سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: منهنجون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :20

 

ساڳيو ڌڻ، ساڳي لٺ، ساڳيو ڌنار

ڳالھھ ٿا ڪن تھ اڄ کان ھزارين سال اڳي جڏھن اڃا ماڻھو ڌڻ ڌارڻ، ٻج ڇٽڻ، سٽ ڪتڻ مس سکيا ھئا، جڏھن اڃا نڪي شھر ھئا نھ راجا نھ راجڌانيون، چون ٿا اھو ڏاڍو سکن جو دور ھو. ماڻھو پاڻ ۾ ڏاڍي صلح، سانت ۽ پيار محبت سان رھندا ھئا. تڏھن نڪي چوريون ٿينديون ھيون، نڪو گھھرن کي دروازا ھڻڻ جي ضرورت پوندي ھئي، نھ سڪا جڙندا ھئا، نڪي بئنڪون ھيون، نھ زمينداريون، نھ ڪو ڪنھن جو مالڪ ھو، نھ ڪو ڪنھن جو ٻانھو، سڄي زمين الله جي ھئي. جيڪو ماڻھو جتي سھنج ڏسندو ھو، اتي اچي پنھنجا پکا اڏيندو ھو. پنھنجو مالڙو ساين ويڙھين ۾ چاريندو ھو ۽ وس ۽ درياھ جي اٿل تي ٻج ڇٽي پنھنجي ٻچڙن جي گذران لاءِ اناج پئدا ڪندو ھو. ڪنھن کي ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانھ پوندي ھئي.

چون ٿا تھ انھن ئي ڏينھن ۾ روھھ جبل جي ڏاکڻي پاسي کان راڄ گئوپال نالي ھڪ ڌنار رھندو ھو. ھو رڳو گئوپال نھ پر مينھون، رڍون ۽ ٻڪريون بھ پاليندو ھو. واڙي ۾ سدائين ھزارين جانورن جو ٻيڪراٽ پيو پوندو ھئس. ايڏي مال ھوندي بھ ھو ساين ويڙھين، چراگاھن ۽ درياھن جا ڪنارا ڇڏي جابلو لڪن، وارياسين ۽ ڀڙڀانگ برپٽن ۾ رھندو ھو، سا ماڻھن لاءِ حيرت ڄحري ڳالھھ ھئي. ھن جو مال پورو گاھ ۽ پاڻي نھ ملڻ ڪري سدائين ڏٻرو ۽ ڏڪار جو ماريل لڳندو ھو. راڄ گئوپال سان سدائين ھڪ خوفناڪ بگھڙ جي نسل جو ڪتو ساڻ ھوندو ھئس، جو مال ورائڻ ۾ سندس مدد ڪندو ھو. سدائين لٺ ڪلھي تي ڪتي سان گڏ ھٻڙاٽ پيو پوندو ھئس.

راڄ گئوپال نھ رڍن، ڳئن مان کير ڪڍندو ھو، نھ ئي ڪا وٽس ولوڙي لاءِ ماٽي ھئي. صبح شام ڍورن جا کر پيو جاچيندو ھو ۽ منجھن لوھ جي نال پيو ٺوڪيندو ھو. صبح ٿيندي ئي مال کي واڙي مان ڪڍي ويڙھين ۽ چراگاھن ڏي ڪاھي وڃڻ جي بجاءِ اوش اوش ڪندو روھ جبل ڏي ڪاھيو ويندو ھوم جتي سدائين رڃ، سڃ، بک ۽ ڀينگ پئي واڪا ڪندي ھئي. سڄو ڏينھن سڌاريل ڪتو مال ورائڻ ۾ پيو سندس مدد ڪندو ھو.

