س: توهان جو سماجي ۽ سياسي شعور جيڪو آهي. اهو
ڪنهن جي صحبت ۾ نکريو؟ يا اهو رخ توهان جي طبيعت
کي ڪٿان مليو، جنهن ڪري اڄ ابراهيم جويي جهڙو
دانشور ۽ باشعور مفڪر اسان جي سامهون آهي.
ج: پهرين پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته جو ڪجهه آءُ
آهيان، ڀلو يا برو، اياڻو يا سياڻو، ان لاءِ
منهنجا مانائتا معصوم پورهيت ڏاڏي ۽ ڏاڏو، جادُل
ٻائي ۽ آخوند محبوب، منهنجي دعائن جا حقدار آهن،
جن وٽ آءُ ڄائس ۽ جن مون کي نپايو، پاليو ۽ وڏو
ڪيو. انهن سان منهنجي پياري مظلوم ماءُ، ڪامل
ٻائي، اوتري ئي حصيدار هئي. افسوس، هوءَ مون کي
ڄڻي، پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ پکڙيل
موذي وبائي مرض جي ڇڀيٽ ۾ اچي منهنجي نالي چڱي
پيءُ، محمد، جي گذاري وڃڻ ڪري،بيوهه ٿي ۽ ترت ئي
اسان کان الڳ ڪئي وئي. ٻئي گهر ۾ هن کي ڌيءَ ۽ پٽ
ڄاوا. انهن به سک ڪونه ڏٺو. ڪي شاديون خوشيءَ جا
ڇٽ آڻين ٿيون، ڪي ڏکن جون ڀريون ماڻهن کي،اسان وٽ
خاص طرح عورتن کي، پنهنجي بار هيٺ چچي ۽ پوري،
مٽيءَ سان مٽي ڪري ٿيون ڇڏين. منهنجي ماءُ جو هيءُ
ڏک مون لاءِ سڄي عمر جو ساکي ۽ ساٿي رهيو آهي.
تنهن کان پوءِ آءُ پنهنجي پياري استادن، سائين
ٽيڪن مل ۽ سائين محمد صالح، ۽ پنهنجي ڳوٺ جي سڀني
ماڻهن، مائٽن ۽ ٻين جو دعاڳو آهيان. جن کان مون کي
تمام گهڻو پيار مليو ۽ جن کان مون زندگيءَ جا وڏا
وڏا ۽ پائدار سبق سکيا. لڪيءَ کان سنڌي ڇهين درجي
پاس ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ڏاڏي مون کي نئين سن شهر
۾ محترم سائين جي.ايم.سيد هٿان نئين برپا ٿيل
اي.وي اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو. ان
ڏينهن کان وٺي، سائينءَ محترم پنهنجي آخري دم
تائين منهنجي علمي، اخلاقي ۽ سماجي زندگيءَ جي
اوسر تي پنهنجي پرگهور ۽ نظر فيض اثر جي عنايت
قائم رکي. سن کان پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ آءُ
ڊاڪٽر يو. ايم. دائود پوٽي ۽ پنهنجي ٻاجهاري
استاد، سائين عبدالقيوم شيروانيءَ جي مهربانين سان
فري بورڊر ٿي رهيس. ڪراچيءَ ۾ ئي ڪاليج جي تعليم
دوران خاص طور ڪاليج جي پرنسيپال درويش صفت، فقير
منش سائين اين.بي ڀٽاڻي صاحب جي تربيت کان فيضياب
رهيس. بي اي جي تعليم کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ استاد
هجڻ جي دور ۾ مون سان قاضي خدا بخش ۽ خانبهادر
غلام علي نانا صاحب، جيڪي ٻئي مختلف وقتن تي سنڌ
مدرسي بورڊ جا سيڪريٽري رهيا ٻنهي ۽ انهيءَ طرح
آخر ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه، جيڪو منهنجو دوست،
قريب قريب هم ڪلاسي به هو، تن مون سان وڏا ڀال
ڀلايا. ائين اڄ تائين آءُ پاڻ کي خوشنصيب ٿو
سمجهان، جو لڳاتار مون کي چڱن ماڻهن، باعمل ۽ بلند
اخلاق شخصن جي رهبريءَ، سرپرستيءَ ۽ سنگت ۾ رهڻ جو
شرف حاصل رهيو آهي.
منهنجي سماجي ۽ سياسي شعور جي باري ۾ جيڪا اوهان
ڳالهه پڇي آهي، ان بابت ضرور اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ
چاهيندس. جيتري پوئتي منهنجي ياد وڃي ٿي ته اسان
جي سڄي تر ۾ سيدن، پيرن ۽ زميندارن جو ئي زور هو،
جيئن گهڻي قدر اڄ به آهي. اُهي تقريبن سڄيءَ زمين
جا مالڪ هئا، انهن جي عزت هوندي هئي. سڄي هلندي
پڄندي هئي ته انهن جي هئي. اسان جا مائٽ ۽ ڳوٺن ۾
رهندڙ ٻيا اُنهن جهڙا سڀ عام ماڻهو ڪنهن ليکي ۾
ڪونه هئا ۽ نه هاڻي ئي آهن. ڏاڏو منهنجو ۽ ’آباد‘
ڳوٺ جا چڱا مڙس به سيدن، پيرن ۽ زميندارن وٽ هيٺ
منجين تي ويهندا هئا ۽ عام ماڻهو انهن وڏن ماڻهن
جي پيرن تي هٿ رکي نوڙي ملندا هئا ۽ هيٺ تڏن تي يا
پٽ تي مٽيءَ ۾ ويهندا هئا. هڪڙي ڀيري، استاد ٽيڪن
مل چيو ته ”ابا! ماڻهن جي برابريءَ جي ڳالهه اسين
اسڪولي ٻار، ڪاليجي شاگرد، خاص طرح شهر ۾ رهندڙ ۽
پڙهندڙ اڪثر ٻڌندا، محسوس ڪندا ۽ سمجهندا رهندا
هئاسين، ۽ اڄ به ائين ئي ٻڌبي، محسوس ٿيندي ۽
سمجهبي ٿي رهي.
ٻيو هيئن ٿيو، جو تن ڏينهن ۾ اسان وٽ هندن ۽
مسلمانن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پئي. لڪيءَ کان ٻه ميل
کن اولهه اُتر پاسي، کيرٿر جبل جي لڪي شاخ، ۾
گندرف گاڏڙ پاڻيءَ جا چشما، جبل مان هيٺ پاڙ ۾
آهن، جن ۾ اُهو پاڻي اُٻڙڪي نڪرندو ٿي رهيو ۽ اڃا
به نڪري ٿو. انهن چشمن ۾ ڦٽن ڦرڙين وارا ماڻهو،
وڏا ننڍا، زالين مردين، ايندا ٿي رهيا، جيئن هاڻي
به ايندا ٿا رهن، ۽ ٻن چئن ڏينهن جي ان گرم گندرفي
پاڻيءَ ۾ وهنجڻ، سنان ڪرڻ، سان ڦٽ ڦرڙيون انهن جون
سُڪي ٿيون وڃن. اتي پري کان ايندڙ ماڻهن جي رهائش
جي سهولت لاءِ هندن جا مسافرخانا به هئا ۽ مندر به
هئا ۽ هاڻي به آهن. ان سڄي چشمن جي مانڊاڻ کي ڌارا
تيرٿ يا ڌاراڻ چئبو هو ۽ هاڻي به چئجي ٿو. لڪيءَ ۾
هندن جي شو جو ميلو ۽ مسلمانن طرفان شاهه صدر جو
ميلو به سال ۾ هڪ ڀيرو لڳندا ئي رهيا. اوچتو اسان
هڪ دفعو ٻڌو، جڏهن لڪيءَ ۾ پڙهندا هئاسين، ته ڌارڻ
تي جبل واريءَ مسجد تان هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ وڙهي
پيا آهن. هندن ٿي چيو ته ڌارڻ جي چشمن تي مٿان جبل
جي ٽڪريءَ تي جاءِ، جيڪا پيڙهين کان آباد ڪانه
هئي، اُتي هاڻي ماڻهو اچي ويٺو آهي ۽ اُتي بيهي
ٻانگون ٿو ڏئي. هيٺ چشمي تي زالون وهنجن ٿيون، سو
اهنج ٿو محسوس ٿئي. هن اوچتي اٿيل اختلاف وڌي،
هندو مسلم تنازعي جي صورت ورتي، ۽ اُهو ڪيئي
مهينا چالو رهيو. لڪيءَ ۽ آسپاس جا مُلا، سيد ۽
پير هڪڙي پاسي ۽ هندن جي مندرن جا ٻاوا ۽ مهراج ۽
سيٺيون ٻئي پاسي، ۽ وچ تي سادا، ويساهي عام ماڻهو،
جوش ۾ اچي رٿوڇاڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا ۽ بيهندا
ٿي رهيا. پهريون ڀيرو ائين اسان جي تر ۾ هندو
مسلمان جهيڙي جو گهمسان ۽ چوٻول اُٿيو هو ۽
تقريبن وس کان ٻاهر وڌي ويو هو. ٽين ڳالهه جنهن
ڏانهن تن ڏينهن ۾ ڌيان ڇڪجي ويو هو. جيئن اڄ به
ڪافي حد تائين ڇڪيل ئي رهي ٿو، اها هئي پيريءَ ۽
مريديءَ جي ڳالهه. اسان جي ڳوٺ ۾ جيترا هئا پاڙا ۽
ذاتيون، اوترا هئا انهن جا پير ۽ مرشد، هر ذات يا
پاڙي جو پير پنهنجو! چار پنج پير ته مون کي اڄ به
ياد آهن ته اهي ڪيئن ايندا هئا. ڪي گهوڙن تي، ڪي
اٺن تي سوار، ڪي گهنڊ وڄائيندا ۽ ڪي وڏي واڪ ذڪر
جي سمهه لايون ۽ مولود چوندا ٿي آيا. پنج ست
ڏينهن ترسندا هئا. ماڻهن کان روڪڙ جي صورت ۾ ڏن
اڳاڙيندا هئا، ڍڳي، ٻڪري، وقتي ٻيو ڪو وهٽ، ويندي
اٺ، ڏاچيءَ تائين وٺي ٿيندا هئا راهي، وري ٻئي سال
سندس ساڳيو ڦيرو ٿيندو هو. ماڻهن کي ڦُري فقير ڪري
ٿي ڇڏيائون. سندن دعائون پُٽن ڄمڻ ۽ دشمن دفع ٿين
جون، ڦيڻا ڇنڊا، ڳانا ڌاڳا، پاکرون ۽ خليفائي
بحششون ڌار.
