سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :5

* Foreword of `statement of Accused`: by Hyedr Bux Jatoi: Baba-e-Sindh Hyedr Bux Jatoi Academy, Hyedr Mehfil, Hyedr Chawk, Hyderabad, 1997

* Preface to `The substance of the Quran`: by Hyedr Bux Jatoi, Nov: 12, 1999

Books & Booklets written and/or translated in English by: M.I. Joyo.

* Save Sindh Save the Continent: Sindh Renaissance Association, Karachi, June, 1947.

* Aside with Sobai Mahaz, 1950

* National Unity: G.M Sayed, Translation and Foreword, published by: Sayed & Sayed, Karachi.

* Sindhu Desh- The Nation in Chains; by G.M Sayed: Translation and Foreword by M.I. Joyo

* A Word of Advice to the teacher on his entry in the Department, 9.12.1971

*Pakistan what becomes of It, Sindh Friends Circle, Hyderabad, 1987.

* Pakistan A dream and the Unfolding Reality, Sindh Friends Circle, Hyderabad, 1990.

تاج جويو

سڀاڻي جي سِج- ورن سنڌ جو سٻاجهو ڪاتار

سنڌ جي سموريءَ ادبي ۽ فڪري تحريڪ ۾، جن ماڻهن جو ڪردارُ ۽ قدُ ، بلند نظر اچي ٿو، اُنهن ۾ هڪڙو ماڻهو پنهنجيءَ سٻاجهائپ، سادگيءَ، حليم طبيعت، نرم رويءَ، وابستگيءَ (Commitment) ۽ ڪردار جي خيال کان سڀني کان قداور، اڳرو ۽ بڙ جي گهاٽيءَ ڇانو وانگر، ڪلهه کان اڄ تائين ڌرتيءَ تي مضبوط ڄميو ۽ ٿميو بيٺو آهي. هيءُ سٻاجهو، سادو، حليم، نهٺو ۽ مٺو ماڻهو، ڏيکاءَ کان ڏور، نون لکندڙن کي همٿائيندڙُ، پاڻ پُٺيان رهي، ٻين کي اڳيان ڪري، اُتساهيندو ۽ اُڀاريندو رهيو آهي . هيءُ ذات ۽ ڪردار ۾ ادبي انجمن ۽ فڪري اداري واري حيثيت رکي ٿو، جنهن ماڻهو ٺاهيا، بلڪ تخليق ڪيا آهن. هن، جيڪو به پورهيو ڪيو آهي،  جو به ڪاپو ڪيو آهي، جو به سيبو ڪيو آهي، سچائيءَ، سُچيتائيءَ ، اورچائيءَ، قومي وابستگيءَ ۽ قومي فرض جي احساس هيٺ ڪيو آهي. اهري ڪامل ڪردار ۽ مڪملتا (perfection) جي اُهڃاڻ رکندڙ فردن لاءِ ئي شايد لطيف سائينءَ چيو آهي ته:

ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻُ،

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ’اِبر‘ جي اوصاف کي.

عبدالواحد آريسر جي لفظن ۾ ”هن شخص جي عظمت ۽ اڏولتا اِها آهي ته هن جي سنڌ سان نسبت ۽ وابستگي (commitment), زماني جي تيز ۽ تُند طوفانن ۾ به نه جهڪي ٿي آهي، نه ٽُٽي آهي. ڪلهه (1947ع ۾) به هن جي هٿ ۾ “Save Sindh, Save the Continent” ڪتاب هو ۽ اڄ به سندس هٿ ۾ ساڳيو ڪتاب ۽ سندس زبان تي ساڳيو نعرو آهي.“

هِن اَڇن وارن ۽ اُجرن ڪپڙن پائيندڙ پيرسن ، پر ذهن ۽ دل جي لحاظ کان جوان ڏاهي، دانشور ۽ عالم شخص جي سوچ، ڏاهپ، فڪر ۽ تخليقن جي ڇاپ، اسان جي سموري جديد ادب ۽ قومي تحريڪ تي آهي. هن جون علمي، ادبي، تعليمي ۽ قومي خدمتون، سنڌ جي ’نئين دور‘ جي تاريخ جي سونهن آهن.

