علي بابا جي ڪھاڻي
ڪراچي وڃڻ لاءِ، ٽويوٽا جي پوئين سيٽ ملي وئي اٿس.
سڄي ڄمار ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي مرضيءَ جا دل گھريا
ڪپڙا پاتا اٿائين ۽ سلائي بھ دزريءَ دل تي ڪئي
اٿس. وڏي ڪالر سان ھلڪو نيرو بش ڪوٽ، اڇي ٽئٽران
جي بيل باٽم پينٽ، نئون ڪارو پنجھتر روپين جو
چائنا بوٽ، نوان جوراب، بريف ڪيس ۾ بھ اھڙو ئي
خوبصورت جوڙو ۽ ساڍا ست سؤ روپيا. کيسي ۾ گولڊ ليف
جو پئڪٽ. مڙس ڏس تھ ڪپڙن ۾ نھ پيو ماپي. ڏاڍو پيو
پاڻ کي ھلڪو ۽ ايزي محسوس ڪري. وري جو ڪمند جي رس
جو گلاس پيتائين تھ ھانءُ ٺري پيس. بود ۾ اچي ويو،
ڀائين تھ بس ۾ جھڙس ڪو آھي ئي ڪونھ. ڏاڍي ٽانءِ
مان سگريٽ دکائي لڳو آھي ڇڪڻ.
اڳي سدائين آفيس جي ڪمن ڪارين سان ڪراچي ويندو ھو
تھ سدائين اٻالو. جي کڻي ڪپڙا نوان ۽ ڌوٻي جا ڌوتل
تھ بوٽ ڇنل. ھلي تھ لوڏ ئي ڦريو وڃينس. وري کيسي ۾
پئسا ايترا جو راھ ھلندي، عورتن کي تاڻيندي جي
ڪنھن گھومو عورت کان لفٽ ملي وڃينس تھ کيسي ۾
ايترو ڏوڪڙ نھ ٺھيس جو کڻي ڪنھن ھوٽل ۾ چاڙھيس يا
فلم ڏيکارڻ جي صلاھ ھڻيس. بس سکڻو ڏسندو تڙپندو
رھجي وڃي.
اڄ نڪتو آھي عيش ڪرڻ، چئن ڏينھن جي ڇوٽي وٺي. سڄي
عمر جي ناڪامين جون باھيون ڪڍڻ. ”پھريون ھوٽل وڃي
ڪمرو وٺندس. ڊبل بيڊ روم، ھوٽل مئنيجر کي ٺاھي
ڇڏيندس. لکائيندس پنھنجو ۽ پنھنجي زال جو نالو.
پوءِ سڙڪن تي ڳوليندس ڪا ٺاھوڪڙي زال.
گھمائيندوسانس ھل پارڪ. سندس چيلھھ ۾ ھٿ پئي،
ھڻندس ايلفيءَ جا چڪر. ڪراچيءَ ۾ اھڙيون گھومو
عورتون کوڙ ملي وينديون آھن. ڪابھ عورت جي ھڪڙي
ڀيري مون سان ريجھي تھ پوءِ يار ٿي ويندي. بس
ماڻھوءَ ۾ رڳو ٽئلينٽ ھئڻ گھرجي ۽ مٿئين خرچ لاءِ
پئسو، پوءِ تھ لئي آھي.“ من ئي من ۾ پروگرام پيو
ٺاھي ۽ گھڙيءَ گھڙي ڇڙواڳ وارن کي ڄمائڻ لاءِ، مٿي
تان ھٿ پيو گھمائي. ھن واري حجام وار بھ اھڙا ئي
ڪٽيا اٿس، جھڙا وڻندا اٿس. بلڪل فيس تي ٺھڪندڙ وڏا
وڏا، بلڪل نيچرل.
اڳينءَ سيٽ تي ٻھ برقعا پوش عورتون ويٺڪ آھن. انھن
سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا بھ آھن. کانئس اڳين سيٽ تي ھڪ
ٺاھوڪڙي مھاجر عورت وپيٺي آھي. کيس اڇو رنگا رنگ
سنڌي ڀرت ڀريل چولو ۽ اڇي وڏ پائنچي واري سلوار
پھريل آھي. ”اڳي تھ اسان جي وڏي پائنچي تان
کلنديون ھيون. ھاڻ ڏس تھ پاڻ لڦ لڦ ڪنديون ڇاپاڪ
ھڻنديون گھمن.“ عورت جو چوٽو گھاتو ۽ پٺي ويڪري
آھي. جڏھن ڪنڌ ورائي، ڀر ۾ ويٺل مڙس سان ڳالھائي
ٿي تھ ڳٽا ٻٽا ڏسيو وٺيس. اک کي وڻيس پئي. ڀايس ٿو
تھ سفر سھڻو نبرندو. ”بس رڳو ٻھ سواريون اچي وڃن
تھ ويگن ھلي. ھينئر ساڍا ٽي ٿيا آھن، ڇھين وڳي
ڪراچيءَ ۾ ھوندس. پھرين ڳوليندس ھوٽل جو ڪمرو ۽
پوءِ پرديسي پکي.“ سگريٽ جا سوٽا ھڻندي پير پيو
سوري تھ باقي ٻھ سواريون اچي وڃن.
سندس ڏسندي ئي ڏسندي ٻھ عورتون ويگن ۾ داخل ٿين
ٿيون. اڳيان ھڪ گوري گوري، سئين مھانڊين، چاليھارو
سالن جي صحتمند عورت آھي ۽ ان جي پٺيان ٽيھارو
سالن جي آڙاھ سھڻي عورت. قداور، ڪڻڪ رنگي حاملھ
عورت. لڳي ٿو اٺن مھينن جو گرڀ ھوندس. ڌڙ تي
ويڙھيل اٿس ھلڪي نيري نائلون جي ساڙھي. نيڻن ۾
مامتا جو موھ ۽ گھراڻ، پيٽ وڏو وڏو، گول گول، ايڏو
وڏو جو اندر وارو ٻار ان ۾ آسانيءَ سان بولاٽيون
کائي تڙپي سگھي. پيٽ جي ٻوجھي کان ڳلن تائين پگھر
پيو ڳڙيس ۽ ساھ ڦوڪيل. وڏي ڏکيائينءَ سان ٿي آھي
ويگن ۾ داخل. ڀائين ٿو، عورتن جي اچن ڪري پوئين
سيٽ تان اٿڻو پوندس، پر ٻئي عورتون ڏاڍيون فاورڊ
نڪتيون. بنا ڪنھن ھٻڪ جي سندس ڀر ۾ ويھي رھيون.