جيئن عمر ۾ وڌيس ٿي ۽ وڌيڪ ٿي علمي ڄاڻ ٿي، تيئن
انسان جي برابريءَ جي ڳالهه، مذهبن جي وچ ۾ نفاق
جي مسئلي ۽ پيري مريديءَ جي مامري سنڌي سماج جي
حوالي سان ذهن ۾ پختي جاءِ ٿي والاري ۽ سماج ۾
انهن جي اگرن نتيجن کان واقف ٿيندي، انهن جي حل
لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ من ۾ اڌما اٿندا ٿي رهيا.
س: توهين پاڻ هينئر اسان جي جديد سنڌي ٻوليءَ جا
سنواريندڙ سڌاريندڙ آهيو، ته ان سواريندڙ سڌاريندڙ
به ڪڏهن هٿ ۾ ڦرهي کنئي، ان کي ميٽ مکيو، ڪلڪ کنئي
يا مس ڪپڙي کڻي مڪتب تائين ويو؟ ڇا اهو احوال
ڏيندؤ؟
ج: ها، هُئي ڦرهي ، اسين ان کي ’پٽي‘ چوندا
هئاسين، ميٽ به هوندو هو، اسين ٻئي يا ٽئين درجي ۾
هوندا هئاسين ته اسان کي استاد ڪاري مس ٺاهڻ به
سيکاري. ڪانهن جي صاف تيلن تي چوندا هئا ته گهر ۾
ڏيئو ٻري ٿو، اُن جي ڪارٺ گڏ ڪيو . انهن ڏينهن ۾
عام ڏيئا ٻرندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ اسان وٽ تڏهن
لالٽين ورلي هوندا هئا. ڏيئن جي وٽ جي لاٽ مان
نڪرندڙ ڪارٺ گڏ ٿيندي هئي. ان ۾ ٿورو تيل ملائي،
گهمائي گهاٽو ڪري، تيلي مکي، اهي ڇانو ۾ سُڪائي ۽
پوءِ ڄميل ڪارٺ کرڙي، لاهي، مس ڪپڙيءَ ۾ ٿورو پاڻي
ملائي مس ٺاهيندا هئاسين. اکر سڃاڻڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ
پٽيءَ تان ۽ ٻاراڻي ڪتاب تان سکياسين. ظاهر آهي ته
پٽيءَ تي ميٽ ملڻ ۽ اهو وري لاهڻ به سکياسين.
پڙهڻ تي چاهه هو، استاد جو چوڻ مڃبو هو. ائين مس
ٺاهڻ ڪجهه ڪاريگريءَ جو به ڪم هو. استاد اسان کي
ٻيون سٺيون ڳالهيون سيکاريندو هو، جيئن’هلجي چلجي
ڪيئن، پاڻ ۾ نه وڙهجي، ڪوڙ نه ڳالهائجي، چغلي نه
هڻجي، ڪنهن جي شيءِ بنا گهري وٺڻ جي نه کڻجي، منهن
هٿ ڌوئي صاف رکجن، ننهن وڌن ته ماءُ کان يا ڪنهن
وڏي کان ڪترائي ڇڏجن، ماني کائي، گرڙيون ڪري، وات
صاف ڪرڻ وغيره وغيره.
س: توهان جون جيڪي تحريرون آهن، انهن کي اسين
توهان جي شعور جو پورهيو سمجهون ٿا. ڇا، ٻڌائي
سگهون ٿا ته اهو شعور پهرين ڪهڙيءَ تحرير ذريعي
سامهون آيو؟
ج: پهريون ادبي قسم جو مضمون جيڪو ننڍپڻ ۾ مون
لکيو هو، سو هو’پڃري ۾ بند پکيءَ‘ تي.ان وقت آءُ
ڇهون درجو پاس ڪري ستن درجي ۾ ويو هوس ۽ منهنجي
عمر 14 سال کن هئي. اهو مضمون ڪنهن جي پڙهڻ لاءِ
ڪونه لکيو هو. اهو مون پنهنجي لاءِ لکيو هو ۽ پاڻ
اهو مضمون پڙهندو هوس ۽ ويٺو جهڄندو هوس. اهو
مضمون مون ڇو لکيو؟ ڇا ڪاڻ ته ان وقت مون جنهن کي
پياري ۾ پياري شيءِ سمجهو ٿي، سا بند ۾ هئي. ان
مضمون ۾ ٻاراڻي ڳالهه مون ڏيکاري هئي ته پڃري ۾
بند پکي، بيوس ۽ هيڻو، ٻاهر اچڻ لاءِ پڃري جي تيلن
کي چهنبون هڻي هڻي، رتورت ٿي پوي ٿو ۽ آخر تائين
انهن کي ائين چهنبون هڻندي هڻندي هو پنهنجي جان
ڏئي ٿو ڇڏي. منهنجي اها پياري ۾ پياري شيءِ به
ائين پوءِ بند ۾ اڇلون کائيندي کائيندي، مري ويئي،
سڄي زندگي منهنجي دل تي اهو نقش قائم رهيو. قيد
جو، قيد ۾ اندر ماڻهوءَ جو ۽ ماڻهوءَ جي ڪم ۽ ڪوشش
جو ته قيد ڀڃي ۽ اتان هو ٻاهر نڪري. گهڻو پوءِ
انگريزيءَ ۾ مون پهريون مضمون لکي پنهنجي نالي ۽
سنڌ مدرسي، ڪراچيءَ جي ’ڪرانيڪل‘ 1946ع ۾ ڇپايو
هو:
`Democracy in School Administration`
هيءُ مضمون سنڌ مدرسي جي تڏهوڪي پرنسپال
Mr. KI. Thomas
کي ڏاڍو وڻيو هو. ان کان اڳ بمبئيءَ ۾ بي.ٽي لاءِ
پڙهڻ دوران مهيني ۾ انگريزيءَ ۾ مضمون سان
لاڳاپيل ٽن کان چار ڪتاب پڙهي هڪ مضمون لکڻو پوندو
هو، جيڪي ڇپائڻ لاءِ نه هئا، فقط ڪورس جي پورائيءَ
لاءِ ضروري هئا. جڏهن 42-1941ع ۾ بي.ٽي. ڪري موٽيو
هوس ته ڪراچيءَ ۾
Radical Democratic Party, Sindh
طرفان پندرهن روزه انگريزيءَ ۾ خالص علمي سياسي
اخبار جاري ٿي هئي، جنهن جو نالو هو
Freedom Calling
. ان ۾ مون انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا هئا، جيڪي مخفي
نالي سان ان ۾ شايع ٿيا هئا، انهي ڏينهن ۾ مون
پهريون سنڌيءَ ۾
M.N.Roy
جو انگريزي ڪتاب
`Historical Role of Islam`
جو ترجمو ڪيو هو، جيڪو پڻ ڇپجي ڪونه سگهيو. مسودي
جي ڪاپي به اڃا تائين گم آهي، ممڪن آهي ته ڪڏهن
ملي به وڃي. منهنجي دوست عزيز ايڊوڪيٽ
A.K. Brohi
کي اهو مسودو ڏنو هوم، ۽ انهن ئي ڏينهن ۾، يعني
1947ع جي شروع ۾ منهنجو پهريون ڪتاب انگريزي ۾
لکيل
Save Sindh Save the continent
به ڇپجي پڌرو ٿيو هو.
س: توهان جي ذات يا توهان جو جيڪو فڪر آهي، ان جي
مخالفت به پوري زور سان ٿي آهي، اها جڏهن توهين
ڏسو ٿا، تڏهن توهان کي ان جو ڏک ٿئي ٿو ڇا؟
ج:اصل ۾ مون کي ان تي ڪڏهن ڪا ڳڻتي يا ڪاوڙ نه ٿي
آهي، پر ايترو افسوس ٿيو آهي ته ماڻهن ۾، اسان جي
سماج ۾، جيڪو سياسي يا سماجي احساس ۽ شعور جاڳڻ
گهرجي، سو اڃا جاڳي نه سگهيو آهي ۽ سياسي طرح سان
ان جي ذهن ۾ جيڪي مقصد پيدا ٿيا ته سنڌ ڪيئن ترقي
ڪري، ڪهڙي ترقي ڪري ۽ ان جو رتبو سڄيءَ دنيا ۾
ڪهڙو هجي. هندستان کان ٻاهر هندستان ۾، پاڪستان
کان ٻاهر، ان لاءِ جيڪا جدوجهد پنهنجي ادب يا ٻي
تحرير وسيلي ٿي، ان جو ايترو اثر نه ٿيو آهي، ان
لاءِ لازمي سوچجي ٿو ته اسان جي پنهنجي سنڌ وطن ۽
قوم جي باري ۾ جيڪي خواب آهن، سي شعوري طور
جيتوڻيڪ اسان کي اڃا حاصل نه ٿيا آهن، جنهن لا ڏک
ته ٿئي ٿو، پر اسان کي نه پنهنجي خوابن تان هٿ
کڻڻو آهي ۽ نه پنهنجي ادبي ۽ تعليمي ۽ ٻيءَ طرح جي
تحرير ۽ علمي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ اسان تي لازمي
آهي.