13 آگسٽ 1915ع تي ضلعي دادوءَ، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ننڍڙي واهڻ ’آباد‘ ۾ جنم وٺندڙُ، ’نئين سنڌ‘ جو هيءُ ڏاهو شخص، محمد ابراهيم جويو، هڪڙي هاريءَ جو پُٽ آهي. ابتدائي ڪجهه درجا ڳوٺ جي سنڌي اسڪول  ۾ پڙهيو، اُن بعد ڀرپاسي واري شهر لڪي تيرٿ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1927ع جي اپريل مهيني ۾، سن شهر جي انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، اُن زماني ۾ عام ماڻهو، تعليم ڏانهن ڌيان ڪونه ڏيندا هئا، پر جويي صاحب جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو سندس چواڻي: ’هڪ ڏينهن ڏاڏو (محبوب) ڪنهن  ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا مُنهنجي نئين جنم جو سبب بڻي،. اها ڳالهه، سندس انگريزي پڙهڻ لاءِ سن جي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي هئي. جتي ٽي درجا انگريزي پاس ڪيائين. جون 1930ع  ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويٺو، جنهن جو پرنسپال ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو هو. مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي دادو ضلعي (اُن وقت ڪراچي، دادو ضلعي ۾ شامل هئي) ۾ ٻيو نمبر اچي ، اسڪالر شپ کنيائين. 1934ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ 1938 ۾ اُتان بي.اي. ڪيائين. ڪاليج جي تعليم کان پوءِ 1938ع ۾ ئي سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيو. 1940ع ۾ بمبئيءَ بي.ٽي. پڙهڻ ويو. سنڌ مدرسي ۾ نوڪري ڪندي، 1947ع ۾ ڪتاب، “Save Sindh, Save the continent” لکيائين، جنهن تان ڪاوڙجي، مدرسي جي صدر، پير الاهي بخش، کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جويي صاحب سنڌ مدرسي ۾ ڏهه سال ماستري ڪئي.

1948ع ۾ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ورتائين. اُتي به ٻه سال ماستري ڪيائين، ۽جڏهن اُهو اسڪول، سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ڪرائي آيو.

1951ع ۾ کيس ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ High Power Executive Committee For Sindh, Literatur (جنهن کي بعد ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ سڏيو ويو) جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي رهي، 1961ع تائين سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تاريخ جي وڏي خدمت ڪيائين. 1961ع ۾ کيس واپس، سرڪاري نوڪريءَ ۾ آندو ويو، جنهن سان گڏ 1963ع ۾،اضافي طور کيس بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جا فرائض به سونپيا ويا. جويو صاحب، پوءِ ڪجهه وقت جيڪب آباد هاءِ اسڪول  جو هيڊماستر، ڪجهه وقت گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال، ڪجهه وقت رجسٽرار اگزئمينيشن  ۽ انسپڪٽر آف اسڪول خيرپورميرس، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو پهريون سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر سنڌ سرونٽس سوسائٽيءَ جو نائب صدر ۽ سيڪريٽرري به رهي چڪو آهي. تازو لاڳيتو پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي چيئرمئن رهي 13 جولاءِ 2002ع تي فارغ ٿيو آهي…

سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪندي، سنڌي ٻوليءَ، لغت، ادب ۽ تاريخ بابت ڇپجندڙ اڪثر ڪتاب، سندس نظر مان نڪرڻ کان پوءِ ئي ڇپجڻ جوڳا سمجهيا ويندا هئا. نبي بخش کوسي چواڻي: ’جويي صاحب جو سڀ کان اهم ڪارنامو، سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بنائڻ آهي. پر مان ڀانيان ٿو، جويي صاحب جو اُن کان به اُتم ڪارنامو ’مهراڻ‘ جي ايڍيٽري آهي‘. سائين جي.ايم. سيد، محمد ابراهيم جويي جي سوانح لکندي، پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي ته ’جويي صاحب، بورڊ ۾ پگهاردار جي حيثِيت ۾ ڪم نه ڪيو آهي، بلڪ سنڌي زبان جي مِشنريءَ ۽ هڪ قومپرست سنڌيءَ طور ڪم ڪيو آهي.

جويو صاحب هن صديءَ جو وڏو اديب، مفڪر ۽ تعليمي ماهر آهي. ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي هلچل دوران، آخري فيصلي ڪُن ڏينهن دوران جويي صاحب جو علمي- ادبي محاذ تان وڏو ڪردار آهي. اُن وقت سنڌ جي سياسي ميدان جا شهسوار- مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الهه بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي.ايم. سيد هئا، جڏهن ته علمي ۽ ادبي محاذ جي ٻين ڪيترن سجاڳ ذهنن سان گڏ سرواڻي محمد ابراهيم جويو ڪري رهيو هو. هن سنڌ جي ’ڇڙوڇڙ اديبن‘ کي ’هوائن ۾ اڏامڻ‘ بدران ’ڌرتيءَ تي هلڻ‘ سيکاريو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ’نئين جاڳرتا‘ (نشات سانيه- (Renaiscence) ۾ جويي صاحب جو رهنما ڪردار رهيو آهي. هن سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ رستي ’جديد سنڌي ادب‘ جي آبياري ڪئي. 56-1955ع جي ’مهراڻ‘ رسالن جا سندس لکيل ايڊيٽوريل، خاص ڪري: ’آزادي، ونيونٽ، اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ‘، ’ٻولي‘،” سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا”، ’فنڪار جا ڳوڙها‘، ’ٻولين جي ڏي وٺ‘، نج سنڌي لفظ‘، ’ٻه پُور‘’ادب جي درگاهه‘، ’انسانيت‘- وغيره پڙهڻ وٽان آهن. ’آزادي ۽ ونيونٽ‘ واري ادارتي نوٽ بابت، ناز سنائيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته اُن ۾ جويي صاحب ونيونٽ جي حمايت آهي. خبر ناهي اها ڳالهه، هن اُهو ايڊيٽوريل پڙهڻ کان سواءِ لکي آهي يا نا سمجهيءَ جو شڪار ٿي لکي آهي- ڇو ته ونيونٽ جي خلاف سنڌي اديبن پاران يا سنڌي ادبي سنگت جي محاذ تان جيڪا تحريڪ هلي هئي، اُن جو محرڪ، جويي صاحب جو اُهو ايڊيٽوريل، ۽ سياسي محاذ تان سائين جي. ايم. سيد جي جدوجهد هئي. جويي صاحب جو ونيونٽ خلاف ڪردارُ، ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. آءُ، بهتر سمجهان ٿو ته جويي صاحب جي اُن ايڊيٽوريل جو هڪ اقتباس هتي ڏيان، ته جيئن ڳالهه رڪارڊ تي رهي، ۽ غلط بيانيءَ جو ازالو ٿئي:

’آزاديءَ جي وسڪاري کان پوءِ اڄ وري اسان جي مُلڪ ۾ ٻيهر آسمان آگميو آهي، کنوڻيون کنويون آهن، ۽ ڀريل بادل بنجي برسڻ وارا ئي آهن. مغربي پاڪستان يعني بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جي ’وحدت‘ قائم ٿي رهي آهي. مينهوڳيءَ ۾ سنڌ جا ڌنار پنهوار ۽ هاري ناري، وسندڙ آسمان ڏانهن نهاري، ’ڀيڄ مولا ڀيڄ‘ پيا ڪندا آهن،  ته وڄن جا چمڪاٽ ۽گوڙين جا ٽڙڪاٽ ٻُڌي، پنهنجي ٽمندڙ ٽوئن ۽ جهرندڙ جهوپڙين ۾ خوف وچان، ڀنل پکيئڙن وانگر، مٿڙا لڪايو ’الله الصمد، الله الصمد‘ به ويٺا پڙهندا آهن. سنڌ ۾ ’ونيونٽ‘ جي مخالفن توڙي حمايتن جي، اڄ اُها ساڳي حالت آهي، چوڌاري دلين ۾ اِهي اُڊڪا ٿي بيٺا آهن ته هاڻي اسان جي ادب، اسان جي ثقافت ۽ اسان جي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو!‘

جويي صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سُڌاري جو سدائين وڏو اونو رهيو آهي، هُو وقت به وقت ان ڏس ۾ پنهنجن مضمونن ذريعي صِحيح، نج ۽ نبار سنڌي لکڻ، سنڌيءَ کي فارسيءَ ۽ عربي جي بيجا ٽُنب ٽُبان کان بچائڻ، صحيح جملن ۾ لکڻ ۽ گرامر جي غلطين کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ’مهراڻ‘ جي مختلف پرچن ۾ سندس ڇپيل اداريا، مضمون، ۽ 1972ع ۾ ’ملير ڊائجيسٽ‘ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ‘ عنوان وارو مضمون  پڙهڻ وٽان آهي.

نصابي ڪتابن جي ترتيب، تشڪيل ۽ تياري ۾ هڪ وڏي عرصي کان وٺي، جويي صاحب جو خاص هٿُ رهيو آهي. هن سنڌ جي مڃيل تعليمي ماهر جي صلاح، مشوري ۽ نظرثانيءَ کان سواءَ اڪثر ڪتابن کي مُستند نه سمجهيو ويندو آهي. هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪريءَ دوران پنهنجي قلم سان تمام گهڻن اديبن/ليکڪن  جي ڪتابن ۽ ترجمن جي نوڪ پلڪ دُرست ڪئي، ۽ سندن ٻوليءَ کي سنواريو ۽ سڌاريو. ٻيو ته ڇڏيو، خود سائين جي. ايم. سيد جي ڪيترن ڪتابن جي مسودن جي تصيح، ويا ڪرڻي ٺاهه ٺوهه، اختصار، پروفنگ ۽ ڇپائيءَ ۾ جويي صاحب جي علمي نظر جو وڏو دخل رهيو آهي.

