اونداھيون ڏسائون ۽ مان
مان ڪراچيءَ کان گھر موٽيو آھيان.
نھ، پھرين مان توھان سان پنھنجي سڃاڻپ ڪرايان.
رات جا ٻھ ٿيا آھن، حيدرآباد واري مني ٽيڪسيءَ مان
لھي، گھر ڏانھن پڪي سڙڪ ڏئي ھلڻ شروع ڪيو اٿم. مان
اٻاڻڪو، ٿڪاڻو، آشانت آھيان. (۽ ڏاڍو خوش ۽ سانت
بھ)
مان، يعني آرٽسٽ، ڪھاڻيڪار، شاعر، ناول لکندڙ،
ڊراما لکندڙ، چترڪار، پھڻ آھوڙيو. مون ۾ قدرت اھي
سڀ ڳالھيون رت جيان سوچي سمجھي پوري مقدار سان
ڀريون آھن. جيئن ويٽ ٦٩ جي بوتل ۾ سوم ڀريل ھوندي
آھي. تنھن ڪري مان ھر ويل، نشي جھڙن کيپن ۽ خمارن
سان ڀريل ھوندو آھيان. پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو منھنجو
ڏاڍو قدر ڪندا آھن، سنڌ يونيورسٽي کان وٺي ڪاليجن
تائين مون کي چڱي عزت ملندي آھي. مان کين ڏاڍو
وڻندو آھيان، پنھنجين سمورين چريائپ وارين ادائن
سان. ماڻھو منھنجي ڪم کان، منھنجي ڪجھھ ڇا، تمام
وڌيڪ تعريف ڪندا آھن. عظيم ھئڻ جي مھر ھڻي ڇڏيندا
آھن. ڪڏھن ڪي دل گھريا ٻڌ ازم ۾ ايمان رکندڙ
نوجوان دوست مون کي مھاتما ٻڌ جي ھلندڙ ڦرندڙ ٻئي
روپ جي نالي سان بھ نوازيندا آھن، پر مان ڇا
آھيان، ڪيترو رت ست اٿم؟ اھو مان گھڻي ڀاڱي نھ
ٿورو گھڻو ڄاڻان ٿو. مون کان تھ وڌيڪ مون کي
منھنجي زال بکو سڃاڻي، جنھن جو اصل نالو بختاور
آھي پر مان کيس چنڊي چوندو آھيان. آئون ھن لاءِ ھڪ
دماگ خراب، اڌ چريو، بيڪار، سائنر آھيان. تنھن ڪري
ٽيليويزن تي منھنجو ڊرامو ڏسي ھن جو جتي وس ڀڄيس
تھ ھو منھنجا سڀ ڪاڳر ساڙي ڇڏي.
اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ مامي جي گھر م پنجن سالن کان
ٽي وي ھوندي بھ منھنجي ڳوٺ جو ڪو بھ ٻار يا زائفان
اھا دعويٰ نھ ڪري سگھندي تھ فلاڻي ڏينھن تي ھن ٽي
وي ڏٺي ۽ ڪتاب ڦاڙڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. ائين
اتفاق سان ڪڏھن ٻارڻ لاءِ ڪاڳرن جو موئاڙو ٺاھي،
مٿاھنس ڪاٺيون رکي، باھ ٻاريندي آھي.
حقيقت ۾ منھنجي ڊراما ۽ افسانا لکڻ ڪري ھن کي وڏو
نقصان پيو آھي، ٻڌي پگھار نھ ملڻ جو. سو بھ يڪا
سارا پندرھن سال توبھن توبھن، سو بھ پاڪستان جھڙي
ملڪ ۾ جتي ھر ٻئي ڏينھن شين جو اگھھ ڏيڍوڻو وڌي
ويندو آھي.
آئون ھن الءِ ھڪ لٻاڙي، ڍينگمار سانئر ئي نھ بلڪ
نکٽو، نٻارو ۽ لپاٽون ھڻندڙ ظالم مڙس بھ آھيان. سچ
تھ مون پنھنجي فنڪارانھ افعالن سان ھن کي ۽ ڇھن
ٻارڙن کي بکون ۽ ڏک ئي ڏک ڏنا آھن. (ٻارڙن لاءِ تھ
دعويٰ ڪانھ ڪري سگھندي) پر سندس سونھن ضرور کسي
اٿم، ڏنا اٿمانس رڳو ڳڻيون، ھورا ھورا.
ھا – مان ڏاڍو ٿڪاڻو، اسانت ويڳاڻو آھيان. مني
ٽيڪسيءَ مان لھي، پڪي سڙڪ ڏيو، گھر پيو وڃان. من ۾
اڄاتل خوف ۽ اميدون کنيو.
(خوف = ان جو تھ ڪو ٻار بيمار نھ ھجي، اميد = ان
جي تھ لال لطيف ڪندو سڀ ڪجھھ ٺيڪ ھوندو)
ھيلتائين جو ڪجھھ مون تان وھيو واپريو آھي، مان سڀ
وساري ڇڏڻ ٿو چاھيان، پر سوچن جا اٺ ذھن جي جھان ۾
چئني ڏيسائن کان ٽلا ۽ ڇيريون ڇمڪائيندا ھي ھم
..... ھي ھم ڪندا پيا اچن. الائي ڪنھن پئي چيو:
”فلاڻي چيو ٿي تھ مان ھڪ انتھائي ڀوڪ بصر ۽ گڏھ
رائيٽر آھيان.“
”آئون چوان ٿو آھيان، ناھيان ڇا؟ ڪير ٿو چوي تھ
مان جينئس آھيان. لٽل جينئس ٿيڻ لاءِ بھ تمام وڏي
لئبريري ۽ عالي دماغ جي ضرورت آھي. مان ڪتاب تھ
ڇا، روٽي ڪپڙي ۽ مڪان جي چڪر ۾ ئي پيرھجي ويو
آھيان. جي منھنجي جڳھھ تي ٻيو ڪو ھجي ھا تھ گدوءَ
واري چرين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ابراھيم ”خليل“ لاءِ
مٿي جو سور ھجي ھا. ڪير بھ پيو چوي، پر مڃڻو آھي
تھ فلاڻو لٽل ناليج جو ڌڻي آھي. (جيڪا ڪڏھن ڪڏھن
تمام ڊينجرس ٿيندي آھي) پر ڇا مان راھ ھلندي ڪو
پڪاٽ نھ گھڙي وٺان، ٽي وي لاءِ ئي سھي. ساڍا چار
سؤ رپيا ملي ويندا....