س: توهين سمجهو ٿا ته سنڌي ماڻهن توهان جي هن وقت
ڪيل پورهئي جو قدر ڪيو آهي؟ يا توهان کي ڪا ڪسڪ يا
رزرويشن آهي ته سنڌي قوم منهنجو قدر نه ڪيو؟
ج: سچ پڇو ته سڄيءَ زندگيءَ ۾ انهي قدر ۽ ناقدريءَ
جي خيال رکڻ يا سوچ رکڻ کي مون اجايو سمجهيو
آهي. ڳالهه
رهي اها ته اڌمو جاڳي ٿو، ڪنهن مسئلي تي لکجي ٿو،
ماڻهو پڙهن ٿا. جيڪڏهن منهنجي لکيل ڳالهه ۾ جان
آهي، ان ۾ تاثر آهي، ته ظاهر آهي ته پڙهندڙن تي
اثر پوندو. باقي ڪي پڙهندڙ ڪن ٿا يا ڪي نٿا ڪن، ان
جو خيال دل ۾ رکي پوءِ ٻيو ڪو مضمون لکان، ائين
ٽيون مضمون لکان، ته اهڙو خيال ڪڏهن به مون دل ۾
نه آندو آهي.
ها، باقي مان مطمئن آهيان ته منهنجي سڄيءَ تحريري
ڪاوش جو قدر ڪافي ٿيو آهي. منهنجي عزت، مون سان
محبت، سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ جيڪا به آهي، سا
منهنجي ڪم جي طفيل ئي آهي. جيڪڏهن منهنجو ڪم قدر
لائق ئي نه هجي ته منهنجو قدر ٿيڻ به ڇو گهرجي؟ هي
جيڪي مون کي زندگيءَ ۾ سهولتون ۽ سک، رهڻ جا، کائڻ
جا، پيئڻ جا، جيئن جا، هيستائين مليا آهن. سي مون
کي منهنجي ڪم کان سواءِ ئي ملڻ کپندا هئا ڇا!
هينئر مان 87 ورهين جو آهيان، هيتريءَ عمر تائين
آخر مون کي ڪنهن پاليو، ڪنهن ته مون کي معاوضو ڏنو
پنهنجي ڪم ڪار جو، پوءِ مالي صورتحال يا سماج ۾
عزت يا ڪنهن رتبي جي صورت ۾، اهو مون کي ڪافي مليو
آهي. شايد موٽ ۾ منهنجي پيش ڪيل يا فرض طور ادا
ڪيل ڪم کان وڌيڪ ئي مون کي مليو آهي.آءُ بيحد
شڪرگذار آهيان پنهنجي سماج جو، پنهنجي قوم جو،
پنهنجي ملڪ جو، بلڪه سڄي بي پايان فطرتي مانڊاڻ
جو، جتي مون زندگي گذاري آهي ۽ جتي رهيو آهيان ۽
ايڏي سک سانت ۾ جي رهيو آهيان.
س: توهان ابتدا ۾ ٻڌايو ته ادب ۾ ڪارج جا قائل
آهيو، ۽ هاڻي ڪارج جون ڪنهن ادب ۾ صورتون مختلف
آهن.مثال ته هڪڙا ان کي روشن خيال ٿا سڏين، هڪڙا
جديد ادب ٿا سڏين، ۽ هڪڙا وري ترقي پسند ادب. هاڻي
توهين بنيادي طور تي ڪهڙي رجحان کي ادب ۾ رائج ڪرڻ
جا قائل آهيو، توهان جي خيال ۾ ان رجحان جا سنڌي
ادب ۾ ڪهڙا نمائندا ليکڪ آهن؟
ج: هڪ ته روشن خيالي ۽ ترقي پسند ٻه جدا جدا شيون
ناهن. آءُ ته ڇا، پر هر اديب جنهن کي ڪا ڳالهه
ماڻهن کي ٻڌائڻي آهي، سي جيڪڏهن سماج ۾ ڪنهن قسم
جي نيڪ ۽ مفيد تبديلي يا سڌارو چاهين ٿا ته ان کي
روشن خيالي ۽ ترقي پسندي ئي چئبو، پر جيڪي ماڻهو
اهو نٿا چاهين، بلڪه چاهين ٿا ته ’جيڪي آهي اُهو
ئي ائين ئي موجود هجي،‘ انهن جي خيال يا چاهت کي
رجعتي يا رجعت پسند
(reactionary)
ڳالهه چئبي، ان کي غير ترقي پسند
(Non-progressive)
به چئبو. آءُ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو حامي
آهيان.
س: سنڌ ۾ توهان اهڙي رجحان واري ادب لکندڙ مان
ڪنهن جي تخليقي صلاحيتن جا وڌيڪ قائل آهيو؟
ج:سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا روشن خياليءَ يا جاڳرتا جي
گهرج آهي، اها اسان جي تقريبن سڀني اديبن ۽ قديم
ڪلاسيڪي توڙي جديد اديبن ، پنهنجي سِر ۽ پڄنديءَ
آهر پوري ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. اسان جيڪي درسي
ڪتاب پڙهيا، تن ۾ گهڻي قدر مرزا قليج بيگ جو نالو
سامهون آيو، مون کي جڏهن پهريون انعام مليو هو
پنجين درجي سنڌيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ ’آباد‘ جي اسڪول
۾، ته اُنهن ۾ ’گلن جي ٽوڪري‘ مرزا قليج بيگ جو
ترجمو ڪيل ۽ ’گلدستو‘ ڪنهن سنڌي هندو اديب جو
ترتيبيل مليا هئا. ايتري قدر منهنجي دل تي نقش هئا
۽ مون کي تمام گهڻا وڻيا هئا.ايتري قدر منهنجي دل
تي نقش هئا، جو جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
ٿيس، 1951ع ۾، ته چاهيم ته پهريان پهريان اُهي
ڪتاب شايع ڪرايان. ’گلن جي ٽوڪري‘ مون کي ڪٿان ملي
ويو، ۽ اهو مون فورن شايع ڪرايو، آءُ جڏهن سنڌ
مدرسي ۾ پڙهندو هوس ته محمد احسن عباسي منهنجو هم
ڪلاسي هو. هو پوءِ ڪراچي شهر جو ميئر به ٿيو هو.
سندس پيءُ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سياسي طور انڊين
نئشنل ڪانگريس جي فڪر جو هو ۽ سندس نالو سائين
جي.ايم.سيد جي واتان وڏي احترام سان ورتل اڳ به
ٻڌل هوم. اڳتي ايندي ايندي، آل انڊيا مسلم ليگ
پنهنجي نيم دنيوي ۽
Politico- Theocratic
سوچ سنڌيءَ ۾ آندي. منهنجو ذهن سياسي مسئلن کان
لاتعلق نه هو، ۽ ليگ جي سوچ کان الڳ ڪانگريس جي
سيڪيولر
(secular)
يعني خالص دنيوي فڪر ڏانهن لڙيل هو. ليگ پنهنجي
سوچ ۽ دنيا جي طاقتور اڳڀري ٿيل سرمائيدار سامراجي
فڪر جي پشتيءَ سان پنهنجي پروگرام ۾ ڪامياب ٿي. اڄ
اها سوچ ’مذهب ۽ سياست جي گڏ هجڻ جي‘ ڪارگر نه پئي
ثابت ٿئي. سڄيءَ دنيا جو لاڙو دنيوي
(secular)
نوعيت جي سوچ ڏانهن مائل آهي. قائد اعظم محمد علي
جناح صاحب پاڻ به شروع ۾ ۽ پوءِ آخر ۾ پاڪستان
۾،ان فڪر جي عمل دخل جو حامي هو. مطلب ته مسلم ليگ
جي سوچ کان جيڪا سياست کي دين جي ڳالهين کان الڳ
بيهارڻ لاءِ تيار نه هئي، هو هٽي ويل هو. اها سوچ
اڄ رجعتي
(reactionary)
ٿي ليکجي
’دين جا معاملا پنهنجي جاءِ ۽ دنيا جا معاملا
پنهنجي جاءِ‘ واري دنيوي
(secular)
سوچ نسبتن ترقي پسند ٿي ڳڻجي، جنهن ۾ حقوق العباد
جي خيالن ڏانهن زياده ڌيان ڏيڻ ۾ اچي ٿو. آءُ
پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي حوالي سان انهيءَ سوچ سان
وابسته رهيو آهيان ۽ اها وابستگي منهنجي پنهنجي
ڳوٺ ’آباد‘ کان، لڪيءَ کان، سن کان، ڪراچيءَ کان ۽
پوءِ سڄو وقت ان تحريڪ سان وابسته رهي آهي. منهنجي
لاءِ اها سوچ روشن خياليءَ واري سوچ آهي. آءُ
انهيءَ رجحان وارن اديبن، لکندڙن سڀني جي تخليقي
صلاحيتن جو نه رڳو قائل، پر انهن جو شائق به
آهيان.
