ڪروڌ ۽ ٻھ ماڻھو
آئون کيميا جو ماڻھو آھيان، اھنسا جو، نھ ڪروڌ ۽
جيو ھتيا، ڪين جنگ ھو. ھاڻ ٻڌايو امن ڪٿي آھي؟
ڌرتيءَ جي گولي تي تھ رڳو جنگ ئي جنگ آھي، جتي ڪٿي
جنگ، گھر گھر جنگ، ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي وچ ۾ جنگ.
ڀلا ”وار ۽ پيس“ ناول تي ايمريڪنز کي سٺي فلم ٺاھڻ
لاءِ جِن پيو ھو ڇا؟ ڇا اھو تمام وڏو سوال نھ
آھي؟.....
آئون سوچيندو، واساما کائيندو، پبلشر وٽ پھچان ٿو.
منھنجو پرابلم سؤ روپئي جو نوٽ آھي ۽ پبلشر کي
پوليٽڪس تي ڪھاڻي گھرجي، جنھن ۾ نھ عشق ھجي نھ
سيڪس. آئون اھڙي ڪھاڻي لکي ويندس، واھيات ئي سھي،
لکي ويندس. پوليٽڪس تي، فرمائشي ڪھاڻي، سؤ روپئي
نوٽ لاءِ. سؤ روپيو مون کي پيٽ لاءِ نھ، اھنسا
پرابلم لاءِ گھرجي. ساري..... پيس پرابلم لاءِ ۽
پروفيشنل ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ کان پوءِ، صبح جو ٻارھين
وڳي ڪھاڻي ڏئي، سؤ روپيو وٺي، دوستاڻي چانھھ واري
ڪچھريءَ کان پوءِ اپي خان ٿي وڃڻ جي ڳالھھ ڪري،
آئون گھر پھچان تھ ناني مئي پئي آھي. ٨٠-٩٠ سالن
جي ناني. زندگي!...... موت!....... سؤ روپيو،
ڪھاڻي، اھنسا پرابلم. موت ڪيڏي تھ ان نيچرل شيءِ
آھي. ھاڻ تھ موت تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي. آخر کربن جي
تعداد ۾ جنريشن ٽو جنريشن، ماڻھو ڪيستائين مرندو
رھندو؟ ڇا اھو تمام وڏو سوال نھ آھي: ڪنٽرول آن
ڊيٿ؟ ان دي ورلڊ آف سائنس، ڪنٽرول آن ڊيٿ، از ناٽ
اين امپاسيبل مشن. آئون ناني جي پٿر تي پنج منٽ
ويھي ڪھاڻي لکڻ لاءِ ھليو وڃان ٿو ۽ پبلشر جي ڏنل
سنڌ جي پراڻي نقشي کي ھڪ گھمرو غور سان ڏسي،
ڏونگھي ڪشمش کائيندو، ننڍڙي پٽ عشقوءَ کي آر.سي.سي
جاءِ مان وٺي، پنھنجي ننڍپڻ واري ساٺيڪو سال پراڻي
ٽيڪاھينءَ جاءِ ۾ اچان ٿو، جنھن ۾ بجليءَ جو بلب
ٻن چئن ڏينھن کان لڙڪايل آھي، چوريءَ جي بجلي.
ايڏي ٿڌ ڪانھي، پر عشقوءَ جو نڪ بند ڏسي وونڻاٺين
کي ميڙي دونھين دکايان ٿو.
عشقو ٽن سالن جو آھي. ڏاڍو تنگ ڪندو آھي. چوندو
آھي گانو ٻڌاءِ، لو مي ٽينڊر، لو مي ٽرو. مون کي
ھيکل پٽ آھي. آئون سندس ھر ضد پوري ڪندو آھيان. ھو
ڳائي ڳائي نچي نچي چوندو آھي گانو ٻڌاءِ، لو مي
ٽينڊر ۽ آئون بھ جھومي جھومي ڳائيندو آھيان.