جويي صاحب طبعزاد ۽ تخليقي مضمونن ۽ ڪتابن کان سواءِ دُنيا جي ادب مان انتهائي ڪارائتيون تخليقون چونڊي، وقت به وقت ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي جهوليءَ کي مالامال پئي ڪيو آهي. ٽي.ايس. ايليٽ جو مضمون ”شاعريءَ جو سماجي ڪارج“؛ يونان جي اديب ۽ تعليم دان پليو ٽارچ جو مضمون ’ٻارن جي تعليم‘، ’فرانس جي انقلابي مفڪر روسو جو مضمون ’ايميلي‘؛ جارج پوليزر جو ڪتاب، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، پائلو فريري جو ڪتاب ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘؛ اينڊ بلائيٽن جو ’ٻارن جو مسيح‘؛ ايمل ايرڪمن ۽ اليگزانڊر چيتريان جو ’فرينچ انقلاب‘؛ برٽالٽ بريخت جو ڊرامو ’گيليلو‘؛ توفيق الحيڪم جو ڊورامو ’مونجهارو‘، جي.ايم. مهڪريءَ جي مضمونن جو مجموعو ’محڪريءَ جا مضمون‘اسٽيفن زويگ جو ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘ هاورڊ مونر جو ڪتاب ’وحشي جيوت جا نشان‘ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪلاسيڪي تخليقون، ترجمو ڪري، جويي صاحب، سنڌ ۾ ’علمي، ادبي ۽ فڪري غُربت‘ کي ختم ڪرڻ طرف وڏو قدم کنيو آهي.

جويي صاحب جي ترجمي جي فن تي روشني وجهندي، نامور دانشور سراج لکيو آهي:

”آزاديءَ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمي جو فن ڏاڍي اوج تي هو ....آزادي کا پوءِ ترجمي  جي اهميت، جيڪڏهن ڪنهن محسوس ڪئي ۽ ڪرائي، سو ابراهيم جويو هو. هن کي پاڻ به ترجمي جو فن ايترو ته مٿاهين معيار تي کڻي ويو آهي، جو هن جا ترجما، اصلوڪيون ۽ طبعزاد تحريرون ٿيون ڀانئجن… سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن ڏينهن رات ڪوشش، ڪي ادبي بورڊ جي ترجمن اُسڪيم کي اڳتي وڌايو. اُن اسڪيم ۾ دنيا جي علم ۽ ادب جا بهترين ڪتاب چونڊيل هئا… ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل آهي، ۽ اُهو فڪر هو ته  جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾ اضافو آڻين،پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ٻه قدم اڳتي نين“.

سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، ڏاها ۽ دانشور، جويي صاحب کي پنهنجو ادبي اُستاد ۽ گائيڊ تسليم ڪن ٿا، اُنهن ۾ شيخ اياز، سراج ۽ رسول بخش پليجي  جا نالا اهم آهن. هونئن به جويو صاحب بنيادي طرح اُستاد ۽ معلم رهيو آهي. جويي صاحب کي، سراج، راجا چچ جي دور جي اُن پروهت سان ڀيٽ ڏني آهي، جنهن جي سسي لڻائڻ لاءِ چچ مٿس چڙهي ويو هو، پر اُن ’ڄاڻ جي ديو‘ جي ’ڏيا ۽ حشمت‘ ڏسي، هوش خطا ڪرائي موٽيو هو. سراج لکي ٿو:

”ائين ٿو لڳي ته اُهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهت جوڻ مٽائي، هر دور ۾ ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو بڻجيو پون“.

جويي صاحب جي علمي ڄاڻ، ڏاهپ ۽ فڪري بلنديءَ جي جهلڪ، سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل سوين مضمونن، مهاڳن تنقيدي نوٽن ۽ تقريرن مان پسي سگهجي ٿي. جديد سنڌي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري خوبين، سماجي ڪارج ۽ وطن پرستيءَ جي جذبي جي پرٽ، اسان کي شيخ اياز جي نثري مجموعي ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۽ اٺن شعري مجموعن- ’وڄون وسڻ آئيون‘، ’جل جل مشعل جل‘، ’هي گيت اُڃايل مورن جا‘ (جيڪي ٻئي ڪتابڙا ’وڄون وسڻ آئيون‘، ۾ شامل آهن)،’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘،  ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘، ’راج گهاٽ تي چنڊ‘، ’لڙين سجُ لڪن ۾‘، ’بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘؛ خاڪي جويي جي شعري ڳُٽڪي ’آزاد گهُرجي وطن‘؛ ابرهيم منشيءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب ’گوندر ويندا گذري‘؛ اياز گل ۽ مختيار ملڪ جي شعري مجموعن- ’ پيلا گل پلاند ۾‘ ۽ ٽم ٽم ٽانڊاڻا‘؛ نرنجن دوداڻيءَ جي شعري مجموعي ’اباڻي اُڪير‘ ۽ پارو چاولا جي شاعريءَ ’آءُ اڪيلي‘ وغِيره جي مهاڳن  ۾ اُتم نظر ايندي: جيڪي مهاڳ جويي صاحب جي انقلابي قلم جو شڪار آهن. ’ٻارن جو شاهه‘ ڪتاب جو مهاڳ،’ساميءَ جا سلوڪ‘ (ٻن ڀاڱن) جا ٻه اکر، ۽ ’شاهه، سچل ۽ ساميءَ‘ جي ڪلام جي ٽن جلدن (Trilogy) جي هڪ خاص اشاعت جي مهاڳ طور لکيل تحقيقي  ۽ تنقيدي ڪتابُ ’شاهه-سچل-سامي، هڪ مطالعو‘، تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. اهڙيءَ طرح، سراج ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘، پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘، رسول بخش پليجي جي ادبي پرک بابت ڪتاب ’سندي ذات هنجن، ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ، جويي صاحب جي ترجمو ڪيل سمورن ڪتابن جا فڪر انگيز پيش لفظ، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي يادگيرين ’ڪيئي ڪتاب‘ ۽ پليجي جي جيل ياترا ’ڪوٽ لکپت جو قيدي‘
تي ڪيل تبصرا، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ۽ ترتيب ڏنل ڪتابُ ’مُٺ مُٺ موتين جي‘ (جنهن ۾ جويي صاحب جا لکيل ست ايڊيٽوريل، ملڪي  ۽ عالمي صورتحال تي نَوَ ترجمو ڪيل مضمون ۽ ٻيا متفرقه مضمون ۽ شعري ترجما شامل آهن)، ڪتاب ’خط ٻن اديبن جا‘، ’خط ٻن اُستادن  جا‘ وغيره جويي صاحب جي مثالي، دلپذير ۽ تنقيدي شعور سان ڀرپور نثر جو اعليٰ نمونو آهي.سندس لکڻي، نجُ ۽ نبارُ سنڌي ٻولي جو نمونو آهي. پليجي جي افساني’پسي ڳاڙها گل،‘ جي تنقيدي اڀياس ڪندي، جويي صاحب نثرنويس جي اهميت هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي:

” اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا آهن ۽ سيکاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي  وهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثرنويس،اُن جي حسن، هڳاءَ ۽ جوڀن ۾ رس ڀريندا آهن.“

۽ واقعي جويي صاحب جي نثر ۾ اُهو حسن ۽ اُهو هڳاءُ موجود آهي، ۽ پاڻ ٻوليءَ جي جوڀن ۾ رس ڀريو اٿن.

افساني ’پسي ڳاڙها گُل‘ تي جويي صاحب جي تنقيد، پنهنجي وقت ۾ وڏو مقام رکيو ٿي، ۽ اِن ۾ ڪو به شڪُ نه آهي ته جويو صاحب سنڌي ٻوليءَ ادب جو وڏو نقاد آهي. شيخ اياز، جويي صاحب ان حيِثيت کي، هنن لفظن ۾ ۾ مڃتا ڏني آهي:

”ابراهيم ، ايترو ته وڏو آهي، جو مون کي هن جي (ادبي) فتويٰ، قاضيءَ ازل جي فتويٰ وانگر لڳندي آهي.“

اياز جويي جي مهانتا کي هنن لفظن ۾ به بيان ڪيو آهي:

”طالبعلميءَ جي دور ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي مليا، جن ٽنهي جي باري ۾ مون کي ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ ياد ايندي آهي:  ’جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري‘ -۽ اُهي هئا: سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو ڪيولراماڻي… جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهن ڪُير چوندو ته اُڻ جو ساور لباسُ، هن (جويي) جي آڏاڻي جواُڻيل آهي! هوُ اُهو آدي جڳادي الوپ ماڻهو آهي، جو نؤورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي، گُم ٿي ويندو آهي، هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهرير جي برف نه آهي. جهنم جي آڳ آهي، ۽ جڏهن اُن جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کلي پون ٿا“.

جويو صاحب اُهو وطن پرست اديب ۽ مفڪر آهي، جنهن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي  ’نظريي جو قرض‘ چُڪائي ورتو آهي. جويي صاحب جي ذات، وطن پرستيءَ  ۽ انسان دوستيءَ جو سنگم آهي. جويي صاحب جي وطن پرستيءَ کي، جن لفظن ۾ سراج چٽيو آهي، آءُ چاهيان ٿو ته اُهي لفظ،  پنهنجي پاران هتي درج ڪريان:

”(جويو) حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي وطن پرستي، هڪ عجيب ۽ نئين وطن پرستي آهي. اُن کي هيئن سمجهو ته اُن وطن پرستيءَ کي پنهنجو هڪ جسم آهي، هڪ روح آهي، هڪ اخلاق آهي. ۽ جيڪا ساهواري آهي، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا هٿ ڊگهيري اوهان کي ڇُهي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڇهاءُ نه ٿئي، تڏهن به پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائي ٿي… وطن پرستي، ابراهيم جويي جو مذهب آهي، ۽ مذهب ۾ ’شرڪُ‘ ڪبيرو گناهه آهي“.

جويي صاحب جي ڪتاب: ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (جلد پهرئين) ۾ اسان کي اهڙيءَ جيئريءَ، ساهواريءَ، مجسم وطن پرستيءَ جا جهلڪا ۽ جلوا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪتاب کي چئن حصن ۾ ورهائي، جنهن ترتيب، سلسلي ۽ مقصد جي هڪجهڙائيءَ وارن  موضوعن جي مالها جوڙي وئي آهي، اُن ذريعي اسان کي وطن دوست ۽ قوم دوست سياست جي ساڃاهه، انسان جي شعوري اوسر ۽ علم، عقل ۽ ادب جي افاديت ۽ آدرشي انسان جي ڪردار جي ڄاڻ پوي ٿي.