س: منهنجي سوال جو ٿورو حصو اڃا باقي آهي. جيڪڏهن
مناسب سمجهو ته جواب ڏيو ته جيڪا فڪر جي لاٽ توهان
روشن ڪئي ۽ جنهن تي ڪيئي پتنگ جمع ٿيا، انهن جي
تخليقي صلاحيت اوهان کي ڪيترو متاثر ڪيو ۽ هي ڪير
هئا؟
ج: جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيس، ان کان
پوءِ گويا شعوري طرح سان سنڌي ادب جي واڌاري ۽
سڌاري لاءِ مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. آءُ
سمجهان ٿو ته مون لاءِ اها خوشقسمتيءَ جي ڳالهه
هئي، جو مان 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
ٿيس. ادبي بورڊ جو سمورو ڪم ڪتابن سان هو. ڪتابن
سان لاڳاپيل جيڪي ماڻهو هئا تن سان مون کي گڏجي ڪم
ڪرڻو پيو: سائين ميران محمد شاهه، شيخ عبدالمجيد
سنڌي، سائين جي.ايم.سيد، حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، اهي ۽ ٻيا اهڙائي علم دوست بورڊ
جا ميمبر هئا. ميٽنگون ٿينديون هيون، انهن ۾ اسين
تجويزون ٺاهيندا هئاسين ۽ رٿائين سلسلي سان ڪم
ڪرڻو پوندو هو. سماهي رسالو’مهراڻ‘ ۽ ماهوار ’گل
ڦل‘ ٻارن جو رسالو نڪتو، ترجمن لاءِ رٿا ٺهي، لوڪ
ادب لاءِ سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ، وڏي مواد جي
ڇپائيءَ لاءِ سنڌ جي فارسي عربي انگريزي اڻ ڇپيل
موجود مواد جي ڇپائيءَ لاءِ، ويندي اسلام جي صدين
۾ لکيل تبليغي ادب جي مخطوطات کي گڏ ڪرڻ ۽ شايع
ڪرائڻ جون رٿائون، ۽ خالص اعليٰ ادب، قديم توڙي
جديد جي فروغ لاءِ وغيره. ’سينٽرل بورڊ آف ڪنٽرول
فارم سنڌي لٽريچر‘ جي شروع ڪيل رسالي ’مهراڻ ‘ جو
نالو قائم رکندي ، سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي اشاعت
جو اهو ئي نالو رکيو ويو. مطلب ته پبلڪ سروس جي
اخلاقيات مطابق پنهنجي ڪم ۾ مون لاءِ پنهنجي ذاتي
پسند ناپسند جي بنياد تي ڪم ڪرڻ لاءِ نه گهڻي
گنجائش هئي ۽ نه اخلاقي طور اهڙي ڪا ڇڙواڳي يا
آزادي. بورڊ جا اغراض ۽ مقاصد واضح هئا. منهنجي
دور ۾ بورڊ جي ڪتابن جي جيڪا اشاعت ٿي يا خود
’مهراڻ‘ يا ’گل ڦل‘ رسالن ۾ جيڪو ادب شايع ٿيو، ان
جو انصافي جائزو وٺبو ته ان ۾ به مختلف سوچن جي
ترجماني موجود ملندي . 1955 ۽ 1956 وارا ٻه سال
مون ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽري ڪئي. نه رڳو انهن ٻن سالن
۾، پر جيڪا به ٻي مدت، پهرين ڏهن سالن جي پگهاردار
طور، پوءِ وچ ۾ چئن سالن جي اعزازي طور، توڙي
رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 25 سال رکي، هي پنج سال آخري
اعزازي چيئر مين طور، فقط هڪ ئي امنگ منهنجي دل ۾
رهيو ته بورڊ سنڌ جو هڪ ادبي ادارو آهي ۽ ان کي
خالص ادب جي فروغ جا فرائض انجام ڏيڻ کپن. ان لاءِ
جن به جيترو ڪم ڪيو، ان مون کي اوترو متاثر ڪيو.
بورڊ جي ڳالهه کي پاسيرو رکندي، ادب ۽ فڪر جي وسيع
دائري ۾ به ان لاٽ تي ڪهڙو پتنگ ڪيترو جليو- گهڻو
ڪير ۽ ٿورو ڪير، گهٽ ڪير وڌ ڪير!
س: توهان ٻڌايو ته توهان جو جيڪو سياسي شعور آهي،
انهيءَ ۾ سائين جي.ايم، سيد جي مجلسن جو به حصو
آهي، ايم. اين راءِ کان به اوهين متاثر آهيو. پر
اسين جڏهن توهان جي فڪري تحريرن کي ڏسون ٿا ته
انهن جو ڊڪشن يورپين ۽ انگريزيءَ ۾ لکندڙ رائيٽرس
کان انسپائر لڳو ٿا. اهي انگريزيءَ جا ڪهڙا رائيٽر
آهن، جن کان اوهين متاثر آهيو، ڇو ته لڳي ٿو توهين
لکڻ وقت انگريزيءَ ۾ سوچيو ٿا، ڇا اهو صحيح آهي؟
ج:جڏهن مان پڙهندو هوس، تڏهن انگريزيءَ جي تعليم
۽ تدريس ڏاڍي اثرائتي هوندي هئي. پنجين درجي کان
انگريزيءَ جي پڙهائي شروع ٿيندي هئي. ان دور ۾
انگريزي ٻولي جي پڙهائيءَ تي خاص ڌيان هوندو هو.
هڪ ئي ان جو سبب هو ته اها حاڪمن جي ٻولي هئي.
اسان جي عادت هوندي هئي ته ڪتابن ۾ ڪو سٺو جملو
آيو ٿي ته استاد جي چوڻ تي يا اسان کي جيڪو وڻندو
هو، سو نوٽ بڪ ۾ لکي ڇڏيندا هئاسون، جيئن ٻيو ڪو
مضمون لکون ته اهو ان ۾ استعمال ڪريون. نئون ڪو
اصطلاح هجي، ڪو پهاڪو هجي، ڪو ٻوليءَ جو خاص فقرو
هجي، اهو اسين ياد ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين.
ائين پوءِ مان بمبئيءَ پڙهڻ ويس ته اتي به انگريزي
ڪيئن پاڙهجي، ۽ فارسي ڪيئن پاڙهجي، انهن ٻنهي
زبانن پڙهائڻ جي مون خاص تربيت ورتي. اُتي مون کي
ايم.اين. راءِ جي پارٽيءَ وارن سان ملڻ جو موقعو
مليو. انگريزي اخبار ’ٽائيمس آف انڊيا‘ ۾
ايم.اين.راءِ جا مضمون هلندڙ عالمي جنگ بابت ايندا
هئا، اهي مان وري وري پڙهندو هوس. ائين انگريزي
ٻوليءَ جي ادب جو ۽ ان جي شان شوڪت جو اثر اسان جي
دماغ تي قائم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ به نوان خيال،
نيون ڳالهيون، ۽ نيون ترڪيبون هجڻ کپن، اهو خيال
اسان کي تڏهن ئي آيو. پوءِ سياست جون ڳالهيون،
تاريخ جون، فلسفي جون، اعليٰ ادب جون، سائنس جون
انگريزيءَ ۾ آهن، سنڌيءَ ۾ به ڇو نه هجن! ڪميونزم،
سوشلزم، مارڪسزم ۽ ٻين ڪيترن نون نظرين جون
ڳالهيون انگريزيءَ ۾ اسان جي سامهون آيون. اسان
اُهي پڙهيون ۽ ائين سمجهڻ ۾ آماده ٿيا سون ته
انگريزي ئي علمي ٻولي آهي. مو کي خاص طرح ايم.اين
راءِ جي انگريزي تحرير ۾ زور، اثر ۽ پيشڪش جي علمي
انداز گهڻو متاثر ڪيو. اتي ايس. ٽي ڪاليج ۾ هر
مهيني اسان کي انگريزيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن علمي ۽
تعليمي موضوع تي مضمون لکڻو پوندو هو. جنهن لاءِ
استاد اسان کي چئن پنجن ڪتابن جا نالا لکائيندا
هئا. پنهنجي مليل مضمون لاءِ اسان کي اُهي ڪتاب هر
مهيني پڙهڻا پوندا هئا ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ مضمون
لکڻو پوندو هو. سو اوهان کي ڀلي منهنجي سنڌي
لکڻيءَ ۾ لڳندو هجي ته آءُ انگريزيءَ ۾ سوچيان ٿو
۽ سنڌيءَ ۾ لکان ٿو: ترجمن جي حالت ۾ وڌيڪ ائين
لڳندو ۽ مون گهڻي تعداد ۾ ته انگريزيءَ جا ڪتاب ئي
ترجما ڪيا آهن. علامه آءِ آءِ قاضي جو چوڻ هو ته”
سنڌي ٻولي اوهين بچائي تڏهن سگهندا جڏهن ان کي
معنيٰ ۽ فڪر جي قوت سان مضبوط ۽ سگهارو ڪندا.“ پر
باوجود اوهان جي ان چوڻ يا سمجهڻ جي، لسانيات جي
بنيادي حقائق کي سامهون رکندي، بهرحال، ائين ممڪن
ئي ڪونهي ته ماڻهو سوچي هڪڙي ٻوليءَ ۾ ۽ لکي ٻيءَ
ٻوليءَ ۾! سچ هي آهي ته انگريزي لکندڙ انگريزيءَ ۾
ئي سوچي ٿو ۽ لکي ٿو، ۽ سنڌي لکڻ وارو سنڌي ۾ ئي
سوچي ٿو ۽ لکي ٿو. جنهن ٻولي جا لفظ لکجن ٿا اُهي
ئي لفظ لکندڙ جي سوچ ۾ هوندا آهن. ائين هرگز ممڪن
نٿو ٿي سگهي ته ماڻهو سوچي
Apple
۽ لکي ’صوف‘ يا سوچي صوف ۽ لکي
‘Apple’!
س: ڇا، ڪو اهڙو خاص يورپين ’پروز رائيٽر‘ (نثر
نويس) آهي، جنهن کي شروع ۾ آئيڊلائيز ڪندا هجو؟
ج: اهڙو ڪو خاص منهنجي ذهن ۾ نه رهيو. ها، باقي
سياسي طرح پرنس ڪُروپاتڪن ۽ ايم.اين.راءِ جا جيڪي
ڪتاب مون پڙهيا، تن جو مون تي وڏو اثر رهيو آهي.
