ڪينجھر – اڌورو ماڻھو
ڪينجھر ٻارھوئي زاڻي ٻائيءَ جي زمين دوز قلعي جا
پير ڌوئيو، اھو پاڻي پئي پيئندي آھي ۽ پئي لڇندي ۽
ڦٽڪاٽ ڪندي آھي، ڄڻ اھو جيڪو اتھاس ۾ وھيو واپريو
ھو، سا ڪالھھ ڪالھوڻي ڳالھھ آھي، جا ڪينجھر کان
وسري ئي ڪونھ ٿي. راڻي ٻائي، ڪينجھر جي ڪوٽ جي
ڌياڻي، مھاراجا ڏاھر جي وڏ ور ڀين، جنھن وڏي
بھادريءَ سان عرب ڪٽڪ سان وڏي لاڏ ڪوڏ سان جڌ ڪئي
ھئي، ڪک ۾ ڪان کاڌو ھو ۽ ترار سان سس لڻائي ھئي،
ڀلا ڪينجھر ان راڄ راڻيءَ کي ڪيئن وساريندي؟.....
اھي ڏينھن اھي شينھن ساريو ڪينجھر ٻارھوئي رت پئي
روئندي آھي. ٿڌا ساھھ، پورن مٿان پور، شوڪارا ۽
سيڙھاٽ ڇل ڇل.... ڪل ڪل ڪل.... آھ... ھاءِ... ھوءِ
ھوءِ.... ڇل ڇل..... ڪل .... ڪل ڪل ڇل ڇل.......
سراپ.... ڇڙاپ...... ڇل ڇل.... (آڪاشن مان ايندڙ
اگھور ازغيبي آواڪ آواز)
”جئي سينا! تون ڀل وڃي پنھنجي منصورا سنڀال. ھيءُ
ڪينجھر جو ڪوٽ ھي آڏا ڪنگر! تون ڇا وڙھي سگھندين
جئي سينا، تون ديوتائن کي پرتو آھين، باقي آئون
ڄاڻان ۽ عرب، عرب کڻي کڻي ھي ڪوٽ کڻندا، تاج ۽ تخت
کڻندا! ھوڙھن ۽ ٻيڙن ۾ ڪينجھر پري تھ ڪونھ کڻي
ويندا. ھليو ونءَ جئي سينا، تنھنجي بات ناھي، ھاڻ
ھتان ھليو وڃ.“
ڪل ڪل...... ڇل ڇل ڇل..... ڪل ڪل..... آھ..... ڇل
ڇل.... ڪينجھر ان ڪاڪل راڻي ٻائي کي ساريو سدائين
پئي ھڄندي ۽ ٿڌا ساھ ڀريندي آھي ۽ ھو – ھو ان
ھڄندڙ لڇندڙ ڍنڍن جي راڻي ڪينجھر کي ڪو آٿت، ڪا
مت، ڪا سامت نھ ڏيئي سگھندو آھي. ڀلا ڪينجھر جي
اندر ۾ ڪو ھڪڙو زخم آھي! جنھن تي ڪنھن سھڻي شعر جو
پاھو رکجي. آلوءِ..... ھو پاڻ تھ شاعر بھ ڪينھين
جو چويس تھ:
او ڪينجھر
توکي ڪڪوري ڪاڪ جو سوڳنڌ،
توکي قسم آھي ڪارونجھر ۽ کيرٿر جي چوٽين جو،
توکي سنڌوءَ جي ٻلھڻين جو قسم،
قسم ٿئي ٿر ٻاجھريءَ جو ھاڻ اھو روڄ بند ڪر،
بند ڪر ھاڻ اھي سڏڪا،
ڪا سامونڊي گجگوڙ ڪر،
تنھنجن انھن آھن ۽ دانھن ستل سنڌي سجاڳ ڪيا ھئا،
تھ سج تنھنجي ڪک مان نڪتو ھو،
الائي ڪھڙي پٽڪار آھي جو ماڻھن جي ذھنن کي ڄڻ ريج
لڳي ويو آھي.
ڪينجھر سان ڪچھريون ڪندي ھن کي ڀاسي ٿو تھ ھو پاڻ
اندران اجھامي پيو، اکين ۾ لڙڪ لڇنس پيا.
ڪينجھر جي ڪنڌين تي اچي ھو سنڌوءِ جي اتھاس تي ھڪ
نھار ضرور وجھندو آھي. ھيڏي کليل وشال جيئري
جاڳندي اڀامندي شبد شبد ڪينجھر ڪتاب ڏسي ڪوي
پاراشر ۽ سندس پڙپوٽي وياس رشي جيان ڪيئي ڪوي
آئيا، ڪينجھر کي پنھنجون سچيون ڪوڙيون ڪوتائون
ٻڌائي ھليا ويا، مور نھ موٽي آئيا، ڪوڙا سامي،
ڪوڙا سامين پنڌ، ڇينھون ڇينھون اطلس ڪوتائون. ھوءِ
ھوءِ..... ووءِ.... ووءِ... من جو ڏيئو چئي وسامان
ئي وسامان. ڪيئن ڪينجھر پرچايان. جيئن مھا ڪوي
ڪالي داس پنھنجي ديوتا جي چرڻن ۾ پرھ ڦٽي ويل گلن
جي موکا رکندو ھو، تيئن ھو پنھنجي ڪينجھر ديوي
لاءِ اڪ ڦلڙين جا ھار مڙھي آيو آھي، موکا لاءِ.
