پڄرندڙ پيڙائون
ھن کي سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڪنھن کي دانھن ڏئي،
ھن ھيڏي وڏي شھر ۾... او شيم... شيم...... شيم....
ڀلا اسين تھ چارئي آئوٽ سائيڊرز ھئاسين. پوءِ اسان
تي پٿراءُ ڇو؟ پتراءُ ڪرڻ گھرجي پر اتي جتي ضرورت
آھي. اسين تھ اڃا شھر ۾ مس گھڙيا ھئاسين، ٻھراڙين
جا ماڻھو. اسان کي ڪھڙي خبر تھ وڏن شھرن ۾ ستن اٺن
سالن جي ٻارڙيءَ کي بھ ريپ ڪيو ويندو آھي. اسان جي
ٻھراڙين ۾ تھ ڪڏھن جانار بھ ائين ڪين ڪن. الا –
مون تھ ڪڏھن بھ ڪين ڏٺو تھ ڪو مست ٻڪر ٻن سالن جي
ڇيلڙي تي چڙھي وڃي يا اٺ ڪنھن ننڍڙيءَ توڏيءَ تي!
ائين تھ جانارن ۾ بھ ڪينھي، ڀيڻسان ھيءُ ڪراچي جو
شھر ٿيو يا ڇتن ڪتن جيھن ڇورن جو شھر.
توبھن..... ڀلا ڪو سوچي، ان ٻارڙيءَ سان ڇا وھيو
واپريو ھوندو! ڏوھ تھ کڻي پڻس ڪيو ھوندو. نيٺ ڀلا
سچ ڳالھائڻ ۾ آھي ڇا؟ اسين سڀ بھ تھ نيٺ اھڙن
ننڍڙن ٻارڙن سان جڙيل آھيون. ڀلا سڀني ٻارڙن کي
ائين ٽارچر ڪري، پنھنجي جيون مان ڪڍي، ڪھي، ڪنھن
ڀڙڀانڪ يتيم خاني يا اسپتال ۾ اڇلائي ڇڏيون تھ
باقي جيون ۾ بچندو ڇا؟!.... ڇا بچندو!!!.....
توبھن.... اڃا شھر ۾ گھڙون ٿا تھ ايڏي ٽارچرنگ خبر
اسان کي ٻڌائي ٿي وڃي، ان سان گڏ اسان جي ٽئڪسيءَ
کي سنگسار ڪيو ٿو وڃي! ڀلا ھن شھر جا ماڻھو چريا
ٿي ويا آھن ڇا؟!
توبھن، ڪيڏو نھ ڀيانڪ پٿراءُ ھو! منھنجون دوست
ڇوڪريون ڪيئن نھ ڊڄي ويون ھيون!
اچانڪ سڄو ڏيک اکين آڏو گذري ٿو وڃينس:
”ڪھڙي ڳالھھ آ ڀائي، اسان تھ آئوٽ سائيڊر آھيون.
مون سان گڏ اسڪالر خواتين آھن. اسان کي تھ خود
اوھان کي پٿر ھڻڻ کپن. اسان وٽ ماڙھو پوڙھي گڏھ
سان سيڪس انجواءِ ڪري سگھي ٿو پر پنجن سالن جي
ڇوڪريءَ کي ريپ ڪرڻ تھ پري، چوڏھن سالن جي جوان
ڇوڪريءَ کي بھ ڪو ڪونھ ٿو ڇيڙي.“ تڏھن سندس
ٽئڪسيءَ کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي.
”ھونھن..... ٽئڪسي......“ ھو خارن مان ڪنڌ کي ڌوڻي
ٿو. “ڀلا ھن کي ڪھڙي خبر ھئي تھ کيس اڃا بھ ڪو وڏو
ڪاپاري ڌڪ لڳڻو آھي. ڀلا ھن لاءِ انھيءَ ٻارڙيءَ
جي دل ڏاريندڙ حادثي کان پوءِ ٻيو ڪھڙو حادثو ٿي
سگھي ٿو، جنھن تي ويھي روئجي. ڀلا جي مڃجي بھ تھ
الله آھي، تھ پوءِ آسمان ڪراچيءَ مٿان ڦاٽي پو نھ
پيو؟“
ھو بنان دعوت جي، پنھنجي سوٽ جي گھر ۾ گھڙي پيو
ھو، ٻن نيگرو اسڪالرز ۽ ھڪ اڙدو دوست ڇوڪريءَ سان.
نھ تھ ھونئن کين سڌو پاڪستاني آرٽس ڪائونسل وڃڻو
ھو. رات جا ٻارنھن وڄي چڪا آھن، معنيٰ آرٽس
ڪائونسل بند.