راڄ گئوپال جي روز ھڪ اڌ ٻڪري، گانءِ يا مينھن اڃ بک کان رڻ پٽ ۾ نست ٿي ڪري پوندي ھئي ۽ سندس بيشمار لٺين سان بھ اٿي نھ سگھندي ھئي. ٻئي ڏينھن روھ جبل جون ڳجھون پيون مٿس لامارا ڏينديون ھيون، پر تڏھن بھ راڄ گئوپال جي ڌڻ ۾ ڪڏھن بھ کوٽ نھ پئي. جيئن پوءِ تيئن سندس مال ويندو ھو وڌندو، ڇو تھ ھر جشن يا خوشيءَ جي موقعي تي جڏھن سڀ ماڻھو ھڪ ھنڌ اچي گڏ ٿيندا ھئا تھ راڄ گئوپال ھڪ پيتيءَ ۾ سونا ھار، ڪنگڻ، ڪيوٽيون، ڦل، جھومڪ، ايرنگ وجھي اچي سڀني جي وچ ۾ وھندو ھو. جي مالوند عورتون ھار سينگار لاءِ کانئس سونا زيور وٺنديون ھيون ۽ ان جي بدلي کيس ڇيلا، ٻڪر، گابا، گايون، مينھون، رڍون ڏينديون ھيون. ھو سدائين سونن زيورن جي عيوض تازا ٿلھا ٿنڀرا جانور ڪاھيو پنھنجي آستان ڏي ويندو ھو. سڄي ملڪ ۾ جيترو بھ سون ھو، سو پوڙھي راڄ گئوپال يا سندس ابن ڏاڏن جي وگھي ھو، پر ھنن اھو قيمتي ڌاتو آندو ڪٿان ٿي؟ سا ڪل رڳو راڄ گئوپال يا سندس مري ويل ابن ڏاڏن کي ھئي.

چون ٿا تھ انھن ئي ڏينھن ۾ روھ جبل جي سڪارين پاسن ۾ ڌڱ ديو نالي ھڪ پھلواڻ مڙس رھندو ھو. سڄي ڌرتيءَ تي ھن جي مقابلي وارو مڙس اڃا ماءُ ڄڻيو ئي ڪونھ ھو، پر تڏھن بھ نھ رھڻ لاءِ اجھو ھئس ۽ نھ ھر لاءِ ڪو ڏاند، نھ کير لاءِ ڪا رڍ يا ٻڪري، نھ ئي ڪنھن ڪم ڪار لاءِ دل چوندي ھيس. سڄو ڏينھن پيو پنھنجي وٽيل بدن کي جاچيندو ھو ۽ سدائين پراون ٽڪرن تي پلجندو ھو. جتي بھ ڪو ميڙو ملاکڙو ٻڌندو ھو، اتي سڀني کان پھرين پڄي ويندو ھو. ڪڏھن ڪٿي، ڪڏھن ڪٿي پيو زور آزمائيندو ھو. اصل ڍڳي جي طاقت ھيس. جيڪو بھ پھلواڻ سامھون ايندو ھوس، واري تي وارو پٽي ڌو اچي پٽ تي ھڻندو ھئس. ماڻھو سندس طاقت ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا ھئا ۽ عجب بھ لڳندو ھئن تھ ايڏي طاقت ھوندي بھ نھ ھو ھر ھلائي سگھي ٿو، نھ ٻنيءَ ۾ پاڻي ورائي سگھي ٿو، نھ پنھنجي رھڻ لاءِ پيڙھھ کوٽي چار پکا ھڻي سگھي ٿو.

چون ٿا تھ ھڪ ڀيري ھڪ وڏي جشن جي موقعي تي ڌڱ ديو ھڪ نچڻي نينگريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ کيس شاديءَ لاءِ چيائين. نچڻيءَ کلي چيس:

”ڌڱ ديو! تون آھين ٽوٽي ۽ ڪمچور. مان تھ انھيءَ مڙس سان شادي ڪنديس، جيڪو مون کي سونا زيور پھرائي، پاڻ ٻاھران ڪمائي اچي، مان گھر ۾ ويٺي لاڪس ماني پچايان ۽ سندس ننڍڙن ٻارڙن جي شيوا ڪيان، تو سان وھانءُ ڪري مون کي بک ڪونھ مرڻو آھي.

نچڻي نينگريءَ جي ڳالھھ تي ڌڱ ديو کي باھ وٺي ويئي. سونا زيور ۽ گھر ھٿ ڪرڻ لاءِ لوھن ۾ ٿي آيو. رڳو ايتري خبر ھيس تھ سون جو راز رڳو روھ جبل وارو پوڙھو ڌنار راڄ گئوپال ڄاڻي ٿو. سو سڌو روھ جبل واري واٽ ورتائين ۽ رات ڏينھن جي پنڌ پٽڻ کان پوءِ راڄ گئوپال جي واڙي ۾ آيو.

