نھ تھ ساڻ ھلن ٿا سير ۾
”پروفيسر، پليز! منھنجي ڀين جي زندگيءَ جو سوال
آھي. ھن کان سواءِ منھنجو ڪير بھ نھ آھي. جيڪڏھن
ھن کي ڪجھھ ٿي ويو تھ مان پاڳل ٿي ويندس!“ سراج
روئندڙ آواز ۾ چيو.
سڄن سارن ٻن سون رپين جو سوال ھو، تنھن ڪري
پروفيسر اياز ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. آخر ھن پنھنجو
جھڪيل ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”مون کي توسان ھمدردي آھي
سراج، مگر افسوس! مان تنھنجي مدد نٿو ڪري سگھان.
ويھن پنجويھن رپين جي ٻي ڳالھھ ھئي، پر!“
پروفيسر اياز اڳتي بھ ڪجھھ ڳالھائيندو رھيو، مگر
ھو انھيءَ کان وڌيڪ ڪجھھ بھ نھ ٻڌي سگھيو. سندس
اکين مان چڻگون نڪري ويون ھيون ۽ ھو سوچي رھيو ھو:
”ڇا ھي اھو ئي پروفيسر آھي، جو ٿوري دير اڳ
زندگيءَ جي فلسفي تي ليڪچر ڏيئي رھيو ھو؟ ڇا اھي
ٺلھيون ڪتابي ڳالھيون ھيون، حقيقت سان سندن ڪوبھ
واسطو ڪونھي؟ ڇا اھي ڳالھيون صرف ڪتابن تائين
محسوس آھن، حقيقتن جو منجھن رنگ ڀري نٿو سگھجي؟“
سندس ڪنن ۾ پروفيسر اياز جو آواز گونجي رھيو ھو:
”اوھين ھن ڌوڙ ڌڌڙ جي گولي تي پنھنجي قيمتي
زندگيءَ جو ڳچ وقت گذاري چڪا آھيو. ھن ڪائنات کي
اوھين غور ۽ فڪر جي نظرن سان ڏسندؤ تھ زندگيءَ جو
سارو راز اوھان تي ھيان ٿي پوندو. زندگيءَ جي ساري
حقيقت منجھيل ڍيريءَ جيان ڇڙوڇڙ ٿي کلي پوندي. ڇا
توھان ڏٺو نھ آھي تھ ڪنھن بھ شھر ۾ وڃڻ کان پھرين
توھان کي قبرستان مان گذرڻو پوندو آھي! اوھين ٽرين
۾ ھجو، ٽانگي ۾ ھجو يا پيدل ھجو، پھرين موت ۽ پوءِ
زندگيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. دنيا جي انھن عبرتناڪ
منظرن مان بھ اسين سبق حاصل ڪري سگھون ٿا. دنيا جو
ذرو ذرو ھڪ وڏي معنيٰ، ھڪ وڏي حقيقت رکي ٿو ۽ اسان
جي راھ ۾ ھڪ بھترين رھبر جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
جيڪڏھن اسين پنھنجين اکين تان حرص ۽ ھواس جا پردا
لاھي، دنيا جي کليل ڪتاب تي ذھن ۽ اندر جون اکيون
ڌرينداسين تھ پنھنجي مقصد حيات جي منزل تائين پھچي
وينداسين، نھ تھ ھڪ انڌي جيان انھيءَ موت جي
واديءَ ۾ ڀٽڪندا رھنداسين ۽ آخر ٿڪي ٽٽي ائين مري
پونداسين، جيئن بيابان ۾ رڃ جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ھڪ
پياسو ماڻھو آخر مري ويندو آھي. ھيءَ جيوت ھڪ
امتحان آھي. اسان کي رات جي اونداھيءَ ۽ ڏينھن جي
سوجھري ۾ انھيءَ موت جي واديءَ کي پار ڪرڻو آھي.