پروفيشنل..... پروفيشنل......
ڇا سچي بھ آئون پروفيشنل ٿي ويو آھيان؟! ھاڻ ”جيون
ڪوئي جھوٽو آھي“ جھڙي ڪھاڻي نٿو لکي سگھان؟
ايليٽ، داس ڪيپٽال، سارتري، رسل! لينن، مائو! ڇا
انساني ذھن ھڪ ھنڌ ڄمي وڃڻ واري شيءِ آھي! ھڪڙي
ھنڌ تي تھ برف بھ ڪانھ ٿي ڄمي. پوءِ سڀ ماڻھو اتي
اچي ڇو بيھجي ويا آھن؟
مان دل تي وڏي واڪ ھٿ ھڻي چوان ٿو، آدجڳاد کان
موسمون بدلڻ ويل، سج ڪراڪروم جي چوٽين کان
وگھاريندو رھيو آھي. ڪنھن بھ شيءِ تي جمود طاري
ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي.
نيشنلزم؟ ڪميونزم؟
روس ۽ چين ھڪ ڇو نھ ٿي سگھيا آھن؟.... پاڪستان ۾
ھڪڙو ٻار روئي، مائوزيتنگ جي ڇاتين ۾ مامتا جي ٿڃ
اچيو وڃي، بينگال ديس ۽ ھندستان ۾ ڪروڙين ٻارڙا
ڪيڪراٽون ڪن، مائو جي ڪنن ۾ ڪپاھيون، سور، ناسور!
خبردار، ٻارڙن کي چپ ڪرايو رات جي ماءُ پئي اچي.
”اف، ڇا اسين سڀ وائيلد اينيملز ناھيون؟ ڪھڙو جوءِ
جو .... ٿو چوي اسين سڀ ماڻھو آھيون، سوشل آھيون،
مھذب يا سولائيزڊ آھيون.“
پاليسي..... پاليسي... ھر تحريڪ جي پنھنجي پنھنجي
پاليسي آھي، ھر ملڪ جي پنھنجي پاليسي آھي، ھر
سربراھ ملڪ جي پنھنجي پاليسي آھي. پاليسي، ھڪڙن
لاءِ ھڪڙي، ٻين لاءِ ٻي، ٽين لاءِ ٽين!!! ھا، مان
ڪميونسٽ آھيان...... پر ڇا ھن وقت مان ھپي ازم کي
تھ ڇا، ڪنھن بھ ھڪڙي ھپيءَ کي للڪاري سگھان ٿو؟
”......“
ڪاش مان بھ ھپي ھجان ھا. ھپي بڻجي، وڃي ڪارونجھر ۾
دونھين دکائي ويھي رھان ھا. ھر ڪنھن رنج ۽ ڏنجھھ
کان ڏاڍو ويٺو ڏسان ھا تھ مور ڊيلن سان ڪيئن
ٽيلارا ڪندو آھي، گدڙ کين ڪيئن ڇيڇاڙي کائيندو
آھي، فضائن ۾ حسين مور پک ڪيئن پوپٽ جيان اڏامندا
ويندا آھن؟
(ويٺو ڏسان ھا، ھر رنج، ھر ڏنجھھ کان ڏاڍو ٿيو)
ڇڪڙو لنگھي وڃي ٿو، کن لاءِ خيال روشنين ۾ پکڙي
وڃن ٿا. اڄ جو انساني فلسفو ڇا ٿو چوي؟
”مان ڇا آھيان؟“
”.... نھ مان اڌ ھپي ۽ اڌ ڪميونسٽ آھيان. في الحال
ائين ٺيڪ آھي. نھ تھ شايد آئون قتل غارت تي لھي
اچان يا پنھنجو پاڻ کي ماري وجھان يا چريو ٿي
پوان.“
ويچاري عورت، (منھنجي زال) ڪيئن نھ اٻاڻڪي ھراسيل
ويٺي ھوندي، پائي پائي لاءِ محتاج. ٻارڙن کي چنبا
گاريون ڏئي سمھاري ڇڏيو ھوندائين ۽ پاڻ جاڳندي
ھوندي، ڳڻتين جا ڍڪر پئي کائيندي ھوندي...
ويچاري....... کيس ڪھڙي خبر تھ ٺيڪ پندرھن سورھن
منٽن کان پوءِ ائون کيس آواز ڏيندو سر سان ٻيڪڙيل
در کي ڌڪو ڏئي کوليندس. کيس ڪھڙي خبر تھ آئون
ويجھاڻي وات تي اچي ويو آھيان. مڪرانين جو ڳوٺ مٽڻ
کان پوءِ مون کي پنھنجو ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو. ھوءَ
ڪڏھن سوچي بھ سگھي ھوندي تھ ڪڏھن مون جھڙي بيڪار
ماڻھوءَ جي گيدي ۾ ٻھ ھزار اٺ سؤ رپيا اچي سگھن
ٿا. ھن لاءِ اھا ڪيڏي نھ وڏي ڳالھھ ٿيندي. ٽن
ڪلاڪن ۾ بھ ھوءَ مسڪل سان ڏھ رپيا ڳڻي سگھندي. (سي
بھ پوري خاطريءَ سان نھ)
ھن ويچاريءَ چرٻٽ عورت کي ڪھڙي خبر تھ ڪراچيءَ ۾
ٽيليويزن اسٽيشن لڳڻ کان پوءِ، ڪو اديب بھ ايترا
پئسا ڪمائي سگھندو؟ کيس ڪھڙي خبر تھ آئون ڪي ٽي وي
تي آئوٽ اسٽئنڊنگ رائيٽر آھيان.
