نوان پيغامبر
جڳن کان پوڙھو تاريخدان لکي رھيو آھي، لکندو ٿو
اچي، ھن کنڊ جي تاريخ. جا ٻارڙا اسڪولن ۾ پڙھندا
آھن. مون ننڍڙي لاڪي پڙھيو ھو – اڻ آريھ، اڻ سڌريل
۽ اگھاڙا ھئا. ڪچو ماھ، مڇيون ۽ گلوئيون ۽ ڳوھون
کائيندا ھئا. پھاڙن جي چرن ۾ رھندا ھئا. پوءِ خيبر
جو لڪ لتاڙي آريھ لوڪ آيا، جي سڌريل ھئا ۽ ڪپڙا
اوڍيندا ھئا. انھن جھنگلي اڻ آرين کي ماري مات ڪيو
۽ کين ھن کنڊ مان ھڪالي ڪڍيائون ۽ ساري ھندستان جا
والي ٿي ويٺا.
منھنجي دل ۾ سڌريل آرين لاءِ عزت پيدا ٿي وئي.
لکيل آھي: سڪندر اعظم يونان جو بادشاھ ھو. ھن ساري
دنيا تي گھيرو ڪيو ھو. ھو وڏو بھادر، رحمدل،
جنگجو، سورھيھ ۽ انصاف وارو بادشاھ ھو. مرڻ ويل ھن
پنھنجا ھٿ ڪفن کان ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيا ھئا تھ ڏسو
خالي ھٿين پيو وڃان.
مون دل ۾ چيو، واھ واھ!! مرڻ ويل بھ دنيا لاءِ سبق
ڇڏي ويو.
لکيل آھي تھ: قطب الدين ايبڪ غلام گھراني جو
پھريون بادشاھ ھو. وڏو عادل، انصاف وارو، جنگجو ۽
بھادر بادشاھ ھو. کيس لک داتا (لک بخش) ڪري
ڪوٺيندا ھئا. ھن وڻ پوکايا، کوھ کوٽايا، ڍلون معاف
ڪيون ۽ وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا. قطب مينار
۽ قطب مسجد اڃا تائين سندس يادگار آھن.
مون سوچيو: بادشاھ تھ اھڙا.
لکيل آھي: ناصر الدين التمش جو ننڍو پٽ ھو. ڏاڍو
نيڪ دل، خدا ترس، نيڪ، پرھيزگار، بھادر ۽ جنگجو
بادشاھ ھو. کيس درويش بادشاھ ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھو
شاھي خزاني جو ھڪ ڏوڪڙ بھ پاڻ تي خرچ ڪرڻ حرام
سمجھندو ھو. اکر ڏاڍا سھڻا ھئس. قران شريف جا نسخا
لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ تؤنريون ٺاھي انھن تي پيٽ گذر
ڪندو ھو.
مون چيو جزاڪ الله! ايڏا خزانا ھوندي بھ ھت جو
پورھيو ڪندو ھو.
لکيل آھي: جلال الدين بادشاھ کي ڪوبھ پٽ ڪونھ ھو.
پنھنجي ڀائٽي علاؤ الدين کي پٽ ڪري ڪوٺيائين ۽ اھو
خيال پيدا ٿيس تھ سڪندر وانگي ساري دنيا کي فتح
ڪيان. ھن گجرات، ڪاٺياواڙ، تيمور، چتور، اجين،
مالوا ۽ سنڌ جا ڪجھھ علائقا فتح ڪيا ھئا. ھو ڏاڍو
عادل، بھادر ۽ انصاف وارو ۽ غريبن جو خيرخواھ ھو،
تنھن ڪري کيس ڪافور ملڪ زھر ڏنو ھو.
لکيل آھي: تيمور لنگ، چنگيز خان جي پوين مان ھو.
نھايت بھادر، انصاف وارو ۽ جنگجو ھو. تاتارين،
ترڪن ۽ ايرانين جو وڏو لشڪر وٺي، اچي ھندستان ۾
ڪاھي پيو ھو ۽ ساري ھندستان جا بنياد ڌوڏي
ڇڏيائين. ھو وڏو قدردان ۽ انسان دوست بادشاھ ھو.
لکيل آھي: بابر تيمورلنگ جو پڙپوٽو ھو. ھن تيمور
لنگ وانري رڳو ھندستان ۾ ڦرلٽ ڪانھ ڪئي، پر پاڻيپٽ
جي لڙائيءَ ۾ ابراھيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي دھليءَ
جي تخت تي ويٺو. ھن بنگال، جوڌپور، سنڌ،
راجپوتانا، گجرات، ڪشمير بلڪھ ائين چوڻ مناسب
ٿيندو تھ سارو ھندستان فتح ڪيو. ھن کي انساني
کوپرين جا مينار وٺندا ھئا. ھو وڏو بھادر، عادل،
رحمدل، خدا ترس ھو، ھو يڪي سر ٻھ مڙس ڪڇ ۾ ھڻي
جمنا نديءَ کي پار ڪندو ھو. سندس وقت ۾ رعيت تمام
سکي ھئي ۽ مٿائن ڍل معاف ڪئي ھئائين.
لکيل آھي: ھمايون ڏاڍو رحمدل، خداترس، دور انديش ۽
درويش بادشاھ ھو. ھن کوھ کوٽايا، مسافر خانا
ٺھرايا. آفيم سان مڙئي ٿوري دل ھيس.
لکيل آھي: شير شاھ، سوري گھراڻي جو پھريون بادشاھ
ھو. ھن ھمايون سان ٺڳي ڪري ڪجھھ سال حڪومت ڪئي
ھئي. ھو ايڏو تھ بھادر ھو جو تلوار جي ھڪ ئي ڌڪ
سان شينھن کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو ھئائين. تنھن ڪري کيس
شير شاھ چوندا ھئا. ھن کوھ کوٽايا، ون پوکايا،
رستا ٺھرايا ۽ پنج ئي وقت نماز قائم ڪئي. سندس وقت
۾ شينھن ۽ ٻڪريون ھڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا ھئا.
لکيل آھي: جلال الدين اڪبر کي مغل اعظم ڪري
ڪوٺيندا ھئا. ھن ساري ھندستان تي ٤٩ سال ھڪومت
ھئي. ھو ھندو ۽ مسلمانن کي ھڪ اک سان ڏسندو ھو. ھن
ڍلون معاف ڪيون، کوھ کوٽايا، رستا ۽ مسافر خانا
ٺھرايا ۽ رعيت کي پنھنجو اولاد ڪري سمجھندو ھو. ھن
ھندو ۽ مسلمانن کي گڏ ڪرڻ ٿي چاھيو، تنھن ڪري
مسلمان رعيت منجھائنس مڙئي ناخوش ٿي پئي ھئي.