او پوڄ پاڻي سان ٽمٽار ڇولان ڇول ڪڪوري ڪينجھر.
او مانسرور، ڀوڏيسر، اينچلسر ۽ منڇر جي سرتي،
او گوڙ ڌرو ۽ بارڻ جي راڻي، سنڌوءَ جي ڌياڻي، سنڌو
ساگر جي ڌيءَ، پوڄاري جا ھي پوڄارا گل اگھاءِ. ديا
ڪر ديوي – مون سان ڳالھاءِ.
ڏاڍو ھيڪل ھان، ڏاڍو ھيڻو ھان، مون تھ ڪري ڪاريداس
واري ڪاري ڪپتي ننڊ بھ ڪانھ ھئي،
نھ وري آئون ميگھھ دوت يا شاھ جيان سر سارنگ جيھي
رچنا مڙھي سگھندس.
ڄمار ڳري ويندي ڌيرج ڏي! او ديوي ڌيرج ڏي!
ائون اڄاڻ توھان ڌاران ٻيو ڪو سڃاڻان ئي ڪين،
او ماڻھن پکين ۽ جانورن کي جئدان ڏيندڙ ديوي!
ٻاجھھ ٻيلاٽي، ڪنھن کي سڃاڻان ئي ڪونھ، ٻاجھھ
ٻيلائي...
ڪل ڪل ڪل ...... ڇل ڇل ڇل ڇل ....... ڇل....
ڪينجھر پنھنجي پورن ۾ ڇلندي ٿي رھي.
”او اتاؤلا! ان کان پھرين جو اتھاس جو ڪلاڌي توکي
ڄام ستي جان ڳڙڪائي وڃي، پير جھل. ماڻھو جي مري تھ
پوءِ ڄام آجو ۽ ڄام نندو ٿي مري جو ناگمتي جيھي
ندي ۽ مھا سنڌو ساگر بھ نازڪن ۽ مانھو جي مري تھ
وزير جيسي ۽ مھيرامڻ جيان مري جو جنگ جو ميدان
”ڌول“ جو ڳاٽ سدا لاءِ اونچو ٿي وڃي. توکي وزير
جيسي جي پٽ ناگڙي جي ڄاڻ آھي، جھورار ڄائو ناگڙو
جنھن ڄام ستا جيءَ کي گار موٽائي ڏني ھئي، جنھن
سندس ماءُ کي جھوراڙ چيو ھو، پوڙھي مينھن سمجھين
پيو نھ، نندني شھر ڄام ننگر سڏجڻ لڳو ھو. ھاءِ
ھاءِ ڄام آجي جي پساھن سان ماڻھو ڪيڏا نھ آجا ھئا.
الوءِ الوءِ...... ھوءِ ھوءِ...... ڄام اجھو ڇا
مئو، ناگڙو ڇا شھيد ٿيو ڄڻ گجرات کي گدڙ کائي ويو
– مغلن جو گدڙ. جو ھندستان مان سندن پيڙھھ ئي پٽجي
وئي. ھوءِ ھوءِ اھا ناگڙي ماءُ جھوراڙ چوندي ھئي:
اور رڪاھان راول
منھنجي سراڻ تان جي ترار تکي ڪرائيندين تھ جنگ جي
ميدان ۾ ڏاڍي ڏيا ۽ ڀروسي سان وڙھندين، ڪاٽيلي تيخ
ني، ڀرونسي ھو تو ڀؤھاري. سمجھين پيو نھ، ڏس متان
ڄام ستو ٿيين ۽ ڌورول جي ميدان ۾ لھڻ کان اڳ توکي
ڳجھون کائي وڃن. توکي منھنجي ھندورا ھندورا ڇولين
جو سوڳنڌ جي جنگ جي ميدان ۾ لھين تھ راجا مھيرامڻ
جيان پندرھن پٽن سان ميدان ۾ لھج. ميرامڻ ٿي وڙھج.
آئون توکي راڻي ٻائي کان لکين پٽ پني ڏيندس، دولھھ
درياھھ خان ٿي وڙھج.