ان ويل رات جو ٽاڻو ھو. راڄ گئوپال پنھنجيءَ پھڻ واري ڪوٺڙي ۾ مٽيءَ جي ٿلھي تي ڌمڻ دکايو مترڪي سان سون ٺپي رھيو ھو. ٻاھر ڪتو زور زور سان ڀونڪيون ۽ ان سان گڏ ئي ھڪ ڀيم مڇريل مڙس ڪھاڙي سان در تي بيٺل ڏسڻ ۾ آيس. راڄ گئوپال ڊڄڻ جي بجاءِ مرڪي چيس: ”ڀلي ڪري آئين پھلواڻ! تنھنجي آئي منھنجيون اکيون ٿڌيون. ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟“ ڌڱ ديو اک ٽيڏي ڪري ڏاڍي کھرائي سان چيس: ”راڄ گئوپال! مان سون جي ڳولا ۾ آيو آھيان. مون کي ٻڌاءِ تون سون ڪٿان آڻيندو آھين؟“

ڌڱ ديو جي ڳالھھ تي راڄ گئوپال کان ھڪ وڏو ٽھڪ نڪي ويو ۽ چيائين: ”ڌڱ ديو، تنھنجي وات مان اڃا ماءُ جي ٿڦ جي بوءِ پئي اچي. سون طاقت پئدا ڪندي آھي.“ ڌڱ ديو سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽيندي ڪاوڙ مان ھڪل ڪري چيس، ”بڪ نھ پوڙھا! تون نٿو سڃاڻين مان ڪير آھيان. منھنجي مقابلي وارو مڙس اڃان ماءُ ڄڻيو ئي ڪونھي. ڪير آھي جو مون کي سندرو ڏئي. مان ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان طاقتور ماڻھو آھيان.“

”ڌڱ ديو! تون سچو آھين. مون توکي ڪيترن ميڙن ۽ ملاکڙن ۾ زور آزمائيندي ڏٺو آھي. سچي بھ تون ڌرتيءَ تي سڀ کان طاقتور ماڻھو آھين، پر تنھنجو جسم جيترو طاقتور آھي، تنھنجو دماغ اوترو ئي ڪمزور ۽ سون اھو ئي اپائيندو آھي، جنھن وٽ اھي ٻئي. طاقتون ھجن.

”۽ تو وٽ اھي ٻئي طاقتون ڪونھن، پوءِ بھ تون سون اپائين ٿو. اي مرگھيل پوڙھا، مون کي بيوقوف نھ بناءِ. اھا گوٿناڪي مون سان ڪانھ ھلنديئھ. مان توکان اڄ سون جو راز پڇي رھندس. ياد رک، منھنجي ڪھاڙي جو ھڪڙو ڌڪ توکي موت جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيندو.“

ڌڱ ديو جي ان ڳالھھ تي راڄ گئوپال ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين: ”ڌڱ ديو! تو منھنجي باري ۾ غلط راءِ قائم ڪئي آھي. ٺيڪ آ، مان پوڙھو ۽ ڪمزور آھيان، پر پوءِ بھ منھنجو جسم جيترو ئي ڪمزور آھي، منھنجو دماغ اوترو ئي طاقتور. مان ڌرتي تي سڀ کان عقلمند ماڻھو آھيان. مان پنھنجي دماغ سان سون پيدا ڪندو آھيان. منھنجو جسم سڪل ۽ ڪمزور آھي، پوءِ بھ  مان طاقتور آھيان. منھنجي لٺ ۾ ايتري طاقت آھي جو مان پنھنجو ڌڻ پنھنجي مرضيءَ سان جيڏانھن چاھيان، ورائي سگھان ٿو. منھنجي ڍورن مان ڪنھن کي بھ طاقت نھ آھي جو مون ڏانھن ڪرڙي اک ڪري نھاري سگھي. مان جڏھن جنھن مھل چاھيندو آھيان، کين روھ جبل جي رڻ پٽن ۽ بيابانن ڏي وٺي ويندو آھيان، جتي نھ گاھ ھوندو آھي نھ پاڻي. اتي ڌرتي سدائين تندور وانگي پئي ٻرندي آھي، پر منھنجي جانورن مان ڪنھن کي مجال آھي جو ٻڙڪ ڪڇي، ان لاءِ تھ منھنجي لٺ ۾ طاقت ھوندي آھي. مان لٺ سان اڳيان ھوندو آھيان ۽ سون پاڻيھي منھنجي گھر ۾ پڄي ويندو آھي – سمجھيئھ!“