ٻھراڙيءَ جي ڄٽوڙي ڀيڻ، اونٿرا ٻاروچاڻا ٻار. ”ھئھ
بواءِ، آءِ وانٽ ٽو انجواءِ دي نائيٽ وڌ آل
ڪمپينئنز.“
”نو، آءِ ايم فيلنگ ٽارچرڊ، اس دس سوسائٽي.“ از اٽ
اي ھيومن سوسائٽي؟!“
”اوھ..... اگين فيلنگز.... اوھ بواءِ، ڪم آن،
انجواءِ دي لائيف. ديز ڊيز ول نيور ڪم اگين.“
نيگرو ڇوڪري ڪنھن اوپن ايئر ھوٽل ۾ چانھھ پيئڻ
لاءِ اتي ويھي سٺيون سٺيون ڳالھيون ڪرڻ لاءِ
ٻاڏائي ٿي. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ لڳل پينٽنگز
ڏسڻ لاءِ، ھيڪي اڙدو ڇوڪري کان سواءِ تنھي جون ڏٺل
آھن.
”آرٽس ڪائونسل جو ٽائيم تھ ٽري ويو. پر الا – شھر
۾ تھ اڃا بھ ڏاڍو مزو ھوندو.“ مھاجر ڇوڪري اتاولي
ٿيو وڃي.
”ھا ھا، ويچارين کي گھمائي اچ.“ ڀيڻس بھ مھاجر
ڇوڪريءَ جو پاسو ٿي وٺي.
”چڱو، جلدي ھلو تھ ھلون.“ ھو چوي ٿو.
”واھ، اوھين سڀ ايمريڪن ڪپڙن ۾ ۽ آئون ھن ٿڪ جھڙي
گراري ۾ ڇو ھلان؟ ڪراچيءَ ۾ تھ مان بھ جين جي جاڪٽ
۽ پينٽ پائي ھلنديس، ھپس ٻاھر ڪڍي. الا ڏاڍو مزو
ٿو اچي.“ مھاجر ڇوڪري دانھن ٿي ڪري.
”نھ، تون بنھھ ايمريڪن فيس آھين، ڳاڙھھ ڳٽي! ڪٿي
جي تون جين جا ڪپڙا پھرين ھلندينءَ تھ پوءِ ھرڪو
ڪراچيءَ جو ماڻھو مون کي يا تھ ھپي امريڪن سمجھندو
يا ھوائي روزي ڪمائيندڙ، ڪراچيءَ جو ماڊرن ڀڙوو.“
”ڀڙوو..... ڇا مطلب؟!“
”ھا ڀڙوو – ھي ڪراچي آھي. ڪراچيءَ جا ڪنگلا، ماڊرن
ڇورا، امير دوستن جون ڪارون کڻي، ايئرپورٽ، سي
پورٽ، انٽر ڪان يا ميٽرو پول تي ڊوڙائيندا رھندا
آھن، ٻاھرين ملڪن جون ڇوريون سپلاءِ ڪرڻ لاءِ، وڏن
وڏن وزيرن سيٺين ۽ آفيسرن لاءِ. سمجھينءَ؟“
”۽ وڏا وڏا آفيسر ۽ سيٺيون ڇا ڪندا آھن؟“
”اھي ان رات پنھنجيون زالون پٺاڻ چوڪيدارن جي
حوالي ڪري، انٽرڪان يا ميٽرول پول جھڙن ھوٽلن ۾
”ميوٽني آن دي بائونٽي“ ملھائڻ ھليا ويندا آھن.“
”اھو ميونٽي آن دي مائونٽي ڇا آھي؟“
”ان جي خبر مون کي بھ ڪانھين.“
”تون وڏو حرامي آھين. تون مون کي پنھنجي ٻروچ ڀيڻ
وٽ ڇڏي، مون کي رنگين ٽيليويزن جي ڊرامن ۾ ڦارائي
پاڻ انھن بلئڪ بيوٽيز سان ٽيلار ڪرڻ ٿو چاھين. ھا
يا نھ؟“ مھاجر ڇوڪري چوي ٿي.
”پر گراگري ۾ ھلڻ ۾ آھي ڇا؟ ماڻھو تنھنجي گراگري
جي وڏن پائنچن جي اندر گھڙي ويندا ڇا؟“
”لعنت ھجئي.“ ھوءَ شرمائجي ٿي وڃي. ”مون کي ڇتي
ڪتي کاڌو ھو جو تو جھڙي ڪميڻي سان گھمڻ آيس.“ اھا
ڳالھھ ھن جي ڀيڻ بھ ٻڌي ٿي وٺي.