ڳائيندو آئون سٺو آھيان ۽ ان تي ناچ راڪ ۽ رول ھو
سٺو ڪندو آھي. نيٺ بھ تھ ٽيليويزن جي دور جو ٻار
آھي. منھنجي غربت جيڪڏھن کيس ڪا سئنيما اسڪوپ فلم
نھ ڏيکاري سگھي آھي تھ ڇا ٿيو، ٽيليويزن تھ سڄي
ڳوٺ ۾، گھر گھر ۾ آھن. مون کي سندس ناچ الوز پرسلي
جيترو ئي وڻندو آھي ۽ ڳائڻ بھ.
نانيءَ جي موت سبب پنھنجي ٻالاپڻ جي گھروندي ۾
ٽيھارو سال کان پوءِ اچي کن لاءِ سن ۾ اچي وڃان
ٿو. ساروڻا سانوڻ جي سنڌوءَ جيان ڊوڙندا ٿا اچن.
تيرھن چوڏھن سالن تائين جي ٻالاپڻ جي ساري سانڀر
جا ساروڻا.
مٿي، ڪاٺ جڙيل ڇت ڏانھن نھاريان ٿو. ڇت مون کي
اوترو ئي سھڻي پئي لڳي، جڏھن مان ٽن چئن سالن جو
ھئس، تڏھن ان ڇت جي ھڪ دارسي ۾ رنگين ڪچ موتين جو
ٻن – ٻن پکن وارو ھوائي جھاز ٽنگيل ھو، مون لاءِ
الا، ڪيڏو نھ سھڻو جھاز ھو! ضرور ڪنھن وڏي آرٽسٽ
جو ٺاھيل ھوندو. اھو جھاز ھينئر ڇت ۾ لڳل ناھي تھ
ڇا ٿيو، منھنجي ساروڻن ۾ تھ آھي. ڪي ڪي ساروڻا
ساڀيان کان وڌيڪ سھڻا ۽ چٽا ھوندا آھن.
وري ھيٺ ڀت ۾ لڳل پيتين رکڻ جي سگھي پيتي تکتي کي
ڏسان ٿو، جنھن تي اڄ بھ ٽي وڏيون پيتيون رکيل آھن،
پر ساروڻن جون پيتيون ڪيڏيون نھ سھڻيون ھيون! ڪاٺ
جون. چون ٿا، انھن مان ھڪ پيتي سدائين منھنجي لاءِ
بادامن ۽ ٻي ڊراءِ فروٽ سان ڀريل ھوندي ھئي. مون
کي بدامن جو سواد تھ ياد ڪينھين، باقي ننڍپڻ ۾ پنڊ
پھڻ ٿيل بادام ياد اٿم، جيڪي ننڍپڻ ۾ فاسلز لڌا
ھئم. ان ٻالاپڻ ويلا ۾ مون چرئي چرٻٽ ٻھراڙيءَ جي
ٻار کي ڪيھي خبر تھ اھي فاسلز آھن، تمام قيمتي! بس
مان تھ تماشي ڏسڻ لاءِ ماڻھن کي انھن پنڊ پھڻ جھڙن
بادامن سان ذلبو ڏيئي مزو ماڻيندو ھئس. اھي
ٻاويھارو کن بادام مون لاءِ ڏاڍا مزيدار ھئا. مان
انھن کي ٽجوڙيءَ ۾ لڪائي رکندو ھئس. ان لاءِ تھ
اھي پھڻ منھنجي زندگيءَ جي بھترين ڪليڪشن ھئي.
اھا ٽجوڙي تھ مون وٽ آھي، پر اھي بادام ڪينھن.