راھ ھلندي آئون کلان ٿو: ۽ ھي آئوٽ اسٽئنڊنگ
رائيٽر چيڪ مون کي ڪيئن مليو؟ ان لاءِ مون کي ڪيڏي
محنت ڪرڻي پئي، پنھنجي اندر ۾ ”ٻاليشاھي، موکي
متارا“ لکي ڪيئن پنھنجي انا کي ڪھڻو پيو ۽ پوءِ
چيڪن وٺڻ لاءِ ڪيڏي جنگ ڪرڻي پئي.“
”آپ اندر تو چليڻ.“
”جي نڻيڻ، ميڻ ”آئوٽ اسٽينڊنگ رائيٽر“ ڻوڻ، ميڻ ٽي
وي سڍ باڻر ڻي اچھا لگتا ڻوڻ.“
منھنجي انھيءَ ضد تي آخر چيڪ حاصل ڪرڻ واري اھا
ڪڏھن نھ ايندڙ سڀاڻي اچي وئي. (ماڻھو ڪيڏو طاقتور،
متارو ۽ پھلواڻ آھي، ماڻھو ڪيڏو نست، نٻر ۽ ويچارو
آھي)
مان بريف ڪيس کي لوڏيندي ٽھڪ ڏيان ٿو.
ھينئر عشقو ۽ ماڻس عاشق معشوقن وانگي ھڪ ٻئي کي ٻک
وجھيو ستا ھوندا. آئون چوان ٿو وڏي سائيڪلاجسٽ
عورت آھي. (قت حالتون سڀ سيکاريو ڇڏين) منھنجي در
کولڻ سان کيس خبر پوندي تھ آئون ڪيتري پاڻيءَ ۾
اھيان ۽ پوءِ رسيپشن بھ اھڙو ئي ڏيندي آھي.
”ھان، اچي وئين!؟......“
يا چوندي:
”اونھن، خير سان کٽي آئين. خبردار جو منھنجي ٻارڙن
کي جاڳايو اٿئي.“
”لالٽين ڇو نٿي ٻري؟“
”ھونھن، گاسليٽ لاءِ پئسا ڏئي ويو ھئين؟ بتي ڇو
نٿي ٻري!“
”ٻارڙا تھ ٺيڪ آھن نھ؟“
”ڪو مري ڪو جئي، تنھنجي آنڱوٺي مٿي سور.“
”مان بيمار آھيان، ماٺڙي ڪري سمھي رھ.“
”پر.... پر اڄ منھنجي گيدي ۾ الاھين پئسا آھن. سچ
ايترا پئسا تھ مون بھ گيدي ۾ ڪڏھن ڪونھ کنيا.“
اوچتو مون کي محسوس ٿئي ٿو تھ پٺيان ڪو اچي پيو.
سڀ خيال خاڪ ٿي اڏامي وڃن ٿا. اوچتي خيال سان تھ
ڪو واٽ ويندي مون کان اھي پئسا ڦري بھ سگھي ٿو،
چاقو ھڻي، ڪوڙو سوڙو پستول ڏيکاري بھ. آئون پٺيان
ايندڙ تڪڙن آوازن تي پٺيان نھاريان ٿو. اڌ ڪاري
رات ۾ ھڪ ديو نما ٻڪل ٻڌل ماڻھو، مون کي منھنجو
پيڇو ڪندو نظر اچي ٿو.
عيد براد تي اڪثر لوفر ۽ بيروزگار ڇوڪرا، ڇتا ٿي
واٽھڙو ڦريندا آھن. پنھنجي خوشيءِ لاءِ، عيدون
ميڙا ملھائڻ لاءِ. عيد ۾ تھ چار پنج ڏينھن باقي
ھوندا. مون کي وکارڻ گھرجي. اڃان تھ اڌ ميل پنڌ
پيو آھي.
ائون تڪڙا ڊگ ڀريندو وکاريان ٿو – پٺيان ھلندڙ
ماڻھو بھ اڃا وڌيڪ تکو ٿي ٿو وڃي.
آئون ھن جي ھلن جو ھساب جي مارجن سان تڪڙو تڪڙو
ھلان ٿو. اڄ بريف ڪيس ۾ پئسن سان گڏ منھنجي ٻارڙن
جي عيد جا ڪپڙا بھ تھ آھن. مان ڪنھن بھ قيمت تي
بريف ڪيس ڏيڻ لاءِ تيار ناھيان. انھن سڀني شين کي
حاصل ڪرڻ لاءِ مون الائي ڪيترو ڀوڳيو آھي. اوچتو
مون کي ڏامر جي سڙڪ کان پري اونداھين مان ٻيو بھ
ھڪ پاڇولو نظر اچي ٿو.
پر ھتي تھ ستن راڄن ۾ مون کي ماڻھو سڃاڻن. مون کي
ڪير ڦريندو؟ سڄي ڄمار ۾ مون تھ اھو ڪڏھن سوچيو بھ
ناھي، ڪٿي بھ.
پٺيان ايندڙ ماڻھو، ڏاڍو تکيو پيو اچي. ”ٺيڪ آ،
آئون بھ فٽ بال جو کڏاڙي آھيان. بريف ڪيس ھٿ ۾
ڏيندي ڏيندي، بوٽ جي اھا ٽو ھڻندو سانس جو ماڻس کي
ياد ڪندو. پر مون کي جلدي ڳوٺ پھچڻ گھرجي، ھر صورت
۾ حادثي کان بچڻ گھرجي، اڄ مون سان ڪوبھ حادثو پيش
نھ اچڻ گھرجي. اف، مڪرانين جو ڳوٺ بھ تھ پٺيان
رھجي ويو. ڇا باقي ٻھ فرلانگ مان ڀڃي نٿو سگھان،
ڇا رڙيون ڪريان؟
پڍيان ايندڙ پاڇولي کي اڃا وڌيڪ وکاريندو ڏسي آئون
تڪڙو ِڄن جي ڪوشش ڪريان ٿو.
”ماسات.....“
اوچتو پٺيان پيار ڀريل سڏ ٻڌي، آئون اونھون ساھ
ڀري بيھجي ٿو وڃان.
”ماسات، ڏاڍو تکو آھين، خير تھ آھي؟“
”يار ڪراچيءَ مان پيو اچان. سيءَ وڄائي ڇڏيو آھي،
ڊوڙي پاڻ کي گرم ٿي ڪيم.“
مان اڇان ڳاڇان لڄندو ٿيڻ کان پاڻ بچائي ٿو وڃان.
اسان وٽ ساھ بچائڻ لاءِ ڀڄڻ بھ شرمناڪ آھي.
اسان ٻئي تڪڙا تڪڙا اوڀاريون لھواريون ڪندا گھر
پھچون ٿا.
آئون پنھنجي در جو ڪڙو وڄايان ٿو.
