. دائما لباس ان
جي مان بوءِ خوش ايندڙ، ڀونر گمان گل جي ساڻ مٿس
عاشق هجي چوڌاري طواف ڪندڙ. صفائي ۽ خوبصورتي ۾
قائم مقام پري جي آهي. جسم نرم. غنچه دهان، دُر
دندان، لعل لب ابروهلال، گيسو دراز، ڪرشمه ساز.
بلند بيني، تنگ سوراخ، آهو چشم، پيشاني فراخ،
ڪوتاه گوش، پر رخسار، ميانہ قد، وفادار. عاقل
هوشيار. ڇڙڪ رفتار. هميشہ جبين مبين کان مثال
للُولُو لامڪنُون ان جي ۾ آثار شرم ۽ حيا جي پيدا
۽ نشان خوشي ۽ خرمي جا هويدا. دائما فرمانبرداري
شوهر جي منجھ همدم ۽ همقدم رهندڙ، خلوت جي مڪان
منقش طلانگار پسند ڪندڙ.“
’علم النساء‘ جو مولف لکي ٿو:(1)
”پدمڻي جو اکيون وڏيون، وڏا وار، جسم نازڪ، آواز دلڪش، ڪنول گل
جهڙي خوشبوءِ بدن مان ايندڙ، خدمت گذار، خوش وضع،
خوش پوشاڪ، نيڪ چلن. هر دلعزيز، پابند مذهب،
دانشمند کلمک چهرو. ٿورو سمهندڙ ۽ ٿورو کائيندڙ.“
’شب عروسي‘ ۾ آهي:(2)
”پد مڻي سرو قد، پيشاني مثل قمر درخشان، ڪمان ابرو، لعل لب،
سنهي ڪمر، سنهيون ۽ خوشنما آڱريون ۽ ڪرايون،
شرميلي، سبڪ رفتار، شيرين گفتار، صفائي طرف مائل.“
’تحفة العاشقين‘ جو مصنف لکي ٿو:(3)
”پدمني، سڀني عورتن مان بهترين عورت آهي ۽ انهيءَ جو وصفون هي
آهن: ته هوءَ ڊگهي قد جي هوندي ۽ انهيءَ جي منهنجو
رنگ ڪنول جي گل جهڙو هوندو. وار خمدار، ڪشادي
پيشاني، کليل ڀرون، اک هرڻ جهڙي، ۽ اڇاڻ ۽ ڪاراڻ
اک جي تمام اڇي ۽ ڪاري. چپ سنهڙا، وات مکڙيءَ
جهڙو، سينو موڪرو، ڏاڙهونءَ جهڙا پستان؛ ۽ چيلهه
سنهي ۽ ڏورا ۽ اڳريون نرم ۽ سنهيون ۽ پيرن جو
تريون نازڪ هوندس. ڊيل جهڙي رفتار، شيرين کلمک،
شرميلي ۽ سدائين ٻهڪندڙ. هن جي پيشاني، چپ ۽ پيٽ
تي ٽي ليڪون هونديون. خوش خلق هوندي ۽ هميشه پاڻ
کي پاڪيزه رکندڙ ۽ مڙس جي سمهڻ بعد سمهندڙ ۽ مرد
کان اڳ اٿندڙ ۽ جڏهن ننڊ مان اُٿندي، تڏهن غمگين
نظر نه ايندي ۽ مڙس کي پيار ڪندڙ ۽ ان کي پنهنجو
عاشق بڻائيندڙ ۽ صلاح مشوري تي هلندڙ، جڏهن هن کي
ڏسندي ته خوش نظر ايندي ۽ کيس خوشبوءِ
ايندي..............................“
فقير يار محمد لکي ٿو(1):
”اها آهي جا نرم ۽ نازڪ، ۽ عضوا گل نيلوفر وانگي. منهن موڪرو،
وار مٿي جا ڊگها، سنهڙا ۽ پيچدار، هرڻ جهڙيون
اکيون وڏيون ۽ ڪشاديون، اکين جي ڪناريءَ ۾ ڳاڙهائي
جي اندران آڇائي ۽ اڇائي جي اندران ڪارائي، ۽ خم
دار ڳچي ، پستان سخت ۽ ننڍا، ڪڻڪ ونو رنگ، چيلهه
سنهڙي، ٿلها ٻنڍڻ............. پاڪ دامن، شرمناڪ،
طعام مٺو سڻڀو ۽ ٿورو کائيندڙ. ميون ڏانهن به گهڻو
راغب ۽ ڪپڙا صفا ۽ سنها ۽ پاڪيزه ڍڪيندڙ ۽ گلن کي
دوست رکندڙ.“
پدمڻيءِ لاءِ اديبن ۽ لغت نويسن جارايا ڏنا ويا آهن. هينئر
شاعرن جا مختلف خيال ڏجن ٿا، جن مان پدمڻيءَ
جاوڌيڪ وصف ۽ آر ۽ پار پڌرا ٿيندا.