”ھون..... ھون.... گنوخ.... دفعدار.... پراين
ڇوڪرين سان ائين ڳالھائبو آھي؟“
”چڱو چڱو سمجھدار، عقل جي اڪابر، ھاڻ چئينس تھ
جلدي ڪپڙا پائي نھ تھ پوءِ بھادر آباد ۾ رڳو رولو
ڪتا پيا ڀؤنڪندا.“
۽ جيئن مھاجر ڇوڪري ڪپڙا مٽائڻ لاءِ سندس ڀر مان
لنگھي تھ ھو ڀوڳ منڊل ٿو ڪريس:
”ڇوري، متان زپ بند ڪرڻ وسارين!“ ھو حرامپائي ٿو
ڪري.
”خدا جو قسم، سوئر آھين صفا.“
”ھان- - سوئر سان گھمڻ ۾ مزو بھ تھ اچنئي ٿو.
ھانھ..... ھانھ....“ ھو ڏاڍي ڍار سان ور ور چئي
ٿو. ھوءَ مٿس ڪشٽ ٿي کائي.
”ٺيڪ آھي، اڄ جيڪا ڪرڻي ٿئي سا ڪري وٺ. قرآن، آئون
ماڻھين کي سڀ ٻڌائي ڇڏينديس.“
”۽ قرآن آئون ڀاڻھين کي سڀ ٻڌائي ڇڏيندس تھ ٻھ
راتيون تو پنھنجي سرتيءَ سان نھ، پر سرتيءَ جي
بھاني سان مون سان گڏ گذاريون آھن.“
”اڙي نھ نھ، اھا تھ بلئڪ ميلنگ ٿي!“
”۽ امان سان شڪايت جو ڊپ ڀلا ڇاھي؟.... وڏي
عربياڻي اٿئي، جيئن تون اسان لاءِ وڏي سنڌڻ ساماڻي
آھين.“
پر ھو ويڳاڻو آھي، اڪيلائپ کيس ڏنگي پئي! اڪيلائپ،
جيڪا ھن ڄاڻي ٻجھي پنھنجائي آھي. ھڪ ئي رات ۾ ھيڏو
وڏو حادثو، وچ شھر ۾ ھيڏي وڏي شھر ۾! جيڏو وڏو
شھر، اوڏا وڏا حادثا! ھن ھيڏي وڏي شھر ۾ ڪوئي ڪنھن
جو ڪينھي، ڀل تھ ڪنھن مٿان ڇريون ھلي رھيون
ھجن.... پر سڀ ماٺ! سمورا در بند! خوني خون ڪندا
پيا اچن ۽ پوليس.......؟ ڄڻ پاڪستان جي سموري
پوليس ۽ فوج، ننڍڙي بيبيءَ جي قاتلن جي ڳولھا ۾
ڪراچيءَ جي گٽرن جي بند نالن ۾ ڌوڪي پئي ھجي .....
۽ اخبار...... اخبارن کي رڳو اسڪينڊل گھرجن شھناز
۽ فريدي، يحييٰ ۽ بلئڪ بيوٽي، ايوب ۽ ڪرسٽائن،
سوئيمنگ پول ۾ گڏي. توبھن، ھي اخبارون آھن يا قوم
کي اشتھاري گڏيءَ جي ڄاڻ ڏيڻ جا ذريعا!.....
ٽنھي ڇوڪرين سان ھلندي ھو سوچي ٿو تھ ھي شھر آھي
يا ڪاري ڪربلا. ڀلا ھاڻ شھر گھمڻ ۾ مزو ڪھڙو
ايندو؟ جڏھن ماڻھوءَ کي ايندي ئي ڄاڻ ملي تھ ھن
شھر ۾ تازو ھيءُ ھاڃو ٿي ويو آھي!
بھادر آباد جي چؤنڪ، ٻاڪڙا قسم جون اوپن ايئر
ھوٽلون، ڪارون. ھن جون ساٿياڻيون سڄي دنيا جي فائن
آرٽ جا پرابلمز کڻي ويٺيون ھيون. ٻاڪڙا ھوٽل تان
فرانس، ھالينڊ، ليونارداونسي ۽ لاري ميوزيم وڃي
نڪتيون آھن. پر ھن کي ان ننڍڙي بيبيءَ جو اوٽار
لھي نھ ٿو. ڪراچي آھي ڄڻ بغداد آھي، نسورو بغداد!
ھلاڪوءَ وارو بغداد! ڀلا جي منھنجي دشمني يا ڪنھن
جي بھ دشمنيءَ ۾ ڪو اسان جي ٻارڙن سان ائين ڪري تھ
پوءِ.....؟ ڪجھھ نھ ٿو سجھيس.
کيسي تي ھٿ ھڻي ٿو، جتي نڪو سگريٽ آھي ۽ نھ ئي
پئسا.