زندگيءَ جو شھر ڪو ايترو پري ڪونھي. دنيا جو ھر
نظارو، ھر شيءِ اسان جي راھرو ۽ رھبر آھي. علم جي
اجھاڳ سمنڊ ۾ ادب جي ڪشتي ڪناري ڏانھن وڌندي پئي
وڃي. لھرن جو اسان سان ساٿ آھي تھ ڪنارو پاڻ ئي
ويجھو اچي سگھي ٿو. ڏسو، ڪنڌيءَ جي ڪکن زندگيءَ جي
تند تنوارڻ شروع ڪئي آھي. شاعر منجھن رنگ رچيو
آھي، تنھن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو:
”ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي ھاتڪ ھٿ وجھن،
پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڙي ڪنڌي ڪن، نھ تھ ساڻ ھلن سير ۾!“
اسان جو سھڻو شاھ، زندگيءَ جو ڪيڏو نھ وڏو شاعر
آھي! ڪيتري نھ حقيقت چٽيل آھي سندس ڪلام ۾!
زندگيءَ جو سارو راز انھن سٽن ۾ سمايل آھي. اسان
جي زندگيءَ جو مقصد صرف ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ آحي.
جيڪڏھن اسان ۾ ڪنڌيءَ جي ڪمزور ڪکن وانگي ڪنھن جي
واھر ڪرڻ جي پھچ ڪانھي، اسين ڪنھن جي مدد ڪري نٿا
سگھون تھ اسان کي ان ڏکويل دل سان ھمدردي ضرور
جتائڻ گھرجي. انھيءَ ۾ ئي اسان جي جيون جي جوت آھي
۽ اھا ئي اسان جي زندگي آھي.
ھن اجھيل اجھيل نظرن سان پروفيسر اياز ۾ ڏٺو. ”ڇا
اھي سڀ چوڻ جون ڳالھيون ھيون، جي پروفيسر ٿئيٽر جي
ادڪار وانگي ادا ڪيون؟ ھاڻ انھن سان سندس ڪوبھ
واسطو ڪونھي؟ ڇو، ائين ڇو آھي؟“ سندس اکين ۾ ھڪ
عجيب چمڪ پيدا ٿي ۽ ھو ھڪدم ڀڙڪي پيو:
”جيڪڏھن ھڪ زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ توھان جي
ٽجوڙيءَ مان ٻھ سؤ رپيا بھ نٿا نڪري سگھن تھ پوءِ
توھين زندگيءَ جي فلسفي تي ايا ليڪچر ڇو ٿا ڏيو؟
توھين زندگيءَ جي مسئلي تي ايڏي تنقيد ڇو ٿا ڪريو؟
پوءِ توھان زندگيءَ جا ترجمان ڇو آھيو؟ ادب کان
سواءِ بھ دنيا ھلي سگھي ٿي. زندگيءَ جو چڪر رڳو
اقتصاديات ۽ سائنس تي بھ ھلي سگھي ٿو. اسين ڊاڪٽر
۽ انجنيئر بڻجي بھ قوم جي خدمت ڪري، پئسا ڪمائي
سگھون ٿا!“
”بس ڪر، سراج!“ پروفيسر اياز ڪاوڙ مان زور سان ميز
تي ڌڪ ھڻندي چيو: ”تو ادب جي باري ۾ غلط راءِ قائم
ڪئي آھي. تنھنجو خيال بلڪل غلط آھي. اھا ادب جي ئي
طاقت آھي جو اڄ ڌرتي پنھنجي محور تي بلڪل صحيح
گردش ڪري رھي آھي. ادب اقتصاديات ۽ سائنس تي حاوي
آھي، نھ تھ ھوند قيامت کان پھرين ئي سائنس جا الا
ڪائنات کي پنھنجيءَ باھ ۾ گھيري ڇڏين ھا، دنيا جي
گردش درندگيءَ جو رقص ھجي ھا ۽ اڄ ھتي ھڪڙو انسان
بھ موجود نھ ھجي ھا. ادب جي وجود مان ئي گوتم،
ڪرشن چندر، ابراھام لنڪن، ٽئگور ۽ شاھ جھڙا روح
ڌرتيءَ تي اچن ٿا، جيڪي زندگيءَ کي نئون نور عطا
ڪريو ڇڏين. اھا ادب جي ئي طاقت آھي، جنھن لوممبا
جي مزار تان گل اڏائي. ساريءَ دنيا جي فضا کي
سرھاڻ بخشي ڇڏي آھي. ادب سڀني علمن جو روح آھي.