وچين سيٽ سٺي ۽ آرام واري ھئڻ ڪري، وڏي عورت گرڀ
واريءَ کي ان تي ويھڻ لاءِ چيو، جا مٿانھس اڇاتري
لڄوڙي نھار ڦيرائيندي، سندس ڀر ۾ ويھي وئي ھئي.
ويھڻ مھل وات مان دٻيل چنگھھ نڪري وئي ھيس ۽ ھوءَ
رومال سان منھن تان پگھر اگھندي، ڦوڪيل ساھن سان
سيٽ کي ٽيڪو ڏئي، لڳي ھئي ڦوڪيل ساھ جائتو ڪرڻ.
گرڀ واري عورت جي پاسي ۾ اچڻ سان نوجوان جي حالت
ئي غير ٿي وئي ھئي. ھڪ تھ پوري حياتي ۾ ڪا عورت
سندس ايڏو ويجھو نھ آئي ھئي، ٻيو تھ ھيءَ عورت
ڪيڏي نھ حسين ھئي. کن لاءِ نوجوان گھرن گھرن نيڻن
جي تصور ۾ لڙھي ويو. اکيون ايڏيون اونھيون، ايڏيون
اونھيون جو نھار تھ گرڀ ۾ ستل ٻار بھ نظر اچي وڃي
۽ بدن مان نڪريس پئي اڻ لکي بوءِ. اھڙي بوءِ، جھڙي
ڪنھن گل، ڪنھن ڦل جي خوشبوءِ ۾ ڪانھي. جا رڳو ڪنھن
گرڀ وتي عورت جي ديھھ مان اڌما کائي نڪري سگھي ٿي.
پاگل بنائي ڇڏڻ واري بوءِ. سوچي ٿو: ”گرڀ ٿيڻ کان
پوءِ عورت جي اندر جي سونھن ڪيڏو نھ نکريو اچي.
نيڻن مان، ڳلن مان، ڪلھن مان، ڇاتين مان، ٻانھن
مان، ڪکن مان، پولھھ مان، وار وار مان، چمڙي جي
پور پور مان، ساھ ساھ مان سندس مامتا جھلڪيون
پائيندي آھي. جيئن پاڻيءَ مٿان سج جا اولڙا. ان
عورت جو ڀر ۾ ايندي ئي ھڪ اڃاتل، ھانءُ ٺاريندڙ
آسيس پيو محسوس ڪري.
پنھنجو منھن ڪيو ويٺو آھي. نٿو نھاري عورت ۾. ڊڄي
ٿو متان گھڙيءَ گھڙيءَ ائين گھور وجھي نھارڻ ڪري
سيٽ نھ بدلائي ۽ انھن اڍائي ڪلاڪن جي ان حسين سفر
کان محروم ٿي وڃي. عورت سندس ايڏو تھ ويجھو ويٺي
آھي جو نھارڻ کان سواءِ کاٻي اک جي پاسي کان ڏسيس
پيو. پنھنجو منھن ڪيو ويٺو آھي. عورت جي بدن مان
ايندڙ بوءِ ۾ ٻڏاڻو. اچانڪ محسوس ڪري ٿو تھ عورت
کي سندس سگريٽ جو دونھون نھ پيو وڻي.
”معاف ڪجو، آئون سگريٽ اجھائي ٿو ڇڏيان.“ ۽ ان کان
پھرين جو عورت ڪي ڳالھائي، سگريٽ پير ھيٺان چيڀاٽي
اجھائي ڇڏي ٿو.
”مھرباني!“ عورت ڏانھس ٿورائتي نظرن سان نھاري
مرڪي ٿي پوي. مرڪ سان اندر ۾ ڊوڙي وڃينس ٿي،
خوشيءَ جي ھڪ اٿاھ لھر. ايڏي خوشي، ايڏي خوشي،
جيڏي اڳي ڪڏھن بھ محسوس نھ ڪئي ھئائين. ”آواز،
ڪيڏو نھ مٺو اٿس. ڄڻ اندر ۾ ڀريل اٿس راڳڻيون، جن
کي ڇيڙي ويٺو گرڀ ۾ ليٽيل ھڪ ننڍاکڙو ٻالڪ.“
”اوھان کي اڳيان ويھڻ کپندو ھو.“ بنا سوچڻ سمجھڻ
جي ڳالھائي ٿو ويھي. عورت سندس ان اوچتي جملي تي
ڪي پل ڳاڙھي کھنبي ٿي وڃي ٿي.
”جي نھ، سپر ھاءِ وي تي جمپ ڪونھ اچي.“
عورت مرڪ لڪائيندي، دٻائيندي، پنھنجو منھن ڪري ٿي
ويھي. ”الا ڪيڏو اٿس کيپ اکين ۾.“
اچانڪ محسوس ڪري ٿو، ويگن روڊ کي چيريندي اڏاڻي ٿي
وڃي. ڄامشوري جي پل، ڦاٽڪ ڪيئن گذري ويا؟ ڪل بھ
ڪانھ پيس. سڄي دنيا کان ڪٽجي، ڀر ۾ ويٺل گرڀ وتي
منڌ جي ڪامڻي دڙ ۾ اڙجي ويو آھي، جا ويگن جي لوڏن
تي ڄڻ جھومندي ٿي وڃي. من چاھيس ٿو ان عورت سان
ايئن ڳالھائيندو وڃي، انت گھڙيءَ تائين ھي رستو نھ
کٽي.
اچانڪ خيال ٿو اچيس: ”ڪيڏو نھ سٺو ھجي ھا جي ھيءَ
عورت منھنجي زال ھجي ھا. ان جي گرڀ ۾ اھو ٻار
منھنجو ھجي ھا. جڏھن ھھڙي سھڻي زال ھجي، ھھڙي ڀاري
ڀاري پيٽ سان ۽ سڀ ماڻھو ڄاڻندا ھجن تھ زال مڙس
پيا وڃن تھ شھر جي سڙڪن تان، پارڪن مان، ھٿ ھٿ ۾
ڏئي گھمڻ ۾ ڪيڏو نھ مزو اچي. اھا ڪھڙي لذت ھوندي؟
آئون نٿو ڄاڻان. اھڙو اندازو لڳائڻ مون لاءِ
ناممڪن آھي. مون اڄ تائين ان پھنجائپ کي محسوس نھ
ڪيو آھي ۽ ھينئر ــــــــ جڏھن ھيءَ عورت منھنجي
ناھي، نھ ئي ان جي پيٽ وارو ٻار منھنجو آھي ۽ نھ
ئي آئون ان عورت کي ڇھي سگھان ٿو، تھ بھ آئون ڪيڏي
آسيس ۽ فرحت پيو محسوس ڪريان. ان ھڪ گھڙيءَ جي قرب
تان تھ جيڪر سڄي حياتي گھوري ڇڏجي.“
اچانڪ ڪنھن اٻھريءَ ڇڪ کان، منھن ورائي عورت جي
ڀرپور ڪلھي تائين اگھاڙين ٻانھن ڏانھن نھاري ٿو.