لکيل آھي: جھانگير جو انصاف ساري دنيا ۾ مشھور
آھي. سدائين در تي انصاف جي پڪار لاءِ ٽلا ۽
زنجيرون لڙڪنديون ھيس. ٿورو عاشق مزاج ھو. پنھنجي
زال نورجھان سان ڏاڍي دل ھيس. ٿورو آفيم ۽ شراب
واپرائيندو ھو.
لکيل آھي: شاھجھان پنھنجي ڀاءَ شھريار ۽ سندس
ٻارڙن کي مارائي تخت تي ويٺو ھو. وڏو نيڪ نمازي،
انصاف وارو، غريب نواز، رحمدل ۽ بزرگ بادشاھ ھو.
راڻي ممتاز محل تي ساھ ڇڏيندو ھو. ھن کوھ کوٽايا،
وڻ پوکايا، وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا، تاج
محل، جامع مسجد ۽ شاليمار باغ اڃا تائين سندس
يادگار آھن.
لکيل آھي: اورنگزيب پنھنجي ڀاءُ داراشڪوھ ۽ ٻين ٽن
ڀائرن کي مارائي تخت جو اڪيلو وارث ٿي ويٺو، تنھن
ڪري کيس عالمگير جو لقب مليو. ھو وڏو نيڪ نمازي،
پرھيزگار، ڪامل درويش ۽ ولي الله ھو. ھن تخت تي
ويھندي ئي مرھٽن ۽ راجپوتن کي ٽوٽا چٻارائي ڇڏيا.
شراب ۽ راڳ کي بند ڪرايائين. سڄي عمر شاھي خزاني
مان پاڻ تي ٽڪو بھ خرچ ڪونھ ڪيائين. اکر تمام سھڻا
ھئس. قرآن شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ پنھنجي
خوشحال رعيت جا جنڊ آھوڙي پيٽ گذر ڪندو ھو.
ساري تاريخ سڪندر اعظم جي دور کان وٺي انگريزن جي
دور تائين اھڙن عادل، نيڪ نمازي، انصاف پسند،
درويش، ولي الله، جنگجو ۽ بھادر بادشاھن جي ساراھ
سان ڀري پئي آھي ۽ لکيل آھي:
”خبر اٿو موھن جو دڙو ڪيئن تباھ ٿيو؟“
جواب آھي: ان لاءِ تھ مھاراجا موھن وڏو ظالم،
جابر، عياش ۽ زاني راجا ھو. سندس ملڪ ۾ جيڪا بھ
شادي ٿيندي ھئي، انھيءَ ڪنوار کي پھرينءَ رات ھو
زوريءَ پاڻ وٽ ٽڪائيندو ھو. ھڪ ڀيرو جڏھن سندس ڀيڻ
جي شادي ٿي (جيئن تھ راجا مٿس پھرين ئي بعيمان ھو)
سو ڀيڻ کي پھرينءَ رات پاڻ وٽ ٽڪائڻ چاھيائين.
الله تعاليٰ جو مٿس ڏمر نازل ٿيو. ڌرتي ڌٻي، اک
ڇنڀ ۾ اھو راجا ۽ سندس پرجا ڪروڙين مڻ مٽيءَ ھيٺ
دٻجي غرق ٿي ويا.
پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو الله تعاليٰ
کين غرق ڪيو، ملعون ڪٿي جو، ڀيڻ سان ٿي شادي
ڪيائين!
لکيل آھي: ”خبر اٿو تھ ڪاھوءَ جو دڙو ڪيئن غرق
ٿيو؟“
جواب آھي: مھاراجا ڪاھو ميرپور خاص واري پاسي کان
حڪومت ڪندو ھو. ھو وڏو ظالم، عياش، جابر، منڪر ۽
زاني راجا ھو. ھزارين ٻانھيون، راڻيون ھئڻ جي
باوجود جيڪا بھ سھڻي عورت ڏسندو ھو، تنھن کي کڻي
وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪندو ھو. ھڪڙي ڀيري تلاءَ ۾ ڀيڻ کي
اگھاڙو وھنجندي ڏٺائين، سو دل بعيمان ٿي پيس. کڻي
وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪيائينس. الله تعاليٰ جو مٿس عذاب
نازل ٿيو. سج نيزي پاند اچي بيٺو ۽ ڌرتي ٺڪاءُ ڏئي
ڦاٽي پئي. ظالم راجا ۽ سندس پرجا ڄڻ ٻچي سوڌا
اونھي پاتال ۾ ھليا ويا.
لکيل آھي: خبر اٿو دلوراءِ جي نگري ڪيئن ناس ٿي؟
جواب آھي: دلوراءِ سيوھن جي مٿان راج ڪندو ھو. ھو
وڏو خونخوار، عياش، وڏي درجي جو مڪار ۽ زاني راجا
ھو ۽ ھر رات نئين منڌ ماڻيندو ھو. ھڪ ڀيرو ھو ڪٿان
ٻاھران ٿي آيو. چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ محل جي اڱڻ ۾
ڀيڻ جي ڌيءَ کي سرھيءَ سيج تي ستل ڏسي انڌو ٿي
پيو. نيانيءَ تي وٺي ناھر وارو حملو ڪيائين. الله
تعاليٰ جو مٿس قھر نازل ٿيو. ست فرستا آسمان مان
لٿا جن اچي زمين تي قلعا کوڙيا ۽ زنجيرن سان سندس
ننگريءَ جا بنياد پاڙان ڌوڏي ڪڍيائون ۽ ائين اھو
ظالم راجا ۽ سندس پرجا نيست ۽ نابود ٿي ويا.
لکيل آھي: خبر اٿو ديبل بندر ڪيئن تباھ ٿيو؟
جواب آھي: سنڌ جو حڪمران مھاراجا ڏاھر – وڏو ظالم،
جابر، عياش ۽ زاني ھو. ھن وت سنگ مرمر جي مجسمن
جھڙيون سوين حسين ٻانھيون ھيون. پوءِ بھ ڀيڻ سان
شادي ڪئي ھئائين. ڌاڙيلن جا ٽولا وٺي، سامونڊي
رستن کان عرب جي حاجيين جا جھاز گذرندا ھئا، انھن
کي ڦريندو ھو. الله جو مٿس قھر نازل ٿيو. رحمت
المسلمين خليفي حجاج جي من ۾ مٿس ڪاھ ڪرڻ جي
وڌائي، جنھن لسڪر سان مجاھد محمد بن قاسم کي ڏياري
موڪليو. سجي سنڌ ۾ گھوڙا گھوڙا ٿي وئي. عرب غازين
جي گھوڙن ڪافرن کي ڄڻ ٻچي سوڌو چيڀاٽي ماريو. منڪر
۽ ملعون ڏاھرن کي شڪست ملي. سندس سر کي نيزي تي
ٽنگيو ويو ۽ محمد بن قاسم جي مجاھدن منجنيقن جي
پھڻن سان ديبل جي ديوارن کي دنيا جي تختي تان
ميساري ڇڏيو.
پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو، منڪر ۽ ملعون
کي سيکت ملي. ڀيڻسان ڀيڻن تان بھ ڪونھ ٽرندا ھئا.
ظالم، زاني! جھڙي ڪيائون، تھڙي ڀريائون ۽ آئون
پنھنجي اڻ پڙھيل دوستن کي سڪندر مقدوني، مھاراجا
اشوڪا، قطب مينار ۽ تاج محل جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو
ھئس ۽ جھانگير جي انصاف جا ڍڪ ڀريندو ھئس.
ھڪڙي ڀيري سنجھي جي سھائي ويل امان مون کي چيو تھ:
”پٽ، اچ تھ توکي دودي سومري جي ڪھاڻي ٻڌايان.“
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ حيران بھ ٿيس. چيم: ”امان،
دودو سومرو ڪير ھو؟“
چيائين تھ: ”پٽ، توکي دودري سومري جي خبر ڪانھي؟
دودو سومرو سنڌ جو سورھيھ سرويچ سپوت ھو. ھن سنڌ
جي سدا سھاڳڻ ڌرتيءَ تان پنھنجو سر گھوريو ھو.“
مون حيران ٿيندي چيو: ”پر، امان تاريخ ۾ تھ انھيءَ
جو نالو آھي ئي ڪونھ.“
امان چيو: ”ھا پٽ، دودو سومرو سنڌ جو حڪمران ھو،
تاريخ ۾ سندس نالو ڪونھي تھ ڇا ٿيو – ساريءَ سنڌ ۾
ھر ماڻھو ھر منڌ جي سيني تي سدائين سندس رت رتول
تاريخ جا چٽ چٽيل ھوندا“ ۽ چيائين: ”پٽ، اھا ڪھاڻي
مون کي تنھنجي نانيءَ ٻڌائي ھئي. ھاڻ ڪن ڏئي سنڌ
جي انھيءَ دولھھ دلير جي ڪھاڻي ٻڌ.“
۽ پوءِ امان مون کي سنڌ جي ان سورھيھ سرويچ ۽
باغيرت دودي جي ڪھاڻي ٻڌائي. اھا ڪھاڻي ايڏي تھ
پردرد ۽ دل ڏاريندر ھئي جو منھنجي اکين م ڳوڙھا
اچي ويا. نڙيءَ ۾ ڄڻ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو ھئم.
چيم: ”اما پوءِ روپاھ تباھ ٿي وئي.،
امان چيو: ”ھا پٽ، پوءِ روپاھ ھميشھ ھميشھ لاءِ
سنڌ جي سيني تان ميسارجي وئي.“ امان ڄڻ روئي پئي
ھئي ۽ آئون ڪنھن ڳوڙھيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويو ھئس.
”امان، دودي سومري علاؤ الدين کي پنھنجي ڀيڻ جو سڱ
ڇو نھ ٿي ڏنو؟ ڪٿي ھن پان تھ ٻاگھل سان شادي ڪرن
نھ ٿي چاھي!؟“
سٽ مان ھڪ ٿڦڙ منھنجي ڳل تي لڳو – منھنجو منھن ئي
ڦري ويو – وائڙو ٿي ويس. ڪاوڙ کان امان جو جسم ڏڪي
رھيو ھو ۽ پوءِ نھايت ئي پيار مان منھنجي وارن تي
ھٿ ڦيرائيندي گھائل آواز سان چيائين: ”پٽ، پھرين
ٻڌاءِ، تون پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪري سگھين ٿو؟“
منھنجو روح ڏڪي ويو. چيم: ”نھ.“
امان چيو: ”پوءِ تو سنڌ جي سورھيھ سرويچ، غيرتمند
پھلوان جي باري ۾ ائين ڇو سوچيو؟“
مون چيو: ”امان ڪتابن ۾ تھ ائين ئي لکيل آھي. سنڌ
جا سڀ حڪمران ڀيڻن سان شادي ڪندا ھئا. موھن جي دڙي
جي بادشاھ، دلوراءِ، ڪاھوءَ جي دڙي جي بادشاھ ۽
مھاراجا ڏاھر سڀني ڀيڻن سان شادي ڪئي ھئي.“
امان ڪجھھ حيرت مان منھن ۾ نھاريندي رھي ۽ پوءِ
نھايت ئي ڏکويل آواز ۾ چيائين: ”الائي پٽ، انھن جي
باري ۾ تھ مون کي خبر ڪانھي. پر دودي سومري جي
باري ۾ توکي ائين سوچڻ نھ گھرجي. دودو ھن ڌرتيءَ
جو سڀ کان سورھيھ سرويچ ۽ غيرتمند نوجوان ھو ۽
ٻاگھل ھن ڌرتيءَ جي سڀ کان عظيم عورت. انھن جي
باري ۾ ائين سوچڻ بھ گناھ آھي.“
سچي تھ اھا ڪھاڻي منھنجي دل ۾ علاؤ الدين جي دودي
تي کنيل ترار وانگي کپ ھڻي وئي ھئي. پر مون کي
ائين محسوس ٿيو ڄڻ اھا منھنجي گناھ جي ننڍڙي سزا
ھئا ۽ سوچي رھيو ھوس تھ مون ائين ڇو سوچيو؟ ۽ چيم:
”پر امان، تاريخ ۾ اھڙو بھادر، سورھيھ، غيرتمند
حڪمران جو نالو ڇو نھ ڏنو ويو آھي؟“
امان چيو: ”الائي پٽ، شايد تاريخ وارن کي دودي
سومري جي خبر ڪانھ ھئي. تون وڏو ٿجانءِ تھ پوءِ
دودي سومري جي تاريخ لکجانءِ.“
ھاڻ آئون وڏو ٿي ويو اھيان ۽ دراوڙن کان عبدالرزاق
شھيد تائين جي تاريخ لکي رھيو آھيان.