”مر نھ، ملن ئي ٿا. آھي ڪا مانڊڻي؟“ بِل ڏئي چارئي
ٽيلار ڪندا بھادر آباد جي چؤواٽي تان ھڪ مانڊڻيءَ
تان سگريٽ، پان ۽ چيونگم وٺن ٿا.
اچانڪ ٽين ايجررز، ھپي، چرس ڇڪيندڙ اسٽريٽ بوائز
کي ھو پاڻ ڏانھن وڌندو ٿو محسوس ڪري.
”ھئھ ايمريڪن؟“
”نو. نو.“
”اٽيلين؟“
”نو“
”حشيش کپي؟“
”نھ مھرباني.“
”لڪ جينٽل مين، اسين اسٽريٽ بوائز ناھيون. اسان کي
ڪار آھي، بنگلو بھ اٿئون..... اڄ رات جي ڪمپني ڏيڻ
چاھيو تھ.....“
”نو ٿئنڪس. اسين آئوٽ سائيڊر ناھيون بابا.“
ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڇورن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي.
”اي، تون پاڪستاني آھين؟“
”ھا پاڪستاني.“
”۽ تنھنجيون فرينڊس؟“
”ٻھ ايمريڪن اسڪالر ۽ ھڪ اوھان جي مھاجر ڀيڻ.“
ڀائي تون تھ ھروڀرو پيو ڊڄين، ير گھٻراءِ نھ. ھل
اسان سان.... اڄ زندگيءَ جي حسين ترين رات
ملھائينداسين. تون بھ ڇا ياد ڪندين استاد.“
ھو ڇوڪرن جي ڇِڪ ڇِڪان تي ڪروڌ ۾ اچي ٿو وڃي ۽
محسوس ڪري ٿو تھ سندس ساٿي ڇوڪريون ڊڄي ويون آھن.
”ساري ڀائي، اسين اھڙا ناھيون.“
”پر اسين تھ آھيون. توھان کي ھلڻو پوندو. ھي
بھادرن جو بھادر آباد آھي....“
ڇوڪرا گھٽين ۾ ھن کي ڳچيءَ کان جھلي گھلڻ ٿا لڳن
تھ، اشرافت مان ھلين ٿو يا نھ؟ ساندھ پندرھن منٽ
کن اھا چڪري ھلي ٿي.
”واھ، ھڪ ماڻھوءَ جي گريبان ۾ اٺ ڄڻا ھٿ وجھي پاڻ
کي بھادر شاھ ظفر جا پٽ پيا سمجھو. پر اھو نھ
وسريو تھ پوءِ مان بھ ڏاھر جو پٽ آھيان.“
”اڇا، تھ تون سنڌي ڪتو آھين.“
ھن کي پسڻ پئجي ٿا وڃڻ تھ ھاڻ ڄاڻ جھيڙو ٿيو. ھو
پنھنجي ڊنل ساٿياڻين ڏانھن نھاري ٿو ۽ پوءِ ھڪدم
ڇوڪرن جي گھيري مان نڪري، ٺونشا تاڻيو بيھو وڃي.
”ڪم آن بوائز، ون باءِ ون.“
ھڪ ڇوڪر چاقو ٿو ڪڍي.
”يھ ڀي چلينگا.“ ھو پاڻ بھ چاقو ٿو ڪڍي ۽ ان سان
گڏ ئي ھڪ ڇوڪري کي گوڏي تي بوٽ جي ٽو ٿو ھڻي.
ڇوڪرا ھن جي تاڻجي بيھڻ تي ڍرا پئجي ٿا وڃن. ھڪ ھڪ
ڪري سڀ ڇوڪرا ڀڄي ٿا وڃن. ھو ڏاڍي مشڪل سان ڇوڪرين
سان گھر پھچي ٿو.
رات جي پھر ۾ ھرڪو پنھنجن ڪمن ۾ بند ٿيو وڃي. سڄي
شھر تي رات جي اوندھ انڌوڪار ڇانئجيو وڃي، اھڙي
اونداھ انڌوڪار جھڙي ھن جي من ۾ آھي.
مھاڀاري پاڳل ماڻھو
چريو ھلندو ٿو وڃي، سج ۾ اکيون کپايو. چريي جي مٺ
۾ سڪا آھن ۽ اندر ۾ ڪروڌ. چريو سڪا ڇڻڪائيندي،
جيئن سدائين واڦندو آھي، ٽاڪ منجھند جي ڄيرا
ڇڏيندڙ سج ۾ اکيون کپائيندي واڦي ٿو:
”ٿڪ ٿئي او سج، ٿڪ ٿئي“ ۽ سدائين جيان چريو سڪن جي
لپ آڪاس جي ٻوٿ ۾ اڇلائي ٿو ھڻي:
”ھي وٽ، جوءِ.... ڀري ڇڏ پنھنجو بول.“
چريو ھلندو ٿو وڃي،
چريو اڄ وڏي مستيءَ ۾ آھي.