ڳوري ڳوري ٻانھن، لسڙي لسڙي، نرم نرم، جنھن تي
ڪچڙن ڪچڙن خاڪي وارن جي ٻر. اچانڪ اندر مان جڳن
کان لڇندڙ ڦٿڪندڙ، ڦٽيل چچرل تمنائون جھينجھڻي
جيان جھڻجھڻ ڪنديون، رڳ رڳ مان ريلا ڏينديون، ڦاٽ
کائي ٿيون اڀرنس. من چاھي ٿو ان نرم لسڙيءَ لسڙيءَ
ٻانھن کي ڇھي ڏسي. لئوندڙيون ڪوسيون ٿي ويون اٿس،
منھن ۾ ڪيوليون پيون ڊوڙنس، چپن ۾ آجگاد جي تئونس
۽ ھٿن ۾ ڏڪڻي. ھٿ پاڻ مرادو ڌي وڃن ٿا چاھنس. روڪڻ
ٿو چاھي ھٿن کي نٿا روڪجن! اچانڪ ڪنھن اڄاتل خوف
کان ڊڄي منھن ڦيرائي، اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. وري نٿو
ڏسڻ چاھي ان عورت ۾، پر مونجھھ محسوس ڪري وري کولي
ڇڏي ٿو اکيون.
”اوم.....“ اوچتو بريڪ جي لوڏي سبب عورت جي واتان
دٻيل چنگھھ نڪريو وڃي ۽ محسوس ڪري ٿو، ڪجھھ کائي
پئي.
”ميٽ پئي کائي. گرڀ ٿيڻ کان پوءِ عورتون ميٽ ڇو
کائينديون آھن؟ ھڪ ڀيري تھ مينسفيلڊ اسٽريٽ جي ھڪ
وڏي دڪان تي پڪل ميٽ ڏٺو ھئائين، جي ڪرسچن ۽ وڏيون
وڏيون پڙھيل لکيل امير عورتون وٺڻ اينديون ھيون،
ڪارن واريون بھ. عورت ڪيترو ترقي ڪري، انگريزي
پڙھي، سلوار ڇڏي، ساڙي پائي، پر گرڀ وارن ڏينھن ۾
ميٽ ضرور کائيندي!“ نيڻ کڻي عورت جي چپن ڏانھن
نھاري ٿو. چپ.... بيچين، سڪل چپ، جن مٿان ڄميل آھي
اڻ لکي ميٽاھين تھھ.
”ميٽ کائيندي عورت ڪيڏي نھ پرڪشش لڳندي آھي. ميٽ
جو سواد ڪيئن بکندو اٿس مک مان. ڪيئن ڏندن ۽ تارن
سان ڄڀ ٽڪرائي، ڇڪيندي ويندي آھي.“ اچانڪ اندر ۾
ڀڙڪي اٿيس ٿي انھن چپن کي چمڻ جي چاھنا. ڀاسيس ٿو
ڪنھن اڄاتل خوف کان نڙي، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا اٿس.
اندر ۾ جاري ٿي وڃينس ٿي جنگ. وڏي مشڪل سان گھٽي
ٿو، اندر ۾ پئدا ٿيل ان چاھنا کي. وڏي مشڪل سان
پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ٿو.
”سولي آھين نھ؟“ گرڀ واريءَ عورت جي ساٿي عورت پڇي
ٿي.
”ھا“ – گرڀ واري عورت زبان سان تارونءَ مان ميٽ
ڇڏائيندي، وڏي آسيس مان وراڻي ٿي ۽ ويگن جي جھوٽن
تي پنھنجي ڄنگھن ۽ بدن کي ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي، جھوٽن
۾.
”اولي ٿين تھ ٻڌائجانءِ.“ ساٿي عورت کيس تاڪيد ڪري
ٿي، پر محسوس ڪري ٿو عورت اولي آھي. کيس ڪنڌ کان
ٻانھن جي سھاري جي ضرورت آھي. من چاھيس ٿو، ڪنڌ
کان ٻانھن جو سھارو ڏئي، کيس پنھنجي سيني تي
ليٽائي ڇڏي. وارن ۾ سرسر ڪري کيس پنھنجي ڪڇ ۾
سمھاري ڇڏي. ماڻھو ھھڙين سھڻين ۽ نازڪ زالن کي
ھھڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ٿا تنھا سفر ڪرڻ ڇڏين؟ مون کي
جي ھھڙي زال ھجي تھ آئون کيس پل بھ پاڻ کان جدا نھ
ڪريان. مان تھ جيڪر ڪنھن بھ طرح کيس نھ ڇڏيان.“
”اوم.....“ عورت وري ھڪ اوچتي جمپ تي چنگھھ ڪري ٿي
۽ ٻھ ٽي وڏا ساھ ڀري ٿي. وڏا وڏا، ايڏا وڏا جو ھوا
سندس ڦڦڙن کان گذرندي، سندس اندر جي گھرائين تائين
پڄي وڃي، سندس ٻار تائين. عورت جي چنگھھ تي اچانڪ
ماءُ ٿي ياد اچيس، جيجل ماءُ! سانوري، پيارا پيارا
گھرا نيڻ، چپن تي ھلڪي، اڻلکي ميٽ جي تھھ ڄميل،
ڀاري ڀاري گول گول پيٽ، کٽ مٿان ڍري ڍري ليٽيل.
اڳي گھڻو اڳي، ننڍڙي لاڪي، جڏھن پنجن ڇھن سالن جو
مس ھو، ڪيڏو نھ وڻندي ھيس ماءُ، ڪيڏو چنبڙندو ھئس،
چولو مٿي ڪري ڏسندو ھئس پيٽ.
”اوم..... نھ ڪر پٽ، پيٽ تي زور نھ ڏي. ھلي آ ڪڇ
۾ـــــــ“ ماءُ گونڌاڙي ھڻندي ھئس ڪڇ ۾. ڪيڏو نھ
وڻندو ھئس ماءُ جي ڪڇ ۾ منھن ھڻي سمھڻ. پوءِ اوچتو
ماءُ کي پيو ھئس پيٽ ۾ سور، کڻي ويا ھئس اسپتال ۽
اسپتال مان کڄي آئي ھيس کٽ. ڳوٺ جون عورتون پار
ڪڍي پٽڪو ڪرڻ لڳيون ھيون ۽ ھو ريھھ ڪري بيھوش ٿي
ڪري پيو ھو.