”ديوي– ڀلا ان جھوراڙ وزيرانيءَ کي پنھنجو پٽ ملي
ويو ھو؟“
ھا – وزيرياڻي کي ويھاريو سالن کان پوءِ سندس ٻار
ناگڙو جنگ جي ميدان ڌورل ۾ مليو ھو. ھن پٽ کي
پنھنجي ور جڌ اڳواڻ جيسي ۽ ڄام آجي سان مغلن جي
لشڪر مٿن وڏيون ھلائون ڪندي ڏٺو ھو، ھن جڌ جا اھڙا
تھ انگ پئي ڏيکاريا جو جھوراڙ کي مھاڀارت جي جڌ ئي
وسري وئي، ڀانءَ تھ ڪرشن مھاراج جڌ ۾ رٿ ھڪلڻ
بدران پاڻ ڀالا ھڻي رھيو ھو. اڃا پاڻ سوايو، تڏھن
جھوراڙ رڙ ڪئي ھئي. او ڄام ستا، اھو ٿئي جھوراڙ
ڄائو پاڏو پٽ، او ستاجي، پنھنجي گار ھاڻ موٽائي
وٺ. ڀاڄوڪڙ تون ڇا وڙھي سگھندين، اچي ڏس جھوراڙ جو
پٽ ڪيئن پيو وڙھي، سمجھين پيو نھ اڄ ائون ڪينجھر
بھ ان وزيرياڻيءَ کي جھوراڙ چوندي من ۾ نٻاڻ
خوشيون پئي محسوس ڪريان، ڀل ڀلان جو ڇيھھ ٿي ويو،
ڇا ڇا، ڪيھيون ڪيھيون ڌيئرون ڄڻندي آھي ڌرتي ماءَ،
جو روح کي راھت اچي وڃي. ڇا تھ اھا عورت ھئي ۽ ڇا
سندس وياءَ ناگڙو، ووءِ ووءِ آھي ڏينھن، ھوءِ ھوءِ
آھي شينھن ۽ شينھنڻيون.
ھوءَ ھوءَ ڇل ڇل.... ڇل ڇل ڇل.... ڪل ڪل، ڇل.....
آھ..... اتھاس! اتھاس جي وھڪ ۾ ماڻھو پاڻ وھي
ويندو آھي.
ڀلا اتھاس ۾ وھڻ کان سواءِ ماڻھو ٻلواڻ ڪيئن ٿي
سگھندو؟ بلاول، ھوشو واري سگھھ ڪٿان آنيندو، الائي
تون ڪجھھ سمجھين پيو ڪي نھ.....
”ھا ديوي! سڀ سمجھان پيو، ڀلا ٻڌاءِ سڀاڻ توکي
ڪيھا گل وڻندا؟“
”سڀان.... موتيو مگرو بھ آندئي، گلاب ۽ چنبيلي جي
ورکا بھ ڪيئي، سورج مکي ۽ ڪيسو بھ لاٿئي، واھ.
سرنھن جي گلن لاءِ ڇا چئجي، ڪيھا ڪيھا گلال
وڇائيي، جھوڪ وٺو آھي، کرڙي جي ميدان مٿان مينھن
وساڙڻ جيھا ننڍڙا ننڍڙا رتوڙا گل ڇني آءُ. جڏھن
راڻي ٻائي جا پير رتوڙڻ سان ڌوئيندس تھ منھنجي
لڇندڙ من کي ٿھمر ملي ويندو.
او حڪم جي پورائي لاءِ پرٿو سوئي.
”ٻڌ..... ڀورڙا، متان ڪا ڪوتاھي ڪرين، رتوڙا تازا
آڻيج، سوپاري جي ھڳاو وارا، متان ريساري ساڻي کاڻي
راڻي ٻائي ڪاوڙجي نھ پوي ۽ سندس ھڪ پاراتي سان
آئون ھاڪڙي جيان سدا لاءِ ٺوٺ ۽ تون سدا لاءِ
اڌورو رھجي وڃين.“
ريلوائي جا ڇورا
شام ويلا ۾ ڪامران وڏي ايسٽ سگنل ڪيبن جي اونچي
گيلري تان بيٺو، پري اونچي وانچي بڙ جي جھور جھوني
بڙ جي، ڪڪر جيھي سائي ڇٽ ۽ وڏيءَ وڻڪار جي اوڍر
مان اڌوگابري ڏسڻ ۾ ايندڙ سنڌو مٿان اڏيل پراڻيءَ
ھنگاس، ھيوي وھيڪل ٽرصيفڪ پل ۾ لڙاٽ ڀريل نيڻن سان
نھاري. پل، جيڪا وڻن جي اوڍر مان جيتري ڏسڻ ۾ اچيس
پئي، ڏاڍن اٻاڻڪن نيڻن سان پل ۾ گھور اگھور
نھاريندو ٿو وڃي. وڏي وڏي لوھي پل، جيڪا سپنن جي
ڪوٽ ڪڙن ۽ منارن جي برجن کان بھ وڌ حسناڪ لڳندي
اٿس. جھڙو پندرھن سورھن سالن جو ڪوئي مھاتما. م
ڀانءِ روئي پيو، م ڀانءِ کلي پيو. الائي ڪيھن
واسامن ۾ کوئجندو، الوپ ٿيندو، اسرت نھاريندو ٿو
وڃي. بس رڳو ڏسي پيو وڏيءَ مونجھار مان. ٽيليفون
ڪال تي سگنلز ڊائون پيا ٿين، سگنلز آپ پيا ٿين.