گھر جي در جو منھنجي ھٿ جي دٻاءُ سان ڍرڪاٽ ڪري
کلڻ.
”تون اچي وئين؟“
”ھا - - بتي ڇو نٿي ٻري؟“ (ڪجھھ ڪاوڙ مان)
”اوھ..... الائي ڪيئن ڪيڏي مھل اجھامي وئي. شايد
وٽ خراب ٿي وئي اٿس. اجھا ٻاري ٿي وٺان، مڙئي ٿي
پئسي جي بچت ڪرڻي.“ (ھوءَ مٺو ٿي ڳالھائي)
”ٻار تھ سڀ ٺيڪ آھن نھ؟“
”ھا ھا، دل جاءِ ڪر، ٺيڪ آھن.“ ھوءَ بتي ٻاري
روشني ڪري ٿي. منھنجا سڀ ٻارڙا ننڊ ۾ الوٽ آھن.
آئون زال واري گرم گرم بستري ۾ ڦان ٿي ڪري پوان
ٿو.
-
مان، ايڏو ڊڄڻو!
-
ھن چوڏھينءَ صديءَ ۾!
-
ايڏو غير محفوظ!
رات رھي، سڀاڻ وري ھليو ويندس!
-
چار ڏسائون، چارئي ڪاريون!
-
ماڻھو ايڏو ھيڻو، ايڏو نست، ايڏو نٻر!
-
چار ڏسائون..... چارئي ڪاريون...... چارئي
..... ڪار ..... يون.......
مان گدو بندر جو چريو
سارو جيون موھ ئي موھ آھي. ھر ھڪ ماڻھو سرشٽي جي
موھ ڄار ۾، نئين ٻارھن سالن جي سامائجندڙ ٻار جيان
ڦاٿل آھي. ٻار، جيڪو ڇپر منا لڪو بيٺو، ھيٺ،
پاڙيسريءَ جي گھر جي اڱڻ ۾، ڏيئا ٻاريو، ڳاڙھيءَ
سيڄ تي، ڀنڀا وار کوليو، ولھھ ۾ جواڻيءَ جي مڌ
ماتي الوٽ ۽ الوپ ننڊ ستل، ڦوھ جواڻ وينگس منڌ جي
ننگي ڌڙ جا سارا اسرار ڏسي رھيو ھجي، اونھون
اونھون دن، ارھ، ٿڙھا ۽ ٿلھھ، ڪڇوراڙيون، سارا
گھڙاو، ڄارين مان، لوگھن مان، لڪي لڪي. ھر ماڻھو
ان ٻار جيان موھ ڄار جي مھاڀاري ڄار ۾ ڦاٿل آھي،
ڀوڳي پيو، فاصلن ۽ وڇوٽين جي پيڙا، ماڻڻ جي پيڙا،
تانگھھ اتانگھھ تئونس ڀريل پيڙا. ڪو ماڻھو ان موھ
پيڙا کان وانجھيل يا مڪت ڪونھي. ڪوبھ ماڻھو ساريءَ
ڄمار ۾، ٻارھن سالن جي وھيءَ جي ان ڏاڪي کان ھڪ
ڏينھن بھ مٿي نٿو چڙھي، موت گھڙيءَ تائين! پوءِ
آئون ڇو ڦٿڙي سٿڙي پاڻ کي ان موھ ڄار جي ڌٻڻ مان
ڪڍي وٺڻ ٿو چاھيان؟ ڇو ٿو وسارڻ چاھيان سڀڪجھھ،
سارو جيوڻ، سڀ ساروڻا؟ ڇو ڀوڳن کان آزاد ٿي وڃڻ ٿو
چاھيان؟ ڇا ڀوڳڻ جو ٻيو نالو جيون ناھي؟
پر نھ..... شايد ائين ناھي! مان ان موھ جار مان
نڪرڻ نٿو چاھيان، مان ان موھ ڄار کي ٽوڙي، مروڙي
ڇڏڻ چاھيان ٿو. ان ننگي ڌڙ تائين پھچڻ لاءِ، اونھي
دن جي اونھاڻ تائين پھچڻ لاءِ. اونھن، عميق پاتارن
تائين پھچڻ لاءِ مان سارو ڳجھھ ڳوھھ ڏسي وٺڻ
چاھيان ٿو، ساري جيون جو، سرشٽي جو، سارو امرت رس
چوسي وٺڻ چاھيان ٿو. مان.... مان ڪجھھ ماڻڻ چاھيان
ٿو. سکڻو سڪڻ نھ. مون ۾ ان ٻارھن سالن واري نروس،
لڄوڙي سڪڻي ٻار جيان لڪي لڪي لوگھن مان ليئا پائڻ
جي ايڏي سگھھ ڪانھي. ڪجھھ ماڻڻ کان سواءِ ھيءَ
ساري چانڊان مانڊاڻ تڇ آھي، ڪوڙو، دلبو، ڪچو گھڙو
۽ ڪلاپ آھي، سراب سيئرپ ڪيڏو نھ حسناڪ آھي ھي
جيون! ڪيڏو نھ سوڀناڪ آھي؟ اونھي اونھي دن جي
اونھاڻ ۾ ليئا پائڻ! ڪيڏي نھ ڪامڻ مايا آھي، ھن
ھستيءَ جي ڪايا!
پر ھان..... ھي..... ھي سڀ ڇا ٿي ويو! آھي ڇا؟ ھي
سڀ ڪجھھ ايڏو ڊيڄاريندڙ، ڀيانڪ، من کي چيڀاٽيندڙ،
وار ڪانڊاريندڙ! منھنجي آڏو تھ لاش پيو آھي! سڄيل،
سوڻل، ٿوٿريل، ڦاٽل! دن ۾ ڪينئان ۽ سرڻا چرندڙ!
ٿلھھ کان ھيٺ پور ۾ زناني بيماريءَ جي رت پونءَ.