”اوم.....“ ڪي منجھاڻو، وساڻو ڇرڪ ڀري ان عورت ۾
نھاري ٿو. ”ڇا سڀ عورتون گرڀ وارن ڏينھن ۾ ھڪ ئي
نموني ڪنجھنديون ۽ چنگھنديون آھن؟ نيڻن ۾ ساڳيا
مامتا کيپ ڀري.“ موڳا موڳا، وائڙا وائڙا نيڻ ڄمي
ويا اٿس، عورت جي مکڻ کان لسڙين ٻانھن تي، ڦوڪڻن
کان وڌيڪ ملائم ڇاتين ۾. ساھ سئن ۾ ئي ٿو اچيس.
جڳن کان اندر ۾ دٻيل خواھشون سندس اندر جي پاتالن
مان گھماٽيون کائينديون، وري جھينجھڻي جيان
وڄنديون ٿيون اڀرن. زوم سان، رڳ رڳ مان ريلا
ڏينديون. ڀاسيس ٿو، جڳن کان تنھا تنھا ھلندي ٿڪي
پيو آھي. الائي ڪيترن زمانن کان نھ مليو اٿس
سھارو. ڀائين تھ ان عورت جي نرم نرم، جھوٽا جھوٽا
ھنج ۾ منھن وجھي رانڀاٽ ڪري روئي، روئندو سندس ڪڇ
۾ سمھي پوي. ھڪ وارو وري ننڍڙو ٿي وڃي، ايڏو ننڍڙو
جو وري ان گرڀ ۾ سموئجي وڃي. وري ھڪ ڀيرو گرڀ ۾
پيھي تڙٻيون ۽ بولاٽيون پائي. خواھش وڃينس ٿي
وڌندي، ايڏو..... ايڏو جو نھ رھيو اٿس ڪنڌ وس ۾.
پگھر جي کيپ ھاڻي بوءَ ۾ ٻڏاڻو، ڪنڌ وڃينس ٿو
ڍرندو، ننڍاکڙي، ليپ ھاڻي حالت ۾ ڪنھن گرڀ وتي گود
ڏانھن. اچانڪ ڪنھن اٻھري خوف کان ڇرڪجي، اکيون
کولي ٿو ڇڏي: ”ماڻھو ماريندا.“ ياد ٿو اچيس، ھڪڙي
ڀيري شھر جي سڙڪ تان ھلندي سندس من ۾ اھڙي ئي
خواھش پئدا ٿي ھئي. ايڏي ئي زوم مان ھڪ گرڀ وتي
عورت پٺيان پاٿ تي ھلندي، اندر جي تانگھھ کان
بيچين، ان عورت کي ٻانھين کان وڃي جھليو ھئائين.
عورت ڊڄي دانھن ڪئي ھئي. پوءِ ڇا ھو، چئني طرفن
کان ماڻھو کيس ورائي ويا ھئا. ھنيا ھئائونس ھٿوڙي
جيان پيٽ ۾ ٺونشا، نڪ ۾ ٺونشا، پٽيا ھئائونس وار.
نڪ مان نڪيلي وھائيندو، پيٽ تي ھٿ ڏئي ڪري پيو ھو
فٽ پاٿ تي. سال ٿي ويو اٿس، اڄ ڏينھن تائين پيٽ
پيو ڏکيس. ٿورو اس ۾ ھلي تھ نڪيلي وھيو اچيس. خوف
کان چاھي ٿو حواسن کي قابو پائڻ. من ۾ پئدا ٿيندڙ
اٻھرين خواھشن کي ٽارڻ لاءِ دريءَ کان ٻاھر نھارڻ
لڳي ٿو. ٽڪريون، وڻ ٽڻ تيزيءَ سان گذرندا وڃن.
پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندو ٿو وڃي. ”پاڳل ٿورو ئي
آھيان.“
”اوم......“ عورت وري چري پري ٿي ۽ سولائيءَ خاطر
اڃا وڌيڪ ڦھلجي، کاٻي ٻانھن سندس ڪنڌ پٺيان سيٽ تي
ڍاري، جسم ڪار جي جھوٽن تي ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي. ڪجھھ –
آلو آلو، ويڙھجي ٿو وڃي. عورت جي ڪڇ مان ايندڙ
بوءَ جي کيپ ھاڻي ھڳاو ۾. پنھنجي ڪنڌ پٺيان نرم
نرم ٻانھن محسوس ڪري، اچانڪ وري اندر ۾ وڄڻ لڳنس
ٿا، جھينجھڻا جھڻ جھڻ ڪندا. جاڳي ٿيون پونس اندر ۾
سموريون دٻيل، گھٽيل، نپوڙيل خواھشون. لئوندڙيون
ڪوسيون ٿينديون وڃنس، منھن ۾ ڪيوليون پيون ڊوڙنس.
ڀاسيس ٿو ننڍڙو ٿيندو وڃي، پتڪڙو. ويگن اتي جو اتي
بيٺي آھي، رڳو مٿو پيو ڦريس. ”ساڳيا پيارا پيارا
نيڻ، ساڳيون نرم نرم ٻانھون، چپڙن تي اڻلکي ميٽ جي
تھھ ڄميل، ڀاري ڀاري گول گول پيٽ، ڍرو ڍرو، جھوٽا
جھوٽا بدن، ھيرون ۽ ھٻڪارون ڀريل. ڪنھن نشيلي کيپ
۾ ٻڏاڻو، ڪنڌ وڃينس ٿو ڍرنندو، ڪنھن اڄاتل آسيس
مان، گرڀ وتي گود ڏانھن.
جھوٽن ۾ ويندي، ڪنھن اٻھري ڏھڪاو کان اچانڪ ڊڄي،
ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو پوي.
”گاڏي روڪيو، گاڏي روڪيو.“
”ھتي لھڻو اٿئي ــــــــ !“ ويگن ۾ ويٺل سڀ ماڻھو
وائڙا ٿي ڏانھس نھارين ٿا. ويگن کي بريڪ لڳي ٿو ۽
ھو ھيسيل، موڳاٽيل، پريشان، ٿڪاڻو، بريف ڪيس کڻي،
تڪڙو تڪڙو، سنسان ٽڪرين وچ ۾ لھي وڃي ٿو.