ميل ٽرينز، پئسينجر، گڊس ٽرينز اچن پيون، وڃن پيو.
اسٽيم انجڻيون ويگنز شنٽ پيو ڪن ۽ ٻيون آھن ذھن ۾
ھڪڙيون مرندڙ ۽ ٻيون نيون کڙڪيو سمائجندڙ ۽ سرندڙ
سرجندڙ چاھنائون. ذھن جون ڳڙکيون کلن ٿيون، بند ٿي
وڃن ٿيون.
آئون اگزيڪٽ ساڍي پنجين وڳي پھچي ويندس. مائٽن کان
سڄي رات لاءِ موڪلائي. ڏس نھ، ھڪ ئي وقت ٻھ شاندار
فلمون لڳيون آھن. آءِ وانٽ يو لو ۽ آءِ ول ڪراءِ
ٽومارو!.... جي وڇڙي ئي وڃڻو آھي تھ پوءِ يادن
لاءِ ڪا سٺي فلم ڏسي ڇو نھ وڇڙون. اھڙي تھ ڪا
پابندي ڪانھين. ائين ئي کڻي سمجھنداسين، اسان جي
پيڙائن ۾ سوزن ھيورڊ ۽ ري ڊون ٽن بھ شامل ھوندا.
ھا ڪر نھ.... او – ڪي..... او – ڪي.....“
۽ ھو اوسيئڙي ۾ آھي. اڃا پنج لڳي ست اٺ منٽ مس ٿيا
آھن، پر ھن کي آدجگاد کان ڪل آھي تھ نرگس جيئن
چوندي آھي، تيئن ئي ٿيندو آھي. ھاڻي ھو وڏيءَ
مونجھار ۾ آھي تھ نرگس سان سندس ڪھڙو سنٻنڌ آھي؟
ھڪ مھاجر ڇوڪري سان؟ ھو ھاءِ اسڪول لائيف جي پنجن
ڇھن سالن تي لڳاتار نھار ٿو ڦھلائي ۽ ڀاسيس ٿو،
سندس جيون جي کن کن تي نرگس پانئين پئي آھي. نرگس،
جنھن کي پيار مان نرڪيسيس چوندو آھي. ھر کن، ڀاسيس
ٿو، ھر دشا کان لوھي ڄار وڇايل آھن ۽ ھو ان ۾ ٽريپ
آھي، ٻڌل آھي من جو پينڊولم ڌڪ ڌڪ ڌڪ، ڄڻ دور لڙاٽ
۾ ٻوڙو ٿيندو، ٻڏندو ٿو وڃيس. ڇرڪ ئي ڇرڪ – رکي
رکي ڇرڪ، ڊيھا. يادن جا سياٽا. نرگس جي ساري چرپر
اکين آڏو ڦرڻي جيان ٿي ڦريس. (۽ ذھن جو ڪينواس ڄن
سيونٽي سيون ايم ايم جو اسڪرين بڻجيو وڃي)
نرگس ڪيڪ پيس وات ۾ دٻائي، جنجر جو ڍڪ ڀري ٿي ۽
کٽاڻ کان ھڪ اک رونجھي ڪري ٿي ڇڏي.
ڪن وڄن ٿا:
”امي، تنھنجا بھ تھ ڀاڻيج ڀائٽيا آھن. ھي ڏس
منھنجو بواءِ فرينڊ. اي وليج بواءِ.“ دور پولار جي
الائي ڪھڙي دشا کان ڄڻ مڌ ڀريل آواز جو پڙالو
پڙالجندو ٿو اچي.
۽ اکين آڏو ھڪ پاڇو:
.... مرڪ جي ڪٿي پڄاڻي ڪانھين. مرڪ، جيڪا آنھريءَ
جيان اندر جي محلاتن ۾ بند ھوندي آھي ۽ وڏي لڙاٽ
سان نروار ٿيندي آھي. بادلن جيھي لڙاٽ سان. درياھ
۾ ٻيلھھ ونجھھ ھڻندي، سھڪي سان، آرھن جا آڀامڻ ۽
اڦامڻ ۽ مکڙن تي پاڻيءَ جي ڇاٽ، چٽ چٽان:
”ھائي – ڪتنا اچھا پين ھي، مين لي لون..... لي لون
نا؟“ آواز ۾ الائي ڪيڏا چاڳ ڀريل آھن.
لڙڪ – وڏي وڏي پل کي ڌنڌلائي، ڳلن تان ڳڙي ٿا وڃن.
اچانڪ ھن جي اندر ۾ پيڙائون ڄڻ پار ٿيون ڪڍن:
ھان – ڇا جيئدان لاءِ، مون ٻڏندڙ ماڻھوءَ جيان
نرگس ۾ جھٽ نھ ھنيو ھو؟!...... ھاڻي ھيءَ ٽرانسفر
بھ ھاڻي ٿيڻي ھئي؟.... جڏھن چئن پنجن سالن جي
جاکوڙ کان پوءِ ماڻھو ھڪ ٻئي کي ٺوڪي وڄائي ھڪ ٻئي
۾ سموئجي ويندو آھي!.... !......