ممُون مڱڻهار
(1)
روايت ڪئي ته اڪبر بادشاهه، بيربل کي حرم سراءِ
مان ڇهه چونڊ حرم ڏيکاري چيو ته ”هنن مان ڪهڙي
پدمڻي آهن؟“ بيربل ڇهن ئي عورتن جي نشست برخاست،
وڙي وجھ ۽ منهن مهانڊي کي ڏسي چيو:
”ڪَهي بيربل، سُني اڪبر، نهين نار پدمني.“
بيربل ڪهڙا اوصاف بيان ڪيا، سو چئي نٿو سگهجي؛ پر شآعر هيٺيون
ڳالهيون ڇهن بيتن ۾ آنديون آهن، جن مان پدمنيءَ ۽
ٻين عورتن جا پار پتا سهي ڪري سگهجن ٿا:
1- هلڻ: پدمني تو پلڪ چال چالي، گينگ چال هسۡڻي
چيترني تو لٽڪ چال چالي، ڌمڪ چال سنکڻي
پدمني ته (ٿورو ٿورو ڪري) آهستي آهستي هلندي، هسڻي (هتِني) هاٿي
وانگر هلندي، چترني لوڏي يا ناز نخري سان هلندي،
سنکني زمين تي پري هڻي (ڌان ڌان ڪري) هلندي.
2- کاڌو کائڻ: پدمني تو پان ڍاپي، مانَ ڍاپي هسڻي
چترڻي اڌ پاءُ ڍاپي، ڪُوندي ڍاپي سکڻي.
پدمني‘ پَنَ جيتري کائن مان به ڍوء ڪندي يعني ٿورَ کائڪَ يا
ڏچرَ آهي. ’هسڻي‘ مانَ يا عزت ڏيڻ سان ڍاپي ٿي
جيڪڏهن سندس ڪو مٽ مائٽ ماني کائيندي کيس صلاح
ڪندو ته (ائين چوڻ سان ئي) سندس پيٽ ڀرجي ويندو،
اهو سندس گويا مان يا عزت آهي ’چترني‘ اڌ پاءُ
جيترو کائيندي
(پر) سکڻي ڪُونڊن کي منهن ڏيندي يعني گهن کائڪَ يا سچر هوندي.
3- وار: پدمني تو پهپَ ڪميشاز، سرڙَ ڪيشان هسني
چترڻي تو لٽڪ ڪيشان، اُوڀ ڪيشانَ سنکڻي
پدمني جا وار گل جهڙا (لسا ۽ وڻندڙ) هوندا. هسڻيءُ جا ڊگها يعني
چيلهه چوٽو. چترڻي جي وارن جو لٽيون (چڳون) جدا
جدا هونديون. سنکڻيءَ جا وار اڀا هوندا. رئو
لاهيندي ته وار اُڀا (يعني مٿ تي بيهندس) ٿي
بيهندس.
4-
ننڊ: پدمني ڪي پاڪ نندرا، سنڪ نِندرا هسڻي
چترڻي ڪي مرگهه نندرا، اَگهور نندرا سنکڻي.
’پدمڻي‘ هڪ پلڪ يعني ٽي ڪلاڪ ننڊ ڪندي ’هسڻي‘ سٽ پلڪ
جي(؟)’چترڻي‘ جي ننڊ هرڻ جهڙي آهي يعني جڏهن هو ءَ
سمهندي تڏهن ننڊ ۾ به سندس اکيون ٿوريون کليل
رهنديون، ڄڻڪ جاڳي ٿي. سنکڻي تمام گهنو سمهندي.
5- گرڀ يعني پيٽ: پدمڻي تو پانچ ورسي، چار ورسي چترڻي
هسڻي تو تين ورسي، سال جَڻي سنکڻي
’پدمني‘ ته پنجن سالن کانپوءِ ٻار ڄڻيندي، ’چترڻي‘ چئن سالن کان
پوءِ،ته ٽن سالن کانوءِ ۽ ’سنکڻي‘ سال سال ۾ ٻار.