ٻيون بھ الاھين شيون کٽل آھن. منھنجي ڍڳن جا ڪي
جنسار رھجي ويا آھن. سوچجي تھ زندگيءَ ۾ ڪيڏي نھ
ھڪجھڙائي آھي. ڪيڏي نھ سسٽميٽڪ آھي زندگي! اڳي بھ
آئون ڪليڪٽر ھئس ۽ ھينئر بھ ڪليڪٽر آھيان. منھنجي
پسند بھ ھوائي جھاز رانديڪو ھو ۽ منھنجي پٽ جي
پسند بھ ھوائي جھاز رانديڪو. منھنجي گھر ۾ ھينئر
بھ روسي ميراج جھاز جو رانديڪو نھ بلڪ ڊيڪوريشن
پيس رکيل آھي، جنھن سان صبح ساڻ اٿي، منھنجو پٽ
راند کيڏندو آھي ۽ وري پنھنجي جڳھھ تي رکي، گانو
ڳائيندو آھي، آل دي اسٽارز، آل دي استارز.
پر ترسو، اوھان سمجھيا ھوندا تھ آئون ڪو وڏو امير
ماڻھو آھيان، منھنجي گھر ۾ دنيا جو بھترين رانديڪو
رکيل آھي. آئون مڃيان ٿو تھ اھو موجودھ دنيا جو سڀ
کان بھترين رانديڪو آھي، پر مون اھو خريد نھ ڪيو
آھي. ھڪ آرٽسٽ دوست مون کي پٽ لاءِ پنھنجي ٽين ايج
جو ٺاھيل ماڊل سوکڙي ڪري ڏنو ھو. (پاڻ گھري ورتو
ھيومانس)
آئون چوان ٿو ساروڻا بھ ڇا آھن، ماڻھوءَ کي ڪٿان
جو ڪٿان وڃيو ڪڍن. ٻاھر نڪري سامھون ننڍي ڀاءُ جي
ستر ھزارن ۾ ٺھرايل اڌوگابري وڏي جاءِ ۾ نھاريان
ٿو. اڳي اتي منھنجي ڳئن، مينھن، ٻڪرين ۽ رڍن جا
واڙا ھئا ۽ ھاڻ رڳو ھڪ ڪتو، ٻيو ان ڪتي جي گلرن جو
ھڪ جوڙو آھي.
ساروڻا بھ ڪيڏا نھ سلوڻا آھن. جڏھن اچن، ماڻھو ذھن
جي اننت پاتارن جي ٽوٻار ۾ ھليو وڃي. مون وٽ تھ
ڀلوڙ ڍڳن جو جوڙو بھ ھو. ھڪ ڍڳو تھ موھن جي دڙي جي
سيل واري وڏي ٿوري واري ڍڳي کان بھ سگھارو، وڏن
سڱن وارو. ڍڳو ناھي تھ ڇا ٿيو، ان جي چھري جي جڙاو
جو ڀرت ڀريل ساڄ تھ مون وٽ ٽجوڙيءَ ۾ موجود آھي.
الوءِ، ڏسي ڪيڏي نھ اربيلي نرواڻ جيھي سانت ملندي
آھي. ھر ڪا شيءِ پنھنجي اندر م ڪيڏي نھ ڪھاڻي آھي.
ڇا منھنجي ڍڳن جي اڄ تي ڪھاڻي نٿي لکي سگھجي؟
ٽجوڙين ۾ تھ سون ۽ روپيو رکبو آھي، نھ ڍڳن جا
پراڻا ساڄ. گھر آھي ڪين فرانس جي الري ميوزيئم جو
ڪو ننڍڙو خانو.
ھون – ڪھاڻي ......، پاليٽڪس تي ڪھاڻي. نو رومانس،
نو سيڪس، آرڊر از آرڊر......
ھان – ڇا آج مان ھن گھر ۾ اچي ڏاڍو رومانٽڪ ٿي ويو
ھيس. چاھيم پئي تھ زال سان سيڪس انجواءِ ڪريان، پر
ھوءَ ويچاري اٻوجھھ، ھن کي ڪھڙي خبر تھ وھانءَ ويل
پھرين رات اسان ان گھر ۾ ھني مون ملھائي ھئي ۽ اڄ
رات، چوويھن پنجويھن سالن کان پوءِ، ان ساڳئي گھر
۾، ان ساڳي ڇت ھيٺان ايڏي نويڪلائي!