ھڪڙي ڏھاڙي ھڪڙو چٻ جھڙو پوڙھو تاريخدان منھنجي
اونداھي ڪمري ۾ ايو ۽ حقي جھڙي بُڙ ٻڙ ڪندڙ آواز
سان چيائين:
”مون ٻڌو آھي تون دراوڙن جي تاريخ لکي رھيو آھين؟“
چيم: ”ھا، مان وقت جو نوجوان آھيان – مان دراوڙن
کان عبدالرزاق شھيد تائين تاريخ لکي رھيو آھيان.“
پڃري جا پکي
مارل جي دل چاھيو ٿي تھ ھوءَ ڳوٺ ڇڏي ڪيڏانھن پري
ھلي وڃي، پر وڃي بھ ڪيڏانھن؟ کيس تھ چوڌاري اوندھ
ئي اوندھ نظر آئي. سندس دنيا تاريڪ ٿي چڪي ھئي. ھن
چاھيو ٿي تھ انھيءَ تاريڪيءَ جي گھرائين ۾ گم ٿي
وڃي، ڪنھن اونھي ۽ اونداھي کوھ ۾ پاڻ کي اڇلائي
ڇڏي، جي دنيا کيس ڳولي بھ تھ سندس ڪو نشان بھ ڪنھن
کي نھ ملي سگھي. پر ھوءَ ائين نٿي ڪري سگھي.
انھيءَ خيال ايندي ئي ھن جي دل ڏڪيو ٿي وئي.
”گلوءَ جو ڇا ٿيندو؟“ گلو، اٺن سالن جو معصوم، ھن
جي جگر جو ٽڪرو، ان جو کانئس پوءِ ڪھڙو حال ٿيندو؟
ائين سوچيندي ئي مارل جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.
ڳوڙھن کان سواءِ وٽس ھو ئي ڇا؟ ھوءَ ھڪ بيواھ عورت
ھئي – خوبصورت بيواھ، جنھن جو ڪوبھ اوھي واھي ھن
دنيا ۾ ڪونھ ھو. بيواھ عورت کڻي ڪيترا بھ ڳرا ۽
ڍلا ڪپڙا پائي، تھ بھ ڄڻ اگھاڙي. عورت جو سچو ڍڪ
تھ ان جو مڙس ئي ھوندو آھي. مڙس مئي کان پوءِ ھوءَ
سچ پچ اگھاڙي ھئي. ھر ڪنھن جون نظرون ھن جي جوان
جسم تي اچي کپي ويون ھيون. ٻيا تھ ٻيا، مڙسس جا
دوست بھ کيس تڪڻ لڳا. ڪنھن اشارا ٿي ڪيا، ڪو ٿڌا
ساھ ڀري سيٽيون وڄائڻ لڳندو ھو تھ ڪي مرڳو
اڪيلائيءَ ۾ سندس سڳ جھلي بيھي رھندا ھئا. پنھنجي
انھيءَ بيوسيءَ تي ھوءَ دل ئي دل ۾ پيئي ڪڙھندي
ھئي، پر ڪنھن سان منھن ڏيئي ڳالھائڻ پسند نٿي
ڪيائين. پر جڏھن بھ وڏيري جو تصور سندس اڳيان
ايندو ھو تھ ھوءَ ذري گھٽ دھلجي ويندي ھئي. ھن جون
وڏيون وڏيون مڇون ۽ ڳارھيون ڀوائتيون اکيون سندس
ذھن ۾ ھڪ مستقل خوف ڄمائي چڪيون ھيون. ڪلھھ ئي
وڏيري ڏانھس سلامن سان گڏ ڪجھھ سوکڙيون بھ ڏياري
موڪليون ھيون ۽ مارل اھي سڀ شيون غيرت ۽ غصي وچان
ڌوتيءَ جي منھن تي موٽائي ھنيون ھيون ۽ ھينئر ھوءَ
اھو ئي سوچي رھي ھئي تھ ان جي جواب ۾ وڏيرو ضرور
ڪو اڍنگو قدم کڻندو. اڄ سڄو ڏينھن ھوءَ پنھنجي پر
۾ روئندي رھي – ايتري قدر جو ڇھھ مھينا اڳ پنھنجي
پياري مڙس جي اوچتي اجل تي بھ نھ روئي سگھي ھئي.
ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ کان ھن کي نفرت ٿي چڪي
ھئي. ھن بار بار سوچيو تھ ھتان ڪنھن پاسي منھن ڪري
ھلي وڃي، پر پري پري تائين کيس اميد جو ڪو معمولي
روشن ڪڙنو بھ نظر نٿي آيو. ھن لاءِ تھ جيئڻ ئي
جنجال ٿي پيو ھو. وري بھ ڪنھن اونداھي کوھ ۾ ٽپ
ڏين جو خيال آيس پر بي اختيار سندس اکيون گلوءَ
ڏانھن کڄي ويون ۽ سندس لونءَ لونءَ ڪنبڻ لڳي.
مامتا ڀريل دل ڇڪي کاڌي، ھن ننڍڙي گلوءَ کي کڻي
ڇاتيءَ سان چنبڙايو ۽ سندس اکين مان مجبوريءَ جا
موتي لارون ڪري وھڻ لڳا.
سج الھندي جي ھنج ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڏينھن بدلجي
رات ٿيڻ لڳو. تارن سان گڏ چنڊ بھ نڪري نروار ٿيو،
پر مارل اڃا پنھنجن غمن ۾ غلطان ھئي.
مارل چيو تھ ھوءَ صاف انڪار ڪري ڇڏي، وڏي واڪي چئي
ڏئي تھ ھوءَ ھاڻي پيٽ خاطر عزت کي خطري ۾ وجھڻ نٿي
چاھي. ليڪن پيٽ جون مجبوريون ئي نراليون آھن! ڪڏھن
ڪڏھن پيت ديوتا جي قدمن ۾ عزت ۽ غيرت جون انتھائي
قيمتي قربانيون ڏيڻيون پونديون آھن. مارل ڪجھھ بھ
ٻولي نھ سگھي، ڄڻ سندس گلي کي ڪنھن زور سان گھٽي
ڇڏيو ھجي. ھوءَ اڪيلي تھ ڪانھ ھئي، ھڪ کائيندڙ
پيئندڙ پٽ بھ سندس پيٽ جي تقاضا ۾ شريڪ ھو! پنھنجن
ٻچن لاءِ ھڪ ڪمزور پکي تھ ڄار مان بھ داڻو کڻڻ
ويندو آھي. پوءِ ڀل تھ کيس ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڄار ئي
ڇو نھ وڇايل ھجي. ھوءَ انھيءَ ڄار جي تار تار کي
ٽوڙي ڇڏيندي. مامتا جي پرجوش جذبي ھن جي حوصلن کي
جاڳائي ڇڏيو ھو. پنھنجي ٻچي لاءِ ھوءَ ساريءَ دنيا
جا خطرا کڻڻ لاءِ تيار ھئي. ھن اڳتي وڌي ڏاتو کنيو
۽ گندي سنڀالي ٻاھر نڪتي.