4- جاڳڻ: پدمڻي تو پون جاڳي، آهٽ جاڳي چترڻي
سڏ جاڳي’هسڻي‘، اور سٽ جاڳي سنکڻي
’پدمڻي‘ ته هوا جي ٿوري ئي جهونڪي سان جاڳي پوندي، چترڻي پير جي
آهٽ يا کڙڪي تا جاڳندي. ’هسڻي‘ سڏ (آواز) تي
اٿندي، پر ’سنکڻي‘ کي لوڏي لوڏي اُٿاريو.
ساڳئي راوي (ممون مڱڻهار) ٿوري مٽ سٽ سان، ٻيا به ڇهه بيت
ساڳيءَ طرز تي ٻڌايا:
1- هلڻ: پدمڻي تو هنس چالي گج چالي هسڻي
مور چايل چترني، اور ڍور چالي سنکڻي
’پدمڻي‘ ته هنج وانگر هلندي، ’هسڻي‘ هاٿي وانگر هلندي، ’چترڻي‘
مور وانگر ٽلندي ۽ سنکڻي ڍور وانگر هلندي.
2-کاڌو کائڻ: پدمڻي تو پانچ تولا، ڏَس جهيمي هسڻي
پاءُ جهيمي چترڻي، اڌ سير جهيمي سنکڻي
’پدمڻي‘ جو (کاڌو) پنج تولا (آهي)، ڏه تولي يعني اڌ پاءُ
(کاڌو) هسڻي جو آهي، چترڻي جو کاڌو پاءُ يعني 20
تولا، اڌ سير يعني 40 تولا آهي سنکڻيءَ جو (آهي).
3- وار: پدمڻي تو کُڙيان ڪيسيم ڪڙيان ڪيسي هسڻي
اُرهه ڍڪي چترني، اور ڪنان ڪيسي سنکڻي
کڙيان= کڙي (پير جي)، ڪڙيان=ڪڙ=ڪمر، چيلهه. ’پدمڻي‘جا وار کڙين
تائين هوندا. ’هسڻي‘ جا چيلهه تائين هوندا.
’چترني‘ جا وارَ اُرهه (ڇاتي) ڍڪيندا. سنکڻيءَ جا
وار ڪنن تائين هوندا.
4- ننڊ: پدمڻي تو پلڪ نندرا، پهر نندرا هسڻي‘
اڌ رات جاڳي چترني- اور سورج جاڳي سنکڻي
’پدمڻي‘ اها جا ٿورو وقت ننڊ ڪري. ’هسڻي‘ اها جا هڪ پهر يعني ٽي
ڪلاڪ ننڊ ڪري. ’چترني‘ اها جا ٻه پيهر (اڌ رات
-
رات ۾ چار پهر) ننڊ ڪري ’سنکڻي‘ اها جا سڄي رات
ننڊ ڪري ۽ سج اڀري اک پٽي.
5- گرڀ يا پيٽ: پدمڻي تو سات برسي، پانچ برسي چترڻي
نيت برسي هسڻي، اور بارهه ماسي سنکڻي
’پدمڻي‘، ستن سالن بعد ٻار ڄڻيندي- ’چترني‘، پنجن سالن بعد ٽن
سالن کانپوءِ- ۽ ’سنکڻي‘ ٻارهين مهيني ٻار.
2- جاڳڻ: پدمڻي تو پَوَنُ جاڳي، پائون جاڳي چترڻي
سڏ جاڳي هسڻي، اور سٽ جاڳي سنکڻي
’ پدمڻي‘ ته هوا لڳڻ سان جاڳي پوندي.’چترني‘ پير کي اشاري ڪرڻ
سان جاڳي پوندي يعني پر کي ٿورو ئي هٿ لائبو ته
اٿي وهندي. ’هسڻي‘ سڏڻ سان جاڳندي ۽ ’سنکڻي کي
ٻانهن کان لوڏي اٿاربو.