جڏھن تھ سڀ ماڻھو پوڙھي نانيءَ جي مرتبي تي ويا
ھجن. جيون ۾ چوويھن – پنجويھن سالن کان پوءِ ساڳي
کٽ، ساڳيو جنڊيءَ جو ھندورو. بس ڪا شيءِ واڌارو
آھي تھ اھو چئن سالن جو سڪيلڌو ننڊ ۾ الوٽ ۽ الوپ
ٻار. ايڏو نويڪلائي ۽ تن چئن سالن جي پٽ جي
ورکائون ڏيندڙ نرواڻڪ آسيس. منھنجي زال نانيءَ جا
ڏک ۽ ڏنجھھ کنيو ويٺي آھي. چوانس پيو تھ گڏھ، ھن
جا تھ پير بھ ھاٿي روڳيءَ جيان سڄي پيا ھئا. نھ
ويڄ نھ طبيب. ھن کي تھ پاڻ نوي سالن کان پوءِ
نرواڻ ملي آھي. اج دل ٿي چوي نانيءَ تي ڪھاڻي
لکان، الا، اھا منھنجي لائيف جي بھترين ڪھاڻي
ھوندي. چوي ٿي:
”ٻوٿ، ڪھاڻيون..... ھڏ تھ سڪائي ڇڏيا اٿئي پنھنجا،
ڇڏ انھن کي، چريو تھ نھ ٿيو آھين.“ آئون ڳراٽي ٿو
پايانس.
”مئا ڌيان ڪر، شرم ڪر، ھندن ۾ بھ ٽي – چار ڏينھن
مئي جو ادب ڪندا ھوندا.“ ھوءَ ڪاوڙجي بِر ٿي نڪري
ٿي وڃي.
”پوڙھي...... حرامزادي.....“ آئون گاريون ڏيندو
رھجي ٿو وڃانس.
ڪھاڻي..... ھون ڪھاڻي، ناني تھ وڏي ڪھاڻي ھئي. پر
نو سيڪس، نو لو، اونڪلي پوليٽڪس، پيور پوکيٽڪس.
سوچيان ٿو پيور پوليٽڪس تي ڪھاڻي لکڻ ڪھڙي وڏي
ڳالھھ آھي، پر اڄ جي رات تھ موت تي ڪھاڻي لکڻ جي
آھي، جڏھن تھ سائنس جي دنيا ۾ ڪنٽرول آن ڊيٿ از
نات امپاسيبل مشن تھ پوءِ مانھو مرن ڇو پيا؟ جڏھن
تھ سائنس جي دنيا ۾ نيوٽران بم اچي ويو، پر ڏاٺ جي
سور لاءِ اڃا تائين ڪابھ سٺي دوا نھ ٺھي سگھي آھي.
اڃا تائين ڏندن تي ريسرچ جاري آھي. موت تي تھ
ڪنٽرول جي ڳالھھ ئي پري ٿي. ان جا ڪنھن سبب سوچيا
آھن، ان تي ڪنھن ريسرچ ڪئي آھي؟ ۽ اوھان جي چئو تھ
موت تي قبضو ڪري سگھجي ٿو تھ ماڻھو اوھان تي
کلندا. ريسرچ ھا، جاري آھي. شيم..... شيم......
شيم......
ٺيڪ آھي، آج ڪھاڻي نٿو لکان، ڏسان سڀاڻ منھنجو مٿو
ڪيئن ٿو ڀڃي. ڇا مان پراڻي ليٿو مشين آھيان، جنھن
کي جڏھن گھمائيندا وڃو ۽ ڪھاڻيون ڌڙا ڌڙ نڪرنديون
اينديون..... ٺيڪ آھي، سڀاڻي چوندوسانس پيور
پوليٽڪس معنيٰ پيور ڪوڙ. دس از ناٽ دي ٽائيم آف
پاليٽڪس. اِٽس اوور، آل اوور. نائو اٽ از ٽائيف آف
آرٽ، پيور آرٽ، نٿنگ ايلس. ٽوڊي دي يونيورس نيڊس
ٽالسٽاءِ، ھرمن ھيس، پرل ايس بڪ، ٽئگور، شاھ، سچل،
ھٽلگر، گوبل، چرچل، ڊيگال، اسٽالن، خروشچيف،
ڪينڊي. دي آر ان وانٽيڊ پيپلز نائو. نو پاليٽڪس،
نو ويپنس، نو مور آرگيومينٽس، جنٽلمين!