ھر ايندڙ ويندڙ جي اک چرئي ۾ آھي.
چريو، جيڪو خطرناڪ ناھي.
چريو، جيڪو نئون نئون نروار ٿيو آھي.
چريو، جيڪو وچ شھر ڏئي ھلندو آھي، وڏي گار توار
سان.
چريو، جيڪو پراڻيءَ محبوب ھوٽل تي ٽٽي ويل ڪاٺاھين
سيڙھين ھيٺ سمھندو آھي ۽ سيٺ صدورو خان ان رات
ڏاڍو خوش ھوندو آھي، جنھن رات چريو ساجھر ايندو
آھي. سيٺ صدوري جو دين ايمان چريو آھي. سيٺ چرئي
کي ڏاڍو ڪن ڏئي ٻڌندو آھي ۽ مان سيٺ کي.
”خبر ٿئي پوءِ ڇا چيائين؟“
”ڇا؟“
چيائين، ٿڪ آھي ھن صديءَ کي، لعنت آھي، ھن صديءَ
جي عالمن کي. ھوءِ ھوءِ ھاڃا، ڀينر ھن ڀنڀور ۾.“
”پر مست ڪھڙي ڳالھھ تان ٿيو؟“
”بابا مست آھن، جڏھن مرضي اچين مست ٿي وڃن. الله
پناھ ڏئي بابا، ھي چريو تھ الائي ڇا آھي!“ چاچو
صدورو ڏاڍي عجب مان سدائين جيان رڙ ڪندو آھي. چاچو
صدورو ڏاڍو اٻوجھھ بڻجي چوندو آھي، ”بابا، ڪا تھ
ڳالھھ آھي جو اڃا دنيا ٿنڀن تي بيٺي اھي، ڪل جڳ ۾
ڪاپڙي پيا ڦرن.“
”آئون چوان نھ چاچا صدورا، پڪ ئي پڪ جاسوس اٿئي.
ھندستان جو جاسوس. اڳي ڪنھن ڏٺو ڪنھن واٺو؟ اوچتو
ھاڃي ۾ نھ اچي وڃين. مٿان جنگ ڀري بيٺي آھي،
ھندستان پاڪستان جي.“ پر چاچو صدورو ھڪ اکر بھ ٻڌڻ
پسند ئي نھ ڪندو آھي. چوندو آھي، ”پوليس مون کي
جھلي ويندي نھ. موليٰ مدد آھي. فقير سان سر لڳي.
بابا علي سخي آھي.“
چريو جيڪو گٽر جي نالي ۾ سڄو ڏينھن پاڻ مٿان گٽر
وھائيندو آھي، سڄي اسٽيشن جي گند بلا کائيندو آھي،
پئندو آھي ۽ مستومست جئندو آھي.
۽ جنھن رات...... جنھن رات نھ، وڏيءَ پرھ ويل،
جڏھن سج اڃا روشن کانڀاڻين سان ڄيرا ڪين ڇوڙيا
ھئا، جنھن رات بلئڪ آئوٽ جي گھگھھ اونداھي ھئي....
جنھن رات اوڀر کان، سرڻين جيان ھندستاني جي ھوائي
جھازن حيدرآباد جي ھوائي اڏي تي بوھڙ ڪئي ھئي.....
جنھن رات ايئر ڪرافٽ گنز سان حيدرآباد کان انڙ
پور، ٻڍاپور، ميرپور خاص تائين ڇيرن ڀريل گجگاھن
سان سڄو آسمان پروڻ ٿي ويو ھو – ان صبح جو چريو
آپي کان ٻاھر نڪري ويو ھو:
”ھلا اوھان جي جوءِ کي...... اھو ويڌن بھ ھن ئي
صديءَ ۾! ڊزم ڊزم ڊزم..... ابليس...... آخ
ٿو.......“
”اڙي جوءِ..... وري ائٽم بم کڻي آيا آھيو! يا علي
مدد... ڏاڏو بابو دپاسي.“
”اڙي ڀيڻ جا.... وري ساڳي ڪربلا.... ڪاري قيام!“
”بيھون اوھان جي رن کي...... اڃا گھڻيون گاريون
کائيندؤ.“
۽ ان صبح چرئي روئي ڪاٺاھون اسٿان ڇڏي ڏنو ھو، وڏن
سڏڪن سان. ڏڪندڙ ڌڏندڙ پولارن ۾ پيھي ويندڙ نيڻن
ڀريل آوازن سان:
”الا – ھيءَ صدي، اڃا اسان واتان گھڻيون گاريون
ٻڌندي!...... ھنن جي... ھنن جي ماءُ..... جوءِ....