توکي ادب کان منڪر نھ ٿيڻ گھرجي.“
”مون کي توھان جي ليڪچر سان ڪابھ دلچسپي ڪانھي،
پروفيسر صاحب! مان توھان جو ليڪچر ٻڌڻ نھ آيو
آھيان.“ سراج تلخ آواز ۾ چيو. سندس انھيءَ
گستاخيءَ تي پروفيسر اياز جون اکيون ٻاھر نڪري
آيون ۽ ھن ڪاوڙ مان زور سان ميز تي ڌڪ ھڻندي چيو:
”بي ادب، گستاخ! نڪري وڃ، گيٽ آئوٽ!“
سراج ھڪ نظر سندس لال پيلو چھرو ڏسي مسڪرايو، ڄڻ
چئي رھيو ھو: ”ڇا پروفيسر، اھا ئي ھمدردي آھي ھڪ
ڏکويل انسان لاءِ توھان جي دل ۾؟ ڇا اھا ئي جيون
جي جوت آھي؟ ڇا اھا ئي زندگي آھي، پروفيسر!“
جڏھن ھو پنھنجو اداس چھرو کڻي ٻاھر نڪتو تھ کيس
ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ واقعي سندس ٽي بيءَ جي
مريضھ ڀيڻ مري ويندي – حالانڪھ ڀيڻ تھ ڇا، ھن
ھيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ سندس ڪو ويجھو مائٽ بھ نھ
ھو. ھن جڏھن ھوش سنڀاليو ھو تھ پنھنجو پاڻ کي يتيم
خاني ۾ پاتو ھئائين ۽ جنھن ماحول ۾ ھن جنم ورتو
ھو، تنھن کيس ھڪ منطقي دل ڏيئي ڇڏي ھئي. ننڍپڻ کان
ئي ھو تمام ذھين ۽ بيڊپو ھو. ھو ھر وقت عجيب عجيب
ڳالھيون سوچيندو رھندو ھو، جي سندس عمر جي لحاظ
کان تمام وڏيون ھونديون ھيون. کيس اڪثر پنھنجي
باري ۾ خيال ايندو ھو تھ ھو يتيم ڇو آھي؟ يتيم
ڪٿان ٿا اچن؟ انھن جا ماءُ پيءُ ڇو ڪونھن؟ حرامي
ڦر ڇو ٿو چوي؟ ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جي غلطيءَ تي ھو
مسڪرائي ڏيندو ھو. اھڙيون ڳالھيون سوچي ھڪ عجيب
لاوارث مسڪراھٽ سندس چھري تي اچي ويندي ھئي.
يتيمخاني ۾ جمعي جي ڏينھن گوشت جو وارو ايندو ھو
تھ پنھنجي پياليءَ ۾ ھڪ ننڍڙي ٻوٽي ڏسي ھو سوچ ۾
پئجي ويندو ھو تھ ھيءَ ٻوٽي اڪيلي ڇو آھي؟ ھيترا
سارا چندي جا پئسا ڪيڏانھن ٿا وڃن؟ ھيترو سارو
گوشت ڪيڏانھن ٿو وڃي؟ پوءِ کيس انھن يتيمن جو خيال
اچي ويندو ھو، جي چئن چئن ٻارن جا پيءُ ھئا ۽ سندس
دل مان آھ نڪري ويندي ھئي. ھڪ ڀيري تھ ھن انھيءَ
ڳالھھ تان استاد جي مار بھ کاڌي ھئي. جڏھن ملڪ جي
جشن جي موقعي تي يتيم خاني ۾ مٺائي ورھائي ويئي،
تھ پنھنجي حصي جو اڌ لڏون ڏسي ھن رڙ ڪئي:
”سائين، ھيءُ اڌ لڏون ڇو آھي؟ سڄا سارا ٽي ٽوڪرا
ڪيڏانھن ويا؟“
”چپ ڪر، بي ادب! صاحب جي گھر موڪليا اٿم.“ سندس
استاد ڪاوڙ مان وراڻيو.
”مگر سائين، صاحب يتيم ٿوروئي آھي!“ ھن چيو.
بس، پوءِ تھ استاد جو ڏنڊو ھو ۽ سندس پٺا. يتيم
خاني ۾ سندس دل گھٽجڻ لڳندي ھئي. پنھنجن يتيم
ساٿين جا اداس چھرا ڏسي، سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي
ويندا ھئا ۽ ھن تي عجيب وحشت جو عالم طاري ٿي
ويندو ھو. سندس دل چاھيندي ھئي تھ يتيم خاني جي
ادا ڪوٺڙيءَ مان نڪري ڀڄي وڃي، تمام پري، مگر نھ
ڄاڻ ڇو، ھو ائين نٿي ڪري سگھيو.