ھون – ٺيڪ آھي، ائين چئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندوسانس. سؤ
روپيو جيڪي مون کي ڏيندو، ان جي مون کي بھ خبر
آھي. باقي سنڌ جو نقشو مون کي گھر ۾ چوريءَ جو ئي
سھي، رکڻ جو حق ناھي ڇا؟ آئون ساڳي ڪھاڻي ڇو نھ
لکان؟ ۽ آئون پنھنجي مرضيءَ جي ڪھاڻي لکي، لت کوڙي
سمھي رھان ٿو.
پولارن پاتالن ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو
ڪرن مشين راڦي ۾ ڦاٿل آھي.
چوڏس ڦھليل ڄانڀي جي سھس کيتن ۾ ڦاٿل سوئي گئس
لائين کوٽيندڙ بڪيٽ ڪرئن مشين، جنھن کي ڪڍڻ لاءِ
سوئي گئس جا سڀ آفيسر، انجنيئر ۽ ٻيا ٽيڪنيشن گڏ
ٿي ويا آھن ۽ کيتن ۾ ڏاڍا ٽيلار ڪريو، پيا مشين کي
ڪڍڻ جي اپائن تي ڳالھيون ٻوليون ڪن ۽ ھو – ھو عيش
۾ آھي. ڪرئن جي ڊگھي ڊگھي سونڍ مٿان ويٺو،
ماسترياڻيءَ جا پنڌ ۽ ڀيرا ڏسي. نيري ڀرتل وڳي ۽
اجرڪ ۾ ويڙھيل سيڙھيل گٽڪي مٽڪي ماستياڻي ۽ کن
لاءِ ھو پري کان ايندڙ ماسترياڻيءَ ۾ نھارڻ ۾
کوئجي ٿو وڃي. ڄڻ ڪا ٻي دنيا آھي. سپني جيھي يا
ڪنھن سٺي رنگين نگريزي فلم جيھي.
چوڌاري نيڻ نھار تائين ڦھليل کيت آھن. ماسترياڻي ۽
ان جي اڳيان پٺيان تکا تکا ھلندڙ پنج – ڇھھ اسڪولي
ٻارڙا، پتڪڙا. ھو سوچي ٿو: ”ھلي ڇا ٿي، جھڙو ڊيل
ٻچا چڳائڻ کان پوءِ ڀوڏيسر جي تڙاو ڏانھن وڃي رھي
آھي.“ ۽ نيٺ ڪرئن جي بڪيٽ ۾ بيٺل ڪلينر ڀڻڪي ٿو:
”ير، تو وارو پکي اچي پيو.“
”اڙي چپ ڪر پکيءَ جا ٻچا. ھيءَ جا لالوءَ واري لوڌ
مٿان اچي بيٺي آھي، ويندي بھ يا نھ؟“
”سائين، ڪرئن تي فيصلي ڪرڻ کان سواءِ اھا لوڌ ڪيئن
ويندي؟“ ”پر راڦي ۾ ڦاٿل مشين جو کيتن ۾ ھلندڙ عشق
سان ڪھڙو واسطو؟ اڙي ھي آفيسر وڏا جھرلو ٿئي.
ٻاھران جيترا پوش پاتل، اندران اوترا ئي ننگا. گگ
وھيو وڃين پرائي عورت ڏسيو. الاھين ڏينھن کان فلم
ڪانھ ڏٺي اٿن، بس پاڪستاني فلم جو سين ٿي ويندو.