•ڪتاب جي پهرئين حصي جو پهريون مضمونُ ’دانهن‘، اصل ۾، جويي صاحب جي ڪتاب، “Save Sindh Save the continent” جي پيش لفظ جو ترجمو آهي. ڪتاب ۽ اُن جي پيش لفظ ۾ ’سنڌ ۽ سنڌي سماجُ ٗ جو اُهو سڏ شامل آهي، جيڪو ’وقت جو سڏ‘ آهي، ۽ جيڪو ’اسان ۽ اوهان‘ سڀني کي گڏجي ڀرڻو آهي، ڇو ته اُن ۾ ئي

’اسان جي زندگي‘ آهي.  ِهن سڏ ۾ ’سنڌ جي قومي وجود جي تسليميءَ ۽ اُن ۾ پورهيتن جي لوڪ راڄ جي قيام جي ڳالهه ڪيل آهي. هيءَ ’دانهن‘ يا ’سڏ‘، اُن وقت جي ’ڪانگريس ۽ ليگ‘ جي ليڊرن کي نه، پر سنڌ جي اُنهن ’ذهين ۽ باشعور پُٽن ۽ ڌيئرن- شادگردن ۽ وچئين طبقي جي دانشورن‘ کي عوام جي نجات‘ لاءِ پُڪار جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي، ڇو ته جويي صاحب جي لفظن ۾:

’ڪانگريس ۽ ليگ جي بي حِس حڪيمن، پنهنجي مريضن کان پُڇئي بغير ئي مُنهن جي وڏيءَ پڪائيءَ سان، اُنهن کي مشورو ڏنو ته ’اوهين مريض آهيو-ٺيڪ ٿيڻ گهرو ٿا؟ پوءَ دوا وٺو!‘ بس اِها هئي انهن نيم حڪيمن جي تشخيص، ۽ اهو هو سندن دوا جو نُسخو! نه مرض کي نشانيو ويو، نه ئي اُن جي سڃاڻپ ٿي، ’مرض‘ جي شفا جو  نُسخو به ڪونه وصفايو ويو ۽ نه ئي ترڪيبيو ويو. مريضن کي البت ٻه پُڙيون- هڪ هندستان جي نالي واري ۽ ٻي پاڪستان جي نالي واري- پري کان ئي ڏيکاريون ويون هيون ۽ کين چيو ويو ته ’اِهي اٿو امرت ڌارا جون پُڙيون‘.

اِن ’دانهن‘ جي روشنيءَ ۾ ئي، ساڳئي مهيني، يعني جون 1947ع ۾ جويي صاحب، سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبر صاحبن جي خدمت ۾ هڪ ’کليل خط‘ لکيو هو، جيڪو هِن پاڻ، اُن وقت سڏايل سنڌ اسيمبليءَ جي سيشن  جي موقعي  تي، سنڌ اسيمبليءَ بلڊنگ جي احاطي اندر ميمبرن ۾ وڃي ورهايو هو، ڇو ته اُن سيشن ۾ سنڌ جي آئينده حڪومت ٺهڻ ۽ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اختيارن جي ورڇ بابت غور ويچار ٿيڻو هو. جويي صاحب، هن خط ۾ ميمبرن کي چٽيءَ طرح لکيو هو ته اُهي ’مجوزه پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ، ۾، پاڪستان جي فيڊريشن جي لحاظ کان ’سنڌ جي مستقل وجود جي تسليميءَ‘’سنڌ جي قدرتي وسيلن تي فقط سنڌ جي مخصوص حق جي بحاليءَ‘، ۽ سنڌ اندر ’قانون سازيءَ ۽ قانون پردازيءَ جي سمورن شعبن کي سنڀالڻ جا اختيار ۽ جوابداريون‘، فقط سنڌين جي هٿن ۾ مخصوص هئن جي حق- مڃائڻ لاءِ، پنهنجن چئن عيوضين کي، مٿين ڳالهين جي  بنا تي کُليل لفظن ۾ فرمان (Mandate) ڏين ته اُهي اُتي پنهنجو فرض پورو ڪن ته جيئن ان قسم جي فيصلي ٿيڻ بعد، ’اسان جا عام ماڻهو، آزاد زندگيءَ جا فائدا ۽ لذيذ ميوا چکن ۽ استعمال ڪن ۽ ڌارين جي غلاميءَ مان نجات ملڻ سان گڏ سندن ڏک ڀريءَ زندگيءَ ۾ خوشي، سک ۽ سلامتي آندي وڃي،.