عورتن جي چئني قسمن بابت، ساڳئي سگهڙ ممُون مڱڻهار گھڻا ئي بيت
ٻڌايا، جن مان ’پدمڻيءَ‘ جي باري ۾ هت فقط ٻه بيت
ڏجن ٿا:
1- آجچَر، گَجچرَ، آسپ چر، اِڙ چَر، آنگ اُڌاڪار
اوڍَڻ بَن پَت، بنتِي سَڃ مارُو سينگار
اجچر= اج = ٻڪري + چر= چرڻ = کائڻ. هت اشارو آهر ٻڪري جي دلپسند
کاڌي ڏانهن، ٻڪري کي ’گئل‘ سان ڀيٽي ٿو. يعني
محبوب جو بدن گلن جيان نازڪ ۽ نفيس آهي.
گجچر= گج
=
هاٿي + چر =کاڌو. هت اشارو آهي هاٿيءَ جي دلپسند کاڌي ڏانهن، جو آهي
’ميدو اَٽو‘ هت اشارو آهي عورت جي لسي ۽ سفيد بدن
ڏانهن، اسپ چر= اسپ= گهوڙو. چر = کاڌو. گهوڙي جو
پيارو کاڌو آهي ’جَوَ‘. جوَن جي مٿان تُهُه يا
تَهُه هوندا آهن. شاعر جوَ تهن ۾ ويڙهيل هوندا آهن
تئن عورت جي پرده پوشي ۽ عصمت ڏانهن. جئن جوَ تهن
۾ ويڙهيل هوندا آهن، تئن عورت به ٻاهرين اثرن تان
لڄ جي پردن ۾ ويڙهيل آهي. يعني لڄاونت يا شرميلي
آهي.
اڙ = اڙچر = زمين، ڌرتي، چر = چارو، کاڏو، ’مينهن وساڙو‘ زمين
کائيندو آهي مينهن وساڙي کي شاعرن هنڊول، هنڊوو ۽
مينهن وسايو به چيو آهي. هن جو رنگ ڳاڙهو مخملي
ٿئي ٿو. شاعر پدمني عورت جي رنگ کي مينهن وساڙي
سان ڀيٽيو آهي. انگ= عضوا، اڌڪار = لائق.
شاعر جو خيال آهي ته پدمني جا سڀ انگ ۽ اکر انهن ئي چيزن (گل،
ميوو، جَوَ، ۽ مينهن وساڙي) جهڙا آهن.
اوڍڻ = ڍڪڻ، پهرڻ، پائڻ؛ ڪپڙو. بن = وڻ پت= پتي اا مالڪ، راجا،
بن پتي = وڻن جو مالڪ يا راجا، سو آهي تُوت جو
وڻ‘. توت جو وڻ ته پٽ ڪيئنون پلندو آهي،جنهن مان
ريشم ٺهندو آهي اجهي ڪري توت جي وڻ کي سڀني وڻن جو
راجانچون ٿا هت شاعر پدمنيءَ جي ريشمي پوشاڪ ڏانهن
اشارو ڪيو آهي ته هو نفيس پوشاڪ پهريندي آهي ،
بنتي=وينتي، عرض، هت اشارو آهي پدمنيءءَ جي
فرمانبرداريءَ ڏانهن ته هو مڙس جي آگيا پٽاندر هلي
ٿي، مطلب ته پدمنيءَ ۾ اهڙا گڻ آهن ته به جڏهن مڙس
سان ڳالهائي ٿي عرض ڪري ڳالهائي ٿي. سج سينگار=
مڪمل سينگار، مارو= مارئي. هر اشارو ’پدمنيءَ عورت
ڏانهن.‘
1. هيم وَرن، بالڪ بدن، جِهيڻ لُڪ، مرگهه چک
سو سُندر نهين ويسري، جو جيو ايڪ گُڻُ لکۡ
هيم = سونُ. ورن = رنگ. هيم ورن = سون ورني، سون جي رنگ جهڙي.
جهيڻ = سنهي. چک = اک.
سون جي رنگ جهڙي؛ بدن ٻار جيان نازڪ ۽نفيس؛ چيلهه سنهي (لڪدار)؛
اک هرڻ جهڙي. اهو محبوب نٿو سري، جنهن جي جان هڪ ۽
گُڻ لک آهن.
(1)
آهَرَ اَڀو کَڻَ ڍَنڪِيَئُه، سو نَيَٺي رنگَ لايَه
مارئو پَڪّا اَنَب جۡيُون، جَهَرءِ جَه لَڳَي وايَه.