ارھن کان ڦاٽندڙ، ڪنھن پوڙھيءَ ڦيڪارڻ جو مڙدو،
بدبوھاڻو، اڳري آسھپ بانس ڇڏيندر ٿوٿريل لاش. آئون
چوان ٿو ھي سڀ ڇا آھي؟ ڪيئن ٿيو؟ ڇا اھا آھي
سرشٽي؟ ان کي پوريو ڇو نٿا؟ ڇا اھو سڀ دفن ڪرڻ
لاءِ ناھي؟ سوين مڻ مٽي ھيٺان ڏيوالٽيءَ ۾ لٽڻ
لا٣، لوڙھھ ۾. ٻڌايو، گھڻا ڏينھن رکندؤ ان کي مون
آڏو ائين سجائي سمھاري؟ جواب ڏيو، مون کي ھتي ڇو
آندو ويو آھي؟ جواب ڏيو، مون کي ھتي ڇو آندو ويو
آھي؟ ھن ڇپر ھيٺ مان قيد ڇو آھيان؟ ڇا منھنجا ھٿ
پير نيئرن سان نھ ٻڌا ويا آھن؟ اف..... مان مان
گھٽجان پيو..... مان گھٽجان.... آھ .... آھ ....
آھ.... ھي سڀ ڄاريون، ھي سڀ لوگھا کليل ڇو آھن! ڇا
سڀ ڪجھھ منھنجي ڏسڻ لاءِ! محسوس ڪرڻ لاءِ! ڀوڳڻ
لاءِ. مان.... ٻارھن سالن جو ٻار تھ نھ آھيان! مان
سڀ زنجير ٽوڙي ڇڏيندس. سڀ ڄار، تار، منڊ ڀڃي
ڇڏيندس، مٽائي ڇڏيندس سارو مانڊاڻ، نشٽ ڪري ڇڏيندس
ھيءَ ساري سرشٽي. مون کي ٻڌايو، ڪنھن ڪيو آھي ھي
قتل؟ اھو برداشت کان ٻاھر آھي، اسھپ آھي. ٻڌايو
ڪنھن ھي خون ڪيو آھي، ناحق خون؟ ائون چوان ٿو
کوليو مون کي، مان پاڳل ناھيان، ناھيان چريو،
ديوانو. کوليو.... نھ تھ..... مان ...... مان.....
سمجھو تھ پوءِ اوھان سڀني جو خير ڪونھي. آھ...
برداشت جي ڪا حد ٿيندي آھي...... ٻاھر آھي.... ھي
سڀ ڪجھھ برداشت کان ٻاھر آھي.
آئون جنجير ٽوڙڻ لاءِ سارا ڪشت، ساري شڪتي، طاقت
گڏ ڪري زور ڏيان ٿو، پنھنجي ٻانھن جو ٻل آزمايان
ٿو. ساڻا کاڻا ھڏ، سنڌ سنڌ کان اکڙيو ٿا پون.
سھڪيو سھڪيو ٿو وڃان، پگھريو پگھريو ٿو وڃان. ڦڦڙ
ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي. ڦاٽيو ھانڀارو ٿا ھڻن. آئون ھر
واري سھڪيو سھڪيو، ڪنڌ لاريو ٿو ڇڏيان، نئين شڪتي
گڏ ڪرڻ لاءِ.
ماڻھو پنھنجي وات اچن پيا، ماڻھو پنھنجي واٽ وڃن
پيا. ھيڊا ھيڊا ھراسيل ماڻھو، رت چوسيل، موھ ٽوھ
جي گھاڻن ۾ پيڙيل نپوڙيل، چاڪيءَ جي ڏاند جيان
اکين تي عينڪ جا کوپا چاڙھيل، ميڄالا نڪتل، جڳن
کان برين واش ڪيل، ڇريا کريا موڳا ماڻھو.
ڇا مان چريو آھيان؟
اھو سڀ ٺيڪ آھي؟
ڇا اھو نياءُ جي ساھميءَ ۾ تورن جي ارٿ پٽاندڙ
آھي؟
ڇا اھو سڀ ڪجھھ برداشت ڪرڻو آھي؟
ٻڌايو، اوھين سڀ چپ ڇو آھيو؟ جواب ڇو نٿا ڏيو؟
تھ پوءِ ٻڌو، اوھين سڀ وڏا ....... آھيو، مئل
ماڻھو ٿڪي ٿو...... آخ ٿو....
آئون رانڀاٽ ڪري روئان ٿو، ھانڀارو ھڻي، ڪنڌ کي
ڌونڌاڙون ڏئي روئان ٿو. سڀ چون ٿا تھ تون چريون
آھين. سڄي شھر وارا، ٻيا تھ ٺھيو، پر منھنجي
پنھنجي جيجل ماءُ بھ! ماتا، ڄڻيندڙ، جنني،
پالڻھار. ذھن ڌوڏو ٿو کائي. آئون ڏڪان پيو. مان
بند ڪمري ۾، نين بُٽي، مونن ۾ منھن وجھي، ماضيءَ
جي جھروڪن ۾ ليئان پايان ٿو، جھاتيون، گذري ويل
وقت جي لوگھن مان.
سارو جيون سانوڻ جي سنڌوءَ جيان وھندو ٿو وڃي،
پنھنجي ساڳي گنڀيرتا سان. جيون، جنھن جو ٻيو نالو
وھڪ آھي، پالوٽ، اونچن اونچن برفيلن پھاڙن کان
ھيٺ، ھيٺاھين ڏانھن. اھا آھي ڪڏھن نھ ختم ٿينڊر
جيون چر پر. اٿل، پالوٽ سرشٽي جي! ڪاشيءِ، ڪوبھ پل
مڪت ڪونھي، ڪوبھ نھ، پوءِ بھ ھرڪا شيءِ، ڪوبھ ڪو
پل مڪتي ماڻيل آھي، ڪڏھن نھ ڀسم ٿيندڙ، درياھن
جيان، ڌارائن جيان، برفيلن پھاڙن جيان، سمونڊن
جيان.
ذھن جي ڇوٽ سامونڊي ڇولين مان ساروڻن جي ھڪ ڇولي
مون کي الائي ڪٿي اڇلائي ٿي ڇڏي، ڄاتل ڪنارن
ڏانھن، واھڙن ڏانھن، کيتن ڏانھن. مان ڏسان پيو:
ھڪ واھڻ آھي، واھڻ ۾ ٻھ وڏا ڪپڙي جا تنبو آھن،
ٽينٽس ۽ ٻيا ڪکن جا ڇنا، جن جي ڇتين ۽ پاسن کان
٠امر جي پراڻن وڍيل پيپن جون چادرون ڏنل آھن. انھن
جي مٿان ڪولھياڻين جا پراڻا ڇنل پڙا ۽ پولڪائون
آھن، ڌوئي اس تي وڌل ڪپڙا.