ھڪ دفعي جڏھن ھڪ وزير يتيم خاني جو معانئو ڪرڻ آيو
ھو تھ ھن تقرير ڪندي چيو: ”توھين قوم جو روشن
مستقبل آھيو. توھان کي ئي پنھنجي ملڪ جو بار
پنھنجن ڪلھن تي کڻڻو آھي.“ انھيءَ ڏينھن نھ
چاھيندي بھ، ھن کان ھڪ عجيب حرڪت ٿي وئي. ھن ھڪدم
پنھنجو چولو مٿي کڻي، سڪل پاسيريون ڏيکاريندي چيو
ھو: ”سائين، ھيءُ ڪو ھاءِ اسڪول نھ، يتيم خانو
آھي. ھتي تھ بکن کان کنڀڙاٽيون ئي سڙيو وڃن!“
انھيءَ ڏينھن استاد ھن کي نھ صرف بيد جي لڪڻ سان
مار ڏني، بلڪ يتيم خاني مان ئي ڪڍي ڇڏيو ھو، ڇاڪاڻ
تھ ھو تمام گھڻو سمجھدار ٿي ويو ھو، يا تھ وري
چريو. يتيم خاني مان نڪري کيس ائين محسوس ٿيو ھو،
ڄڻ سندس يتيميءَ جو دور ختم ٿي ويو ھو. ڪجھھ ئي
ڏينھن جي رلڻ پنڻ کان پوءِ کيس ھڪ شريف ماڻھوءَ
پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. سندس ھيءُ مالڪ نھايت ئي
مھربان ماڻھو ھو. وري جو ھن کي سندس اعليٰ ذھنيت
جي خبر پئي تھ ھن کيس پنھنجن ٻارن سان گڏ انگريزي
اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو ھو. کيس کاڌو بھ پنھنجن
ٻارن جھڙو ئي ڏيندو ھو. جڏھن سندس اڳيان ڀريل ٻوڙ
جو پيالو ايندو ھو تھ پنھنجن يتيم ساٿين کي ساري،
سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويندا ھئا. نھ ڄاڻي ڇو،
سندس مالڪ جا ٻار انھن يتيمن وانگي کيس ڀائيندا
ڪونھ ھئا. جڏھن کيس پنھنجن يتيم ساٿين جي ياد
ايندي ھئي تھ ھو تمام ملول ۽ اداس اداس ٿي ويندو
ھو ۽ سندس قدم فورا يتيم خاني ڏانھن کڄي ويندا
ھئا.
ھڪ ڏينھن جڏھن ھو پوپوءَ جي بيماريءَ جو ٻڌي يتيم
خاني ۾ ويو تھ کيس خبر پئي تھ شموءَ کي اولاد جي
ھڪ سڪايل عورت پاڻ سان گڏ وٺي ويئي آھي. تڏھن سندس
نظرون ننڍڙي پوپوءَ جي گلاب جھڙي ڪومايل چھري
ڏانھن کڄي ويون ۽ ھو ڳوڙھيءَ سوچ ۾ پئجي ويو تھ
آخر اھي اولاد جون سڪايل عورتون وڏن ۽ تندرست
ڇوڪرن کي ڇو ٿيون پسند ڪن؟ پوپوءِ، ادريس ۽
ملڪيمان جي يتيمي ڇو نٿي ختم ٿئي؟ انھن کي ماءُ جو
پيار ڇو نٿو ملي؟ سندس اڳيان لقمان ۽ حڪيم جا چھرا
گھمي ويا، جن کيس ٻڌايو ھو تھ ھو نوران ٻائيءَ ۽
سرداران ٻائيءَ جي خدمت ڪندا آھن ۽ ٻيو بھ گھڻو ئي
ڪجھھ.