ھي سنگرام
ٻاھر ٻاٽ ڪاري رات آھي. سارو لوڪ سمھي پيو آھي. ھر
طرف چپ چپات آھي، آئون جاڳان پيو. ڳاڙھي زيرو بلب
جي روشنيءَ ۾ مھراڻ رسالي مان ڪاٽيل شمشير الحيدري
جي تصوير ”موت جا تجربا“ کي ڏسان ٿو. آسمان مان ھڪ
ميزائل جھٽ ھنيو آھي. ھر ڪا شيءِ فنا ٿي وئي آھي.
رھجي ويون آھن انساني ڪيپراٽيون ۽ ڪرنگھا، ڀيانڪ ۽
ھانو ڏاريندڙ. منھنجي اندر ۾ سيؤھات پئجي وڃن ٿا.
آئون ڪجھھ چئي نٿو سگھان. مون کي فن ۽ آرٽ جي ڄاڻ
ڪانھي. پوءِ بھ مون کي تصويرون وڻنديون آھن. آئون
انھن کي پنھنجي البم ۾ سجائيندو آھيان. تصويرون،
جي ڳالھائينديون آھن، مرڪنديون روئنديون آھن،
خوشيءَ جا ٽھڪ ڏينديون آھن، درد مان دانھون ڪنديون
آھن. تصويرون، جي ڇير ٻڌي نچنديون آھن. ڪڏھن ڪڏھن
مون کي پنھنجي تصويرن کان خوف ٿيڻ لڳندو آھي. آئون
اھا تصوير چمبڙائڻ لاءِ ڏڪندڙ ھٿن سان ليبن ۾
اڇلايل البم کڻان ٿو. مٿاھنس دز ڇنڊيان ٿو. آئون
پنھنجي من ۾ مونجھھ محسوس ڪريان ٿو. آئون انھيءَ
البم ۾ پھرين چمبڙايل تصويرن کي ڏسڻ نٿو چاھيان.
پوءِ بھ آئون ڏڪندڙ ھٿن سان البم جا پنا اٿلايان
ٿو ۽ منھنجي آڏو البم ۾ لڳل پھرين تصوير ڦھلجي وڃي
ٿي. ھڪ ويران، اجڙيل، سنسان باغ آھي. پس منظر ۾
پري پري تائين ھر طرف سڪل ٽاريون، ڪک، پن ۽
ڪانڊيرا بيٺل آھن ۽ پس منظر ۾ ھڪ گلاب جي ٽاري
آھي، جنھن ۾ لڙڪي رھيو آھي موسم بھار جو پھريون
گل. ٽڙيل، مھڪندڙ، لال گلاب ۽ تمام پري پولار مان
کڄي رھيو آھي ھڪ خوفناڪ واچوڙو. آئون تصوير کي
ڏسندي بيچين ٿي پنو اٿلايان ٿو. سامھون پاڪ مريم
بيٺي آھي. سوچ ۾ ٻڏل، اٻاڻڪي، رنجور، ڪجھھ ڊنل،
ڪجھھ ھيسيل، مکڙي تي مامتا جو موھ، گھرا نيڻ، سڪل
سنڌوءَ جيان سندسن ۽ ڪڇ تي اٿس ننڍڙو عيسيٰ.
بيپرواھ بادشاھ، آسي پاسي جي ماحول کان بيخبر،
بھار جي گل جيان ٽڙيل، مرڪندڙ، مھڪندڙ، ھونگڙيون
ھڻندڙ. آئون وري مريم ڏانھن نھاريان ٿو، ڄڻ ھوءَ
ڪجھھ چوڻ ٿي گھري، ڪا وڏي ڏک جي ڳالھھ. مون کي
پنھنجي اندر ۾ دل ٻڏندي محسوس ٿئي ٿي. آئون ڊڄي
ورق ورايان ٿو.
آئون ڏسان ٿو، صليب سجايل آھي. عيسيٰ جي سيني، ھٿن
۽ پيرن ۾ وڏا ڪلا ٺوڪيل آھن، جن مان رت وھي رھيو
آھي. سندس سدا اوچو ڳاٽ نستائيءَ کان ھيٺ ڍرڪي ويو
آھي. مٿان مينھن آھي ۽ ھيٺ اھا لھوءَ ندي، جنھن جو
ڪو پار ڪونھي. لکيل آھي: ”ھي اھو رت آھي، جنھن مان
ڪروڙين ڪوڙھيل ماڻھن پنھنجا بدنام ٻوٿ ڌوتا ھئا.“
مون کي ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ آئون رت جي ساگر ۾
لڙھندو ٿو وڃان، لڙھندو ٿو وڃان ۽ پوءِ ڪئين موت
جا قبرستان ڦھلجي وڃن ٿا، جنھن مٿان نيڻ نھار
تائين صليب کتل آھن، ڄڻ ڪروڙھا ماڻھو آسمان ڏانھن
ٻانھون ڦھلائي، روئي، ٻاڏائي رھيا ھجن ۽ ھي ڪنھن
جو قبرستان آھي، انھن قبرن ۾ ڪير ستل آھي؟ ڇا اھي
جن صليب سجايو ھو؟ يا اھي جن کي صليب تي لڙڪايو
ويو ھو؟ ڪجھھ بھ خبر نٿي پوي. آئون ڦاٽل نظرن سان
قبرستان ڏانھن نھاريان ٿو. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ
آئون پاڻ بھ صليب آھيان. منھنجي سيني تي ڪروڙھا
ماڻھن کي لڙڪايو ويو آھي. جيڪو بھ ڇرو جنھن تي بھ
ھليو، سو منھنجي رت رتو آھي. ماڻھو ھميشھ منھنجي
وجود کي رت مان لپي ويندا آھن. آئون جڳن کان
پنھنجي سيني تي اھو سور سھندو آيو آھيان، پر ھاڻ
اھو ظلم منھنجي برداشت کان ٻاھر ٿيندو ٿو وڃي.
آئون ڪو ڪاٺ جو سليب نھ آھيان، آئون انسان آھيان.
منھنجي نيڻن کي رت جي ھوليءَ جي نھ، پرھ جي رنگن
جي تلاش آھي. مون کي موت جي قبرستانن جي نھ،
زندگيءَ جي شھرن جي تلاش آھي. اھي روشنيءَ جا شھر
ڪٿي آھن، دنيا جي ڪھڙيءَ ڪنڊ ۾ ڪھڙي ديس ۾؟ آئون
موت جي قبرستان مان نڪرڻ لاءِ بي تحاشا ڊوڙان ٿو.