ھڪ تيرھن سالن جو سانورو ٻار، بس کي روڪي لٿو آھي.
کير جھڙي اڇيءَ گنجي مٿان ھيڊي ريشمي چوڪڙيءَ تي
خوبصورت بش ڪوٽ. مٿان تنگ ۽ ھيٺان ويڪري وڏن پاچن
واري، ڳوڙھي ھيڊي بيل باٽم پينٽ. ڪنڌ تائين لڙيل
وکريل وڏا وار، نئون چيچاٽي ڪارو بوٽ، ھٿ ۾ ننڍڙي
رٻڙ جي بيگ، پگھر مان شم.
ٻار بس مان لھندي ئي پھرين نئين روڊ ڏانھن نھاري
ٿو. بلڪل انجنيئرن واري انساز سان سڙڪ جي سڌ ڏانھن
ڄڻ ڏامر جي سڙڪ جو ڪاڇو ٿو ڪري، ان جي لس ۽ ليٽ
ڏسڻ لاءِ. سڙڪ تي پري پري ڪٿي خطري جي نشاني
واريون ڳاڙھيون جھنڊيون کتل آھن ۽ پاسي کان پري
پري تائين خالي ٿيل ڏامر جا پيپا ۽ ريتي، بجري ۽
پھڻن جا ڍير. ٻار ھٿ ۾ ٻڌل خوبصورت گھڙيءَ ڏانھن
نھاري ٿو. اڃا صبح جا يارھن بھ نھ ٿيا آھن. آسمان
من جھڙ جا ڪجھھ آثار آھن. ٻار وري اڌ فرلانگ کن
پوئتي، سڙڪ جي ساڄي ٻاسي ٻنھين تنبن ۽ لوھھ جي
چادرن وارن ڇنن ڏانھن نھاري ٿو ۽ بيگ کڻي ھوريان
ھوريان تنبن ڏانھن وڌڻ لڳي ٿو. تنبن مان ھڪ تنبو
سندس آھي ۽ ٻيو سندس ٻئي ڄنگھون وڍيل، اپاھج
ٺيڪيدار پيءُ جو آھي. باقي سڀ گھروندا ۽ ڇنا،
مزورن جا آھن، جن کان ٿورو ئي پريان، وڻن جي جھنڊ
ھيٺان ڀيلن ۽ ڪولھياڻين جا ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا پٽ
تي مٽيءَ جي پنوڙن سان اوڪ بوڪ راند کيڏندا ٿا نظر
اچن، جن کي ڏسي ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. ڇوڪرو ڪا
شيطاني ياد ايندي، لڪندو ھڪ تنبوءَ پٺيان اچي ٿو ۽
ھڪ ننڍڙي خوشي ماڻڻ لاءِ سوٽ ڪيس مان بسڪوٽن جا ٻھ
پيڪٽ ۽ کٽمٺن جو گروس ڪڍي، پيپن ۽ چادرن وارن ڇنن
پٺيان لڪندو، وڻن جي جھنڊ ھيٺان کيڏندڙ ٻارڙن مٿان
لڪي بسڪوٽن جا پيڪٽ ۽ کٽمٺن جو گروس اڇلائي ٿو ۽
يڪسم سوٽ ڪيس بند ڪري، لڪندو پنھنجي تنبوءَ ڏانھن
ڊوڙي ٿو. ٻارڙن جو شور سندس ڪنن ۾ گونجي ٿو. ٻار
پاڻ ۾ ڇن پٽ پيا ڪن کٽمٺن ۽ بسڪوٽن لاءِ.
ڇوڪرو لڪي، اتاولن ٻارڙن جي ڇن پٽ ڏسي، خوشيون
ماڻيندو، پنھنجي تنبوءَ جي ڪپڙي واري در مان
تنبوءَ ۾ اچي ٿو ۽ کن لاءِ بيھجي وڃي ٿو، نئين
شرارت لاءِ. کٽ تي اجرڪ مٿان واريو ستل آھي ھڪ
عورت، گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ ۽ الوپ. ساري ڍڪيل. رڳو
پيرانديءَ کان سندس سھڻا، سانورا ڌوتل ڌوتل پير،
اڌوگابرا ٻاھر آھن ۽ پيرن جي آڱرين ۾ پيل اٿس پتل
جا ميناڪاري وارا رنگا رنگ ڇلا. ٻاھر ٻارڙن جو اڃا
شور آھي. ڇوڪري کي نئون رونشو ٿو سجھي. ھو پھرين
عورت جي آڱوٺي ۾ چڪ ھڻڻ لاءِ پيراندي گوڏن ڀر جھڪي
وات وڌائي ٿو، پر پوءِ اچانڪ پوري طاقت سان اجرڪ
جي پلو کي سٽ ڏئي، عورت مٿان اجرڪ لاھي ٿو ڇڏي.
ھڪ ٻارھن تيرھن سالن جي ڇرڪڻي ڪولھڻ نينگري وٽ
کائي، ڪوراڙ بلا جيان ڪيڪ ڪري ٿي اٿي. ڇوڪرو ڇرڪ
ڀري ٻھ ٽي قدم پوئتي ھٽي ٿو وڃي، تنبوءَ جي در
ڏانھن. ڇوڪري ھڪدم ڀيانڪ سپنو سمجھي، جاڳيل
ننڊاکڙي حالت ۾ ھڪدم سٿرن تائين کڄي ويل پڙي جا
ڀنگ ھڪدم بُڪين تائين ھيٺ ٿي ڪري پيرن تائين، ستر
لاءِ ڍرڪي ويل ڍرو نينھنگ مٿي ٿي ڪري ۽ ڇوڪري کي
ڊناڻو، ھيساڻو، پاڻ ۾ گھور ٻڌي نھاريندو ڏسي، ستر
لاءِ پھرين ارھن مٿان پولڪا تي ھٿ ڏئي ٿي، پوءِ
ھڪدم منجھي ٻنھي ھٿن سان ننگي ڍڍري ڍڪي ٿي ۽ چنري
ڳولھڻ لاءِ کٽ ڏانھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ٿي ۽
لڄ کان اکين تي ھٿ ڏئي ٿي ڇڏي.
”تو کون ڻڍ؟“
”سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو...... سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو.....“
سڀ ننڍڙا ٻارڙا شور مچائيندا، تنبوءَ ۾ اچن ٿا.