س: هن وقت توهين سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين آهيو
۽ ان کان علاوه توهين ابتدا کان وٺي ڪيترن ئي ادبي
ادارن ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ شامل رهيا آهيو. انهن
سڀني ادارن جي حالت لڳ ڀڳ هن وقت قابل رحم آهي.
باوجود ان جي ته توهان جهڙا بزرگ انهن ادارن سان
وابسته آهن. اوهان جي خيال ۾ ته انهن جي حيثيت
ڪيئن سڌاري سگهجي ٿي!
ج: (وڏو ٽهڪ ڏيئي) تفصيل ۾ وڃبو ته ادارا ڪهڙا؟
اسان جا ادبي ادارا ته پوئتي پئجي ويا آهن، سڀ کان
پهرين کڻي سنڌي ادبي بورڊ چئو. جيئن پاڪستان ٺهيو،
تيئن سنڌي ادبي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪو ماڻهن جو
توجهه ويو، سو ادبي بورڊ ڏانهن ويو: ڇو ته
شروعات ۾ اهو ئي ادبي بورڊ هو جنهن پنهنجي زماني
۾ ڪافي وڏو ڪم ڪيو . ان لاءِ ڪجهه چوڻ جي ضرورت
ڪانهي. اهو ڇو ٿي سگهيو، ان جا به سبب آهن: ڇا ڪاڻ
ته اهو نئون کُليو هو. ماڻهو جيڪي به آيا، سي وڏي
ذوق ۽ سٺيءَ نيت وارا هئا. سنڌ گورنمينٽ به انهن
جي اثر هيٺ هئي، ۽ جيڪا ڪجهه به اسان کي مالي گهرج
پئي ٿي، جهڙوڪ ان جي پرگرام کي اڳتي وڌائڻ جي
ڪتابن شايع ڪرڻ جي، ان سلسلي ۾ اهي سڀ گهرجون اسان
جون پوريون پئي ٿيون. اسان جي رڳو چوڻ جي دير هئي.
ائين اسان کي گهرج سارا پئسا ملندا رهيا. ڪفايت
ڪئيسين. اسٽاف ٿورو ۽ قابلڪار هو. ڪم ڪيوسين. پريس
ورتيسون . اُها پريس اڄ ڏيڍ ڪروڙ جي ملڪيت آهي.
اها اسان کي ملي هئي 36 هزارن ۾! مطلب ته اهو دور
هو، جنهن ۾ اهي ڪم ٿيا، جو ساڍا ٽي سؤ کن ڪتاب
ڇپجي ويا. هاڻي 2001ع ۾ ادبي بورڊ کي 40 لک مان
وڌائي 50 لک ڪري ڏنا ويا آهن. پر اهي 50 لک اسان
جي ڪهڙي ڪم جا؟ جو گُهر هئي ته 20 لک وڌائي ڏيو.
1991 کان وٺي 2000 تائين پائي به نه وڌي، پاڻ هڪ
سال 20 لک گهٽايائون. خرچ اوترائي رهيا. خود اسان
جو اسٽاف جيڪو هو، اسان جي ضرورت کان ئي ٻيڻو هو ۽
گهٽ لياقت رکندڙ هو. انهيءَ اسٽاف به اسان سان
تعاون نه ڪيو ۽ اسان جي حضور شرمي چئو يا دوستانا
انداز يا ٻيا ويچار
(considerations)
ته انهن مان هڪ يا ٻن ماڻهن سان به اسين پڄي نه
سگهياسون. توهين ته ڄاڻو ٿا ته اهي اسان جي آڏو
ايندا رهيا، خواريون ڪندا رهيا، ڪوڙ هڻندا رهيا، ۽
ناڪام ٿيا. هاڻي هيءَ حڪومت آئي آهي، انهيءَ
حڪومت بورڊ ۾ نئين ساهه وجهڻ لاءِ ڪوشش ورتي
آهي، جيڪا وڃي ڪاميابيءَ جي ڪڙيءَ تائين پهتي آهي.
اڳتي اها تڪميل ۽ تعميل تائين رسي ٿي يا نه، اها
اسان کي خبر ناهي. موجود دور ۾ عزت ماب وزير
ماليات اسان سان همدرد آهي ۽ انهيءَ هڪڙا سمجهدار
۽ همدرد ماڻهو گڏ ڪيا آهن، جيڪي اسان جي سڄي ڪم جو
جائزو وٺي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن اسان جا مسئلا حل
ٿيا ته بورڊ وڌندو، پوءِ آءُ اُتي هجان يا نه
هجان. آءُ ته گذريل پنجن سالن کان وٺي جڏهن پهرين
مدت منهنجي پوري ٿي، ته پهرين مدت تائين مون کي
ڪڏهن به بورڊ ڇڏڻ جو خيال نه آيو، پر نئين مدت
شروع ٿي ته مون چيو ته هتي هاڻي نه رهبو. توهان
کي خبر آهي يا نه رڳو رباني صاحب جي قرب ۽ چوڻ جي
ڪري آءُ ساڻن ڳنڍيو رهان ٿو، باقي هڪ نه، ٻه نه،
چار پنج دفعا استعيفا جا ليٽر لکيم، پر موڪليندي
موڪليندي، رهجي ويا. هڪ دفعو، ٻه دفعا ته مون پاڻ
سيڪريٽري ڪلچر کي چيو ته مان چارج ڇڏڻ لاءِ تيار
آهيان. پر آءُ اُتي رهان ته رهان، مون کي پڪ آهي
ته بورڊ لائق ماڻهن جي محنت سان گهربل سرمائي جي
وقت سر موجود ٿيڻ سان، نئين جوڀن، نئين روح ۽ نئين
طريقي سان ڪم ڪري سگهي ٿو. بورڊ جا بنياد پختا
آهن.
س: توهان ٿوري دير پهرين ٻڌايو ته توهان جي عمر 87
سال آهي. ان عمر ۾ ماڻهو خوش هوندو آهي پنهنجن
دوستن سان، پنهنجي ساٿين سان، جن سان گڏجي سفر
شروع ڪندو آهي، مثال طور شيخ اياز هو، پير حسام
الدين راشدي، يا غلام مصطفيٰ شاهه هو، ته اهي سڀ
هاڻي نه رهيا آهن، ڇا توهان ڪڏهن پاڻ کي
Isolated
فيل (محسوس) ڪيو ٿا ته توهان جا ساٿي ناهن؟ ۽
توهين اڪيلا آهيو؟
ج: اهو احساس يا ان جو اثر منهنجي دل تي سچ پچ ته
ناهي. باقي عملي طرح سان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي
واقعي ڪمي محسوس ڪريان ٿو ته اها سائين جي.ايم.سيد
جي آهي! اِهي موت فوت هر ڪنهن تي آهن. ماڻهو هليا
وڃن ٿا، مٽ مائٽ، دوست عزيز، رفيق ساٿي ڇڏي ويا
آهن، شيخ اياز، پير حسام الدين راشدي، غلام مصطفيٰ
شاهه ۽ ٻيا ڪيئي. هڪ هڪ سان منهنجو ساهه هو، هنن
جو به مون سان ساهه هو. هيڪلو ڪڏهن ويهجي ٿو ۽ سار
۾ ويجهي ٿو، ته سانڀر کان وٺي وڇڙيل روح، تارن جي
قطارن ۾، هڪ هڪ جهلڪ ڏيکاريندو، گذريو وڃي، ائين
چوندي:
سُتين ڪهڙيءَ سار، وڄ کوندئي ويسرا،
تو جيڏا تو يار، لهرن لهوارا ڪيا!
ذاتي طور منهنجي زندگيءَ ۾ ٻن ماڻهن مون سان ڏاڍا
وڙ ڪيا، جنهن لاءِ سندن شڪر گذار آهيان. اهي هئا:
سائين جي.ايم. سيد ۽ غلام مصطفيٰ شاهه، جن منهنجي
تمام گهڻي مدد ڪئي.
س: پنهنجي زندگيءَ جو قابل فخر دوست ڪنهن کي
سڏيندؤ؟
ج: (کلندي) قابل فخر دوست! (وچ ۾، نصير!) ” جنهن
تي توهان کي فخر هجي ته اوهان سان دوستيءَ ۾ هُن
وفا ڪئي؟“
مون سان وڏي وفا جمال صديقيءَ ڪئي، اياز به مون
سان وفا ڪئي. اُهي منهنجا جگري يار هئا. حسام
الدين به وفا ڪئي. دراصل منهنجو ڪو به دوست، جنهن
کي مان ائين شمار ڪريان، سچ پچ انهيءَ لاءِ چئي نه
سگهندس ته ان مون سان وفا نه ڪئي. مون ڪٿي لکيو به
آهي ته مان خوشقسمت آهيان، جو مون کي چڱن ماڻهن ۽
صاف دل دوستن سان دوستيءَ جو موقعو مليو آهي، جيڪي
مون سان سدا وفادار رهيا ۽ جن جي دوستيءَ تي مون
کي فخر هو ۽ آهي.
س: سنڌي اسڪرپٽ جي سلسلي ۾ جيڪو هڪ خيال آهي ته
موجوده رسم الخط ختم ڪري، اُن کي رومن ڪجي ته
توهين ڇا چوندؤ؟
ج: آءُ ته ’رومن اسڪرپٽ‘ جي خلاف آهيان. آءُ شدت
سان ان ڳالهه جي حق ۾ آهيان ته اسان جو جيڪو
موجوده رسم الخط آهي، سو اسان لاءِ بلڪل پورو ۽
ڪافي آهي ۽ ان ۾ ردوبدل جي ضرورت نه آهي. بلڪه
اسان جي ان رسم الخط ۾ ايڏيون ته خوبيون آهن، جيڪي
تمام ٿورن رسم الخطن ۾ ٿي سگهن ٿيون، رسم الخط ۾
جيڪي سهولتن جا امڪانات هجڻ کپن، انهن کي ڏسي ۽
سمهجي ڪري، وڏيءَ ذميداريءَ سان، مان چوان ٿو ته
اسان جو جيڪو سنڌي رسم الخط آهي، جنهن کي سنڌي
عربي رسم الخط چئجي ٿو، ان ۾ جيڪي لکڻ جي آسانيءَ
جون سهولتون ۽ حسن آفرينيءَ جا ممڪنات موجود آهن،
سي شايد دنيا جي اڪثر رسم الخطن ۾ به نه هجن! ۽
هاڻي ته ان مسئلي تي بحث آهي ئي ڪونه.