ڊوڙندو ٿو وڃان ۽ پوءِ ھر طرف کان جنگ جا ميدان
ڦھلجي وڃن ٿا، رت رتي ڌرتي آھي، آسمان ۾ بمن جو
دونھون ۽ ڳجھن جا لامارا آھن، دڳ دڳ تي جنگي
ٽينڪون پاسا کوڙيو، اونڌيون پيون آھن. چئني پاسن
کان ھزارھا لاش چچريل، چيڀاٽيل، سڄيل، رت ۾ ڳاڙھا
ٿيا اونڌا سڌا پيا آھن. ھر لاش جي مٿان ڳجھن جي ڄڃ
ويٺي سندس ماھ ڇني رھي آھي ۽ دور ھڪ ديوانو توف جي
اڳيان بيٺو تنبورو وڄائي، امن جو گيت ڳائي رھيو
آھي. آئون ساھ گھٽيندڙ بدبوءِ ۾ بيٺو، ڦاٽل اکين
سان لاشن ۾ نھاريان. ھي ڪھڙي ڪربلا جو ميدان آھي،
ھي ڪير ماڻھو آھن، ھنن جو نسل ڪھڙو آھي، ھي ڪھڙي
مذھب جا ماڻھو آھن، ھنن مان ڪير دوست ۽ ڪير دشمن
آھي؟ ڪا خبر ڪانھ ٿي پوي. ڪجھھ سمجھھ ۾ نٿو اچي.
ديوانو تنبورو وڄائي،
روئي،
امن جا گيت ڳائي رھيو آ.
آئون بيچين ٿي سامھون وڃان ٿو ۽ ڪاوڙ مان اڀ
ڏاريندڙ رڙ ڪيان ٿو: ”بند ڪر، بند ڪر اھو آواز!
تون ۽ تنھنجو تنبورو جنگ بازن کي ڪڏھن بھ جنگ کان
روڪي نھ سگھندا. ھتي تنھنجو آواز ڪوبھ نھ ٻڌندو.
آئون تنھنجو اھو تنبورو ڀڃندس.“منھنجي ڳالھھ تي
ديانو خوف مارڙ ڪري ٿو ” نھ نھ، آئون ڳائيندس،
پڄاڻيءَ تائين ڳائيندو رھندس. گيت منھنجي زندگي
آھن، مون کي ڪوبھ ڳائڻ کان روڪي نھ سگھندو.“ آئون
ڪاوڙ ۾ اچي سندس تنبورو ٽڪر ٽڪر ڪري ٿو ڇڏيان.
منھنجي اکين آڏو اوندھ اچي ٿي وڃي. ھوريان ھوريان
ڪا شيءِ روشن ٿيندي ٿي وڃي. آنڱرين جي وٿين مان
آئون ڏان ٿو تھ آئون ٻرندڙ جبل جي سامھون بيٺو
آھيان. ٻرندڙ جبل گجي گجي ٻري رھيو آھي، ۽ ان جي
چوٽيءَ جي ھڪ پاسي کان ھڪ سڪل شاخ تي ڪوئل ويٺي
ڪوڪي رھي آھي. آئون وائڙو ٿي ٻرندڙ جبل ڏانھن
نھاريان ٿو. وري ڪوئل ڏانھن ۽ وري ڪنڊ ۾ اڇلايل
البم جي ڪاري مروٽيل صفحي ڏانھن. آئون اٿي ڏڪندڙ
ھٿن سان مروٽيل صفحو کڻي، گھنج ڀڃي سڌو ڪري، جنگ
جي ميدان ۾ بيٺل راڳي ويراڳي ڏانھن نھاريان ٿو.
منھنجي اندر مان دانھن نڪري، ”او ڪوي، منھنجا
ٻيجل، منھنجا شاعر، منھنجا ڀاءُ. تنھنجو من مڻيو،
دل دنبورو ۽ رڳون رباب آھن، مون کي معاف ڪجان. مون
تنھنجو تنبورو ڀڳو آھي. توکي لوڌڻ کان پھرين آئون
ڀلجي ويو ھئس تھ ڪوئل جو ڪم فقط ڳائڻ آھي، پوءِ ڀل
ھوءَ انب جي ٽاري تي ويٺل ھجي يا ٻرندڙ جبل جي
چوٽيءَ تي. مون کي معاف ڪجان ڀائو، مون کي معاف
ڪجان.“ آئون ڏڪندڙ ھٿن سان ڦاڙيل صفحي جا گھنج
ڀڃي، سڌو ڪري، کيس ساڳي جڳھھ تي چنبڙايان ٿو.
جنگ جي ميدان ۾ ڪو ديوانو ڳائي بيٺو.
ٻرندڙ جبل تي ڪوئل ٻولي پئي.
ٿر جي ماءُ ڍڪرن ۾ آھي. ٻارڙا بک کان ڇڙھيون پيا
ھڻن. آسمان مان باز جھٽ ھنيو آھي. ڪڪڙ رڙ ڪري ٻچن
کي پرن ۾ لڪايو آھي. آسمان مان ھڪ جنگي بمبار جھٽ
ھنيو آھي. ھيرو شيما جا محل ماڙيون ۽ ماڻھن جي
گوشت جا ٽڪر فضا ۾، باھھ، رت ۽ دونھين جي سمنڊ ۾
تري رھيا آھن.
ھيٺ لکيل آھي.
“Abstract of life”
آءُ تصوير ۾ نھاريان ٿو. منھنجو روھ ڏڪي وڃي ٿو.