ھو پنھنجي مالڪ جي گھر ۾ تمام خوش ھو. کيس ڪڏھن
محسوس ئي ڪونھ ٿيندو ھو تھ ھو ڪو ھن گھر ۾ نوڪر يا
يتيم آھي. مالڪياڻي بھ کيس پنھنجن ٻچن جيترو ئي
گھرندي ھئي. جڏھن صبح جو کيس جتيون پالش ڪندي
ڏسندي ھئي تھ ھڪدم ڪاوڙجي چوندي ھئي:
”سراج، تون ھن گھر ۾ نوڪر نھ آھين. تون ھلي اسڪول
جي تياري ڪر، مان پاڻيھي ٿي جتيون پالش ڪري وٺان.“
ھو ذرا بيمار ٿيندو ھو تھ فورا ڊاڪٽر اچي ويندو
ھو. کيس ڪپڙا ۽ بوٽ بھ ”گل“ جھڙا ئي پھرڻ لاءِ
ملندا ھئا. سندس ھر قسم جو خيال رکيو ويندو ھو ۽
ھر موقعي تي مٿس ائين ظاھر ڪيو ويو تھ ھن گھر ۾
سندس حيثيت ”گل“ ۽ ”نازليءَ“ جيتري ئي ھئي. پر
تنھن ھوندي بھ ھو پنھنجي نوڪراڻيءَ عادت کان باز
نھ ايندو ھو. روزانھ گھر جي ھر قسم جي ڪم ڪار کان
پوءِ شام جو گل ۽ نازليءَ کي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي
ويندو ھو. رات جو يارھين يارھين وڳي تائين پاڻ بھ
پڙھندو ھو ۽ ھنن کي بھ پڙھائيندو رھندو ھو. ھو گھر
جو ھڪ فرد بڻجي ويو ھو. سندس يتيمي ختم ٿي ويئي
ھئي. ھو ھر وقت خوش خوش رھندو ھو. ھن کي اھو سڀ
ڪجھھ ملي ويو ھو، جنھن لاءِ ھميشھ يتيم خاني ۾
سندس آتما سڏڪندي ۽ تڙپندي رھندي ھئي. ھاڻ ڪو کيس
پٽ ڪري پڪاريندو ھو. ھاڻ سندس ماءُ ھئي، جا کيس
”ابا“ ڪري پڪاريندي ھئي. کيس ڀاءُ ڀيڻ جي قربي ملي
ويئي ھئي، جي روزانو وڙھي وڙھي ساڻس پرچندا ھئا.
جڏھن ھو ھر سال پھرئين يا ٻئي نمبر سان امتحان پاس
ڪندو ھو تھ اوڙي پاڙي ۾ مٺائي ورھائي ويندي ھئي.
جڏھن مالڪياڻي کانئس پڇندي ھئي تھ: ”ابا، اھو تھ
ٻڌاءِ تھ تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ تھ ھو پنھنجيءَ
دل ۾ ھڪ عجيب جھرجھري محسوس ڪندو ھو. سندس دل بي
اختيار چاھيندي ھئي تھ ”ماءُ“ جي پيرن جي خاڪ ٿي
وڃي. سندس وقت خوشين سان گذرڻ لڳو. خدا کيس يتيم
پيدا ڪري بھ دنيا جي ھر نعمت عطا ڪري ڇڏي ھئي.
صبح جو جڏھن ھو ٺھي ٺڪي آئيني جي سامھون ايندو ھو
تھ پنھنجو پاڻ کي بلڪل بدليل ڀائيندو ھو. ھو
پنھنجي عڪس ۾ يتيم سراج کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو ھو،
مگر اھا تصوير تھ بنھھ ڌنڌلائجي ويئي ھئي. انھيءَ
جي جاءِ ھڪ شوخ، صحتمند، خوبصورت ڇوڪري گھيري ڇڏي
ھئي، جنھن جي سر تي پيءُ جو سايو ھو، ماءُ جو پيار
۽ ڀاءُ ڀيڻ جي قربت ھئي. ھو خوشيءَ کان جھومڻ
لڳندو ھو ۽ آئيني ۾ مسڪراھٽون پکڙجي وينديون ھيون.