س:ڀلا سنڌي ادب جي جيڪا لکيل تاريخ آهي، ان کان
ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ اسان جي محققن يا
تاريخدانن تاريخ سان ڪيترو انصاف ڪيو آهي؟
ج: سنڌي شعر جي تاريخ جو جيڪو پهريون ڪتاب مون
پڙهيو هو، سو لطف الله بدويءَ جو هو. مان ان ڪتاب
کان ڏاڍو متاثر ٿيس. تنهن کان پوءِ اسان جي ادب
جون ڪيئي تاريخون لکيو ويون آهن، سي به مُون
پڙهيون آهن. سنڌي ادب جي تاريخ جنهن طريقي سان لکڻ
گهرجي، سا منهنجي نظر ۾ اڃا نه لکي وئي آهي، ڊاڪٽر
الهداد ٻوهيي سان مون صلاح ڪئي هئي ته ڪو ادارو
سنڌي ادب جي تاريخ جديد روپ ۽ رخ واري انداز ۾
لکرائي، جيئن انگريزي آهي، جرمن آهي يا فرينچ آهي.
انهيءَ انداز سان سنڌي ادب جي تاريخ لکي وڃي.
ڊاڪٽر ٻوهيي جا ٻئي ڪتاب به مون ئي ڇپايا هئا.
’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘، تنهن کان پوءِ
منهنجي چوڻ تي ’تنقيدون‘ لکيائين. افسوس هن جي عمر
بقا نه ڪئي، نه ته ارادو هو ته سندن رٽائر ٿيڻ کان
پوءِ گڏجي سنڌي ادب جي تاريخ لکنداسون. سنڌي ادب
جي تاريخ لکڻ لاءِ منهنجو ڌيان ۽ سوچ آهي ته اها
سنڌي قوم جي فڪر جي ارتقا تاريخي طور لکجي: ڪيئن
سنڌي قوم باشعور ٿي، ان فڪر ۽ شعور جي خبر، ان جي
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ مان پوڻ کپي، ۽ اها
تڏهن ئي لکي سگهبي، جڏهن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي
تاريخ ان معياري انداز سان لکي وڃي.
س: لائق انسان پنهنجي پٺيان لائق وارث، شاگردن جي
صورت ۾ ڇڏيندا آهن. اوهين جنهن جي تربيت هيٺ رهيا،
نالو ڪڍيو ۽ انهن جي لاءِ اڄ اوهين خوشيءَ جو سبب
بڻيل آهيو. ڇا ڪي لائق وارث ڪي، شاگرد، جن لاءِ
اوهين چئي سگهو ٿا ته اوهان جي تربيت جي اثر هيٺ
رهيا، نالو ڪڍيو ۽ اهي اڄ اوهان جي لاءِ خوشيءَ
جو سبب آهن؟
ج: آءُ اثر يا پيرويءَ يا پيروڪاريءَ جي ڳالهه
ڪانه ٿو ڪريان. ان خيال کان شاگرديءَ کي ڇڏيو!
اُهي ڪيئي هوندا، منهنجون انهن کي دعائون آهن. پر
جيڪي ادب جي نالي سان مون سان لاڳاپي ۾ منهنجي
دوستيءَ ۾ شريڪ بڻيا، تن ڪافي گهڻن جا مان نالا
کڻي سگهان ٿو: جيئن شيخ اياز، رسول بخش پليجو،
فقير محمد لاشاري ۽ سراج الحق ميمڻ آهي. اسان جا
شمشير الحيدري ۽ غلام رباني آهن، عبدالقادر جوڻيجو
آهي. حسام الدين راشدي آهي، محمد عثمان ڏيپلائي
آهي. ايتري قدر جو هن جو پٽ محمد علي پنهنجي پيءُ
جي ان دور کي هاڻي تسليم ئي ڪونه ٿو ڪري، جنهن دور
۾ هو مون سان وابسته رهيو هو.
نصير: ڀلا جامي چانڊيو؟
ج: ها! جامي منهنجو مهربان ۽ پيارو دوست آهي ۽ مون
سان هم خيال آهي، تاج جويو آهي، عاصم آخوند آهي، ۽
ٻيا ڪيئي اڄڪلهه منهنجا دوست ٿيا آهن، هڪڙو سنگرام
۽ ٻيو علي آڪاش! سنگرام نثر ۽ علي آڪاش شاعريءَ ۾
روشن مستقبل طرف وڌڻ لاءِ ٻنهي جي ڪم جا وڏا
امڪان آهن.
محمد ابراهيم جويو
اسان جي مادري زبان ۽ ان جي تعليم ۾ اهميت
”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي
آهي.“
……
”هر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.“
……
بي اختيار يا ڪم- اختيار معاشري جي آڏو پنهنجي
بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ فقط ٻه رستا موجود رهن
ٿا: پهريون پاڻ کي با اختيار رکڻ يا زياده با
اختيار بنائڻ لاءِ جدوجهد ۽ قرباني: ۽ ٻيو،
’تانسين ڀڳي سان ئي ڀير، جانسين رتو راس ٿئي-‘
يعني تنهن وچ ۾، حالتن پٽاندر، جو ڪجهه پنهنجي
بهتريءَ لاءِ ممڪن ٿي سگهي، اُن تي عمل ڪرڻ.
سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زنده انساني معاشرن وانگر،
هڪڙو اهم ۽ بنيادي حق پنهنجي زبان جي حفاظت ۽
فروغ آهي- ڇو ته اُن تي ئي سندس سڄيءَ بلڪه پوري
وجود ۽ اُن جي افاديت جو دارومدار آهي.
اقوام متحده جي منشور ۾ ملڪن جي لساني اقليتن جو
وجود تسليم ٿيل آهي، ۽ سندس بنيادي انساني حقن جي
دستاويز ۾ لساني اقليتن جي ٻولين ۽ تهذيب جي
بچاءَ جو واعدو ٿيل آهي. هم مذهب انساني اجتماع
۾ لساني اقليت جو وجود قائم رهي ٿو، ختم ڪونه ٿو
ٿئي، هم مذهب اڪثريت به هم مذهب اقليت مٿان ڏاڍ ۽
اُن جي حقن تلفي ڪري سگهي ٿي.
آزاديءَ کان پوءِ ڪجهه جذباتي تُرنگ ۾ ۽ ڪجهه
گروهي مفاد جي ڇڪ سبب، اسلام سان گڏ اردوءَ کي
پاڪستان جي نظرياتي اساس جي هڪ عنصر طور اڳيان
آڻيندي، ڪافي ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي تعليمي ۽ تهذيبي حيثيت کي نظر انداز ڪيو
ويو، بلڪه
اُن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي
تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان
امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي
يڪطرفي ترديد- ان سلسلي جا ڪافي ڳرا ۽ مهلڪ قدم
هئا.
اُن کان پوءِ وقت بوقت، بلڪه مرڪزي حڪومت جي هر
تبديليءَ سان تعليمي ڪميشن جا انعقاد شروع ٿيا، ۽
هر ڀيري” مادري ٻوليءَ“ جي اصلاح کي”قومي ٻولي“ جي
پرڪشش ۽ رعبدار اصطلاح سان ڍڪيندي، اردو کي سڄي
ملڪ ۾ تعليم جي ذريعي طور رائج ڪرڻ جون ڪوششون
ٿينديون رهيون- جنهن جي نتيجي ۾ پڻ سنڌ ۾ سنڌيءَ
جي محڪم بيٺل
تهذيبي اهميت ۽ تعليمي درجي کي ڌڪ لڳڻ جا امڪان
اٿندا ۽ نقصان پهچڻ جا انديشا سامهون ايندا رهيا.
1958ع ۾ پهريئن مارشل لا جي دوران، قومي
يڪجهتيءَ جي مفاد ۾ سنڌي اسڪولن ۾ سنڌي صوبائي
حڪومت طرفان عمل ۾ آندل مساويانه فارمولا کي ختم
ڪري، اردوءَ کي يڪ طرفي فوقيت ڏياري ويئي، جنهن جي
نتيجي ۾ سنڌي معاشري ۾ تهذيبي طور گروهي تفريق ۽
امتياز جي صورت پيدا ٿيڻ جا آثار اُڀري اڳيان آيا،
۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ان جا هاڃيڪار نتيجا پڻ نمودار
ٿيا.
تنهن وچ ۾، ۽ پوءِ گهڻي وقت تائين، قومي ۽ سرڪاري
ٻوليءَ جون ٻولين جي آئيني حيثيت جي سلسلي ۾ فڪر ۽
عمل جون ڪيئي متضاد صورتون اٿنديون رهيون، ۽ ڪافي
ڪشمڪشا کان پوءِ جنهن ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ۽
نامناسب ڳالهيون واقع ٿينديون رهيون، نيٺ 1973ع جي
آئين ۾ مسئلي جي هڪ صورت ملڪي سطح تي، ۽ ان جي
آڌار تي خاص طرح سنڌ ۾ صوبائي سطح تي، طئي ٿي،
جنهن جي منصفانه تعميل جو سوال اڃا به التواجي
حالت ۾ موجود آهي.