چوڌاري چانڊوڪي ڇانيل ھئي. صاف آسمان ۾ چنڊ پنھنجي
آب تاب سان چمڪي رھيو ھو. ائين ئي کيس خيال آيو،
ضرور ڪنھن ڏينھن سندس قسمت جي چنڊ تان بھ گرھڻ
لھندو. ضرور ڪنھن ڏينھن سندس سکن جي آسمان تان ڏکن
جا ڪارونڀار ھٽي ويندا. جڏھن گلو جوان ٿيندو! ھن
خيال ڪيو تھ ھوءَ ان لاءِ وڌيڪ مھنت ڪري، وڌي
معاوضو حاصل ڪري. ڏاتو ھلائڻ ۾ تھ اڳيئي ڀڙ ھئي.
مڙد بھ سندس مقابلو نھ ڪري سگھندا ھئا. ھوءَ تيز
قدمن سان ٻنيءَ ڏانھن ويندڙ ڪچي رستي تي ھلي رھي
ھئي. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي ھئي. ھڪ ھنڌ، گھاٽين
ڄارين جي جھنڊ وٽ پھچي، الائي ڇو ھن جا قدم وڌيڪ
تيز ٿي ويا. ڪنھن نامعلوم خوف کان ھوءَ ٿڙ ٿڙ ڏڪڻ
لڳي. ايتري ئي ۾ پويان ڪنھن جي پيرن جو تمام ويجھو
آواز ٿيو ۽ ٻيءَ گھڙيءَ ڪنھن سندس بانھن کي
مضبوطيءَ سان جھلي ورتو. بي اختيار، مارل کان ھڪ
دردناڪ چيخ نڪري وئي – وڏيرو! ھن ٻانھن ڇڏائن جي
ڪوشش ڪئي تھ وڏيري کيس ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. ڏاٽو سندس
ھٿن مان ڇڏائجي ويو. غيرت، غصي ۽ نفرت وچان مارل
ھن جي پٺيءَ تي ٻنھي ھٿن سان مڪون ھڻڻ لڳي، پر
وڏيري تي انھن جو ڪوبھ اثر نٿي معلوم ٿيو. ”ڇڏ،
مون کي ڇڏي ڏي! ڪجھھ حيا ڪر..... پنھنجون ڄايون
نپايون اٿئي.... وڏيرا، آئون مسڪين بيواھ
آھيان...... مون کي ڇڏي ڏي!......“
”ڇڏيان ٿو توکي!...... تو ڪلھھ سوکڙيون ڇو
ورايون؟.....“
”انھن ترن تيل نھ ٿيندءِ...... وڏيرا! مون کي اھڙي
نيچ نھ سمجھھ..... اھو خيال ئي دل مان ڪڍي
ڇڏ......! مون کي ڇڏي ڏي!“
”آئون ڪو ٻار تھ ڪونھ آھيان. تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر،
ڪنھن کي ڪنو ڪن خبر نھ پوندي....“ وڏيري پنھنجيءَ
گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو.
”ھن رات وڳڙي ۾ ڪابھ پھر ايڏانھن ڪانھ ايندي. ڏس
مارل، اجايو وقت نھ وڃاءِ، نھ تھ آئون.......“
پنجوڙ ۾ ڦاٿل شينھڻ جيان، مارل ھاڻي وڏيري جي بازن
۾ ڦٿڪي ڦٿڪي سھڪي رھي ھئي. ھوءَ روئڻ ۽ اوڇنگارون
ڏيڻ لڳي: ”خدا جي واسطي من ڇڏين! رسول جي واسطي،
وڏيرا مون بيواھيءَ تي ايڏو ظلم نھ ڪر!.....“
”بڪ نھ ڪر!...“ وڏيري ھڪ ئي جھٽڪي سان کيس ليٽائي
وڌو.
”ڇڏ مئا، ڪتا، پليت!..... ٿو!“ ھن وڏيري جي منھن ۾
ٿڪ ھڻي ڪڍي. وڏيري سندس وات بند ڪرڻ چاھيو تھ ھن
زور سان وڏيري جي چنھن ۾ چڪ پاتو، جو ان جي ٻني
ھٿن بھ پنھنجي گرفت ڇڏي ڏني. مارل انھيءَ موقعي
مان ھڪدم فائدو وٺي، پنھنجي پوريءَ طاقت سان کيس
پرتي ٿيلھو ڏنو. پوءِ تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃڻ چاھيو تھ
وڏيرو اٿي رھيو ھو. مارل سٽ پائي ڏاٽو کنيو ۽ جيئن
ئي وڏيرو ڏانھس وڌيو تھ ھن زور سان وار ڪيو. ھڪ ۽
ان کان پوءِ ٻيو وار. وڏيرو فقط رڙ ڪري سگھيو ۽
پوءِ اتي ئي دھي پيو. چانڊوڪيءَ ۾ سندس آنڊا پيٽ
کان ٻاھر ٿي ڏٺا ۽ رت جا گھارا لڳي ويا.
شڪاري خود شڪار ٿي چڪو ھو. وکريل وارن سان ھٿ ۾
ڏاٽو جھلي، وڏيري جي لاش وٽ، مارل چنڊ جي روشنيءَ
۾ ائين بيٺي ھئي، جيئن شينھن پنھنجي غضنفري حالت م
ھوندو آھي. ان وقت مارل کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو
ڄڻ سندس دل تان ڪئين مڻ ٻوجھھ ھميشھ لاءِ کڄي ويو
ھو.
يڪايڪ مارل کي پنھنجي جرم جو احساس ٿيو: ”خون!“ ھن
جي دل وسامجي وئي. اکيون ڦاٽي ويس. ڏاٽو ھٿن مان
ڇڏائجي ويس. ڄڻ زمين ۽ آسمان ڦري رھيا ھئا. ڄڻ
ھوءَ بيھوش ٿي رھي ھئي. کيس سجھيو ئي نٿي تھ ھاڻي
ڇا ڪري؟ ڪجھھ دير ھوءَ ائين ئي گم سم بيٺي رھي.