’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘- جويي صاحب جو اُهو فڪر انگيز  ۽ اهم مضمون آهي، جنهن تي جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمران، ايمانداريءَ سان عمل ڪن ها ۽ پاڪستان جي فيڊريشن ۾ شامل قومن جي زبانن کي ’قومي زبانون‘ تسليم ڪن ها، ته اڄ  قومون پنهجي زبانن لاءِ ڪو به خطرو ۽ اردوءَ جي حاڪميت ۽ بالادستيءَ وارا جبر محسوس نه ڪن ها، هيءُ مضمون، جويي صاحب، سرڪاري ملازم هئڻ جي ناتي ، ۽ پاڻ  کي پوئتي رکڻ واري مزاج جي ڪري،  پنهنجي نالي بدران ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان، مئي 1967ع ۾ پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپارائي، ورهايو هو. هن فڪرانگيز مضمون ۾، سنڌي ٻوليءَ خلاف، ڌارين حڪمرانن ۽ غير سنڌي ڪاموريشاهيءَ  جي  ناپاڪ سازشن کي وائکو ڪندي، 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽِيءَ جي سنڊيڪيٽ پاران هڪ ٺهراءِ ذريعي، سواءِ ڪنهن سبب ڏيڻ جي، سنڌي ٻوليءَ جي يونيورسٽي امتحان  ۾ جواب ڏيڻ جي تسليم ٿيل ذريعي جي حيثيت ختم ڪرڻ؛ 1959ع ۾ ’مشهور معروف‘ قومي تعليمي ڪميشن پاران اردوءَ کي اهميت ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي رڳو پنجين پرائمري ڪلاس تائين ’تعليمي ذريعي‘ طور محدود ڪرڻ، (جنهن سازش خلاف سنڌين جدوجهد ڪري 1962ع ۾ اُن فيصلي کي رد ڪرايو هو) ۽ 1966ع ۾ ميرپورخاص ۽ خيرپور ميرس ۾ اولهه پاڪستان سرڪار پاران کوليل ٻن ’جامع اسڪولن‘ (Comprehensive Schools) ۾ تعليم جو ذريعو اردو مقرر ڪرڻ خلاف، هن مضمون ۾ مدلل نموني بحث ڪيو ويو آهي ۽ ان قسم جي ’سرڪاري فيصلن‘ کي رد ڪندي، اُنهن کي’پاڪستان جي دستور‘ ۽ ’متحد جمعيت اقوام‘ (U.N.O) جي ’بنيادي انساني حقن واري پڌرنامي‘ جي ڀڃڪڙي ۽ خلاف ورزي سڏيو ويو آهي. هن مضمون ۾، اردوءَ کي جملي پاڪستان جي 7 کان 8 سيڪڙو ماڻهن جي زبان (انگن اکرن سان ثابت ڪندي) ’ٻولين جي مسئلي‘ کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ۽ ’اردوءَ  جي ٿاڦيل بالادستيءَ‘ واري احساس جي خاتمي لاءِ جويي صاحب ٽي بنيادي ڳالهيون يا حل ڏنا آهن :

(1) سنڌي، پشتو، بلوچي ۽ پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي پرائمري تعليم سندن مادري ٻولين ۾ ڏيڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح جن ٻارن جي مادري ٻولي اردو آهي. کين پرائمري تعليم اردوءَ ۾ ڏيڻ گهرجي.

(2) چٽيءَ طور ٻوليءَ وار نروار ٿيل ايراضين جي ٻولين کي ’قومي زبانون‘ ۽ اردوءَ کي مختلف قوميتن جي وچ ۾’لاڳاپي جي زبان‘ قرار ڏجي. اردوءَ کي چوٿين ڪلاس کان وٺي ٻيءَ لازميءَ ٻوليءَ طور پڙهائڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت، اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي وري ڇوٿين ڪلاس کان وٺي، لازمي  ٻيءَ ٻوليءَ طور، ان علاقي جي ٻولي پاڙهجي، جتي هو رهن ٿا.

(3) جنهن عوامي (قومي) ٻوليءَ کي پنهنجي چٽيءَ طرح نروار ٿيل  ايراضي آهي، سا اُن ايراضيءَ جي سرڪاري ٻولي  ٿيڻ کپي. اولهه پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌي ٻولي اڳ  ۾ سؤ سالن کان به مٿي، پنهنجي ايراضيءَ ۾ سرڪاري ٻولي رهي آهي، ان ڪري ان کي سنڌ ۾ سرڪاري زبان جو رتبو ڏئي، ملڪ جي دستور ۾ تسليم ڪيو وڃي.