ڇوڪرو پريشان ٿي، ڪنڌ لاڙي، ٻئي تنبوءَ ۾ ھليو ٿو
وڃي، ڏاڍو ھيساڻو.
ھن تھ سمجھيو ھو تھ کٽ تي سندس ڪولھڻ ماتا مرادا
ستل ھوندي، جا کيس ڇھن مھينن جي ڄمار کان ھنج ۾
کنيو ڪن ڪتايون ڪرائيندي پئي اچي. ڀلا مون کي ڪھڙي
خبر تھ سندس کٽ تي ڪو ٻيو سمھي سگھي ٿو. ھيءَ ڪير
ڇوڪري آھي ۽ ايڏي ڌوتل پوتل ريشمي پڙو، سونو بولو،
چانديءَ جي ٻانھين، نراڙ تي ياقوت جھڙو تلڪ، ڪير
آھي؟ ڇا ھوءَ ماتا مرادا سان شڪايت تي نھ ڪندي ۽
ماتا بابي سان؟
”سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو.... سيٺ نوڏيڪرو آڳيو......“
سڀ ٻارڙا شور مچائيندا سندس تنبوءَ ۾ گھڙي پون ٿا،
پر ھراسيل اٻاڻڪي ڇوڪري کي ٻار نٿا وڻن.
”ڀاڳي زائو، ڏوڙي زائو، وڻا ماٿي کيلو.“ ڇوڪرو
سڀني ٻارڙن کي دڙڪا ڏيئي، وڻن ڏانھن راند کيڏڻ
لاءِ ڊوڙائي ٿو ڇڏي. سڀ ٻار توائڙا ٿي ڏانھس حيرت
مان نھاريندا وڻن ڏانھن ھليا ٿا وڃن.
منجھاڻو ڇوڪرو ٻئي تنبوءَ ۾ بستري مٿان ڊھي ٿو
پوي، گھڙيءَ گھڙيءَ نيڻن آڏو ساڳيو چھچٽو، ساڳيو
ڏيک ڊوڙندو ٿو اچيس:
سھڻا ڌوٻيءَ ڌوتل پير، اجرڪ، سٽ، سنھڙي ڪيڪ،
ڊيڄوڙو، سانورين سنھڙين سنھڙين سھڻين لسڙين رانن ۽
بڪين مٿان جھٽ جھٽ پڙي جي گھيرن جو وري وڃڻ، تجلا
ڏيندڙ پولڪا، تلڪ، مک، ھٿ، پير، ڪرايون، آڱريون،
پيٽ، سنھڙي چيلھھ، ٿلھھ ۽ اونھون اونھون دن،
ڳاڙھاٽيل مک، ستر لاءِ سٽون ڏيندڙ ھٿ، اکين تي،
پولڪا تي، پيت تي، وري ٻر ٻر ٻرندڙ اکين ٿي. ڪير
آھي، ڇا ماتا مرادا جي مائٽيائي؟ ڪيڏي نھ سھڻي
آھي؟ ڇوڪري کي انگريزي رنگين فلم ”ٿيف آف بغداد“
جي ڇھن ھٿن واري ننگي نچڻي ياد اچي ٿي، جا نچندي
نچندي بغداد جي پوڙھي باشاھ کي ڀاڪر پائڻ ويل، ڇرو
سندس پٺن ۾ ھڻي ٿي ڪڍي. اف، ھيءُ تھ نچنيءَ کان بھ
وڌيڪ سھڻي ۽ سوڀناڪ آھي ۽ تلڪ؟ ڇوڪري کي ”ٿيف آف
بغداد“ فلم جي ننڍڙي ھيرو صابوءَ کي ديو جي چوڻ
تي، پھاڙن جي وچ ۾، وڏي جادوئي مندر مان لنگھندي،
ھڪ خوفناڪ آدم خود ڪوريئڙي کي ماري، وڏي انگاس بت
جي نرڙ مان تلڪ سمان لڳل ھيرو ڪڍڻ واري سين ياد
اچي ٿي.
ھان!.... رنگين فلم جي ڪوڙ کان ھيءَ ساڀيان ڪيڏي
نھ سھڻي آھي! ساڳيو منظر، ساڳئي موھ مان سندس اکين
آڏو فلم جي رول جيان ڦرندو ٿو رھي، ڇوڪرو بستري تي
اسانت آھي ۽ ھڪ وڏي جادوئي موھ ڄار جي تارن ۾
ڦاسي، ڦٿڪي پيو، ڀوڳي پيو. کن مٿان کن، پل مٿان پل
گذرندا ٿا وڃن.
”ٻاٽي کاڌي ھي؟“
ڇوڪري ھٿ ۾ لسيءَ جو وٽو کنيو، ڇوڪري تنبوءَ ۾ آئي
آھي. پنھنجو پاڻ کي مورچٽ رئي ۾ ويڙھيو بيٺي آھي.
کن مٿان کن، پل مٿان پل گذرندا ٿا وڃن. ھر ڪا شيءَ
پنھنجو وجود وڃائي ٿي ويھي، لسيءَ جو وٽو بھ. وچ ۾
رڳو ھڪ موھ جو جادو آھي، نيڻن جي تاسارين ۾ نيڻ
ڄمي وڃن ٿا، نيڻ جھڪي وڃن ٿا، نيڻ مٿي کڄن ٿا.
اکڇنڀ جو کي، اڃيا نيڻ ڍاپن نٿا. تؤنس کان کامندڙ،
اواڪ اڃيا اندر. ھانو، وقت جا ھلندڙ بي حس گھڙيال.
اوچتو نينگري نيڻ جھڪائي، لسيءَ جو وٽو ٽپائيءَ تي
رکي، ٻئي تنبوءَ ڏانھن ھلي ٿي وڃي. ساروڻن جي ھڪ
ٻي ڇولي ڇلندي ٿي اچي:
ڊناڻو ھيساڻو ساڳيو نينگر، ساڳئي تنبوءَ جي در تي
بيٺو آھي، چورن جيان، موھ ڄار جي ڪن ۾ ڦاٿو، ستل
نينگريءَ جي اونھي اونھي دن ۾ نيڻ کپايو.