اچانڪ ڌٻڙاٽ.
جو مڙي چاچي وساڻ جي گجگوڙ ٻڌي، عرفان ۾ نھاري ٿو.
سگنل ليورز جي رنگين قطار پٺيان عرفان وڏي لوھي
کڙڪيءَ سان ٽڪرائجي ڦھڪو ڪيو آھي:
”اڙي ڪتيءَ جا پٽ، سگنل ليور ائين ڇڪبو آھي؟“ چاچو
وساڻ پوري طاقت سان ڪانٽو ڇڪي، سگنل ڊائون ڪري،
سدائينءَ جيان وري وڏي واڪ بڙ بڙ ٿو ڪري:
”ھي سوئر والٽن ڪاليج ويندو، جنڪشن اسٽيشن جي چارج
سنڀاليندو. اڙي ڪو ٿڪ بھ ڪونھ ھڻندءِ. ھي وڏي ڦيٿي
جو زمانو آھي.“ چاچو وساڻ ڪڙڪا ڪندو، ڏاکڻين وڏيءَ
کڙڪي ھيٺان وڇايل اڇي ڪاريءَ چوڪڙيءَ ڀريل رلھيءَ
۽ ڀرت ڀريل وھاڻي تي وري اچي کنس مان ٿو ليٽي ۽
خارن مان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي. ڳارھين ڳاڙھين اکين تي
عينڪ چاڙھي وري اخبار پڙھڻ ٿو لڳي ۽ عرفان ڪسٽن
مان ڪامران ڏانھن اچي ٿو،
”يار، ھن تو واري پوڙھي جو دماغ خراب ٿي ويو آھي.
ڇا ٿيو جي ھڪ سٽ سان سگنل ڊائون نھ ٿيو؟ يار
منھنجي وات ۾ ڪتاب ھو. پوءِ وري چو ٿو پڙھي ڪونھ
ٿو. ھاڻ پڇينس، مون کي ڪو ڪانٽي وارو ٿيڻو آھي. ھڪ
تھ ھن پوڙھي جي ماني کڻي اچون، ليور ڇڪيون، لوھن
سان مٿا ڏيون، وري بھ ڏس تھ سدائين عزرائيل واري
ڪانڊر ڪريو بيٺو آھي.“
عرفان وات مان ڇڏائجي ويل ”ڊريگون بُڪ آف ورس“
ڪيبن جي ڪاٺاھين فرش تان کڻي ٿو ۽ خارن مان ڪال
بيل ڏانھن وڌي ٿو، جيڪا جلترنگ جيان وڄي ٿي پوي.
”ھا چاچا، عرفان پيو ڳالھايان. ليٽيو پيو آھي.
ڇا؟.. نارٿ يارڊ، ڊائون ٽرين. لائين نمبر سيون.
گڊس ٽرين – او ڪي سر.“ عرفان سڀني نارٿ يارڊ ۾ شنٽ
ڪندڙ گاڏين جا سگنل بلاڪ ڪري، لائن نمبر سيون جو
ڪانٽو وڏي ڌوڻ سان ڊائون ڪري ٿو ڇڏي ۽ وري ڏاڍين
باھين مان ڪامران ڏانھن ٿو اچي:
”ڪلاڪ ٿيو آھي، ڏوڪڙن لاءِ چيو ٿمانس تھ ٽيئڙ چڙھي
ويو اٿس. يار ايمانداريءَ سان ٻڌاءِ، ”آءِ ول
ڪراءِ ٽومارو“ جھڙيون فلمون روز روز لڳنديون آھن
ڇا؟“ عرفان ڏاڍيان ڄيرن مان ٿو چوي ۽ ڪامران منھن
ٺاريو، ٻڌندو ٿو رھي، ڄڻ ھڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي کان
ڪڍي ڇڏيندو آھي. عرفان استول تي ويھي، ڄنگھون
ڦاسائيندي، ڪستن مان وري ٿو واڦي جيئن سدائين پر
پٺ گلا ڪندو آھي.