پوءِ ھن پاڻ سنڀاليو ۽ اتان ڀڄي وڃڻ چاھيو. ٿڌيءَ
ھوا ھوندي، سڄي پگھر مان شل ٿي رھي ھئي. ھوءِ ڊوڙي
رھي ھئي، پر کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس پيرن ۾
ڪي ڀاري زنجير جڪڙيل ھئا. ٿڙندي، ٿڙندي، آسپاس
ڏسندي، ھوءَ رات جي راج ۾ پنھنجي گھر تائين آئي.
ڀانيائين، گلو روئي رھيو آھي. ”گلو!“........ بي
اختيار اڇل کائي، ستل ٻارڙي تي اچي ڪري پئي. ٻالڪ
ڇرڪ ڀري اٿيو. سجو ھراسجي ويو. زور سان روئڻ لڳو.
ٻئي روئڻ لڳا. ھن تمام زور سان اھڙيءَ طرح گلوءَ
کي ڇاتيءَ سان چنبڙائي ڇڏيو جو ٻوساٽجڻ لڳو – ڄڻ
تھ ڪو کانئس سندس پٽ کي زوري کسيندو ھجي. سس اٿي
آئي. مارل جي حالت ڏسي گھٻرائجي وئي. ڪيترو ئي
پڇيائين، پر ھوءَ ڪجھھ بھ نھ ٻڌائي سگھي. رڳو روئي
رھي ھئي. گلوءَ کي ڇاتيءَ سان لڳائي، ھوءَ سڄي رات
روئندي رھي. اھا سندس زندگيءَ جي سڀ کان ڀوائتي
رات ھئي. صبح جو ڇا ٿيندو؟..... جيل! ڦاسي!..... ۽
گلو؟ ھن کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ سندس گھر جي
چوگرد ڪيترا ئي ڀيانڪ پاڇولا گشت ڪري رھيا ھئا.
صبح ٿيو، وڏيري جي خون جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ ھلي وئي.
منجھند ڌاري پوليس جي وٺ پڪڙ پئجي وئي. سڄي ڳوٺ جو
ساھ مٺ ۾ ٿي پيو. پوليس اچي مارل جي در تي بيٺي.
ماڻھن جو ميڙ لڳي ويو. گھر ۾ روڄ مچي ويو. مارل جو
فرياد ھو: ”بيگناھ آھيان.... منھنجي پٽڙي تي قياس
ڪريو!“ ٻالڪ روئڻ سان حد ڪري ڇڏي، اصل اھمو ٿي
ويو. ماءُ مان ھٿ ئي نھ ڪڍي، چولي ۾ چنبڙي پيس.
پوليس زور ڪري مارل کي پاڻ سان ورتو ۽ گلوءَ کي
ڌڪو ڏيئي، دروازو ٻاھران بند ڪري ڇڏيو.
مارل کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ھو ڏوھارين جي ڪٽھڙي
۾ بيٺي ھئي. جج انصاف جي پروقار مسند تي جلوھ
افروز ھو. قانون جا محافظ اڳيان ڪرسين تي ويٺل ھئا
۽ پويان عام ماڻھن جو ميڙ ھو.
سرڪاري وڪيل نرمائيءَ سان چيو: ”مائي، قانون ظالم
نھ آھي. تون پنھنجي صفائي پيش ڪر.“
”آئون بيگناھ آھيان، سائين!“ مارل چيو: ”مون ؛:
ناحق جھليو اٿن. مون تي رحم ڪريو. آئون غريب بيواھ
آھيان، منھنجي اٺن سالن جي يتيم تي قياس ڪريو. خدا
جي واسطي رحم ڪريو“ ھوءَ وڪيل کي پنھنجو ھمدرد
ڄاڻي، روئي روئي کيس منٿون ڪرڻ لڳي.
”تو وڏيري محمد شريف جو خون ڪيو آھي. تون ان لاءِ
ڇا ٿي چوين؟“
”مون خون ڪونھ ڪيو آھي، سائين وڏيرو پاڻ.....“
”تون ھي شيون سڃاڻين ٿي؟“ وڪيل مارل کي سندس گندي
۽ ڏاٽو ڏيکاريندي پڇيو. ”ھيءَ گندي تنھنجي آھي ۽
ھن ڏاٽي سان.....“
”گندي!..... ڏاٽو!..... نھ سائين، ھيءَ گندي....
مون کي ڪا خبر ڪانھي، سائين! مون کي ڪا خبر
ڪانھي!...... الا، منھنجو مٿو ٿو ڦري.....!“
”حضور، مائي انڪاري آھي.“ وڪيل جج کي مخاطب ٿي
چيو. فاضل جج مارل جي نادانيءَ تي مرڪي ڏنو.
”ڇا تون سمجھين ٿي تھ تنھنجي ايتري چوڻ سان قانون
کي اعتبار اچي ويندو؟“ وڪيل چيو: ”ڳوٺ جا سڀ چڱا
مڙس شاھدي ڏئي چڪا آھن تھ ھي ٻئي شيون تنھنجيون
آھن.“
مارل جي وائي بند ٿي وئي. ڪنڌ جھڪي اچي ڪٽھڙي تي
پيس. ڪجھھ دير لاءِ سڀني تي يڪسان خاموشي ڇانئجي
وئي. يڪايڪ مارل پنھنجو جھڪيل ڪنڌ مٿي کنيو، پري
پري تائين ويٺل سڀني ماڻھن تي نظر ڦيرائي، سرڪاري
وڪيل، جوري ۽ آخر ۾ جج کي گھورڻ لڳي. سندس چھري تي
عجيب گنڀيرتا ڇانيل ھئي. اکين مان جوش ۽ بيباڪي
بکي رھي ھئي. آخر سندس چپن کي جنبش آئي:
”ھا، ھيءَ گندي منھنجي آھي! ھي ڏاٽو بھ منھنجو
آھي. مون وڏيري جو خون ڪيو آھي!“
”حضور“ وڪيل خوش ٿي وچ ۾ ئي جج کي چوڻ لڳو: ”ڏوھي
پنھنجي ڏوھ جو اقرار ڪري رھيو آھي: مون وڏيري جو
خون ڪيو آھي!“
”ھا ھا، مون وڏيري جو خون ڪيو آھي، انھيءَ ڏاٽي
سان. ھن ڏاٽي نھ فقط مون بيواھ کي پيٽ جي ماني ڏني
آھي، پر منھنجي لڄ ۽ آبرو کي بچايو آھي! منھنجي
گنديءَ تي رت جا داغ منھنجي عزت ۽ شرافت جو نشان
آھن! وڏيرو ڪميڻو، منھنجي بيحرمتي ڪرڻ لڳو