هن سڄي عرصي ۾، سنڌي معاشري جي باخبر، ذميدار ۽
حساس حلقن طرفان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود جي تسليمي
۽ ان جي تهذيبي ۽ آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب
پيشقدمي ٿيندي رهي، ۽ پنهنجي هن بنيادي انساني حق
جي دفاع ۽ بحاليءَ لاءِ گهربل جدوجهد ۾، سنڌي
معاشري جي ڪابه اهڙي اهم شخصيت، ڪو به ادارو يا
جماعت ڪانهي، جنهن پنهنجي وس آهر پورو پورو حصو نه
ورتو هجي. هزارين پترا، سوين ڪتابچا، ڪيئي ڪتاب،
عرضداشتون، ليک، ٺهراءَ ۽ عرض ناما شايع ٿيا، ۽
تقريبن هر مرڪزي حڪومت آڏو اديبن ۽ عالمن ۽
تعليمدانن جا وفد پيش ٿيندا رهيا، جن مان هڪ هڪ جو
ذڪر لازم ته آهي، پر هن موقعي تي، خاص طرح وقت جي
تنگيءَ جي خيال کان، مناسب نٿو لڳي. البت، ان
سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان 9- نومبر
1962ع تي ”يوم سنڌي زبان“ جي ملهائڻ ۽ وسيع
پيماني تي دستخطي مهم ۽ ان جي طوماري دستاويز جي
تياريءَ ۽ 1960ع ۾ ”سنڌي زبان
سوسائٽي“
جي قيام ۽ اُن سوسائٽيءَ پاران 1962ع ۾ هڪ تفصيلي عرضداشت جي تياريءَ ۽
تڏهوڪي صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي
وفد جي صورت ۾ اُن جي پيش ڪرڻ جي ڳالهين جو هن
موقعي تي، فقط يادگيريءَ طور، ذڪر ڪري ڇڏڻ مناسب
ٿو معلوم ٿئي .
هيتري ساري لاڳيتي، بي خوف ۽ بي لوث اجتماعي
جدوجهد جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ اسان جي پنهنجي
مادري ٻوليءَ جي حيثيت هتي اسان وٽ اُهائي قائم
آهي، جيڪا آزاديءَ کان اڳ اُن جي هئي-يعني:
(1)
ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ ڏهين ڪلاس تائين اسان جي
مادري ٻولي اڀياسي مضمون به آهي ۽ ذريعو تعليم به
آهي.
(2)
ڪلاس چوٿين کان 12 ڪلاس تائين غير سنڌي ذريعي
تعليم وارن شاگردن لاءِ سنڌي لازمي اڀياسي مضمون
جي حيثيت رکي ٿي- جيئن سنڌي ذريعي تعليم وارن
شاگردن لاءِ اردو لازمي اڀياسي مضمون آهي.
(3)
ٻارهين ڪلاس کان پوءِ (سنڌ يونيورسٽيءَ) جي بي. اي
جي تعليمي سطح تائين پڻ اسان جي مادري زبان اڀياسي
مضمون به آهي ۽ اڪثر نصابي ڪورسن لاءِ تعليم جي
ذريعي طور پڻ تسليم ٿيل آهي.
(4)
ايم. اي جي سطح جي تعليم سنڌيءَ ۾ (بحيثيت اڀياسي
مضمون جي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ
وٽ سنڌيءَ جي ذريعي تسليم ٿيل آهي.
(5)
سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سنڌي ٻولي ڊاڪٽوريٽ آف
فلاسافيءَ جي سند لاءِ تحقيقي مضمون جي ٻوليءَ طور
تسليم ٿيل آهي.
(6)
صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ملازمتن لاءِ مقابلي جي
امتحانن ۾ سنڌي بحيثيت هڪ مضمون جي ۽ پڻ ڪن محدود
حالتن ۾ امتحاني ٻوليءَ جي، ۽ مرڪزي پبلڪ سروس
ڪميشن وٽ پي. سي.ايس جي اعليٰ ملازمت لاءِ مقابلي
جي امتحان ۾ فقط بحيثيت هڪ مضمون جي تسليم ٿيل
آهي.
(7)
اسان جي مادري ٻولي، اردوءَ سان گڏ (جنهن کي آئيني
طور مرڪزي حيثيت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي)
سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان طور تسليم ٿيل آهي.
هڪ مرڪزي پسند وفاقي طرزِ حڪومت ۾، وفاق جي هڪ
اڪائيءَ جي حيثيت ۾، جيڪا اِڪائي مطلق ۽ مستقل
اقليت ۾ هجي، اسان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ان
حيثيت تي خوش هجڻ جا ڪافي سبب آهن. ائين برابر آهي
ته اُها اُن جي اصلوڪي حيثيت هئي ۽ اُن حيثيت کي
اسين وڏي اجتماعي جدوجهد کان پوءِ تسليم ڪرائي يا
قائم رکي سگهيا آهيون، ۽ اُن لاءِ اسان کي وري
وري جدوجهد پئي ڪرڻي پيئي آهي ۽ آئيندي به شايد
ائين ٿئي. جنهن لاءِ اسان کي واقعي تيار به رهڻ
کپي، ڇو ته ”زندگيءَ جي نعمتن لاءِ دائمي سجاڳيءَ
جي قيمت“ ڏيڻي ئي آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ اسين پوريءَ
طرح فقط تڏهن مطمئن ۽ بي خوف ٿي سگهون ٿا، جڏهن
تعليم جو شعبو خالص صوبائي اختيار ۾ هجي ۽ اُن ۾
مرڪز جي دخل اندازيءَ جو امڪان نه رهي- ۽ اِهو پاڻ
يعني سنڌي معاشري کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ جي مسئلن
مان هڪ مسئلو آهي، جنهن لاءِ هيڻن ۽ اقليتي معاشرن
کي جدوجهد ڪرڻ ۽ قربانين ڏيڻ جي ضرورت رهي ٿي.
بهرحال، هن وقت ائين به برابر آهي ته اسان جي
ٻوليءَ جي انهن تهذيبي ۽ تعليمي حيثيتن مان ڪي
گهڻي قدر ڪاغذ تي ئي موجود آهن ۽ عملي طور اِنهن
سڀني حيثيتن جو شرف اُها پوريءَ طرح اڃا ماڻي نه
سگهي آهي، ۽ اُن لاءِ گهڻيءَ حد تائين حڪومت جي
انتظامي چرخي ۽ اُن جي ڪن خاص پرزن جي عدم توجهي،
سرد مهري ۽ خصومت ئي ذميدار آهي-۽ جنهن لاءِ پڻ
متاثر ٿيل معاشري تي جدوجهد ۽ قربانيءَ جو فرض
لازمي طور عائد ٿئي ٿو.
هنن سڀني ڳالهين کان پوءِ، هن سلسلي ۾ اسان کي پاڻ
به سوچڻو آهي ته موجوده حالتن ۾، جڏهن اسان جي
معاشري ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي تسليم ٿيل تهذيب
۽ تعليمي حيثيت ايڏي حوصله افزا آهي، تڏهن اُن جو
پنهنجي اُنهيءَ حيثيت سارو معاشري ۾ قدر به ٿئي ۽
اُها عملي طور پنهنجو اُهو درجو ماڻي به سگهي، ۽
ان جي وسيلي، تعليم ۽ تهذيب جي دائري ۾، خود اسان
جو معاشرو به اُهو فروغ ۽ اُها پنهنجي صلاحيت حاصل
ڪري سگهي، جيڪا اُن کي هڪ زنده ۽ باوقار معاشري جي
صورت ۾ حاصل هئڻ گهرجي- اُن سڀ لاءِ اسين پاڻ ڇا
ٿا ڪري سگهون، ۽ پنهنجي ڪوشش ۽ عمل سان ڪيتري قدر
۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ٻوليءَ جي ان مڃيل حيثيت کي
حقيقي صورت ڏيئي سگهون ٿا؟
منهنجي خيال ۾ اسين هن سلسلي ۾ هيٺيان اقدام ڪري
سگهون ٿا:
(1)
اسان جا اديب ۽ عالم انفرادي طرح ۽ اسان جا علمي ۽
ادبي ادارا، پنهنجن پنهنجن سونپيل ۽ هٿ ۾ کنيل
فرضن ۽ ذميدارين جي تعميل طور، ٻارهين ڪلاس کان
مٿي هر اهڙي تعليمي نصاب جا ڪتاب، جنهن لاءِ سنڌي
ٻولي اڀياسي مضمون يا تعليمي ذريعي طور تسليم ٿيل
آهي، لکي سگهن ٿا، لکائي سگهن ٿا، ۽ ڇپائي ۽ شايع
ڪرائي سگهون ٿا.
هن سلسلي ۾ ٻارهين ڪلاس جي تعليمي سطح تائين گهربل
درسي ڪتاب جي لکائڻ، ڇپائڻ ۽ موجود رکڻ جي سرڪاري
ذميداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تي عائد ٿيل آهي، جنهن
کي پورو ڪرڻ اُن جو منصبي فرض آهي، ۽ اُن ڪم ۾
سندس ناڪاميءَ جي حالت ۾ اُن کان پوري پوري جواب
طلبي ڪرڻ اسان استادن ۽ مائٽن جو به فرض آهي ۽
اُهو اسان جو حق به آهي.
حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا
پنهنجا دردمند ۽ باهمت عملدار، پنهنجي پنهنجي
دائري اختياريءَ ۾، ۽ وٽن موجود حڪومتي وسيلن آهر،
هن ڪتابي ميدان ۾ يعني انهن جي تياريءَ، اشاعت ۽
استعمال جي سلسلي ۾ ڪافي ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
(2)
اسان جا استاد ۽ تعليمي ادارن جا منتظم ۽ سربراهه،
پرائمري تعليمي سطح کان وٺي يونيورسٽيءَ جي تعليمي
سطح تائين سنڌيءَ جي تعليم ڏانهن خصوصي توجهه ڏيئي
سگهن ٿا- جيئن اڀياسي مضمون طور اُن جي پڙهائي ۽
ذريعي تعليم طور اُن جو استعمال، جديد کان جديد
طريقن سان، بهتر کان بهتر نموني ۽ دل جي پوري ذوق
۽ ڪامل ذهني صلاحيتن سان، عمل ۾ اچي سگهي.