”شيوا.....“ ھو ڳالھائڻ چاھي ٿو، پر اکر نڙيءَ جي
اونھاين مان اورانگھين نٿا. نينگري جي ننڊ ۾ ڦٿڪو
آھي، ڪجھھ جاڳ جھڙو ڪجھھ آڳ جھڙو.
ڇوڪرو ڀوڳي پيو، موھ جا تار ٽوڙڻ لاءِ لڇي پيو.
رڳو ٽن وکن جي وڇوٽي تي تھ آھي، پل صراط. اوچتو ھڪ
ئي سٽ سان ڇوڪرو سارا ڄار ٽوڙي، اونھي اونھي دن جي
ڪين ڪن تائين پھچي وڃي ٿو. اونڌن گوڏن ڀر ويھي، کٽ
جي ٻانھينءَ کي ھٿ سان جھليو، نينگري٤ جي ننگي
ڪامڻي پيٽ ۾ نھاريندو رھي ٿو. اونھي اونھي دن جي
کونھر ۾، رڃ پانڌيءَ جيان، ٻڏي وڃي ٿو. اواڪ اڃيا
چپ، دن جي ڪين ڪن ۾ ڀِڄي وڃن ٿا.
”شيوا.... شيوا...... شيوا...“ نينگر جو ڪنڌ
نينگريءَ جي ٿڙھن ڏانھن ڦٿڪي وڃي ٿو. وري ارھن
ڏانھن، وري مورچٽ گنديءَ اندران چپن ڏانھن.
نينگريءَ جي ديھھ ۾ ڄڻ زلزلو پيدا ٿي وڃي ٿو.
نينگر جي چپن سان چپ ڀڄائي، سندس پٺن کان ٻانھون
ورائي، سارو نينگر پاڻ مٿان ورائي ٿي ڇڏي، چپن جو
ٻنڌ ھڻي، چاھي ٿي نينگر کي پنھنجي اندر پيھي ڇڏڻ.
”او سوڍا، سرتا، روڻيا. ڪيڙو ڪامڻ ڪيتو ھي؟“
نينگريءَ جا نيڻ وشال ٿيندا ٿا وڃن، وشال، اڃا
وڌيڪ وشال، نيري نيري سمونڊ جيان، ڇر ڇر ڇمڪاٽ
ڪندي ڇولي ٻنھي مٿان وري ٿي وڃي، ڄڻ ھرڪا شيءِ وقت
جي مھا پرلئھ ۾ لڙھي ٿي وڃي.
مان ڊڄي اکين تي ھٿ ڏئي ٿو ڇڏيان:
ھان....... ھي ٻئي ڪير ھئا؟ موھ ڄار ۾ ايڏو ڦاٿل!
ايڏا ڳتيل. ڳيراٽين ۾ پويل، موھ ڄار جي مھاڀاري ڪن
۾ ٻڏاڻا! ايڏا اتاولا ۽ بي خبر. ڪير ھئا ٻئي؟ اھو
ڪھڙي سورڳ جو ڏيک ھو؟ ڇا ڪو سپنو، ڪنھن پوڄاريءَ
جو؟..... پر مان اھو سڀ ڪيئن ڏسي سگھيس، منھنجا چپ
ايڏو چپ ڪيئن رھيا؟ رڳو ايترو ئي ٻڌائي ڇڏيان ھا
تھ ھن سورڳ کان پري، ٻيو ھڪ نرڳ بھ آھي! ڄرندڙ، آڳ
الا. ڪجھھ تھ کين خبردار ڪريان ھا. ارھ....
اف...... ھت ڪيڏي نھ ٻوسٽ آھي، ڪيڏو ھٻڙاٽ آھي.
مان ھت بند ڇو آھيان؟ ھي ڪھڙو نرڳ آھي؟ ڪھڙي جنبن
جي سزا؟ ڇا مان اکيون کوليان......؟ پر..... ھنن
لوگھن پٺيان جيڪو لاش پيو آھي، ان کي مان ڪيئن ڏسي
سگھندس؟
”آھ..... ڪو آھي، مان..... مان گھٽجان پيو. منھنجو
ساھ...... مان.... آھ..... گھٽجان.... ٺيڪ آ، مان
چريو ئي سھي...... پر اوھان مون کي ماڻھو ڇو نھ ٿا
سمجھو! ڇا پاڳل کي حواس نھ ٿيندا آھن؟ مان.....
مان اقراري آھيان تھ مان چريو آھيان، خوفناڪ،
خطرناڪ چريو...... پر ھي..... ھيءَ ڪھڙي سزا آھي؟
اوھان مون کي ماري ڇو نٿا ڇڏيو! ڇا اوھان وٽ گولي
ھلائڻ لاءِ پنجاھ پئسا ڪينھن ڇا؟
(.....................................)
آھ... آھ... چؤنڪيداري ڪندي اوھان سڀ سمھي پيا
آھيو ڇا! منھنجو آواز ڇو نٿا ٻڌو! مان ڀتين سان
پيو ڳالھايان! يا اوھان جي ٻڌڻ جا ھواس ختم ٿي ويا
آھن! ڪٿي...... ھي مڙدو شيوا جو تھ نھ آھي! ڇا مون
کي رڳو اھو ڪجھھ ڏيکارڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي؟
مان تھ اھو وسھيو ھئس تھ ھن ڌرتيءَ کان مٿي ٻيو
ڪوبھ سورڳ يا بھشت ڪونھي! آھ..... مان گھٽجان پيو
تھ پوءِ.... ڪن کولي ٻڌي ڇڏي منھنجا اڇا وار، سفيد
سينو ڏسي ڀنڀلجو نھ. مان..... مان اڃا ٻارھن سالن
جي عمر جي ڏاڪي کان اڃا ھڪ ڏينھن بھ مٿي نھ چڙھيو
آھيان. مان اھو سڀڪجھھ ڏسن لاءِ تيار ناھيان....
ناھيان..... ناھيان.......
مان بند ڪمرن ۾ ڌونڌاڙون ڏئي روئان ٿو. سارا ڪشٽ،
سموري شڪتي گڏ ڪري زور آزمايان ٿو ۽ نست نٻر ٿي
ڪري ٿو پوان. ھن ازل جي اواڪ اونداھين ۾ پري رپي
تائين ڪو ڪڙواءُ پڙلاءُ ڪونھي. منھنجي پنھنجي رڙين
جو پڙاڏو بھ نھ!.......
|