”ڏسجان – ھاڻ ھي پوڙو منھنجي چيڪنگ ڪندئي. سڀ
ڪانٽا ۽ ليور چيڪ ڪندو. عينڪ اکين تي ٺوڪي، ٻاھر
پري پري نھاريندو تھ سگنل بھ اپ ۽ ڊائون ٿيا يا
نھ! جڏھن ڏس، ڪڙاري شيطان وانگي اکيون پوريو، ڪن
ڪال بيل ڏانھن دٻايو ويٺو ھوندو آھي. يار اڃا ھنن
ماڻھن کي اسان ماڻھن مٿان اعتبار ئي ڪونھين؟...“
”آفٽر آل ھي از اي ريسپانسيبل مين.“
”آنڱوٺي جو مٿو مين. ڀڙوا تون بھ انھيءَ پوڙھي جي
طرفداري ڪندين. اڙي ڪو ماڻھو جو يار آھي ڇا؟“
عرفان اڃا واڦي واڦي، سچي بھ چاچو وساڻ، اگھاڙين
پٺين، ڳري سٿڻ جا ور مٿي کڻندو ڪيبن ۾ ڄڻ شيل ٿو
ڪري ۽ شھپر کي تاؤ ڏيندو، مٿان اچي ٿو بيھي:
”ڇو ڙي رنڙي پٽ، آئون پوڙھو آھيان.“
”اڙي... ڇو!..... پوڙھو نھ تھ ڪو جواڻ آھين! رڳو
مون کي ۽ امان کي مارڻ لاءِ جواڻ آھين، ٻيو تو ۾
آھي ڇا.......“ ٻيو تون ھينئر ڪھڙي اڍائي مڻن جي
پڃري وڃي کڻندين؟“
اچانڪ چاچي وساڻ جي ٻلھاڙي واريءَ تريءَ سان عرفان
جا ٻئي پير نڪري وڃن ٿا. ھو ڪيبن جي لوھي ڏاڪڻ ۾
ھٿ ڦاسائڻ جي ڪوشش ۾ ھيٺ لڙڪندو ٿو وڃي ۽ چاچو
وساڻ اڃا وڏي رڙ ٿو ڪري:
”اڙي پڃري ڇا، آئون انھيءَ اڍائي مڻين ماڻھين سان
گڏ توکي بھ ھڪ ٽنگ تي شنٽ آئوٽ ڪري سگھان ٿو،
سمجھين.“
”يار – تون تھ ڪو وڏو ماءُ جو ...... آھين. ائين
ڌڪو ڏبو آھي.“ ڏاڪڻ جي ھيٺين ڇيڙي تان عرفان ڌڪ
پچائي، وڏي ڪروڌ مان ڊاڊش ٿو ڪري.
”ھا پٽ، اينھين.“
”اينھين.“ چٻرا ٿو وٺيس. ”ھاڻ آنڱوٺو ٿئي ڪم کان ۽
ھا، اھو بھ ٻڌي ڇڏ، اڄ جي مون کي فلم لاءِ پئسا نھ
مليا تھ پوءِ اڄ جوڻھين اسپتال کڄي ويندءِ.“
”ٻوٿ، ڏاڏھن بھ ٿي انگريزي فلمون ڏٺيون.“
”پر ھي ماڻھو تھ فلمون ڏسڻ لاءِ پئدا ٿيو آھي.
ڏسان تھ اڄ مون کي پئسا ڪيئن نٿا ملن؟ انھيءَ
پوڙھيءَ جي نٿ نھ گروي رکي اچان.“ عرفان ڪروڌ مان
ڪتاب ۽ ڪاغذ کڻي ھيٺ ٿو لھي.
”اڙي ڪو ڪئپٽن مارويل جا پٽ، جي منھنجي رن تي آنڱر
بھ کنئين اٿئي تھ پوءِ پٽ مون کي بھ سڃاڻين ٿو.“
”ھا، تون تھ وڏو سپر مين جو پٽ آھين.“ عرفان تڪڙو
ريلون ۽ گاڏا ڪراز ڪندو، ھليو ٿو وڃي ۽ ڪامران
لاڏڪي پٽ ۽ پيءُ جو جھيڙو ڏسي، مرڪي ٿو پوي. جيئن
جو جھيڙو. جھيڙو، جنھن مان پيار پالوٽجندو آھي.
اھو جھيڙو ھن لاءِ ڪا نئين ڳالھھ ڪانھين. ھن لاءِ
نئين رڳو ھڪ ڳالھھ آھي. نرگس جي پيءَ جي ٽرانسفر ۽
ھو ريلوي گيٽ کان روشن آنٽيءَ سان ايندڙ نرگس کي
ڏسي ٿو وٺي، جيڪي ھوريان ھوريان آيون پئي.
آنٽيءَ جي ڪڇ ۾ پروين بيبي آھي، ٻن سالن جي ۽ پل ۾
ريل گاڏيءَ جو گجگاھ وڌنڌو ٿو وڃي.
۽ سائي ڪڪر جيھي ڇت مان اسٽيم انجڻ گلٽ ۽ پيتلاھن
جنسان سان، ڪاري اپڇرا جيئن پل مان ڄن دھلن دمامن
سان ناچ ڪارن سان وٽ کائيندي ٿي اچي ۽ ان سان گڏ
ئي ٽيليفون جي گھنٽي وڄي ٿي.
”چڱو چاچا، آئون ھلان ٿو.“
”چڱو ماشاءَ الله.“ چاچو وساڻ اخبار ڇڏي، ٽيليفون
ٿو سنڀالي ۽ ھو لوھي ڏاڪڻ تان لھي، نرگس ۽
پاريسياڻي آنٽي روشن ڏانھن وڌي ٿو.
”ھون – ڇا ڳالھائينداسين....!“ ڪامران جو ذھن
سوچيندو ۽ قدم ھلندا ٿا وڃن. وساڻل وساڻل پير سان.