بابا جھنگل ۾ منگل.“ ڪلينر کيس ٽڏون ٿو ڏئي ۽ ھو
مٿان ڏند ٿو ڪرٽي: ”اڙي مان آفيسرن جي پرواھ نھ
ڪندو آھيان، پر ھو ٿلھو اسيريڊ آفيسر آھي نھ، اھو
منھنجو سؤٽ ٿئي، ڏاڍي خواري ٿيندي. تنھن ڪري لڪ
لڪوٽي ڪرڻي ٿي پوي.“
”اھا ڳالھھ آھي. آئون بھ چوان آفيسر پٽ تي ۽ اسٽور
ڪيپر آسمان تي.“ ڪلينر جي ڳالھھ تي ھو مشين جي
سونڊ ھيٺان بڪيٽ روپ ۾ تيزيءَ سان لڙڪندو ھيٺ لھي
ٿو ۽ ھن جي ان ريت لڙڪندي لھڻ تي ڪلينر ڪاوڙجي ٿو:
”اڙي ميان، ائين تھ مارائي وجھندين، ٽنگ ٻانھن ڀڄي
پوئي تھ! ميان، آفيسر جو ڀاءُ ھوندين تھ پنھنجي
لاءِ ھوندين.“ گئس ٻڏاڻو ڪارو ڪارو ڪلينر ڪاوڙجي
ٿو وڃي.
”اڙي، ڀاڙين جون ٽنگو ٻانھون آھن جو ڀڄنديون.“ ھو
ٿڌو ساھ ڀري ماسترياڻيءَ ۾ نھاري ٿو ۽ وري ڏاڍي
ايلاز مان ڀڻڪي ٿو: ”يار، اھا ٻانھن منھنجي ٿئي.
ان رن کان سواءِ آئون لولو لنگڙو آھيان.“ ھو ڪرئن
جي لوھي رسي ۾ ھٿ وجھيو، ماسترياڻيءَ ڏانھن ڏاڍي
موھ سان نھاريندو ٿو رھي.
”الا، مون کي تھ اھا انھن سمورن ٻارڙن سميت قبول
آھي. يار قرآن، ڪجھھ ڪر نھ. الا ڏاڍا سھڻا ٻار ڄڻي
ڏينديم.“
”اڙي واھ، ھاڻ سوئي گئس ۾ ٻيا ڪم کٽا آھن جو ھاڻ
وري اھو ڌنڌو بھ ڪريون؟“ ڪلينر چڙي چوي ٿو.
”نھ يار، تون تھ ھروڀرو پيو پاڻ کي گاريون ڏين. ڏس
يار، ھيئن ڪر نھ، ھيءَ راڊ کڻي، ھن پاسي ڄارين ۾
وڃي بلا مار.“ ھو ڏاڍي منٿ مان ٿو چوي.
”بلا ماريان، اڙي ڪچي ڀنگ کائي ويو اھين ڇا بوبڪ
جي؟!“
”يار ڏس، مرس ٿي، اصل ڌوڌڙ ۾ ڌٻڙاٽ وجھي ڇڏي، اصل
وڻن ۾ واڪا، ايمان سان ھي سوئي گئس لائن وڇائڻ کان
سواءِ ڪجھھ بھ ڪين ڄاڻن. مئل بلا ڏسڻ لاءِ ھڪ
ساھيءَ ڊوڙندا ايندءِ.“
”پر ڀلا ڪٿان ايندي! اڙي پوپا تھ ڪين ٿو کائين؟“
”يار تون بھ عجيب گڏھ آھين، چئجانءِ ڏرڙ ۾ گھڙي
ويئي آھي.“
”پر ميان، آئون اھا ڪٽڻپڻي جي ڊيوٽي ڇو ڏيان؟
سڀاڻي تون سڄي لير ۾ ڍنڍورو گھمائين تھ ادروءَ سان
مون ھيئن ڪيو. اڙي مون کي خبر آھي، تون وڏو پلستر
آھين.“
”توبھن ڀلا آئون ڪو بري نيت سان پيو وڃان يا ڪو
منڊل پيو ڪريان؟ اڙي ڪڏھن تھ ڪنھن عاشق جي دعا کٽ.