”تون الائي ڪھڙي ڄاڙ ھڻي رھيو آھين. مان ڌوڙ بھ ڪونھ سمجھيس.“ ڌڱ ديو بيزاريءَ سان وراڻيو.

”تڏھن تھ مان چوان ٿو تھ تنھنجو جسم جيترو ئي طاقتور آھي، تنھنجو دماغ اوترو ئي ڪمزور. اڙي عقل جا انڌا! تون دنيا جو سڀ کان طاقتور انسان آھين. تون جي چاھين تھ پنھنجي لٺ جي طاقت سان سڀني ماڻھن کي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائي سگھين ٿو. سون جو راز رڳو روھ جبل آھي. جڏھن مون ڪمزور ٻڍي کي رڳو مال تي لٺ ھلائيندي سون ملندو آھي تھ توکي ڇا ملندو! تون پارس آھين پارس..... بس مان جيئن چوان تيئن ڪر، پوءِ تون جنھن شيءِ کي پھندين اھا سون ٿي پوندي.... سون ٿي پوندي.“

راڄ گئوپال جي واتان سون.... سون..... سون.... ٻڌي ڌڱ ديو انڌو ٿي پيو ھو. رڙ ڪري چيائين: ”تون جيئن چوندين، مان تيئن ڪندس. ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

راڄ گئوپال چيو: ”تھ پوءِ ٻڌ! توکي ماڻھن کي پنھنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻو پوندو. تون دنيا جو سڀ کان طاقتور ماڻھو آھين ۽ مان دنيا جو سڀ کان عقلمند. اڄ کان تون راجا آھين ۽ مان تنھنجو سيناپتي. بس مان جيئن چوندو ويندس، تيئن تون ڪندو وڃ. پوءِ سڄي دنيا جي دولت اسان جي پيرن ۾ ھوندي.“

ڌڱ ديو سون ھٿ ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار ھو. چيائين: ”مون کي منظور آھي، تون جيئن چوندين، تيئن ٿيندو.“

”تھ پوءِ ٻڌ.“ ”راڄ گئوپال چيو: ”سڀ کان پھرين توکي پاڻ جھڙا طاقتور، ٽوٽي، ڪمچور ۽ لالچي ماڻھو ھٿ ڪرڻا پوندا، جي سدائين سڻڀي ٽڪر لاءِ منھنجي وفادار ڪتي وانگر لور لور ڪندا رھن. پھرين پاڻ جھڙن طاقتور، لالچي ۽ بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو سون جي لالچ ڏئي مون ڏانھن وٺي اچ. مان تنھنجو انتظار ڪندس. سون ھٿ ڪرڻ لاءِ اھو تنھنجو پھريون ڏاڪو آھي. وڃ......“

ڌڱ ديو لاءِ اھا ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھئا، چيائين: ”مان مھيني جي اندر سوين پھلواڻن کي تنھنجي آڏو پيس ڪندس.“ ۽ کانئس موڪلائي پنھنجي ڪم سان روانو ٿيو. ان رات راڄ گئوپال پنھنجو سمورو سون پيتيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سونن زيورن جي بجاءِ لوھ جا ڪات ۽ ڪھاڙا ٺپڻ لڳو.

چوندا آھن چنڊو چنڊي کي سو ڪوھن تي ڳولي لھي. ھڪ مھيني کان پوءِ ڌڱ ديو روھ جبل ۾ راڄ گئوپال جي گھر آيو تھ ھن سان گڏ سوين پھلوانن جو ڪٽڪ ھو.