آءُ خوف کان اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان. ڳاڙھي زيرو جي
بلب جي روشنيءَ ۾ منھنجي اکين جي پردن جا ڏورا ٻرن
ٿا. ڪئين رنگ پکڙجي وڃن ٿا. رت کان ڳاڙھا، باھھ
کان تکا، دونھين کان ڪارا، جن ۾ تري رھيا آھن
ڪروڙين انساني لاش. منھنجو ساھ گھٽجڻ لڳي ٿو، آئون
ڊڄي اکيون کولي ٿو ڇڏيا. آئون الاءي ڇا ٿو محسوس
ڪريان. مون کي ڪجھھ سمجھھ ۾ نٿو اڇي. آئون ڊڄي ورق
واريان ٿو. آئون ڏسان ٿو، ھڪ تمام ننڍڙو ماڻھو، ھڪ
تمام وڏو بت گھڙي رھيو آھي. ايڏو وڏو، جنھن کي
ساري دنيا سج جيان پنھنجي گھرن مان ويٺي ڏسي سگھي
ٿي. آئون وائڙو ٿي ڏانھس نھاريان ٿو. ”ڪير آھين
تون؟ ھي ڇا پيو ٺاھين.“ منھنجي آواز تي ھو ڇيڻي ۽
ھٿوڙو روڪي مون ڏانھن نھاري، زخمي آڱرين سان نرڙ
تان پگھر اگھي ٿو. سندس زخمي آڱرين جو رت پگھر سان
ملي سندس ڳٽن تان ڳڙي ٿو. ھو ساھھ سڌو ڪرڻ لاءِ
اونھون ساھھ کڻي، دکي، گھٽيل ۽ اڀامندڙ ساھھ سان
مون ڏانھن نھاري چوي ٿو، ”منھنجو نالو واسديو
”سنڌو“ ڀارتي آھي، آئون بت آھوڙيون آھيان. قديم
زماني کان مورتيون گھڙيندو ٿو اچان. مون بيشمار
خوبصورت مورتيون ٺاھيون آھن، ھاڻ آئون ويٽ نام جي
ماءُ جي مورتي ٺاھي رھيو آھيان.“
آئون مورتيءَ ڏانھن نھاريان ٿو. ھڪ ماءُ ڊنل ڪڪڙ
جيان پنھنجي ٻار کي ڪڇ ۾ لڪايو آھي. ھن جو ٻاڪو
خوف کان ڦاٽل آھي. ھڪ ھٿ خوف کان آسمان ڏانھن کڄل
اٿس، ڄڻ اجھو اجھو آسمان مان باز جيان ڪو خوفناڪ
بمبار جھٽ ھڻندو. سندس ننڍڙي ابھم کي نھوڙي نيندو.
منھنجي ڪنن ۾ ڪروڙھا ڪڪڙين جي ڪاڪار مائرن جي
ٻاڪار جا آواز گونجي وڃن ٿا. آئون ڪنن تي ھٿ ڏئي
ويٽ نام جي ماءُ ۽ ان جي خالق ڏانھن نھاريان ٿو.
منھنجي وات مان رڙ نڪري وڃي ٿي: ”بت آھوڙيا! تون
پاڳل آھين. تون باز کان ڪڏھن بھ ھن جي جھٽ ھڻڻ
واري عادت ڇڏائي نھ سگھندين. تون پنھنجي جسم جو
سمورو رت ست ڏئي بھ ان عورت جي ٻار کي خوني بمبار
جھازن جي لامارن کان بچائي نھ سگھندين. ادب ۽ آرٽ
سڀ بڪواس آھي. انھيءَ ماءُ جي ٻاڪار ڪوبھ نھ
ٻڌندو. آئون ان عورت جون رڙيون نٿو ٻڌي سگھان.
منھنجو دماغ ڦاٽي پوندو، آئون ان کي ڀڃندس.“ بت
آھوڙيو رڙ ڪري ٿو: ”نھ نھ، آئون توکي پنھنجي مورتي
ڀڃڻ نھ ڏيندس. ھيءَ مورتي منھنجي اندر جو پڙاڏو
آھي، وقت جي پڪار آھي. تون منھنجيون مورتون ڀڃڻ
چاھين ٿو تھ پوءِ آئون توکي الاھي ساريون مورتيون
ڏيندس. مون قديم زماني ۾ موھن جي دڙي جي مورتي
ٺاھي ھئي. مون وٽ مھاتما ٻڌ جون بيشمار مورتيون
آھن. مون فرانس جي خوبصورت موناليزا جي پراسرار
مرڪ کي پنھنجي ڪينواس تي لاٿو آھي. مان ڀاڳ جي
ديويءَ لڇميءَ جو خالق آھيان. تون مون کان
منھنجيون سڀ مورتيون ڦري وٺ، پر ھن کي نھ ڀڃ. ياد
رک! تون پڇتائيندين. تون ديوانو آھين، آئون توکي
پنھنجيون مورتيون ڀڃڻ ڪونھ ڏيندس.“ ھو پنھنجي
مورتي کي بچائڻ لاءِ پوري طاقت سان منھنجي مٿي ۾
ھٿوڙو وھائي ٿو. آئون وڏي دانھن ڪري ڪري پوان ٿو.
منھنجي اکين ۾ رت جا ڳوڙھا اچي وڃن ٿا. پوءِ
منھنجي اڳيان ھڪ وڏي آرسي اچي وڃي ٿي. سوين سيرون
پيل ٽڪرا ٽڪرا آرسي، جنھن ۾ آھن ھزارين چھرا. چٻا،
چنجھا، ڪوڙھيا، بدصورت ۽ بدنما. لکيل آھي: آرسي جو
ڪم فقط عڪس ڏيکارن آھي، اھو ئي روپ ۽ رنگ، جيڪو
اوھان جو پنھنجو جيئن ۽ تيئن آھي. مون کي انھن
چھرن کان وحشت ٿيڻ لڳي ٿي. آئون آرسيءَ آڏو پنھنجو
منھن ھٽائي ڇڏيان ٿو.
”ڇم ڇم!! ڇم ڇم!!“
ننڊاکڙي نچڻي مد مست نچي رھي آھي.
”آھ!“ منھنجي اندر مان دانھن نڪري ٿي وڃي. ”منھنجا
واسديو، منھنجا سنڌو، تون آمر آھين، تون آدجڳاد
کان آھين. ساري سنڌوءَ کي موھن جي دڙي جيان مسمار
ڪري سگھجي ٿو، پر تنھنجي مورتيءَ کي نھ. اھي موھن
جي دڙي جي ننڊاکڙي نچڻي جيان سدا آمر رھنديون.
ايندڙ نسل اسان جيان انھن جي عظمت آڏو پنھنجو سر
نوائيندا. آئون عقيدت سان ننڊاکڙي نچڻيءَ ڏانھن
نھاريان ٿو، سندس چپن کي پيار مان چمان ٿو. ھوءَ
پنھنجي ڌن ۾ مگن نچي رھي آھي. سک جي سپنن جو ناچ،
ھا ھا! تڏھن دنيا ھن جي پائل جي مڌر آواز تي مٺي
ننڊ ڪندي ھئي، ھوءَ پنھنجي ڪامڻين ٻانھن ۾ ساري جڳ
کي ٺپري مٺڙي ننڊ سمھاريندي ھئي. ڪڏھن ھن جي پائل
۾ ھيرن ھڳاءُ ھو، ھاڻ دنيا وارن کيس شيشي جي شوڪيس
۾ بند ڪري رکيو آھي.