(هن جو) چپُ، ڳهڻي سان ڍڪجي ويو آهي، ۽ اکين جي سونهن وڌائي
رهيو آهي مارئي (محبوب) اهڙي ته نازڪ آهي جو هوا
لڳڻ سان پڪي انب جيان ڪري پوي ٿي.
فطري سينگار. (مجازي محبوب جو)
مجازي محبوب يعني عورت جي عمدين وصفن ۽لائق لڇڻن جي تشريح ۾،
شاعرن ۽ سگهڙن جيڪي سينگار جا بيت ٻڌا آهن، سي لک
لهن. ڪلهوڙن جي دور کان ويندي 1910ع تائين سينگار
جي بيتن جو اوج هو، ليڪن هينئر ڪوبه اهڙوشاعر نه
رهيو آهي، جو انهن جي جُتي ۾ پير پائي سگهي.
جيتوڻيڪ ڪيترن طبع آزمائي به ڪئي آهي، پر تڏهن به
ٻانهيي ۽ سانئِڻِ جو سنڌو نظر ايندو.
(1)
(1)
پيرَ پالِيهرَ ڳُڻان ڳُڻان ڪن
نَنهن پسو تنهن نار جا، مَٽُون آڱرين
پِنيُون ڪُنئري پٽَ جا آهن سُپرينِ
چيلهه سنهي، مُنڊي ٽِڪ جان، پيرُو چئي پروين
اَرهه اَڇڙي چنڊ جان، ٿانهر منجهه ٿڻن
سَهَه ڳچي تنهن ڪامِڻ جي، سُونهن منجهه سرتين
ڪُڍو نڪ تراڙجان، جاڙيون ڀرون جن
چوٽي ڪاري نانگ ٻَچَٽَ جان، وار کٿوري مورن
آهِيني کان اُجرا، جهڙي وڄُ ورن
هرڻ پسِي حيران ٿيا، ماٺ لڳي مورن
ڏند صفا، سينڌ سنئين، منهنجي محبوبن
اهي پرين خوش وسن، جيڪي رهن رات ڀنڀور ۾.
مٿئين بيت ۾ پيرو سگهڙ، عورت جي سورهن فطري وصفن يا خوبين جو
ذڪر ڪيو آهي:
1. پير 2. ننهن 3. پنيُون 4. چيلهه 5. اَرهه 6. ڳچي 7. نڪ 8.
ڀرون 9. چوٽي 10. وار 11. حُسن 12. رنگ 13. اک 14.
هلڻ 15. ڏند 16. سينڌ.
ڳڻان ڳڻان ڪن = ورن ورنڪن. نار = عورت. ٿانهر = ٺهر، بيهڪ.
اشارو ’سخت انارن‘ ڏانهن. سهه = ڪونج. ون = ورن،
رنگ.
(2)
(1)
اَهُو عين عجيب جا، سَهَه ڳچي سيڻَنِ
اُرهه اَنار، ڪيسَڪَر، ڏوڏَر ڏند پرينِ
مُک مِثل مِين جي، آندي لالائي ته لَبنِ
پوپٽ پيٽ پرين جو، گنير گت گمنِ
اَنَفُ اُننگان اڳرو، سَروان سُوڌا هِنِ
ڪَينچَن ڪِين ڪمائيو، ديهِي پسي دوسنِ
پاليهر پُڄِي ويا، پِيَّ پسي پيرنِ
ڪيهرڪٽ قرب جي، ڀيرون مثل ڀونرنِ
سِسِهَر سُسِي ويا، ڪارنهن پسي ڪيسنِ
ڪوڪِل ڪُوڪ ڪنبي وئي، ماڻُ ٻُڌي محبنِ
جن ريهو روح رموز سان، سي محب ته وسن منِ
ساه سدا خوش ڪن، غمزه ساڻ ”غلام“ جو.
هن سينگار جي بيت ۾ محبوب جا سينگار يا اوصاف آندل آهن:
1. عين (اک) ته آهو (هرڻ) = اک هرڻ جهڙي آهي يعني سهڻي اک. 2.
ڳچي ته سِهه (ڪُونج). ڳچي ڪونج جهڙي ڊگهي ۽ سنهي
آهي. 3. اُرهه ته انار. 4. ڪيس (وار) ته ڪر (ڪڪر)،
ڪڪر جهڙا ڪارا وار. 5. ڏند ته ڏوڏر (موتي). 6. مُک
(وات) ته مين (مڇلي)، مڇليءَ جا چپ سنهڙا ۽ وات
ننڍڙو ٿيندو آهي. 7. پيٽ ته پوپٽ، پوپٽ جو پيٽ نرم
۽ لسو ٿيندو آهي. 8. گمڻُ (هلڻ) ته گنير (هاٿي).