ھو...... پنھنجي لڄ بچائڻ لاءِ مون ان کي خون ڪري
ڇڏيو. ڇا اھو گناھ اھي؟ ڇا اوھان جو قانون ائين ٿو
چوي تھ مون کي پنھنجي لڄ لٽائي ڇڏڻ کپي ھا؟....“
”حضور، ڏوھارڻ سڀڪجھھ قبولي چڪي آھي.“ وڪيل تڪڙو
تڪڙو چوڻ لڳو. ”ڏوھارڻ لاباري تي وڃي رھي ھئي –
رات جي اوندھ ۾، اڪيلي، جڏھن ٻيا سڀ وڃي چڪا ھئا،
انھيءَ لاءِ تھ ھيءَ بدچال ھئي، يار سان ملڻ لاءِ
وڃي رھي ھئي. وڏيرو محمد شريف ھن کي سدائين
روڪيندو ھو. ھو ڳوٺ جو چڱو مڙس ھو، اھو ھن جو فرض
ھو. ھن انھيءَ رات بھ ڏوھارن کي روڪيو، ........ ۽
ڏوھارڻ ھميشھ لاءِ پنھنجو رستو صاف ڪري ڇڏيو، ھڪ
شريف انسان کي پنھنجي بدڪاريءَ لاءِ قتل ڪري
ڇڏيو!.....“
وڪيل جي زبان ڪينچيءَ جيان ھلي ويئي، جنھن مارل تي
خون جي الزام کان وڌيڪ اثر ڪيو. سندس دل جنسي لڇڻ
لڳي ۽ دماغ تي ڏک ۽ اذيت جا غبار ڇانئجي ويا، پر
ھوءَ ھاڻي رني نٿي. فقط وڪيل کي اکيون پاڙي تڪي
رھي ھئي. ماجسٽريٽ کانئس آخري ڀيرو صفائي طلب ڪئي
تھ ھن جي دل جو سمورو درد، وڏن وڏن ڳوڙھن جي صورت
وٺي، سندس اکين ۾ اچي بيھي رھيو.
”آئون ھڪ ماءُ آھيان!...... منھنجي جذبن کي سمجھڻ
جي ڪوشش ڪريو! منھنجي ٻچي تي رحم ڪريو!“ ڳوڙھا ھڪ
ھڪ ٿي سندس اکين مان وھڻ لڳا ۽ ھوءَ بيحال ٿي ھيٺ
ڪري پئي.
ڪورٽ سڳوريءَ ڪمال رحم ۽ ڪرم کان ڪم وٺندي مارل کي
صرف ويھھ سال پورھئي جي سزا ڏيڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي.
مارل جيل جي چوديواري ۾ قيد ھئي. ھوءَ نھايت بيچين
۽ بيقرار ھئي. ٻيون قيدي عورتون ھن جي انھيءَ حالت
کان بلڪل بي نياز ھيون. انھن لاءِ ھيءَ ڪا نئين
ڳالھھ ڪونھ ھئي. انھن ڄاتو ٿي تھ ھر ڪو نئون ڦاٿل
پکي پھرئين ائين ئي ڦڙڦڙائيندو آھي ۽ پوءِ اھو ئي
پڃرو سندس گھر بنجي ويندو آھي. مارل سڄي رات
جاڳندي رھي. اھا ھن جي پھرين رات ھئي، جيڪا ھن
گلوءَ جي خيال ۾ روئندي گذاري. ”سڄا سارا ويھھ سال
ڪيئن ڪٽبا؟“ ھوءَ اھا ڳالھھ سوچي ئي نٿي سگھي تھ
اھڙا ئي ٻيا بھ ھزارين بيگناھ انسان پنھنجيون
ساريون ڄمارون انھن ئي ڀتين جي بند ۾ گذاري ويا،
انھن بھ ائين ئي سوچيو ھوندو.
آچر ڏينھن کيس گلوءَ سان ملاقات ملي – ماءُ ۽ پٽ
جي مختصر ملاقات، انوکي ۽ دردناڪ جيڪا سيخن جي
ٻنھي پاسن کان اوڇنگارن ۾ ختم ٿي.
آھستي آھستي ڏينھن گذرڻ لڳا ۽ آچر جو ڏينھن مارل
جي زندگيءَ جو خاص ڏينھن بنجي ويو. آچر کان آچر
تائين ھوءَ مري مري جيئندي ھئي. آچر جو ڏينھن ھن
جي زندگيءَ جو محرو ھو. ھر آچر تي ھوءَ گلوءَ سان
ملندي ھئي ۽ ھر آچر ھن کي نوان غم ۽ نيون خوشيون،
نوان ارمان ۽ نيون اميدون بخشيندو ھو. اھڙيءَ طرح
سوين آچر گذري ويا. وقت جي رفتار ساڳي رھي پر مارل
جي چھري تي گھنج پئجي ويا ۽ وارا اڇا ٿي رھيا ھئس.
جيل ۾ آئي کيس سورھن سال گذري چڪا ھئا، پر لڳي
ائين ٿي ڄڻ سٺ کان بھ مٿي ھئي. گلو بھ مچي مڙس ٿيو
ھو. ھو ھر ملاقات مي ماءُ لاءِ سٺيون سٺيون کائڻ
جون شيون کڻي ايندو ھو ۽ مارل پنھنجي ساٿي عورتن
کي وڏي فخر سان ٻڌائيندي ھئي تھ سندس پٽ ھاڻي
ڪمائڻ لڳو آھي.
انھيءَ ڏينھن بھ آچر ھو. صبح کان شام ٿي وئي پر
گلو آيو ئي ڪونھ! مارل سڄو وقت سيخن جي ڀر جھلي
بيٺي رھي. سڀ عورتون وڃي آرامي ٿيون، پر ھن سڄي
رات اکين ۾ گذاري ڇڏي. انتظار ۽ اضطراب جي طرح
طرح جا وسوسا سندس ذھن ۾ ايندا رھيا – ”گلو ڇو نھ
آيو؟..... بيمار ٿي پيو؟..... موڪل نھ مليس؟.....
ڇا ھو پنھنجيءَ ماءُ کي ائين ئي وساري
ڇڏيندو؟...... نھ نھ، ھو ائين نھ ڪندو، ٻئي آچر تي
ضرور ايندو!“ ليڪن ٻئي آچر تي گلو وري بھ نھ آيو ۽
ڪيترا ئي ھفتا مسلسل ھو پنھنجي ماءُ سان ملڻ نھ
آيو. مارل جي زندگي وري عذاب بنجي وئي. گلو تھ ھن
جي زندگيءَ جو سھارو ھو، ان بنا ھي جيل جا ڪٺن
ڏينھن ۽ ڏکاريون راتيون ڪيئن بسر ٿينديون؟ ملول ۽
اداس، ھوءَ انھيءَ اميد تي پنھنجو پاڻ جيئاريندي
رھي تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن کيس پنھنجي اکين جي روشني نظر
ايندي.