نھ نھ نھ“ ۽ چريو مري ويو ھو. اکين ۽ پير ساوا ٿي
ويس. رات جو الائي ڪھڙو ڪاريھر کائي ويو ھئس ۽ صبح
جو وري جيئرو ٿي پيو ھو.
”مھاڀاري پاڳل ماڻھو.“
ھو جي واڍي واڻيا.
ھو جي واڍي واڻيا.
چريو دانھيندو ٿو وڃي. چريو ڦوھ الست مستيءَ ۾
آھي. چريو جيڪو پوھ جي آڌي راتين ۾ آواز ڏيندو
آھي. چريو جيڪو ٽاڪ منجھند جي سج ۾ اک وجھي،
گاريون ڏيندو آھي، سڪا اڇليندو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن مان پاڳل جو پيڇو ڪندو آھيان. چريو،
جيڪو ريلوي جي گاڏن سان ايندو آھي ۽ وري ڪنھن ٽرين
۾ چڙھي چار پنج مھينا گم ٿي ويندو آھي.
درياھ ۾ لاشا آھن،
درياھ اچي پيو.
ڀڄي وڃو! ھٽي پري ٿيو!
درياھ اچي پيو.
چريو، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن، اوچتيءَ آيل نئين جھڙي وھڪ
کان بھ تکو ايندو آھي. چريو، جنھن جا ريھا چوڏھن
ئي طبق ٻڙڪندا، گجندا ويندا آھن.
لعنت ھجيو.....
لعنت ھجيو.....
چريو، جيڪو چنڊ تارن کي ڀونڊا گھروڙيندو آھي،
چريو، جيڪو الاھين ڏينھن کان گم ھو، موٽي آيو آھي.
ٻاڏائي ٿو: ”پاڻي..... الله گھوٽ ڪندءِ...
پاڻي......“
”ھاءِ ھيءَ ڪربلا. پاڻھي ڪونھي، واھ ھيءَ ڪربلا،
درياھ آڪاس ۾ اڏامي ويا.“ چريو، جيڪو صدائون
ھڻندو، راڙا ڪندو ويندو آھي. وڏين ٻرانگھن سان....
چريو، جنھن کي سانت آھي ئي ڪانھ. ڪڏھن سانت ملڻي
ناھي. چريو، جنھن جا نيڻ ڄڻ سدائين تلاش ۾ ھوندا
آھن، مون کي مٿس ڏاڍو ڪھڪاءُ ايندو آھي. ڪنھن
ماڻھوءَ جي اندر ۾ ايڏي آڳ مون ڪڏھن ڪانھ ڏٺي. ھڪ
ڏينھن اچان تھ ٽاڪ آرھڙ جي منجھند جي سج ۾ اکيون
کپايو وڦلي پيو:
”اڙي توکي بھ پئسا کپن وياجي؟ ھي وٺ......“ ۽ مٺ
سڪن جي ڄن ڇڻڪاٽ سان سج جي منھن ۾ وڃي لڳي ھئي.
”ھيڏانھن ھي چريو اڃا جيئرو آھي؟!“ مان وائڙو ٿي
زال کان پڇان ٿو.
”ھا – ٻھ ٽي مھينا ٿيا، ھڪ ڇوڪرو آيو ھو، لسڙاٽ.“
”ڇو؟“
”چيائين، اھو پاڳل منھنجو ڀاءُ آھي. تنھنجو مڙس
چرين جو ڊاڪٽر آھي، اسين غريب آھيون. جواڻ ڀينرون
آھن. اسان تي رحم کائو.“
”عجيب عورت آھين تون انھيءَ ۾ عريب يا رحم جي ڪيھي
ڳالھھ آھي. اٽز ماءِ ڊيوٽي. قانون مطابق جيڪڏھن
سندس ڀاءُ يا ڪوبھ ويجھو مائٽ مون وٽ وٺي اچيس،
مان علاج ڪندوسانس، بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو. مان تھ ھن
کي سدائين نڌڻڪو سمجھندو آھيان.“
”بينگ اي ڊاڪٽر، تون پاڻ جي گھرين ھا تھ اھو ماڻھو
تو وٽ زير علاج ھجي ھا. مينٽل ھاسپيٽل جي ڊاڪٽر جا
پنھنجا بھ ڪجھھ اختيار ھوندا آھن، پر پگھار ملي
پئي، اسان جو ڇا؟“ منھنجي گھر واري ناشتي جي ميز
تان ٽوڪ مان اٿي، ڪتاب سنڀالي ٿي. ٻارڙا پڙھائڻ
لاءِ، اسڪول جا سانڀاھا ڪري ٿي.