راج گئوپال ٻانھن مٿي لڏي سندس آءُ ڀڳت ڪئي ۽ وڏي آواز سان چيائين: ”اي طاقتور پھلواڻو! اوھان سڀ ڄاڻو ٿا تھ ھن ڌرتي تي جيترو بھ سون آھي، سو سڀ منھنجن ابن ڏاڏن ۽ منھنجي بدولت آھي. اھو رڳو مان ئي آھيان جو سون جو راز ڄاڻان ٿو. سون، جو دنيا جو سڀ کان وڏي دولت آھي. اوھان مان ڪير آھي جنھن کي سون نھ گھرجي؟“

راڄ گئوپال جي آواز تي سڀني ھڪ آواز ٿي چيو:

”اسان کي سون گھرجي...... اسان کي سون گھرجي......“

راڄ گئوپال پنھنجي تقرير جاري رکندي چيو:

”تھ پوءِ ٻڌو! ھن ڌرتيءَ تي سون جو راز رڳو مان ئي ڄاڻان ٿو. اھو مان ئي آھيان جو توھان کي سون ڏئي سگھان ٿو، پر سون ھٿ ڪرڻ لاءِ ڌڱ ديو ۽ منھنجو حڪم مڃڻو پوندو. جيئن اسان چونداسين، تيئن ڪندؤ. اڄ ڏينھن کان ڌڱ ديو جو ڌرتي تي سڀ کان طاقتور آھي، توھان جو راجا ۽ مان جو ڌرتيءَ تي سڀ کان عقلمند آھيان، توھان جو وزير آھيان. اسان جو ھر حڪم توھان کي مڃڻو پوندو. بس پوءِ اوھان کي سون ۾ توريو ويندو.“

راڄ گئوپال جي آواز تي وري سڀني ھڪ آواز ٿي چيو:

”اسان کي اوھان جو ھر حڪم منظور آھي.“

راڄ گئوپال ٻانھن لوڏي سڀني کي ماٺ ڪرائي چيو: ”تھ پوءِ ٻڌو، صبح ٿيندي ئي اسان ھتان ڪوچ ڪنداسين ۽ وستي وسري گھر گھر جو گھمرو ڪنداسين ۽ ماڻھن کي پنھنجي نئين راجا ۽ پنھنجي طاقت آڏو جھڪائينداسين. جيڪو بھ اسان جو حڪم نھ مڃندو، ان کي پنھنجن ڪاتبن ڪھاڙن سان مارينداسين ۽ ان جي گھر کي باھ لڳائي ڇڏينداسين. بس سون جو راز اھو ئي آھي.“

”ڇا پوءِ اسان کي سون ملي ويندو؟“ ڪٽڪ مان ھڪ پھلواڻ زور سان چيو.

”بس اسان جو حڪم مڃندا ھلو. مان اوھان کي سڄو روھ جبل سون ڪري ڏيندس. ياد رکو تھ مان دنيا جو سڀ کان وڏو عقلمند ماڻھو آھيان. ڌرتيءَ تي اھو مان ئي آھيان جو سون جو راز ڄاڻان ٿو.“

”اسان کي منظور آھي.... اسان کي منظور آھي“ سڀني پھلواڻن ھڪ آواز ٿي چيو ۽ ڌڱ ديو ۽ راڄ گئوپال آڏو سر نوائڻ لڳا.

صبح ٿيندي ئي راڄ گئوپال ھر ھڪ پھلواڻ کي ڪات ۽ ڪھاڙو ڏنو ۽ سڀني کي پنھنجي پٺيان ھلڻ جو حڪم ڏنائين. سڀ کان اڳيان ڌڱ ديو ھو، ان جي پٺيان راڄ گئوپال ۽ ان جي پٺيان سوين ڪاتن ۽ ڪھاڙن سان پھلواڻن جو ڪٽڪ، جي وستي وستي، گھر گھر ووڙيندا ويا. جتي ٿي ڌڱ ديو جو ڪٽڪ پھتو، اتي ماڻھن ۾ مانڌاڻون ٿي پئجي ويو. سوين گھر ساڙيا ويا، سوين ماڻھو ماريا ويا. راڄ گئوپال ھڪ ھڪ ماڻھو کي ڌڱ ديو جي آڏو جھڪايو ۽ چيائين:

”ڌڱ ديو ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏو طاقتور ماڻھو آھي. اڄ کان ڌڱ ديو اوھان جو راجا آھي. اڄ کان ھيءَ سموري ڌرتي ڌڱ ديو جي آھي. اوھان کي ھر سال پنھنجي فصل ۽ مال جو ھڪ حصو راجا ڌڱ ديو کي ڏيڻو پوندو ۽ اوھان کي روھ جبل جي مٿان راجا لاءِ وڏا عاليشان محل ۽ رنگ رتول ٺاھڻا پوندا ۽ ان جي چوڌاري راجا جي حفاظت لاءِ ڪوٽ ٻڌڻو پوندو. ياد رکو! اوھان مان جيڪو بھ راجا ڌڱ ديو جو حڪم نھ مڃيندو يا بغاوت ڪندو، ان جو جڻ ٻچو گھاڻن ۾ پيڙايو ويندو ۽ ان جي گھر کي باھ لڳائي ويندي.“

ماڻھو ويچارا ان اوچتو اجل کان اھڙا تھ وٺي ڊنا جو ساھ ئي سڪي وين. ڪير ڪڇي؟ سڀني کڻي پنھنجي نئين راجا آڏو ڪنڌ جھڪايو. ڌڱ ديو جو ڏھڪاءُ سڄيءَ ڌرتيءُ تي پري پري تائين پڄي ويو. ڪنھن کي بھ ھمٿ نھ ھئي جو ھن جي اڳيان ڪنڌ کڻي.

روھ جبل جي مٿان وڏو ڪنگرن سان ڪوٽ اڏجڻ لڳو، جنھن کي ڏسڻ سان ھوند پٽڪو ڪري پوي ۽ ان جي اندر راجا ۽ ان جي ڪٽڪ لاءِ وڏا عاليشان محل ۽ رتول ٺھڻ لڳا. راتو ڏينھن ھزارين ماڻھو ڪم ۾ گڏھن وانگر جٽيا پيا ھوندا ھئا ۽ مٿانئن راجا جي سپاھين جا چھبڪ پيا ڪاريھر نانگ وانگي ڪڙڪندا ھئا. جي ڪو پورو کاڌو ۽ پاڻي نھ ملڻ ۽ گھڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري نست ٿي ڪري پوندو ھو تھ ان کي بھ پھڻ ۽ سرن سان گڏ ڪوٽ جي ٿلھي مائي واري ڀت ۾ لمبيو ويندو ھو. تانجو اھو ڏينھن بھ آيو جو وارياسين رڻ پٽن واري روھ جبل جي مٿان ھڪ نئين راجڌاني اڀري آئي ۽ راجا جي تاجپوشي جي جشن جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. راڄ گئوپال پنھنجي بچايل سموري سون مان راجا لاءِ ھڪ سونو تخت، تاج، بڙڇ ۽ ھزارين سڪا ٺاھيا، جن تي راجا جي تصوير اڪريل ھئي.

راجا جي جشن جي تاجپوشيءَ واري رات سوين حسين ڪامڻين نرتڪين نينگرين راجا جي اڳيان ناچ ڪيا. راجا کي سوني تخت تي وھاري مٿي تي سونو تاج پھرايو ويو ۽ سندس ھٿ ۾ سونو بڙڇ ڏنو ويو ۽ سڀني ڪٽڪ جي پھلواڻن ۾ سونا سڪا ورھايا ۽ ان خوشي ۾ راڄ گئوپال پنھنجي سمورن جانورن جو روھ جبل جي رڻ ۾ ٻليدان ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

چون ٿا اھا روھ جبل جي راجڌاني دنيا جي پھرين راجڌاني ھئي، جنھن جو رواج اڄو اڄ تائين ھليو اچي. اڄو اڄ تائين روھ جبل وارو اھو رڻ ھزارين جاندارن جي قرباني گھرندو آھي. سدائين ڳجھون پيون لامارا ڏينديون آھن. ساڳيو روھ جبل آھي، ساڳيو راجا، ساڳيو سڪو، ساڳيو تخت، ساڳيو تاج، ساڳيو بڙڇ ۽ ساڳي پرجا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com