آئون وري ڌرتيءَ ماتا جي سٻاجھڙي مورتيءَ ڏانھن
نھاريان ٿو. ڪيڏي نھ مامتا آھي انھيءَ مورتيءَ ۾،
ڄڻ چئي رھي آھي: ”اڃا آئون جيئري آھيان.“ آئون وري
قديم سنڌ جي پر امن مھا پوڄاريءَ ڏانھن نھاريان
ٿو. ھن جي مرجھايل چھري مان اڃا بھ بھار جي بوءِ
اچي رھي آھي، جنھن کي محسوس ڪندي ئي ماڻھوءَ جو من
سانت ٿي ويندو آھي، مھاتما ٻڌ جيان.
آئون ٿڌو ساھ ڀري پنو اٿلايان ٿو. منھنجي آڏو موھن
جي دڙي جي ھڪ ننڍڙي جھروڪي جي کوٽائيءَ جو منظر
ڦھلجي وڃي ٿو. ٻھ انساني ھڏاھان پڃرا اونڌا پيل
آھن، جن مان ھڪ ٿڃ پياڪ ٻار جو آھي ۽ ان جي مٿان
وريل آھي ھڪ عورت جو پڃرو، جنھن جي ٻانھن ۾ چوڙو،
ڳچيءَ ۾ ھسلي ۽ ڪرنگھر ۾ ڪان کتل آھي، شايد جنگ ۾
ويل ھوءَ پنھنجي ٻار بچائڻ لاءِ سڄي مٿانھس ڪڪڙ
جيان وري وئي ھئي. غور ڪري ڏسڻ سان ئي ڪٿان ڪٿان
ھن جي ڪنڌ، ڪرنگھر ۽ پاسراٽين جي ھيٺان سندس ٻارڙي
جي ڪيپراٽيءَ، ٻانھڙين ۽ ٽنگن جي ھڏن جي خاڪ ڏسڻ ۾
اچي ٿي. تصوير جي ھيٺان لکيل آھي: ”مامتا“. انھيءَ
عورت کي ڏسي منھنجي اندر ۾ وڍ پئجي وڃن ٿا. اھا
عورت منھنجي ديس جي ندوري ماءُ آھي، جنھن جو ڪو
اوھي نھ واھي، جنھن کي ڪنھن بھ سھارو نھ ڏنو، ڪنھن
بھ ھن جو بچاءُ نھ ڪيو. نھ ڄاڻي ڪيترن ورھين کان
ھوءَ اتي ايئن ئي پئي آھي. روز دور دور ديسن کان
ماڻھو ايندا آھن، ڪروڙھا اکيون روز کيس ڏسنديون
آھن، پر ڪوبھ عبرت نٿو کائي، ڪنھن وٽ ھن لاءِ لڙڪ
نھ آھن. آھ، ويچاري موھن جي دڙي جي ماءُ! آئون نير
ڀريل نيڻن سان ڏانھس نھاريان ٿو، منھنجي اکين آڏو
ھرڪا شيءِ گم ٿيندي ٿي وڃي. آئون ڏسان ٿو، دنيا جي
سڀ کان وڏي ملڪ آمريڪا جي (سابق) صدر لنڊن بي
جانسن پنھنجي نئين ڄاول ڏوھٽي کي خوشيءَ مان ٻانھن
تي مٿي فضا ۾ لڙڪائي جھليو آھي. ھو بي انتھا خوش
آھي، ڄڻ کيس دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو ملي ويو
آھي، ڄڻ چئي رھيو آھي: ”ڏسو، منھنجي لوسيءَ جو
ٻار، منھنجو ڏوھٽو، رات ڄائو آھي، ڪيڏو نھ پيارو
آھي، جھڙو ڪافور جو گڏو، آھي نھ دنيا جو سڀ کان
خوبصورت ٻار؟“ آئون پنھنجا لڙڪ پي دکي مرڪ سان مٿي
ٻانھن تي لڙڪايل جانسن جي ننڍڙي ڏوھٽي ڏانھن
نھاريان ٿو، سچي بھ ڪيترو نھ پيارو آھي. جھڙو والٽ
ڊزنيءَ جو سھو، ماءُ جي ڪڇ ۾ ايترو ئي سھڻو لڳندو
ھوندو، جيترو گلاب جي ٽاريءَ ۾ موسم بھار جو
پھريون گل. آئون وري پنھنجي ديس جي ندوري ماءُ
ڏانھن نھاريان ٿو.
مھا پوڄاري سڪتي ۾ آھي.
ڌرتي ماتا ڄڻ سڪرات ۾ پئي آھي.
ننڊاکڙي نچڻي کي ڄڻ نانگ ڏنگ ھڻي ويو آھي. ٿر جي
ماءُ جي مامتا لولي ڪاڻ لڇي رھي آھي. آئون وري
گلاب جي ٽاريءَ ڏانھن نھاريان ٿو.
مريم سوچ جي ساگر ۾ ٻڏل آھي.
آئون ويٽ نام جي ماءُ ڏانھن نھاريان ٿو. موھن جي
دڙي جي ندوري ماءُ جيان، ويٽ نام جي ماءُ جو ٻاڪو
ڦاٽي ويو آھي. ٻار ڪڇ تي، ٻيو ھٿ آسمان ڏانھن
ڦھليل.
ڌرتيءَ تان ڄڻ اڀ ڏاريندڙ ريھھ آسمان ڏانھن اڀري
آھي: ”بند ڪيو، بند ڪيو اھا خوني ران! پاڪ مريم جي
ٻار جي محابي، پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن جي صدقي، مون
ندوريءَ جي آبھم تي رحم کائو، انھن وڄون وسائيندڙ
صليب نما جھازن کي بند ڪيو، مون ماءُ تي رحم کائو،
رحم کائو.“ آئون پوري طاقت سان ڪنن تي ھٿ ڏئي،
منھن ڦيرائي ٿو ڇڏيان. سامھون مھراڻ رسالي مان
ڪاٽيل نئين رت رنگيل ڀيانڪ تصوير مون کي چٻرا ڏئي
ٿي. خوف کان آئون رڙ ڪيان ٿو: ”نھ نھ، منھنجي
تصويرن جي پڄاڻي ايڏي ڀيانڪ. آئون انھيءَ تصوير کي
پنھنجي البم ۾ نھ لڳائيندس. آئون ٻي ڪا تصوير تلاش
ڪندس. ھاڻ انھيءَ خوني راند کي ختم ھئڻ گھرجي.“
آئون انھيءَ تصوير کي خار مان پرزا پرزا ڪري ٿو
ڇڏيان ۽ البم کي پوري طاقت سان پري اڇلايان ٿو ۽
وھاڻي ۾ منھن ھڻي اندر ئي اندر ۾ رانڀاٽ ڪري روئان
ٿو.
|