”ڇا پئي چئين؟ تون چٿر ڪئي آھي!“
”ساري، ان لاءِ تھ اٽز يوئر ڊيوٽي، چريو جيئن پوءِ
تيئن چوٽ چڙھندو، خطرناڪ ٿيندو ٿو وڃي. خبر ٿئي،
ٻن ٽن عورتن تي سيڪشوئل حملو ڪيو اٿس ۽ ٻارڙن کي
گھٽا ڏيڻ جي ڪوشش بھ.....“
”ڀائي، پوءِ ماڻھو کيس پوليس ذريعي مون ڏانھن ڇو
نھ پيا موڪلين؟“
”ماڻھو احمق آھن ۽ چرئي جو ڀاءُ نابالغ آھي.“
منھنجي زال ٽائيم پيس ۾ نھاريندي، باءِ باءِ ھلي
ٿي وڃي.
وڏو وڏو زرزلو ايندو،
رتو ڇان ٿيندي،
اوھان جي زالن جا رتو ڇاڻ ارھ، زمين تي پکڙيا پيا
ھوندا. (رات جا آواز)
”ٻڌين پيو.“ منھنجي زال ٽوڪ مان ٿي نھاري.
”ھون – ھا.“
”اڃا تھ رڳو ارھن تائين پھتو آھي، اڃا ڳالھھ اڳتي
پئي آھي.“ منھنجي زال چپ چپن مان ڇڏائي، لنوائڻ
لاءِ ٻانھن مڙسان مڙسيءَ ٿي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري.
”ڊارلنگ، ڊيلي ڊيلي! ڇا اھا بھ ھڪڙي قسم جي چريائپ
ناھي؟ آئون تھ سمجھان ٿي اسان بھ اڌ چريا آھيون.
اسان کي ڪجھھ حاصل آھي، تنھن ڪري واڦون نھ پيا. ڇا
اسين جڏھن رنگا رنگ بلبن جي روشنين ۾ ننگا ھڪ ٻئي
جي ڀاڪرن ۾ ھوندا آھيون، چريا نھ ھوندا آھيون. وري
تون تھ مٿان ڪڏھن ڪڏھن مينڊريڪس کائيندو آھين؟!“
”بڪواس ٿي ڪرين تون!“
”نھ ائون پنھنجو پاڻ سان انصاف پئي ڪريان.“ ھوءَ
ڪاوڙجي پنھنجي ڪمري ۾ ھلي ٿي وڃي ۽ آئون ڀريل پئڪ
الماريءَ جي ٻوٿ ۾ ھڻي، بستري ۾ پيھي ٿو وڃان تھ
نيٺ ڀلا ھن عورت کي ٿيو ڇا آھي؟
”در کول نھ.“
”ساري، مون کي اوجاڳو آھي.“
”۽ مون کي ننڊ ڪانھ ايندي.“
در کلي ٿو.
”ھي وٺ چينجر، گيت ٻڌي رات گذاري ڇڏ. ڇو ٿو مون کي
فيل ڪرائين تھ مون غلط ور چونڊيو آھي.“
”ڇا ڇا ڇا؟..... ٻوٿ تھ ڏيکار.“
”ھان ڏس، اکيون ڦاڙي ڏس، ڊاڪٽرياڻيءَ جو نھ،
ويچاري سنڌي ماسترياڻيءَ جو ٻوٿ آھي.“ ھو چٻرا ٿي
ڏئي ۽ ڦٽاڪي جھٽي آواز سان در بند ٿي ڪري.
”اڙي ٻڌ تھ! منھنجي ڳالھھ تھ ٻڌ!“ اندران ڪوئي
آواز نھ ٿو اچي.
”ڏس ڏاھي ٿي، ٻار بھ ڪنھن جو دل کڻي وندرائجي.
قرآن ھيکل رات، ڪاريھر جيان مٿان گذري ويندي.“ مان
ٽپڻ تي ھٿ ڏئي موٽ ٿو کاوان تھ رن کي ٿيو ڇا آھي؟
”منھنجي انگوٺي کي پرواھ.“
”ٻڌ، ايڏي آڪڙ ڇو؟ ڪٿي انھيءَ ڀڙوي چرئي توتي تھ
حملو نھ ڪيو آھي؟“
”ھا، ھڪ عورت تي ڪيائين، ٻارڙيءَ تي بھ ۽ آئون
عورت ۾ ڪائونٽ ٿيندي آھيان. ڇا ذليل ملڪ آھي!“
دريءَ مان ڇوھ ٿي ڇنڊي.