ٿورن ئي ڏينھن ۾ مارل کي آزاد ڪيو ويو. ملڪ جي ھڪ
وڏي جشن جي موقعي تي ڪيترا ئي قيدي آزاد ڪيا ويا ۽
مارل کي بھ سزا جا باقي چار سال معاف ڪيا ويا.
سورھن سال اڳ جا ڪپڙا پائي ۽ پنھنجي پگھار جا اسي
رپيا مٺ ۾ دٻائي جڏھن ھوءَ ٻاھر جي فضا ۾ آئي تھ
سندس خوشيءَ جي ڪا حد ڪانھ ھئي. ھاڻي ھوءَ پنھنجي
ڳوٺ وڃي سگھي ٿي، پٽ کي ملي سگھي ٿي، ھن کي گلي
لائي پيار ڪري سگھي ٿي ۽ اھي سڀئي ارمان پورا ڪري
سگھي ٿي، جيڪي ھن گلوءَ لاءِ سندس ننڍپڻ کان پالي
پالي جوان ڪيا ھئا. تڪڙي تڪڙي ھوءَ لاريءَ تي
پھتي. پٽ کي گھڻيون گھڻيون ميارون ڏيندي،
پرچائيندي، پيار ڪندي – دل ئي دل ۾ انھن جذبن کي
ورجائيندي، ھوءَ ڳوٺ جي قريب پھچي وئي. لاريءَ تان
ھيٺ لھي ٿي تھ اھي جذبا اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويا. جيئن
ئي ھوءَ ڳوٺ جي ڄاتل سڃاتل پيچرن تان ھلڻ لڳي تھ
ڪجھھ لمحن لاءِ ھن کي گذريل واقعا ذھن تي تري آيا
۽ خودبخود سندس اکيون آليون ٿي ويون. سورھن سالن
جي عرصي ۾ ھوءَ ڪيتريو نھ بدلجي وئي ھئي. سڄي دنيا
بدلجي وئي ھئي. رستا ۽ راھون ۽ ڳوٺ جا ماڻھو بھ
بدلجي ويا ھئا. ھوءَ ڪنھن کي بھ نٿي سڃاڻي سگھي ۽
ڪنھن بھ ھن کي ايندي ڏسي ڪو توجھھ نٿي ڪيو. نھ وري
ھن کي ئي ڪنھن جو ڌيان ھو. کيس تھ فقط گلوءَ جي ئي
اون ھئي، ھوءَ ڍنگرن سان گھيريل گھرن جي وچان،
تڪڙي تڪڙي، ور – وڪڙ، پيچرا لتاڙيندي وڃي رھي ھئي
تھ اوچتو ڪنھن آواز ڪيو:
”متان مارل آھين؟“ ھڪ ٻڍڙيءَ کيس سڃاڻي ورتو ھو.
پوءِ تھ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا اچي ميڙيا.
”گلو ڪٿي آھي؟ ڪيئن آھي؟ ڇا ٿو ڪري؟ ھينئر ڪٿي
ھوندو؟ مون کي ڏٺي گھڻا ڏينھن ٿي ويا آھن. الله
ججھي ڄمار ڏئيس. پھرين مون کي اوڏانھن وٺي
ھلو.......“
مارل يڪساھيءَ چئي وئي.
”امان، ڇا ٻڌندينءَ!“ پوڙھيءَ ڏوکاري آواز ۾ چيو.
”ماءُ آئي پٽ لاءِ تھ پٽ وڃي ماءُ جي جاءِ
والاري.“
”ڇا ٿي چئين!“ مارل کان رڙ نڪري وئي.
”ھا، اما، گلوءَ ويچاري کي ست سال سزا اچي وئي.“
”ڪمدار جي پٽ مولوءَ سان جھيڙو ڪري وڌائين. اجھا،
ھيءَ بيٺي آھي صفوران.... گلوءَ ڪو ڪمدار جي پٽ کي
نينگريءَ سان ھٿ چراندي ڪندي ڏٺو، سو منھن ڏئي
بيھي رھيو. مولوءَ جي ھڪڙي ٽنگ صفا ڪھاڙيءَ سان
ڪپجي وئي.“
پوڙھي اڇا ڳالھھ پوري نھ ڪئي ھئي تھ مارل
اوڇنگارون ڏيندي پوئتي موٽي.
ٻئي ڏينھن صبح سويل سينٽرل جيل اڳيان ھڪ نيم پاڳل
پوڙھي عورت بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي ھئي.
وارن ۾ مٽيءَ جا ٻڪ، ڦاٽل ميرا ڪپڙا، اکيون جيل جي
شاھي دروازي ۾ کتل. جيئن ئي جيلر اندر وڃي رھيو
ھو، ھوءَ ڊوڙي اچي سندس پيرن ۾ ڪري.
”مون کي آزادي نھ کپي، مون کي قانون جو رحم نھ
کپي...... آئون پنھنجو حق وٺڻ آئي آھيان. منھنجا
چار سال اڃا رھيل آھن!“
”توکي قانون جي ڪھڙي خبر، مائي!“
”قانون کي تھ منھنجي خبر آھي!........ مون کي
پنھنجي پٽ سان ڇو نٿو ملڻ ڏنو وڃي؟“
”تون آچر ڏينھن اچجانءِ، توکي ڪوبھ ڪونھ روڪيندو.“
جيلر ھليو ويو ۽ ھوءَ مايوس ٿي، مٿي کي ھٿ ڏيئي
ويھي رھي. گوڏن ۾ منھن وجھي، لڳاتار سڏڪندي رھي.
شام ٿي وئي ۽ اونداھي ڇانئجڻ لڳي. مارل جي زندگيءَ
جو سج بھ لڙڻ لڳو. بت ساھ ڇڏڻ لڳس تھ ھوءَ
آھستگيءَ سان زمين تي پئجي رھي.
رات گذري وئي ۽ صبح ٿيو. جيلر، اندر ويندي، لاش
ڏسي وڌي آيو.
”واقعي ڏاڍي دکدائڪ آھي تنھنجي ڪھاڻي.“ جيلر
ڀڻڪيو، ”ليڪن توکي قانون جي ڪھڙي خبر!“
|