مگر سندس اھي خوشيون گھڻيءَ دير تائين قائم نھ رھي
سگھيون. جيئن جيئن ھن محسوس ڪيو تھ ھو وڏو ٿي رھيو
آھي، تيئن تيئن سندس سٻاجھڙي مالڪ جون نظرون کيس
بدلبيون نظر آيون. ھو تمام وڏو ٿي ويو ھو. نازلي
تھ سندس اڳيان اچي شرمائجي ويندي ھئي. سندس اڳيان
اچي، ھن جو رنگ ئي سرخ ٿي ويندو ھو. نازلي پاڻ بھ
تھ وڏي ٿي ويئي ھئي. مالڪ کيس پٽ ڪري پاليو ھو ۽
مالڪياڻي بھ کيس غير ڪري نھ سمجھندي ھئي، مگر ھنن
کي دنيا وارن سان بھ تھ منھن ڏيڻو ھو! ھاڻ ھو ھڪ
نوجوان ھو ۽ غير مرد. سندس مسڪراھٽون تحليل ٿي،
اداسيءَ ۽ فڪر جي ليڪن ۾ بدلجڻ لڳيون: ھو ھر وقت
ڪجھھ ڪجھھ اجھيل اجھيل رھڻ لڳو ھو.
ھڪ رات جو نازليءَ جي سورھين سالگرھ جي موقعي تي
ھو سڄو ڏينھن گھر جي ٺاھ ٺوھ کان ٿڪي ٽٽي اچي
پنھنجي بستري تي ڪريو تھ کيس پنھنجي سٻاجھڙي مالڪ
جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ھو ھوريان ھوريان ڪنھن کي چئي
رھيو ھو:
”مگر مون ھن کي ٻچن وانگر پاليو آھي. مان ھن کي
ڪيئن چوان؟ ھن جي دل تان ڇا گذرندو! نھ نھ، اھو
مون کان نھ ٿيندو!“
”مگر اسان کي دنيا وارن سان بھ تھ منھن ڏيڻو آھي.
اڄ ڏٺئھ ڪونھ تھ جڏھن نازليءَ کي گلن جو ھار ڳچيءَ
۾ پاتو ھئائين تھ مٽن مائٽن جو ڪھڙو حال ٿيو ھو.
وري نازلي بھ تھ ھن کي پسند ڪرڻ لڳي آھي. نھ ڄاڻي
ڪھڙي ذات، نھ ماءُ نھ پيءُ! اسان پنھنجو فرض پورو
ڪيو، ھاڻ.“ اھي سندس ”ماءُ“ جا لفظ ھئا. کيس ائين
محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنھن شيھو پگھاري سندس ڪنن ۾ وجھي
ڇڏيو ھو. غم جي شدت کان ھن ڏندن سان پنھنجيون
آڱريون زخمي ڪري ڇڏيون. ھو ھڪ سپنو ڏسي اٿيو ھو.
سندس ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ سڀ ڪجھھ لٽجي ويو ھو. ھن
ديوار سان سر ٽڪرائي ٽڪرائي رنو. اوچتو ھن جي دل ۾
ھڪ عجيب جذبو اڀريو ۽ ھو ميز جي خاني مان پنو
پينسل کڻي خط لکڻ لڳو: ”منھنجا سٻاجھڙا سائين! اڄ
صبح جو مون کي نھ پائي شايد اوھان جون سٻاجھڙيون
اکيون روئي ڏين. اڄ صبح تائين مان توھان کان تمام
پري ٿي ويندس. جي توھين مون يتيم کي پيءُ جو پيار
ڏيئي سگھو ٿا تھ منھنجيون بھ تھ ذميواريون آھن.
مون کي توھان جي عزت، ماءُ جي لڄ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي
مستقبل جو بھ تھ خيال رکڻو آھي! اڄ مون کي دنيا
توھان سڀني کان وڇڙڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آھي. پر
مون کي ڪنھن کان بھ شڪوو نھ آھي – پنھنجي قسمت سان
بھ نھ. يتيم ھوندي بھ منھنجي دل ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻ
ڀاءُ جي پيار سان مالا مال آھي. مان توھان سڀني جي
ياد کنيو، ھڪ نامعلوم منزل ڏانھن وڃي رھيو آھيان ۽
جتي بھ رھندس، پاڻ کي توھان جي پيرن جي خاڪ
سمجھندس. توھان جو ادنيٰ ٻانھو، سراج.“
خط ميز تي رکي، پنھنجا ڪتاب ۽ ڪپڙا سوٽ ڪيس ۾
وجھي، ھن روئندڙ نظرن سان سڄي گھر تان الوداعي نظر
ڦيرائي، جنھن ۾ سندس يتيمي ختم ٿي ھئي، جنھن ۾
سندس ٻالڪ اوستا پروان چڙھي ھئي، جنھن ۾ سندس ماءُ
پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ ستل ھئا. اڄ ھو انھن سڀني کي ڇڏي
وڃي رھيو ھو، ھڪ نامعلوم منزل ڏانھن سندس قدم کڄي
رھيا ھئا.