”تون تھ آمريڪا جي آھين نھ؟“
”ھا، ان کان تھ ھپياڻي ھجان ھا تھ سٺو ھو. ماڻھو
ھڪڙي ڪن کان بڌندو، ٻئي کان لنوائيندو اچي ھا.“
”پر اھو ڪھڙو وڏو حادثو آھي؟“
”تھ ڇا وڏو حادثو رڳو ائٽم ڪرڻ ھوندو آھي؟ باءِ
گاڊ، منھنجو مقدر ڦٽو ھو.“
”ڇو، ڀلا ان ۾ مقدر جي ڪيھي ڳالھھ آھي؟“
”سچ ٻڌايانءِ، تو فنٽوش ڊاڪٽر سان شادي ڪري مون
پڇتايو آھي. الائي ڇو ڪاسائي اڳيان اچي ويندا آھن.
مان ڪڏھن ڪڏھن گھٽ محسوس ڪندي آھيان.“
”بس، ھاڻ انت ٿي ويو. ٽيون اکر ڪڍيو ٿئي تھ پوءِ
مون کي بھ ٽن تائين صحيح ڳڻپ ايندي آھي.“
”ڇا؟“ ھوءَ در کولي ڪروڌ مان ٻاھر نڪري آئي آھي.
”ڳڻ.... ڳڻ... ڳڻ نھ... ڳڻي ڏي نھ جيئن ڊيلي نوٽن
جي سٿي ڏيندو آھين، اڄ ئي ڏي. مان ذھني طور تيار
آھيان.“
”ڀنگ تھ نھ پي وئي آھين؟!“ مان وائڙو ٿي زال ۾
نھاريان ٿو. اچانڪ اونداھين مان آواز ٿا اچن:
”خونا خون ٿي ويندؤ.“
”خبردادر، ڀنڀٽ مچي ويندا. آئون اوھان جي ڌيءَ کڻڻ
آيو آھيان.“
”اوھان جي جوين جي سٿڻ لاھي ڇڏيندس.“
”اڳٺ ڇني ڇڏيندس.“ چريو گڙندو ٿو رھي.
”مئا ھاڻي ٻڌ، ٻڏي تھ نھ ٿا مرو. ھيءَ سوسائٽي
آھي. شيم، ٻڌ، مان.... مان ننڍريون ٻاڙيون نھ ٿي
پڙھائي سگھان، جنھن شھر جي ھر چؤنڪ تي، ھڪ ننگو
ماڻھو بيٺو ھجي!.......“
”ڇو نھ بيھندو، ان لاءِ تھ تون ويڪ ٽيچر آھين.
توکي پنھنجي پاورز جي ڄاڻ ڪانھي. ڄٽ آھين تون. مان
تھ پاڻ ڦاسجي ويو آھيان تو ڄٽيءَ ميٽرڪ پاس مان.
”ڇا ڇا، مسٽر! ڳالھائين ڪنھن سان پيو؟ آئون اھا
ماسترياڻي آھيان، جنھن تنھنجي شھر جا دڪان اسڪول
اڳيان پوٺو ڪرائي ڇڏيا تھ اسڪول جي بلڊنگ جي سونھن
کي ڇيھو ٿا رسائين.“
”اھو تھ تنھنجو ڪميونسٽ ھئڻ جو ھڪ ننڍڙو نماءُ
ھئو. ڇا اسڪول ۾ تو وٽ ٽيليفون ڪينھي؟“
”آھي.“
”پوءَ تو ڪڏھن پاڻ کي ھڪ جوابدار معزز شھري سمجھي،
مون کي ٽيليفون بھ ڪيو ھو ڇا؟ ھا، اوھان کي
ٽيليفون تي ھڪ ٻئي سان ڳالھائڻ کان فرصت ڪٿي
ھوندي. انڌيون ۽ جنڊ، ساري، واھيات محاورو آھي.“
”ڇا؟...... اھا ڪھڙي بڪواس ڪيئي؟“
”ٻڌ، مون سان ڳالھائڻ وارا ٻوڙا ٿي ويندا آھن. مان
پاڳل خاني جو ڊاڪٽر آھيان، مون کي چريا کريا ٺيڪ
ڪرڻ ايندا آھن. نو آرگيومينٽ.“ مان ڪروڌ مان سگريٽ
دکائي پنھنجي ڪمري جي در اوڏيءَ ئي طاقت سان بند
ڪريان ٿو ۽ اونداھين مان آواز ٿا اچن، ڏاڍا زوراور
آواز.
اوھيو، پڇڙ تارو نڪتو آھي.
اوھان جي ھتان گھڙي ھتان.
يا علي مدد......
يا حسن يا حسين
يا حسن يا حسين
يزيد جا ڦر، لعنت اٿو.
لعنت اٿو، آخ ٿو......
دور پولارن ۾ پڙاڏا آھن ۽ آئون پريشان ٿي، ڪيسٽ آن
ڪري ٿو ڇڏيان.
|