ايمان سان نھ تھ مون کي بلئڪ ميل ڪرڻ بھ ايندو
آھي.“
”اڙي ھا ھا، ڀاڙين جا اٺ ڪاھيا ھوندءِ. بلئڪ ميل
ڪرين يا وائيٽ ميل.“
”ڇو ڙي، مون کي خبر ڪانھي ڇا تھ مشين ڪيئن ڦاٿي
آھي؟ استاد نمن جي ڇاون ۾ آنند فرمائي ۽ شاگرد
ھاتار جيڏي مشين ھلائي. اڙي تو وارو استاد بھ سڪ
ٿي ويندو، مون کي سڄي خبر آھي، مشين ڪيئن ڦاٿي
آھي.“
”يار تون تھ ڪو وڏو حرامي ماڻھو آھين!“ ڪلينر راڊ
کڻڻ لاءِ وڌي ٿو. ھو بڪيٽ ۾ بيچين بيٺو اڃا بھ
نماڻائيءَ سان کيس ايلاز ڪري ٿو تھ متان ڪٿي ڪلينر
ڦري نھ وڃي.
”يار، سنگت ۾ ايترو بھ نھ وھندين ڇا؟ قرآن، ھڪ ئي
ملاقات سان منھنجا چوڏھن ئي طبق روشن ٿي ويندا
آھن. مڙس ٿي ڀاڙيا. ڪونھ ٿيون ٻروچن واريون
ڪھاڙيون لڳنئي.“
”ھا بابا، تنھنجو وقت آھي، جيڪو حڪم.“ ڪلينر ھن ۾
خار مان نھاريندو ٿو وڃي ۽ ھو سوچي ٿو تھ ھني –
مون جي پھرين چمي انھيءَ مشين جي سونڊ مٿان نھ
ڪريان تھ سمجھندس مڙس ئي نھ اھيان ۽ مشين جي اوچي
سونڊ ۾ نھاريندو مرڪي ٿو پوي. اوچتو ڪلينر جي
ڀڻڪاٽ تي ھو ڏانھن نھاري ٿو. ڪلينر ويندي ويندي
موٽ کائي آيو آھي:
”ٿڪ ٿئي ڀاڙيا، پرائي ڇوريءَ لاءِ سنگت ٿو سٽين،
پڇنئي تھ ٽڪي تي بھ ڪانھ ٿي.“
”حرامي، ٻھ لٺيون ڌڌڙ ۾ ھڻندي ٻرو چڙھندءِ ڇا؟“
”اڙي، پر اڳيان بھ ڪت خلق آھي آفيسرن جي.“
”پوءِ ٽرڙا وري مون سان ٻٽاڪ نھ ھڻجانءِ تھ ھيئن
ڪيوسين، ھونئن ڪيوسين.“ ان ڳالھھ تي ڪلينر ڪرٽيون
کائيندو گم ٿي وڃي ٿو ۽ اوچتو وڻن ۾ واڪا پيدا ٿي
ٿا وڃن ۽ ھو اک وٺي ٿيڙ کائي ٿو وڃي، ماسترياڻي جي
دڳ جھلڻ لاءِ ۽ کيتن ۾ ھڪ ڇورو ۽ ڇوڪري ھڪ ٻئي
سامھان اچيو وڃن.
”ليڊي، ھائو آر يو؟“ ھو سرنھن جا پن چٻاڙيندي ٿو
چوي.
”تون آھين ڪير؟.... تون اھو ست ڪيئن ٿو
سارين!....؟“
”توکي ڏسيو پاڻ پيدا ٿيو وڃي.“ ھن جي ڳالھھ تي کن
لاءِ ماسترياڻي بيھي ٿي وڃي ۽ نھايت ٿھمر سان ٿي
ڳالھائي: ”ٻڌ، مون کي ھيڻي ۽ ھيکل عورت نھ سمجھھ.
مان پنھنجي مرم ۾ ٿي مران، نھ تھ کاڄين ڇا
سان!......“
”ڪچو کائي ڇڏ نھ مون کي.“ ھن جي نيڻن ۾ جادوءَ
ھاڻا موھ ڀرجي ٿا وڃن.