”..... ....... ........ .........!“ (ماڻھو ڄڻ
گونگو آھي)
”..... ....... ........ .........!“ (ماڻھو ڄڻ
ٻوڙو آھي)
”توبھن..... ڪجھھ چوڻ اکڻ جي سگھھ بھ تھ ڪانھي.
ٺيڪ آھي، اڄ رڳو نرگس کي ٻڌندو رھندس... ھان – ڀلا
اھو سڀ ائين ئي ٿيڻو ھو؟ ان جي تھ مون کي خبر ئي
ڪانھ ھئي. ھاڻ خبر پئي تھ ھي ھيڏيون وڏيون پليون
ڇا لاءِ ٺاھيون ويون آھن..... ڇو؟“
(ذھن ٻوڙو – ذھن گونگو، ذھن انڌو ڪوڙھيوؤ ھاڻي ھو
چرچ روڊ جي وڻن جي قطار وٽ آمھان سامھان اچي ٿيا
آھن.
”آنٽي، ڪيئن آھين؟“
”ٺيڪ آھيان، تون ٻڌاءِ، خوش آھين نھ؟ ھونئن تھ وڌ
۾ وڌ اوھان کي جيءَ ۾ جائي ڏئي سگھيس ٿي، ٻيو ڇا
ٿي ڪري سگھان؟“ آنٽي سندس منھن ڏسيو پاڻ سوال بڻجي
ٿي وڃي.
”ڪيڏانھن ھلون؟“
”سوري، فلم جي ڇوٽي ڪانھ ملي. سڄو سامان ٻڌڻو
آھي.“
”ڇا چرچ ھلون؟ حضرت عيسيٰ ۽ بيبي مريم ڏسي من کي
ٺاپر ملي ويندي آھي.“
”مون کي تھ تپ آھي. مان ٻران پيو.“ ٽئي سامھين لوڪ
کان پاسيرا ٿيڻ لاءِ، ريلوي پارڪ ۾ ھليا ٿا وڃن،
گھاٽن وڻن ڏانھن.
”الاھين تپ ٿئي.“ نرگس ھٿ ڳٽا ٿي ڏسيس.
”تون تھ باھ جيان ٻرين پيو.“ اچانڪ ٻن گاڏن جي
زورائتي ٽڪراؤ تي ٻئي ڊڄي گاڏن ڏانھن نھارين ٿا.
ٻئي گاڏا ٽڪرائجي ڪپل ٿي وڃن ٿا.
”ڇا ڪريون؟“ نرگس رڳو ھن ۾ نھاريندي ٿي رھي.
(۽ ڪرڻ لاءِ بنھين کي نيڻن ۾ ماتار کان سواءِ ڪجھھ
آھي ئي ڪونھ)
”روئين ٿي.....؟“
”نھ تھ، ائين ئي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا آھن.“ نرگس
روئي ٿي.
ڪرسچن ڪالوني اچي آنٽيءَ کي ساھيڙيون ورائي ٿيون
وڃن ۽ ھو بئي سڃي سڃي چرچ ۾ اچي، ھڪ بئنچ تي ويھي
ٿا وڃن. جيئن اسڪول ۾ وھندا آھن. ٻنھين کان ڄڻ
ڳالھائڻ جي شڪتي ڇني وئي آھي.
”صبوح جو ٽرين تي ڇڏڻ ايندين؟“
”نھ.“
”ڇو!؟“
”چيم نھ، ڪونھ ايندس.“ رکو رڙندڙ آواز.
”تون تھ ائين ٿو ڳالھائين ڄڻ ٽرانسفر جا آرڊر ئي
مون ڪڍيا ھجن.“ ھوءَ روئي ٿي، روئندي ٿي وڃي.
”ھي ڇا سڏ سڏ لاٿي اٿئي.“
”ھڪ ڏينھن ائين ٿيڻو ھو. مون کي اڳي ئي خبر ھئي.“
”ڀلا ھڪڙو وعدو ڪر.“ ڇوڪري وري واڪو ٿي ڪري.
”چئھ.“
”خط لکندو رھندين؟ ھا نھ؟“
”نھ.“
”ڇو... ڇو......؟“
”توکي خبر ناھي، آئون ٽيليفون ۽ خط لکڻ کان الرجڪ
آھيان. مون کي نھ ڊائل ڦيرائڻ ايندو آھي نھ خط
لکڻ.
”نھ، اھو ڪوڙ آھي. تون ڪو واسطو ئي نٿو رکڻ گھرين.
سچ ٻڌاءِ، ائين آھي نھ؟....“ سڏڪ سڏڪان.
سنگ مرمر جي بيبي مريم بھ ڄڻ روئي ٿي پوي.
سنگ مرمر جو حضرت عيسيٰ بھ ڄڻ ڪنڌ لاڙي ٿو ڇڏي.
ٻاھر – ٻاھر اسٽيم انجڻ ھوائي جھاز جھڙي آواز سان
ٻاڦ ٿي خارج ڪري. چرچ ۾ دونھون ڀرجندو ٿو وڃي.