نئين شھر ۾ اچي، ھو ڪجھھ ڏينھن وائڙن وانگي
چڪرائجي ويو. ڪيترن ڏينھن جي لڳاتار آوارھ گرديءَ
کان پوءِ کيس ھڪ معمولي ھوٽل ۾ منشيءَ جي نوڪري
ملي وئي. ھڪ نئين دوست جي ڪوششن سان کيس ھڪ ڪاليج
۾ داخلا ملي ويئي ھئي ۽ انھيءَ ڪري ئي اڄ ھو سيڪنڊ
ايئر جو طالب علم ھو.
اڄ صبح جو ڪاليج ويندي، جڏھن ھو ھڪ يتيم خاني وٽان
گذريو تھ سندس جسم جا وار ئي ڪانڊارجي ويا ھئا.
پوھ جي سرديءَ ۾، اتر جي ھوا ۾، سامھون ويٺل ٿڌين
قميصن ۾ ڏڪندڙ يتيم ٻارن کي ڏسي سندس جسم ئي ڏڪي
ويو ھو. کيس پنھنجو زمانو ياد اچي ويو ھو ۽ مٿس
وحشت طاري ٿي ويئي ھئي. جڏھن ھو نيم پاڳلپڻ ۽
بيخوديءَ جي عالم ۾ ڪاليج پھتو تھ پروفيسر اياز
ليڪچر ڏئي رھيو ھو، جنھن کي ٻڌڻ جو ھن جي ڏکويل دل
۾ تاب نھ ھو. ھن سوچيو: ”جڏھن اسان جي زندگيءَ جو
مقصد صرف ٻين جي مدد ڪرڻ آھي تھ پوءِ ھيءَ غريبي،
ھيءُ افلاس ڇو آھي؟ پوءِ اھي يتيم سرديءَ ۾ ڇو ٿا
مرن؟ رکا ٽڪر ڇو ٿا کائين؟ انھن کي سھارو ڇو نٿو
ملي؟“ سندس دل ۾ انھن وڏن وڏن ڪتابن ۽ ليڪچرن خلاف
باھ ڀڙڪي ويئي. زندگيءَ جي وڏن وڏن اديبن، ترجمانن
۽ نقادن جي ھوندي ائين ڇو آھي؟ انھن جون باريڪ بين
نظرون بکايل پيٽن، بيمار جسمن ۽ يتيمن جي ڪوٺين تي
ڇو نٿيون پون؟ جڏھن کين پھرين موت ۽ پوءِ زندگي
نظر اچي ٿي، جڏھن زندگيءَ جو مقصد صرف ٻين جي مدد
ڪرڻ آھي تھ پوءِ ائين ڇو آھي؟ ھن پروفيسر اياز کي
ٻڌائڻ ٿي چاھيو تھ ھو انھن اجائين ڳالھين ۾ وقت نھ
وڃائي. ڪير ٿو انھن ۾ حقيقتن جو رنگ ڀري؟ اھو ئي
سبب ھو جو اڄ ھو پروفيسر اياز وٽ ٽي – بيءَ جي
مريضھ جو ڀاءُ ٿي ويو ھو ۽ جا ڳالھھ ھن سوچي ھئي،
سا ئي ٿي. پروفيسر کيس مايوس ڪري ڇڏيو ھو. کيس اھي
ليڪچر، اھي ڪتاب سڀ فريب نظر اچي رھيا ھئا، مسلسل
فريب. کيس ڪاليج جي ديوارن کان ئي نفرت ٿي ويئي
ھئي. اڄ ھن پنھنجيءَ دل جي ”پروفيسر“ کي ماري ڇڏيو
ھو. ”ماءُ“ جڏھن کانئس پيار مان پڇندي ھئي تھ ”ابا
وڏو ٿي تون ڇا ٿيندين؟“ تھ ھو چوندو ھو ”پروفيسر!“
مگر اڄ نھ سندس ڪا ماءُ رھي ھئي ۽ نھ ئي پروفيسر
ٿيڻ جو خيال. انھيءَ پروفيسر کان تھ سندس شرابي ۽
جواري غنڊو دوست سٺو ھو، جنھن کيس مئٽرڪ جي امتحان
لاءِ فيءَ جا پئسا ڏنا ھئا، جنھن کيس ابراھام لنڪن
ٿي بنائڻ چاھيو، جو کيس ”لنڪن“ ڪري سڏيندو ھو.