”ڏس، شانائتي ڳالھھ ڪر. ڪنھن اڄاتل عورت جي ائين
واٽ جھلڻ اشرافن جو ڪم نھ آھي. سچ، تون مک مان
ڪوجھو نٿو لڳين.“
”ان لاءِ تھ مان اندران بھ ڪوجھو ۽ کوکلو نھ
آھيان. آئون..... آئون راڄ ڀاڳ وارو ماڻھو آھيان.“
”تڏھن سدائين ڪرئن جي چوٽيءَ تي لڙڪيو پيو ھوندو
آھين. ھڪ غريب ماسترياڻيءَ کي تنگ ڪندي توکي رتيءَ
جيترو بھ ڪھڪاءُ نٿو اچي.“ ھن جي ڳالھھ تي ھو چوٽ
کائي، وڏي شوڪاري سان ڏانھس نھاري ٿو.
”غريب؟ تون جي مھاراجا جي ڌيءَ بھ ھجين ھا،
قرآئون، آئون تنھنجي واتن ۾ ائين ڊوڙندو اچان ھا،
گھور اچان ھا. کڻي وڃان ھا توکي.“
”ڇو؟.....“ ھوءَ ڏاڍي بيزاريءَ سان ھيڏانھن
ھوڏانھن نھاري ٿي تھ ڪو ڏسي تھ ڪونھ ٿو.
”شايد ان لاءِ تھ منھنجي..... منھنجي ذھن ۾، سپنن
۾ جنھن ڇوڪريءَ جا ساروپا ويٺل آھن، سا تون آھين.
تون ساڳي اھڙي آھين.“
”ڏس، توکي ڪجھھ بھ نھ ملندو، ڇو ٿو منھنجي روزيءَ
تي لت ھڻين. ھي تھ ”مروئان موت، ملوڪان شڪار“ واري
ڳالھھ آھي.“ ھوءَ روئي ٿي پوي ۽ ھو وائڙو ٿي منجھس
نھاريندو ٿو رھي.
”ڇو..... تو روئي ڏنو! ...... ڇو؟......“
”.........“ جواب نھ پائي ھن جي اندر ۾ ڄن وڏا
پولار پاتار ٿيو وڃن ڏکن جا.
”نھ روءِ، ٺيڪ آھي وري ڪونھ ايندس. تو آڏو وري
ڪڏھن ڪونھ ايندس. ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ تنھنجي
جيون ۾ ڇا آھي ۽ آئون ڇا پيو ڪريان؟ مون کي تھ
ايتري بھ خبر ڪانھي تھ تون ڪنواري بھ آھين ڪي
نھ!...... آئون معافي ٿو گھران!“
”مھرباني“ ۽ ماسترياڻي اڳتي وڌي وڃي ٿي ۽ ھو مڙي
نھارڻ لاءِ لوھاتجي ويندي بھ مڙي ماسترياڻيءَ ۾
نٿو نھاري ۽ پويان پير ڪري ٿو. وک وک تي ڄڻ ڪاريھر
جا ڏنگ ٿو کائي.
موٽندي ھن کي ڀاسي ٿو کيت، آڪاس ڦرن ٿا. کيس، کيت
ناھن، الائي ڇا آھن!
ھو موٽ کائي دوڙندو تڪڙو ڪرئن ۾ چڙھي ٿو ۽ ساھ ۾
مونجھھ محسوس ڪندي ھو ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي ڪرئن
جي بڪيٽ ليور اپ ڪري ٿو. لوھي رسن جي ڇڪاو سان
بڪيٽ مٿي کڄندو ٿو اچي. ھو ھڪدم بڪيٽ ليور ڊائون
ڪري ٿو. ڀاري ڌوٿي سان بڪيٽ ھيٺ ڪري ٿو، ڌرتي ڄڻ
ڌٻي ٿي پوي ۽ ھو روئي ٿو پوي، ننڍڙن ٻارڙن جيان!
|