”ڳالھائين ڇو نٿو؟“
”..........“
”تھ پوءِ ھيئن ڪر، ھي پنھنجي منڊي ۽ فوٽو موٽائي
وٺ.“ نرگس ھڪ لفافي سان گڏ منڊي بھ وڌائي ٿي. ھو
چپ چپات گيدي ۾ رکي ٿو ڇڏي.
”نھ، تون ڪاوڙيل آھين. ڄڻ سڄو ڏوھھ منھنجو آھي.
ڪيڏي بيشرميءَ سان گيدي ۾ وڌا اٿئي، مون کي موٽائي
ڏي.“
ڇوڪري ڪلھي تي ڪنڌ لاڙي روئي ٿي ۽ ڏڪندي وري ٿي
ايلاز ڪريس:
”موٽائي ڏي نھ منھنجيون تصويرون ۽ منڊي مون کي.“
”نھ.“
”ڇو؟!“
”چيم نھ ڪونھ ڏيندس.“
”ڇو؟“
ان لاءِ تھ ھيءَ منڊي ۽ فوٽو تو لاءِ عذاب بھ ٿي
وڃن. ھي سدائين ماڻھن جي اکين ۾ اڙندا.“
”تون جھنگلي آھين.“
”ڇا تون مون کي ھٿ سان سلھھ نھ پيو ڏين؟“
”نھ، مان تو مٿان ساھ ڏيندو آھيان. مان تھ شايد
جيئرو ئي ان لاءِ آھيان تھ تون آھين. ٻيو ڀلا ھن
پرٿويءَ تي آھي ڇا!“ ھو لڙڪ پي ٿو وڃي.
”ڀلا فلمون تھ روز ڏسندين نھ؟“
”ھا ھا، جڏھن بھ سٺي فلم ڏسندس، توکي ياد ڪندس.“
ھو ھانءَ ڏڍ ڏئيس ٿو.
نرگس گھٽ ٿي محسوس ڪري. اچانڪ ڇال ڏئي، دانھون
دٻائيندي، چرچ جي وڏي در ڏانھن ڊوڙي ٿي، نڪري وڃڻ
لاءِ ۽ ٻاھر اسٽيم انجڻ جي ٻاڦ، منڊي ڪڪريءَ جيان
آڪاس ۾ ڊوڙندي ٿي وڃي.
ھاڻي ٽئي وساڻا ھلندا ٿا وڃن.
”اوھان ٻنھين ڇا ڊسائيڊ ڪيو؟“ آنٽي ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي.
(ھن ڀر کان بھ ماٺار، ھن ڀر کان بھ ماٺار)
”نيٺ ٿيو ڇا آھي! ھر ڪوئي جيون ۾ پيار ڪري ٿو.
وڇوڙي ڪڏھن بھ مون کي ڏھڪايو نھ آھي. وڇوڙي کي
پنھنجو مزو آھي. ساٿي تھ ملندا ٿا رھن، روز نوان
نوان ساٿي! ڇا اوھين ٻئي منھنجا بھترين ساٿي نھ
آھيو.“ الائي ڪو ٻڌي ٿو يا نھ، آنٽي ھانئڀارو
ڇنڊيو ڇڏي، وڏي شوڪاري سان، ڪامران بيھي ٿو وڃي.
”ڇو.....؟“ نرگس کي وري ڇرڪ ٿا پون.
”مان اتان ئي موٽ ٿو کاوان. مون کي گھر وڃڻ
گھرجي....... ھان.... نھ فلم ۾. ڪيڏانھن نھ
ڪيڏانھن مون کي وڃڻ گھرجي“
”ڇا مميءَ سان نھ ملندين. چيائين وٺيو اچجانس.“
”نھ.“
”ڇو؟“
”الائي- من نٿو چوي. ڊسڪنيڪٽ ٿيڻ سان، ماڻھو وڏي
شاڪ کان مڪت ٿي ويندو آھي.“
ڪامران ريلوي گيٽ جي اورئين در تي بيھي ٿو وڃي ۽
نرگس گيٽ جو چڪرو ڦيرائيندي، وٽ کائي آنٽي پٺيان
گيٽ جي ھن ڀر ٿيو وڃي.
”ڇا اتان ئي الوداع ڪريون؟“ نرگس لڙڪ دٻايو ٿي
وڃي.
”ھا.“
”خدا حافظ.“
”گڊ باءِ.“ ھو نرگس ۽ آنٽيءَ کي گيٽ ڪراس ڪندو
ڏسندو ٿو رھي. گيدن ۾ ساڳئي نماڻي انداز سان ھٿ
وجھيو، ويندڙ نرگس ۾ حسرت سان نھاريندو ٿو رھي ۽
وڏي گجگاھ سان اليڪٽرڪ انجڻ، پئسنجر ٽرين کي اڏايو
کنيو ٿي وڃي ۽ ڪامران پوري طاقت سان گيٽ جي ڪراز
چڪري کي سٽ ڏئي، موٽ ٿو کائي ۽ چڪرو ڦرندو ٿو رھي.
|