ٻئي ڏينھن جڏھن ھو پنھنجي شرابي دوست سان گڏ آوارھ
گردي ڪندي ھڪ گھٽيءَ مان گذري رھيو ھو تھ سندس
اڳيان ھڪ دل لوڏيندڙ منظر اچي ويو. ھڪ مڪان کي باھ
لڳي رھي ھئي. ماڻھو جمع ٿي، تماشائين جيان ڏسندا
ٿي رھيا. ھڪ ماءُ جي جگر جي ٽڪري کي بھ باھ پنھنجن
شعلن ۾ گھيري ڇڏيو ھو، مگر ڪير ھو، جو ننڍڙي ساھ
کي بچائي ھا؟ ڪير ھو، جو ماءُ جي ٻرندڙ دل تي
پاڻيءَ جو ڇنڊو وجھي ھا؟ ماءُ جي دلسوز رڙين
ساريءَ ڌرتيءَ ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏيو ھو. ھوءَ روئي
روئي فرياد ڪري رھي ھئي: ”مون کي ڇڏيو تھ مان بھ
سڙي مران!.... منھنجي جگر جو ٽڪرو، منھنجين اکين
جو نور، منھنجي دل جو سرور!..... ھاءِ، ڪو منھنجي
لعل کي بچائي! ڪو مون ماءُ جون دعائون کٽي!“ ماءُ
جي سڙيل دل جون دانھون ٻڌي، سندس دلير شرابي دوست
۾ بھ ڪا تبديلي نھ آئي. ھو پاڻ بھ ٻڌندو رھيو. ڪير
ھو، جو باھ جي شعلن سان زندگيءَ جي بازي لڳائي ھا؟
انھيءَ وقت ھڪ ”بازيگر“ ميدان ۾ آيو ۽ ھڪ ئي ڇلانگ
سان موت جو دروازو لتاڙي ويو. باھ سندس رستو روڪي
نھ سگھي، شعلا کيس جھلسائي نھ سگھيا، دونھون کيس
ڳڙڪائي نھ سگھيو. ھو باھ سان کيڏندو، شعلن کي
پنھنجيءَ راھ تان ھٽائيندو، دونھين ۾ وڌندو رھيو.
موت جي منھن مان، ھن ننڍڙي ساھ کي بچائي ورتو! موت
ھارايو، زندگي سندس ڀاڪر ۾ ھئي. سراج حيرت جي پتلي
جيان انھيءَ زندگيءَ جي بازيگر کي ڏسندو رھيو....
اھو گوءِ کٽڻ وارو، پروفيسر اياز ئي ھو! اھو ئي
نوراني چھرو، اھا ئي پروقار مسڪراھٽ، اھا ئي
گنڀيرتا، ھو محويت جي عالم ۾ کيس ڏسندو رھيو. کيس
ھوش تڏھن آيوم جڏھن سندس شرابي دوست کيس ٻانھن مان
جھلي گھليو. ھن ھڪ ئي سٽ سان پنھنجي ٻانھن ڇڏائي:
”تون مون کي غلط رستي تي وٺي وڃي رھيو آھين. ڪاغذ
جي پنن تي بيوقوف بازي لڳائيندا آھن. مان زندگيءَ
جي بازي لڳائيندس! مان ”پروفيسر“ ٿيندس – زندگيءَ
جو سچو ترجمان. مان دنيا کي اوندھ مان ڪڍي، روشني
ڏيکاريندس.“ ھن پڪي عزم سان چيو ۽ پنھنجي شرابي
دوست کي اتي ئي حيران پريشان ڇڏي، تيز قدمن سان
گھٽيءَ جي موڙ تان غائب ٿي ويو.
|