(3)
اِنهيءَ حقيقت جي مدنظر ته اڄ اسان وٽ خاص وڏن
شهرن، ۾ سنڌي ذريعي تعليم وارن اسڪولن ۽ اسان جي
ٻارن لاءِ مادري زبان جي بنيادي تعليمي سهوليتن جي
سخت اڻاٺ آهي، اسان کي حڪومت جي ذميدار اختياريءَ
وارن کان هڪ طرف پنهنجي اِن بنيادي حق وٺڻ جون
پنهنجي پنهنجي منهن توڙي جماعتي طور گڏيل ڪوششون
ڪرڻ گهرجن؛ ۽ ٻئي طرف اسين ’پنهنجي مدد پاڻ ڪريو‘
جي اصولن تي عمل ڪندي، پنهنجي محلي ۾ پنهنجن ٻارن
لاءِ ٻاراڻا ڪلاس، پرائمري اسڪول ۽ پڻ هاءِ اسڪول
قائم ڪري ۽ هلائي سگهون ٿا.
(4)
اسين پنهنجي محلي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ سنڌي ڪتابن جا
مرڪز، لئبررين ۽ پڙهائي گهرن جي صورت ۾، قائم ڪري
۽ هلائي سگهون ٿا.
(5)
اسان کي ، وس پڄندي، ڪڏهن به پنهنجن ٻارن کي ڪنهن
ٻيءَ ٻوليءَ جي ٻاراڻي ڪلاس يا پرائمري اسڪول ۾
داخل ڪرڻ نه گهرجي. مجبوريءَ کان ڪنهن ٻار جي حالت
۾ جيڪڏهن ائين ڪرڻو به پوي، ته گڏوگڏ ڪم از ڪم
پنهنجي گهر ۾ پنهنجي اُن غريب ٻار کي اسين پاڻ
پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، يعني اُن جي پنهنجي مادري
ٻوليءَ ۾، پڙهڻ لکڻ به سيکاري سگهون ٿا.
اسان کي انساني نفسيات ۽ تعليمي فلسفي جو هيءَ
بنيادي اصول هميشه ياد رکڻ گهرجي. جيڪو اقوام
متحده جي تعليمي، تهذيبي ۽ سماجي بهبود جي اداري
(يونيسڪو) هيٺين لفظن ۾ قلمبند ڪري، دنيا جي سڀني
زبانن متعلق ۽ سڀني ماڻهن جي عام اطلاع لاءِ شايع
ڪرايو آهي:
”……ٻار لاءِ بهتر تعليمي ذريعو سندس مادري زبان
آهي. بهترين تعليم شاگردن جي مادري زبان ذريعي ئي
ڏيئي سگهجي ٿي…تعليم بهترين نموني سان مادري زبان
ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي.…پوءِ ڀلي ته شاگرد ٻارُ
هجي يا بالغ…قومي زبان مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري
سگهي…“
يونيسڪو طرفان نومبر 1951ع ۾، ”تعليم ۾ مڪاني
زبانن جي استعمال“ تي پئرس-فرانس ۾ سڏايل سڄيءَ
دنيا جي وڏيءَ تعليمي ماهرن جي ڪانفرنس جا فيصلا ۽
سفارشون).
يونيسڪو جي تعليمي ماهرن جا اِهي فيصلا انساني
نفسيات جي هيٺ بيان ڪيل هڪ بنهه بنيادي ۽ اٽل
حقيقت تي ٻڌل آهن:
ٻار جي تعليم شروع ڪرڻ وقت ڪنهن جي ڪهڙي به نيت
هجي، پر اُن نيت ۾ ٻار جي خود پنهنجي ڪا به دلچسپي
ڪانه هوندي آهي. مائٽن کي، سماج کي ۽ حڪومت کي اُن
وقت پنهنجون پنهنجون الڳ الڳ مُرادون ۽ نيتون ٿي
سگهن ٿيون، جيڪي ڪجهه متضاد ۽ ڪجهه موافقت ۾ به
هونديون آهن، پر اُنهن جي ڪنهن به نيت سان خود ٻار
جو شعوري اتفاق يا واسطو ڪونه هوندو آهي.
جڏهن مائٽ ٻار کي ٽن سالن جي عمر ۾ ڪنهن ٻاراڻي
ڪلاس ۾ يا ٻه سال پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ويهاري ٿو،
تڏهن خود ٻار جو پنهنجو فطري اتساهه يا دلچسپي
ڪهڙي هوندي آهي؟ فقط هڪ: ۽ اُها هيءَ ته هو پنهنجي
دنيا کان واقف ٿئي، ۽ اُن واقفيت مان مزو ماڻي يا
فائدو وٺي- ڇاڪاڻ ته اُها واقفيت کيس پنهنجي اُن
دنيا تي قابض ٿيڻ يا هجڻ جو شعور ۽ خوشي ڏئي ٿي.
سندس هن ڄاڻ جي اُتساهه جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻار وٽ
پنهنجا پنج حواس ته آهن ئي، پر اُن لاءِ هن کي
تنهن وچ ۾ ٻي به هڪ حاصلات، فطرت جي هڪ تحفي طور،
هٿ اچي ويندي آهي- ۽ اُها هوندي آهي، هن جي
ڳالهائڻ جي اٽڪل، يعني هن جي مادري ٻولي. هيترو
وقت، هو گهر ۾ پنهنجي مائٽن جي محفوظ پناهه هيٺ
رهيو، تنهنڪري هو نه ڪنهن کان ڊڄي ٿو، نه ڪنهن جو
پاڻ ئي مٺگهرو آهي، ۽ بنهه هڪ بي ميار معصوم وانگر
پنهنجي مائٽاڻي پناهه گاهه مان نڪري، پنهنجي
چوڌاري موجود شين کي ڏسي ٿو ۽ پنهنجي دنيا کي
ڪجهه وڌيڪ وسيع ڪرڻ گهري ٿو. هاڻي بلڪل اِنهيءَ
پل، جڏهن هن جي نازڪ ۽ نرمل دل دنيا جي نيڪيءَ ۽
گهڻگهرائيءَ جي ترنگ ۾ ڀريل آهي، ٻار کي هڪ اهڙي
وايو منڊل ۾ آڻي وڌو ٿو وڃي، جيڪو هن جي مادري
ٻوليءَ جو وايو منڊل نه آهي! ۽ هڪدم هو ڏسي ٿو ته
نه هن کي ڪوئي سمجهي ٿو ۽ نه هو ئي ڪا ڳالهه ٿو
سمجهي! هن جي ڪلاس جي ڪمري ۾ جيڪا ٻولي چالو آهي،
سا هن جي ٻولي ڪانهي! ٻار کي اوچتو صدمو ٿو رسي-
ڌاريائپ جو صدمو ۽ هو سڄو نراسائيءَ ۾ ويڙهجي ٿو
وڃي. هن جي ٻولي، جيڪا هن لاءِ هن جو گهر هئي، ۽
اُن پل تائين سڄي هن جي زندگي هئي، اُها هن جي
اسڪول ۾ هن جي ڪنهن ڪم ڪانه ٿي اچي. نتيجي ۾، هو
اُن پنهنجي نئينءَ دنيا
کان هميشه
لاءِ، ذهني طور، جذباتي طور، ڪٽجي ٿو وڃي، ۽ هن جي
من ۾ اڪيلائپ جو احساس، ٺڳجي وڃڻ جو احساس،
بيزاريءَ ۽ غصي جو احساس، پيدا ٿي پوي ٿو- ان
ڌاريائپ واري فضا م ٻار لاءِ اهڙو ڪو خطرو واقعي
به ڪونهي ته اُتي ڪو هن تي اُلر ڪندو، هن کي ڌڪ
هڻندو يا اهڙو ڪو نقصان پهچائيندو: پر سچو پچو
هڪڙو خطرو هن کي اُتي آهي، ۽ اُهو اِهو آهي ته
اُتي هو ڌيان تان لهي ويندو، ۽ انهيءَ ڪري هن جو
قدر گهٽجي ويندو، ۽ هو خسيس لڳندو.
اسان سڀني کي، جن کي پنهنجن ٻارن جي تعليم جي
اهميت جو احساس آهي، ياد رکڻ کپي، ته ”اسڪول جي
دنيا ۾ جيڪي به شغل، دلچسپيون ۽ ڪم ڪار ٿين ٿا،
انهن ۾ هڪ هڪ کان ۽ سڀني کان وڌيڪ اهم شيءِ اُتان
جي ٻولي آهي؛ اُها ئي هڪ شيءِ آهي، جيڪا اُن اسڪول
جي دنيا ۾ هر ڪو ٻار پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. ڪلاس روم
۾ موجود اُنهي هڪڙي بنيادي سچ، انهيءَ هڪڙيءَ
بنيادي حقيقت سان اسان سڀني کي احساس هئڻ کپي: ۽
ان هڪڙي ننڍڙي سچ ۽ انهيءَ هڪڙيءَ ننڍڙيءَ حقيقت
سان اسان سڀني کي انصاف ڪرڻ کپي: ۽ اسان جي ٻار جي
تعليم جي سموريءَ ڪاميابيءَ جو دارومدار اُنهيءَ
هڪڙي ڳالهه تي آهي-ڇو ته ”تعليم جي سڄي ناڪامي
بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آهي“ ۽ ”هر صاحب علم
شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.“
(25-اپريل 1980ع، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسئيشن جي ڪل
سنڌ تعليمي ڪانفرنس، حيدرآباد، جي موقعي تي پڙهيل
تقرير) |