9. اَنف (نڪ) ته آنگ (طوطو)، نڪ طوطي کان به وڌيڪ
سهڻو اهي. 10. سُوڌا (سِڌا) ته سَروَ. 11. ديهي
(بدن) ته ڪينچن. محبوب جي بدن آڏو سونَ به لڄي
ٿيو. 12. پير ته پاليهر. پير پاليهر کان به وڌيڪ
نرم ۽ ڳاڙها. 13. ڪٽ (ڪمر) ته ڪيهر (شينهن). 14.
ڀرون ته ڀونر. 15. ڪيس ته سسيهر (نانگ). وارن جي
ڪاراڻ کي ڏسي نانگ به شهه کائي ويا. 16. ماڻ (آواز
جو انداز) ته ڪوڪل (ڪوئل). محبوب جي ڳالهائڻ جو
انداز پسي، ڪوئل به ڏڪي ويئي يعني مقابلو ڪري نه
سگهي.
هروڀرو اهو لازمي نه آهي ته سينگار جي هر هڪ بيت ۾ سورهن وصفون
يا سينگار ضرور هجن. شاعرن پنهنجي مرضيءَ مطابق
بيت چيا آهن، جن ۾ کين ڪابه پابندي ڪانهي.هر ڪنهن
پنهنجي هٽِيءَ سارو هوڪو ڏنو آهي، پر سندن هوڪي يا
آواز ۾ جا شِيريني آهي، سا شڪر کي به شرمائي ٿي.
محبوب جي واکاڻ، اهڙي ته صفائي ۽ سٺائي سان ڪئي
اٿن، جو هرهڪ شاعر داد جو مستحق آهي. هيٺ ڪي اهڙا
بيت ڏجن ٿا، جن ۾ سينگار يا وصفن جو تعداد مقرر
ٿيل نه آهي.
(1)
تَرنِي لوئي تَلَّ، سِرۡ کَنڊَ ۾ سُرها ڪيا
لوڏ ڪُنجل جي ڪم ٿي، چال پسي چينچل
مورن مُرٽڻُ ڇڏيو، ڪا جا پِيَڙن ڪلَّ
ڳل سِهه جو نا لڳي، ڪوماڻا ڪبڪل
قريبن ”ڪنڀار“ چئي، جنهن درس دکايا دَلَ
اُنهيءَ ماڳ مهل، ٿي سرهائي ساهه کي.
ترني = عورت، جا سورهن کان ٽيهن سالن تائين هجي. تل = وارن جو
چوٽو. سرکنڊ = صندل. ڪنجل = هاٿي. لوڏ ڪنجل جي ڪم
ٿي = هاٿيءَ جي گت به گهٽ ٿي. چينچل = محبوب. مرٽڻ
= نچڻ. مورن مرٽڻ ڇڏيو = مون پنهنجي رقاصي ڇڏي
ڏني. ڳل = ڳچي. سهه = ڪونج. ڪبڪل = ڪبڪ = ڊيل.
ڳل.... ڪبڪل = ڪونج جي ڳچي به سندس اوچي ڳاٽ سان
نٿي لڳي، ۽ (ٻين سڀني جا) ڪبڪي ڳاٽ ڪومائجي (هيٺ
لهي) ويا. درس = ديدار، درشن. دکايا = ڏيکاريا،
ڪرايا. دَل = گهڻا. قريبن... دل = ڪنڀار چئي ٿو ته
اهڙن قريبن انيڪ ديدار ڪرايا. ماڳ = رستو، جاءِ،
هنڌ. انهيءَ... ساهه کي = انهيءَ ئي وقت (جنهن وقت
محبوب ديدار ڪرايو) ساه کي خوشحالي نصيب ٿي ويئي.
وهيءَ واريءَ عورت (ترني 16 کان 30 سالن تائين) جا رنگ روپ ۽
انگ اکر، وقت گذرندي، ڪيئن ڦرندا رهن ٿا، تنهن
لاءِ حڪيم رياض احمد قريشي لکي ٿو
(1):
ايرانين کي انهيءَ وهيءَ لاءِ هي خيال آهي ته
|