سنڌ دائم رهي-سنڌ سالم رهي‘- عنوان وارو مضمون ونيونٽ جي خاتمي کان پوءِ جويي جو، لاهور جي ڪن چالاڪ پر ڪوتاهه انديش سنڌي ڪامورن، سنڌ ۾ رهندڙ ڪن سڄيءَ عمر ’پيٽ جي پوڄا‘ ۽ آخري عمر ۾ ’ضمير جي ملامت  ۾ ورتل‘ رٽائر ٿيل ڪامورن، نام نهاد قومي پريس، ناپخته ۽ گهٽ تجربيڪار سياسي ذهنن، ٺڙڪو ڪالم نويسن، سياسي ڊيڄڙي ۾ ورلتل ۽ هار کان اڳ هار کاڌل ذهنن، هڪ نئين دور جي نام نهاد انقلابي ليڊر ۽ هڪ نيئن اڀرندڙ سرمايه دار پاران ڪراچي واپس نه وٺڻ بابت آيل مضمونن، تجزين ۽ بيانن کي رد ڪندي، ’ڪراچيءَ سنڌ کي ملڻ کپي‘ جي حق ۾ مدلل نموني لکيل مضمون آهي. هن مضمون ۾ اُنهن ناعاقبت انديش ماڻهن کي هڪ وطن پرست جي حيثيت ۾، جويي صاحب جواب ڏيندي، سندن خدشن کي رد ڪيو آهي ۽ وطن جي حب جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته:’وطن جي حُب جي هڪ عام مڃيل خاصيت هيءَ به آهي ته اُها وطن جي سرزمين جي انچ انچ لاءِ پنهنجن فرزندن کان سِر جو دانُ گهرندي آهي ۽ اُهو هو وڏيءَ خوشيءَ ۽ وڏي فخر سان گهوريندا آهن‘. ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ واري وائڙي آواز جي ڪوڙن دليلن ۽ هٿراڌو انگن اکرن کي رد ڪندي، جويي صاحب لکيو آهي ته: ” ڪراچي ڪانه کپي! ڪراچي ڪانه کپي!“ جي رٽ لڳائڻ وقت سوچڻ گهرجي ته قوم ۽ وطن جي سالميت خلاف نعريبازي ۽ اُن جي هڪ علائقي تان دستبرداريءَ جي اعلان بازي ڪندي، هو مستقبل ۽ تاريخ جي نگاهن ۾ ڪيڏي نه هڪ سنگين ۽ خطرناڪ ذميداري پنهنجي سِر تي کڻي رهيا آهن! جيڪڏهن ونيونٽ ٺاهڻ وارا يا اُن جي ٺهڻ جي اجازت ڏيڻ وارا غدار ۽ غدارن جا دوست چئجن ٿا، ته وطن جي علائقائي سالميت جي وڪڻڻ، خيرات ڪرڻ يا پيش ڪرڻ وارا، اهو وِڪرو ۽ اها حوالگي برداشت ڪرڻ وارا ڇا ٿا سڏي سگهجن؟ ۽ اِن لاءِ هُو ڪڏهن معاف به ٿي سگهن ٿا؟‘ هن مضمون جي اڄوڪين حالتن ۾ به وڏي اهميت آهي، جڏهن هڪ ڀيرو وري سرڪاري، عالمي ۽ مقامي سازش رستي ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ، ڪراچيءَ کي هانگ ڪانگ جو نعم البدل بنائڻ، ڪراچيءَ کي ٻاهرين سرمائيدارن لاءِ فري پورٽ بنائڻ يا ڪراچيءَ کي مرڪز (وفاق) سان گڏائڻ لاءِ ناپاڪ ۽ سنڌ دشمن آواز بلند ٿي رهيا آهن.

’آسماني بادشاهت، هيٺ ڌرتيءَ تي ، هن دنيا ۾‘-’الوحيد- آزادي نمبر‘ جي ٻئين ڇاپي تي جويي صاحب جو پيش لفظ آهي، جيڪو ڪنهن مجبوريءَ يا مصلحت هيٺ ڪتاب ۾ ڇپجي نه سگهيو هو. سنڌ، انگريزن جي 90 سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ اپريل 1936ع ۾ دنيا جي نقشي تي صوبي  جي صورت ۾ نروار ٿي هئي ۽ اُن خوشيءَ جهڙي  موقعي تي، اُن وقت جي نامور اخبار ’الوحيد‘، ’سنڌ-آزادي نمبر‘ ڪڍيو هو-جنهن جي تاريخي اهميت محسوس ڪندي، 40 سالن کان، اُن جو ٻيو ڇاپو، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت پاران ڇاپيو ويو هو، ته جيئن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي تاريخ جي آگاهي ڏجي. هن تاريخي دستاويز تي جويي صاحب جو هيءُ عالمانه مهاڳ، اسان کي پنهنجي وڏڙن جي تاريخي جدوجهد کان واقف ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته الوحيد جي هن نمبر جي اهميت وقت گذرڻ سان ختم نه ٿي آهي ۽ ’اسين جيڪي سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ ۽ پُرجهڻ، پنهنجو حق ٿا سمجهون ۽ پنهنجو فرض ٿا سمجهون، تن لاءِ هن نمبر ۾ ڪافي ڪجهه مواد موجود آهي.‘

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org